نيوڇور واري روڊ جو ڪم مڪمل ڪيو وڃي
عمرڪوٽ ٽو نيوڇور روڊ جو ڪم گذريل ٽن سالن کان جاري آهي پر افسوس اڃا تائين مڪمل ناهي ٿي سگهيو. قسطن ۾ روڊ ٺاهيندي ٺاهيندي هاڻ اچي فوجي موڙ دنگ ڪيو آهي. روڊ جهڙو ٺهڻو هو تهڙو ته ڪونه ٺهيو پر عوام جي روز دز ۾ لٽجڻ کان جان ڇٽي وئي. فوجي موڙ ٽو نيوڇور جي وچ وارو مفاصلو ڇھه ست ڪلو ميٽر مس ٿيندو اهو ڪم گذريل ٽي ميهنن کان بند آهي. عوام ويچارو سخت مشڪلاتن ۾ آهي. تيز رفتاري سان گاڏي ڪراس ڪري وڃي ته بائيڪ رڪشي وارو مڪمل دز ۾ لٽجي وڃي ٿو. نيشنل هاءِ وي وارن جا سست ٺيڪدار ان مٽي تي پاڻي ڇنڊڻ جي زحمت نٿا ڪن. اهو روڊ ڏاڍو خطرناڪ آهي. ڪٿي انساني جانين جو دشمن نه بڻجي. هن روڊ تي ڪڏهن به ايڪسيڊنٽ ٿيڻ جو خطرو هوندو آهي پر نيشنل هاءِ وي توڙي سست ٺيڪدارن جي ڪن تي جونءِ نٿي سري. عوام مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي. اعليٰ انتظاميا کي گذارش ٿي ڪجي ته فوجي موڙ کان نيوڇور تائين رڪيل روڊ جو ڪم جلد مڪمل ڪرايو وڃي ۽ روڊ ۾ استعمال ٿيڻ مٽريل جي چڪاس ڪئي وڃي ته جهڙو روڊ ڪاغذن ۾ لکيو ويو آهي تهڙو ٺهيو آهي يا ڪا ڪمي پيشي رهي آهي. انتظاميا کي گهرجي ته روڊ جو ڪم مڪمل ٿيڻ تائين ٺيڪدارن کي روڊ تي پاڻي ڇنڊڻ جو پڻ پابند بڻائي جيئن عوام جي سفر ڪرڻ ۾ مشڪلاتون گهٽجي سگهن،
ڪاشف ڪنڀر/ نيوڇور
اعجاز ڪاڪيپوٽو جو وڇوڙو
اتر سنڌ جي ضلع شڪارپور جي سرزمين تي جنم وٺندڙ اعجاز احمد ڪاڪيپوٽو جيڪو سنڌ جي صحت کاتي ۾ پيراميڊيڪل ملازمت طور ڪم ڪندو ھو ان سان گڏ ھڪ سوشل ورڪر به ھو. 1980ع واري ڏھاڪي ۾ سنڌ جي صحت کاتي ۾ پيراميڊيڪل ملازمن جي حقن لاءِ ٺھندڙ تنظيم پاڪستان پيراميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن جو حصو بڻيو ۽ ھڪ متحرڪ ۽ مضبوط اڳواڻ جي حيثيت سان ڪم ڪندو رھيو. 2004ع ۾ مرحوم نياز حسين ڀٽو سان گڏجي پيراميڊيڪل ملازمن جي بنيادي مسئلي سروس اسٽرڪچر لاءِ ھڪ انوکو ۽ تاريخي احتجاج ڪري ڪشمور کان ڪراچي تائين پيادل لانگ مارچ ۾ شامل رھيو جنهن تحريڪ جي نتيجي ۾ سنڌ جو پيراميڊيڪل اسٽاف 16 گريڊ تائين پھتو. جنهن بعد پاڪستان پيراميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن جو مرڪزي چيئرمين چونڊجي ويو ۽ ڪيترن سالن تائين ساڻس جدوجهد جاري رکي. 2014ع ۾ نياز حسين ڀٽو تنظيم پاڪستان پيراميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن کي سنڌ صوبي ۾ رجسٽرڊ ڪرايو ۽ آئين ۾ ترميم ڪري چيئرمين جو عھدو ۽ مرڪزي ڪابينا ۾ 29 عھديدارن منجھان 17 عهدا ختم ڪيا. سروسز اسپتال ڪراچي ۾ اهڙي تقريب ٿي. اعجاز احمد ڪاڪيپوٽو پڻ شڪارپور کان شرڪت لاءِ آيو جنهن وقت نوان عھدا انائونس ٿيا ته جنهن ۾ چيئرمين جو عهدو نه رهيو ته اسٽيج تي اچي جذبات کي روڪي نه سگهيو ۽ ساٿين تي ڇوھ ڇنڊڻ بعد ڪاوڙ مان تقريب ڇڏي ھليو ويو. ھو مختلف پيراميڊيڪل جي گروپن ۾ رھي ڪري به جڏهن جڏهن پيراميڊيڪل جي مطالبن لاءِ ڪشمور کان ڪراچي تائين ھر شھر ۾ روڊن پريس ڪلبن ۽ حڪومتي سربراھن جي گهرن اڳيان احتجاج واري سڏ ۾ شامل رھيو ۽ بي خوف ٿي تحريڪن جو حصو بڻبو رھيو. توڻي جو دل جو مريض ھجڻ ۽ اينجيوگرافي ٿيڻ بعد به دوائن جي ٿيلھي ھٿ ۾ کڻي به احتجاجن جي اڳواڻي ڪندو رھيو. هو 12 فيبروري 2025ع تي گذاري ويو. سندس
قربانيون ھميشھ ياد رکيون وينديون.
