آڪاش جي ياد ۾ آڪاش رنو آ
انجنيئر اي ايچ ڀٽي سنڌ جي ناليواري شاعر آڪاش انصاري جي لاءِ اي آڪاش جي عنوان سان نظم لکيو آهي ته:
تون ادب جو آسمان هئين
ڇپر ڇانو ۽ شهنشاه هئين
موت جو تنهجي مٿان
ناراض ٿيڻ
ٺهي پيو
ڇو ته تون موت کي
مات ڏئي چڪو هئين
تون زندگي هيئن
زندگي ٿي ڏيکاريو
موت معتبر ٿي به
توکي ماري نه سگهيو
اڄ جڏهن آڪاش انصاري جي لاءِ هي سٽون هي نظم پڙهيم ته خيال اڀريو ته واقعي انسان ڇاهي ته هڪ وفادار ڪتو پالي ڇڏي باقي انسان جو ٻچو نه پالي. نوجوان نسل جو ايڏو گرم خون اسان کان ڪيڏا نه هيرن جهڙا ماڻهو پنهجي ناداني ۽ ناسمجهي جي ڪري کسجي ويا آهن. هن نفسانفسي جي دور ۾ ڪا خبر نٿي پئي ته انسانيت ڪٿي آهي؟ محبت ڪٿي آهي؟ بغل ۾ نانگ پالي پوءِ پيا ٿا زندگي گذاريون. ڪا خبر ناهي ڪنهن مهل زندگيءَ جي شام ٿي وڃي. ڪي وڇوڙا صرف وڇوڙا نه هوندا آهن اهي زندگي کان وڇوڙو هوندا آهن. آڪاش انصاري ڪڏهن نه وڪاڻو. نه جهڪيو ان جي دليري ۽ بيباڪ شاعري اسان لاءِ وڏو اعزاز آهي، ايوارڊ آهي. اسان سنڌ ڌرتي جا اهي ڪارڪن آهيون اهي ڪامريڊ آهيون جيڪي آڪاش جي شاعري تي ڪنڌ ڪپائڻ کان به ڪونه پوئتي هٽنداسين. جڏھن فاضل راهو جي ورسي تي آڪاش اسٽيج تي اچي شاعري شروع ڪندو هو ته پورو پنڊال ان جي شاعري تي جهومڻ لڳندو هو. هڪ اهڙو روح ڦوڪجي ويندو هو جنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي. مون ڪجهه ڏينهن اڳ آڪاش انصاري جو ن هي سٽون لکيون
جڏھن توسان نيڻن جو ناتو جڙيو هو
تڏھن ڏور آڪاش ڪيڏو رنو هو
جڏھن جيءُ جهورڻ آيون جدايون
الائي ڇو اوهان جو اکيون ياد آيون
وڻ ويا واهيرا ويا
ويا سجن سڀوئي
آئون روئان انهن لاءِ
جيڪي ڏک ويا ڏئي
خبر ڪانه پئي
پرين ڪهڙي پار ويا
زينت احمد/ ڪلفٽن ڪراچي
ميان مير
ميان مير جو اصل نالو شيخ مير محمد آھي، سندس والد بزرگوار جو نالو قاضي سائين ڏنو ھو، قاضي صاحب پنھنجي وقت جو وڏو عالم ھو. ميان مير جي والده سنڌ جي مشهور سنڌي شاعر عالم قاضي قاضن جي نياڻي هئي. شيخ ميان مير 957 ھجري ۾ سنڌ جي قديم شھر سيوهڻ شريف ۾ ڄائو. جيئن ستن سالن جو ٿيو، سندس والد وفات ڪري ويو، پنھنجي والده وٽ تعليم ۽ تربيت ورتي. ٻارنهن ورهين جي عمر ۾ فارغ التحصيل ٿيو. سندس والده ھر منزل تي ھن جي رھنمائي ڪئي. ميان مير جڏھن قادري طريقي جي پير شيخ خضر جو نالو ٻڌو، جيڪو سيوستان جي جبلن ۾ رھندو ھو. پنھنجي والدہ کان اجازت وٺي انھن جبلن ڏانھن رخ ڪيائين. وڃي شيخ خضر سان مليو. ان جي صحبت ۾ سلوڪ طريقت جون منزلون طئي ڪندو رھيو. اھڙي طرح وڃي وڏي رتبي شان مرتبي تي فائز ٿيو. خلافت جو شرف حاصل ٿيس. 28 سالن جي عمر ۾ مرشد جي طرفان حڪم ٿيس ته لاھور وڃ اتي وڃي ماڻهن کي ھدايت ڪر. جيئن ته پنھنجي مرشد جي حڪم سان لبيڪ چئي ميان مير صاحب لاھور پھتو. پنھنجي سڄي زندگي باقي سٺ ورهيه اتي گذاريائين. سندس نالو بادشاھي درٻار تائين پھتو. مغل شهنشاهه جهانگير شاھجھان به سندس معتقد مان ھو. ميان مير 7 ربيع الاول 1045ھجري تي وفات ڪري ويو. ان وقت سندس عمر 88 سال ھئي، کيس لاھور جي ڀرسان ھاشم پور ۾ دفن ڪيو ويو آھي.