غلام حسين قادري/ لاڙڪاڻو
شاھ عبدالڪريم رحه بلڙي
سيد عبدالحڪيم رحه جنهن کي شاھ ڪريم ڪري سڏيندا آھن، سن 1538 عيسويءَ ۾ ڄائو ھو. ھن عالمن بزرگن جي صحبت ۾ زندگيءَ گذاري. آخر ھالن جي مشھور بزرگ حضرت مخدوم نوح رحه جو مريد ٿيو. شاھ عبدالڪريم رحه ڏاڍو عبادت گذار ھو. خدا پاڪ جي مخلوق جي خدمت ڪرڻ فرض سمجهندو ھو. پاڻ کي تڪليف ڏئي ٻين کي آرام پهچائيندو ھو. ھو پوکي ۽ محنت مزدوريءَ ڪري پنھنجي ڪٽنب جي پالنا ڪندو ھو. مھمان نوازي سندس خاص خوبي ھئي. پاڻ نه کائي ٻين کي کارائيندو ھو. شاهه ڪريم رحه ڏاڍو سادو صبر ۽ تحمل وارو ھو. ڪاوڙ ته کيس ھئي ئي ڪانه. شاهه ڪريم رحه پنھنجي مريدن کي اھا ھدايت ۽ نصيحت ڪرڻ وقت قرآن مجيد جون آيتون ۽ حديثون بيان ڪندو هو. سمجهاڻيون ڏيندو ھو. سنڌي زبان جو وڏو شاعر به ھو. سندس شعر ۾ روحاني ۽ اخلاقي نڪتا نروار ڪيل آھن. ان کان سواءِ ٻين بزرگن جا قول قرآن مجيد جون آيتون حديثون ۽ ٻين شاعرن جا فارسيءَ ۽ سنڌي بيت به آيل آھن. شاهه ڪريم رحه سن 1623عيسويءَ ۾ اٽڪل 86 ورھين جي عمر ۾ وفات ڪري ويو. کيس بلڙي ۾ دفن ڪيو ويو جتي ھر سال مقرر ڏينهن تي ميلو لڳندو آھي. شاھ عبدالڪريم رحه جو قبو سندس تڙپوٽي سنڌي زبان جي عظيم شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ رحه ٺھرايو.
زاهد حسين حسيني زرداري /سرھاري
وحشت اڃا تائين
انسانيت جو وڏو دارو مدار دنيا تي ئي آھي، پر اڄ جيڪو ڪجھه ٿي رهيو آهي؟ منھنجي ته پيرن جي ھيٺيان زمين نڪري ٿي وڃي. اسان سنڌ ۾ رھندا آھيون پر جڏهن خبر پوندي آهي ته ھتان جا سياستدان وڏيرا ۽ ڪي ڪرپٽ آفيسر ليڊر سنڌ ۽ عوام تي ظلم ئي ڪري رهيا آهن ته ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي. ھا اھا ڳالھ به سچ آهي ته پنج آڱريون ھڪ جيتريون نه ھونديون آھن ائين ئي ھڙ سياستدان ھڪ جھڙا نه آهن ھوندا، ھڪ شاعر لکيو آهي ته:
رھي ناھي سچائي صحافت ۾، بس سؤ ۾ ڪو سچو آ،
ويا گھڻا وڪامي وڏيرن وٽ باقي ڪو ڪو يار بچيو آ،
جنهن جي خلاف ڪئي ڪالم تنھنجا اخبارن ۾ روز پيا ڇپندا ھيا،
اڄ تنھن سان گڏ تنھنجي سيلفي ڏٺم، تنھنجي منھن تي لڳل ايلفي ڏٺم،
ٿي پڪ مون کي مليو مال اٿئي، تو ڪيو منھن پنھنجو اڇو آ.
اسان ھن شاعر کي سلام ٿا ڪريون جنهن صحيح يا غلط پر سچ چيو آهي پر اسان ان جانورن وانگر آھيون جنهن کي ڪيڏو به مالڪ ماري ماري چوڙ ڪري ڇڏي پر ان تي ڪوئي به فرق ناهي پوندو ۽ اسان جي پياري پاڪستاني عوام سان به اھا ئي صورتحال آهي ۽ اسان جا ليڊر اسان کي نقصان پھچائيندا رھيا آھن. اسان کي گھرجي ته پاڻ ۾ گڏجي ٻڌي سان ڪم ڪيو ۽ پنهنجن ٻارن کي تعليم جي روشني ڏيکاريو ۽ ان سان گڏ پاڻ به علم جي دنيا ۾ داخل ٿيو ته جيئن اسان مان جھالت ختم ٿئي.
فرمان علي ٿھيم/ٽنڊو آدم
ڪاڇي ۾ ھلندڙ جھيڙا ۽ رتو وڇاڻ ختم ڪرائڻ ڪنھن جي ذميواري آھي؟
ھڪ پاسي پوري سنڌ ورھين کان وٺي قبيلائي جھيڙن جھڙي ناسور مان نه نڪري سگھي آھي ته ٻئي پاسي امن جي ڌرتي سڏيو ويندڙ ڪاڇي ۾ گذريل ڪجھه سالن دوران معمولي ڳالھين تي ڪيترائي نوان ذاتي تڪرار جنم وٺي چڪا آھن. جنھن ۾ ڪجھه مھينا پھريان ڳوٺ مزاري مستوئي واسي مستوئي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ معمولي ڳالھه تان خوني تڪرار پيدا ٿيو جيڪو محمد صالح مستوئي جي حياتي کسي ويو. قصبو واسي بروھي برادري ۽ لغاري برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جيڪو محمد شريف بروھي محمد حنيف بروھي ٻن سڳن ڀائرن سميت ٽيون نصير احمد لغاري جي به حياتي ڳڙڪائي ويو . جنھن جو نبيرو اڃا تائين نٿي سگھيو آھي. ٽيون خوني ھلندڙ تڪرار قصبو واسي لغاري برادري ۽ ڳوٺ تاج محمد واسي لغاري برادري جنھن ۾ نوجوان محمد لغاري ۽ٻي ڌر جو علي حسن لغاري کان حياتي کسجي وئي جنھن جو نبيرو اڃا ناھي ٿيو. چوٿون ھلندڙ خوني تڪرار ڳوٺ جمع خان ڪلڪلي واسي لغاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ هي جيڪو نوجوان حاڪم لغاري جي حياتي کسي ويو . پنجون خوني تڪرار ڳوٺ اتيرن واسي پورھيت پريل اوتيرو جي حياتي به کسي ويو . ڇھون خوني تڪرار قصبو واسي لغاري برادري جي ٻن ڌرين دوران معمولي ڳالھ تان ٿيو 2 سڳا ڀائر ڳڀرو نوجوان ساجد لغاري ۽ ماجد لغاري جان ڏئي ويٺا جنھن جو نبيرو به نه ٿيو آھي. لڳ ڀڳ 10 جانيون بيگناھ ضايع ٿي ويون آھن جنھن سبب ڪيترن ئي امڙين جون جھوليون خالي ڪيتريون ئي ونيون پنھنجي ور کان محروم ۽ اولاد پنھنجي پ جھڙي شفقت کان محروم ٿي ويو آھي. ٻن ورھين کان وٺي امن جي ڌرتي ۾ ڀائپي ۽ ڀائيچاري سان رھندڙ امن پسند ماڻھو ڪجھج ڏينھن واڌو جيئڻ لاءِ ھاڻي بس ھڪ ٻئي جي رت جا ايترا ته پياسا بڻجي ويا آھن جو ھڪ ٻئي کي ڏسندي ئي ھٿيارن جو منھن کولي ٿا ڇڏين. ھلندڙ خوني تڪرارن سبب علائقي واسي تمام وڏي رتوڇاڻ ۽ انساني جانيون ضايع ٿيڻ جو خدشو پڻ ظاھر ڪري رھيا آھن. علائقي ۾ اھڙي تڪراري صورتحال ھجڻ باوجود قصبو پٽ گل محمد، نئين گاج ۽ ھئيروخان جي ٿاڻن جي مقامي انتظاميه به ڪو خاص ڪردار ادا ڪندي نظر نه پئي اچي. جڏھن ته مقامي سياسي نمائندن رئيس ۽ وڏيرن جي خاموشي تي به سواليه نشان بڻجي ٿو جنھن امن جي ڌرتي ۾ پيدا ٿيل خوني تڪرارن جي نبيرا لاءِ ذري برابر ڪي به ڪوششون ناھين ورتيون.