محمد صادق جعفري/ سرھاري
سنڌ جي زراعت ۽ ان جا مسئلا
سنڌ پاڪستان جو زرخيز صوبو آهي. ھتان جي زمين ۽ آبھوا تمام سٺي آهي. آبادي جي لحاظ سان ھتان جي زمين ھر سال تمام سٺا ۽ بھترين پيماني تي فصل تيار ڪري ٿي. فصل، ڪڻڪ، چانور، جوئر وغيره. ڪجهه علائقن ۾ ميوا ب ٿين ٿا. زراعت ماڻهن لاءِ نه رڳو روزگار جو ذريعو آهي پر ملڪ جي خوراڪ خوشحالي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ پڻ اھم ڪردار ادا ڪري ٿي. پر افسوس ته سنڌ جي زراعت لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو پاڻي جو بحران آهي. ڳوٺن تائين نه پاڻي پھچي ٿو ۽ موسمياتي تبديلين سبب به سنڌ جي زراعت کي نقصان کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. جيئن 2010/2022 جي ٻوڏن سنڌ جون ھزارين ايڪڙ زمينون خراب ڪري ڇڏيون، فصل تباهه ٿي ويا. ھارين غريبن کي وڏو نقصان رسيو ۽ ھاري کي مناسب اگھه نٿو ملي. زھر، ڀاڻ، ٻج جا ايڏا وڏا خرچ ۽ سڄو سال زمين تي محنت ڪري جڏهن فصل لھي آخر ۾ حصاب ڪتاب کان بعد ھاري جو اڪائونٽ بيلنس 0 آبادگار ويچارا سدائين سورن ۾ ڪڏهن پاڻي جو نه ملڻ ته ڪڏهن وري شديد بارشون فصل کي تباهه ڪن ٿيون ته ڪڏهن قدرتي ماڪڙ. حڪومت کي گهرجي ته ھارين جي سار سنڀال لھي انھن کي ڪوئي بھتر رليف ڏي. ٻج، ڀاڻ، زھر سستا ڪري، ھاري جو فصل مناسب ريٽ تي کڻي ۽ ھاري ڪارڊ ڏي جيئن آبادگار سک جو ساھ کڻڻ.
عبدالحفيظ جلباڻي
استادن جي الائونسز تي به نظر ثاني ڪيو
استاد ھڪ پيغمبري پيشو آھي. استاد پنھنجي علم، عقل ۽ قدرتي ڏات جي ذريعي مستقبل جي معمارن کي پنھنجن پنھنجن منزلن تائين رسائڻ ۾ وسان ڪين گهٽائي ٿو پر افسوس جو سندس صلاحيتن جو اھو قدر نه ٿو ڪيو وڃي جيڪو دنيا جي ٻين سڌريل ملڪن توڙي سماجن ۾ ٿئي پيو. تاريخ گواهه آھي ته پاڪستاني حڪومت وقت به وقت ڀرين کي پئي ڀريندي رھي آھي پر افسوس جو الائي ڇو عوامي چونڊيل نمائندن ۽ پاليسي ٺاهيندڙن کي استادن جي مٿان ڪھل گھٽ پر ڪاوڙ وڌيڪ ايندي رھي آھي. اھي ڪڏهن استادن کي گوسڙو ته ڪڏھن وري ٻين لقبن سان نوازيندا رھيا آھن. استاد جڏھن به پنھنجن حقن جي لاءِ روڊن تي پرامن احتجاج ڪرڻ لاءِ آيا آھن ته کين بنيادي حق ڏيڻ جي بھاني واٽر ڪينن، گرفتارين ۽ ٻين مختلف اذيتن مان گذاري ڪري پوءِ کين حق ملندا آھن جيڪو سراسر غلط عمل آھي ۽ ان کي عالمي ميڊيا پڻ ننديندي رھي آھي. ڪجھه وقت کان وٺي وفاقي توڙي سنڌ جي صوبائي حڪومت وزيرن، سينٽرن، ججن، سيڪريٽريٽ جي ملازمن جي پگهارن ۽ ٻين الائونسز ۾ اضافو ڪيو آهي. پر افسوس جو کين استادن جي پگھارن ۽ ٻين الائونسز تي ڪھل نه ٿي اچي. اڄ جي مهانگائيءَ جي دؤر ۾ پرائمري استاد جيڪو تعليم جو بنياد رکندڙن منجھان آھي پر کيس گھر جي مسواڙ جي مد ۾ صرف 2,214,00, جڏھن ته ڪنوينس الائونس 2,8,56، ميڊيڪل الائونس جي مد ۾ 1,375 ۽ ٽيچنگ الائونس جي مد ۾ صرف 1000 رپيا جڏھن ته وري ڏٺو وڃي ته ڪاليجي استاد ھڪ گزيٽيڊ آفيسر پڻ آھي ملڪي توڙي صوبائي ٻين گزيٽيڊ آفيسرن کي گاڏيون، بنگلا ۽ زندگيء جون ٻيون آسائشون پڻ مليل آھن پر ڪاليجي استادن کي بس نالي ماتر الائونسز ڏنا پيا وڃن جيڪي ائين سمجھجي تي ڄڻ نه ھئڻ جي برابر آھن. ڪاليجي استاد کي گھر جي مد ۾ 4,433 رپيا، ڪنوينس الائونس جي مد ۾ 5000, ميڊيڪل الائونس جي مد ۾ 1,846 رپيا ملن ٿا جيڪا سراسر ناانصافي چئبي.
ستار سنڌي
ملڪاڻي شريف ۾ وڌندڙ چوري جون وارداتون
چوري جي واردات ڪنھن به سماج لاءِ ھڪ وڏو داغ ھوندي آھي، عزت دار شھري لاءِ ذلت ۽ خُواري ھوندي آھي. ڳوٺن توڙي شھرن ۾ خوف ۽ هراس جي لھر پکڙجي ويندي آھي. عرب قانون موجب چوري ثابت ٿيڻ تي چور جا ٻئي ھٿ ڪٽيا ويندا آھن، پر ھتي اسان جي ملڪ ۾ نظام ئي غلط آھي چور ئي حڪمران آھن ۽ چورن جو ئي نظام ھلي رھيو آھي. خير اھا ٿي بعد جي ڳالھه منھنجي پُرامن ڳوٺ ملڪاڻي ۾ چوري جي وارادتن ۾ مسلسل واڌارو ٿي رھيو آھي. پوليس ھڪ ڪيس جي تحقيق ڪرڻ ۾ مصروف ھوندي آھي ته مٿان وري ٻي ڪنھن دڪان کي کاٽ لڳيو وڃي. ائين چور آجا ٿي پيا ھلندا آھن. پوليس لاءِ مسئلو ڳجھارت بڻجي ويندو آھي. چوري جي واقعن جي روڪٿام لاءِ نه ڳوٺ جا چونڊيل نمائندا ٿا حرڪت ۾ اچن نه ئي ڳوٺ جو واپاري اتحاد ٿو اعليٰ آفيسرن تي دٻاءُ وجھي ته آخر چوري جو آزار ڇو وڌي رھيو آھي ۽ ڪڏھن ختم ٿيندو؟ پوليس ته ھونئن ئي خاموش تماشائي بڻيل آھي. ائين به ناھي ته پوليس ڪو ڪم صحيح سان نه پئي ڪري. ننڍيون ننڍيون چوريون پوليس واپس ڪرائي وٺندي آھي پر وڏين وارداتن تائين سندن ھٿ نٿا پھچي سگھن، شايد ڪنھن مقامي وڏيري جو ھٿ ھجي؟ لڳ ڀڳ سال ڏيڍ اڳ ڳوٺ جي مشھور واپاري سيٺ گل حسن کان ھٿيارن جي زور تي سندس دڪان ۾ ئي کيس ۽ سندن مزدورن کي يرغمال بڻائي روڪ رقم ڦر ڪئي وئي پر پوليس اڃان تائين چورن تائين نه پھچي سگھي. ڪيس ئي لوڙھي ڇڏيو. گذريل سال آگسٽ ۽ سيپٽمبر مھيني جي وچ ۾ اسان جي پيٽرول پمپ تان رات دير چوري جي واردات ٿي گذري ھئي جنھن جا چور اڃان پوليس گرفتار ئي نه ڪيا ھئا ته وري ڊسمبر مھيني ۾ اسان جي پيٽرول پمپ کي ٻيو ڀيرو به کاٽ لڳي ويو جنھن جا ٻه مھينا گذرڻ جي باوجود اڃا تائين چور پوليس جي گرفتاري کان آزاد گھمي رھيا آھن. ھتي آئون پوليس آفيسرن ، واپاري اتحاد جي اڳواڻن، چونڊيل نمائندن کان سوال ٿو ڪيان ته ڇا چور ايترا بااثر آھن جو اڃا آزاد گھمي رھيا آھن؟ جديد دؤر ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي ھوندي به چور گرفتار ڇو نه ٿي سگھيا آھن؟ ڇا پوليس کي خبر ناھي ھوندي ھتي جا لوڪل چور ڪھڙا ڪھڙا آھن؟ پوءِ آخر ڇو ايترو وقت گذرڻ جي باوجود چور گرفتار نه ٿي سگھيا آھن؟ جيڪڏھن پوليس تي ٿورو دٻاءُ رکجي ٿو ته پوليس پنھنجا ئي ماڻھو گرفتار ڪري سڄو ڪيس خراب ڪري ڇڏيندي آھي ۽ ائين چوري جي وارداتن ۾ مسلسل اضافو ٿيندو پيو اچي.
ڪاشف لغاري