ايم آچر مستوئي/ ھئيروخان ڪاڇو
ڊاڪٽر آڪاش انصاري – سنڌ جي انقلابي شاعر، مزاحمتي آواز جو المناڪ وڇوڙو
سنڌ جي ادبي، سياسي ۽ ثقافتي محفلن تي هڪ وڏي خاموشي ڇانئجي وئي جڏهن سنڌ جي ناليواري انقلابي شاعر، مزاحمتي ليکڪ ۽ سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي اوچتي وڇوڙي جي خبر باھ وانگر پکڙجي وئي. حيدرآباد جي سٽيزن ڪالوني واري گهر ۾ اوچتو باھ لڳڻ سبب سندس سڙيل لاش هٿ ڪيو ويو جنهن هن وڇوڙي کي وڌيڪ المناڪ ۽ پراسرار بڻائي ڇڏيو آهي. سنڌ جو هيءُ بهادر شاعر جيڪو هميشه حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪندو رهيو، پنهنجي آخري گهڙيءَ تائين سنڌ جي حقن جي ڳالھه ڪندو رهيو ۽ پنهنجي شاعري ۾ پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتي جي وسيلن ۽ ماڻهن جي حقن توڙي هر ظلم ۽ ڏاڍ کي بي نقاب ڪندو رهيو. ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو اصل نالو الله بخش انصاري هو. 25 ڊسمبر 1956ع تي بدين ضلعي جي ڳوٺ ابل جي وسي ۾ جنم ورتو. سندس والد الهڏنو بدينوي مقامي سگهڙ ۽ شاعر هو، جڏهن ته سندس والده جنت خاتون شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري جي حافظه هئي. اهڙي ادبي ۽ فڪري ماحول ۾ پرورش پائڻ سبب آڪاش انصاري ننڍپڻ کان ئي شاعريءَ ڏانهن مائل رهيو. سندس تعليمي سفر بدين ۾ پرائمري، مئٽرڪ ۽ انٽرميڊيئٽ تائين جاري رهيو، جنهن کانپوءِ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري مان 1984ع ۾ ايم بي بي ايس جي ڊگري حاصل ڪيائين. ڪاليج جي زماني کان ئي، هو قومي ۽ ترقي پسند شاعر طور مشهور ٿيو ۽ کاٻي ڌر جي سياست ۾ سرگرم رهيو، جتي عوامي تحريڪ ۾ 15 سال ڊپٽي سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري جنرل طور خدمتون سرانجام ڏنائين. ضياءُ الحق جي مارشل لا دوران، قومي ۽ انقلابي شاعري ڪرڻ جي ڪري کيس جيل به وڃڻو پيو. بعد ۾ 1995ع ۾ هن صحافت ۾ قدم رکيو ۽ روزاني “سوال” اخبار جاري ڪئي، جتي پاڻ چيف ايڊيٽر ۽ حسن درس ايڊيٽر هئا. 2002ع ۾ ڊاڪٽر آڪاش رورل ڊولپمينٽ ۾ ايم اي ڪئي ۽ 2004ع ۾ ايسٽرن واشنگٽن يونيورسٽي آمريڪا مان جديد تعليمي سرشتن ۾ ڊپلوما حاصل ڪئي. هن بدين جي ساحلي علائقي ۾ تعليم ۽ ڳوٺاڻي ترقيءَ لاءِ ‘بدين رورل ڊيولپمينٽ’ نالي سماجي تنظيم قائم ڪئي، جنهن ذريعي جديد اسڪول قائم ڪيا. ميڊيڪل پروفيشن ۾ هجڻ باوجود سندس دل هميشه شاعري ۽ ادب ڏانهن مائل رهي. سندس شاعري ۾ صرف حسن ۽ عشق جي ڳالھه نه هئي، بلڪه انقلابي، مزاحمتي ۽ بغاوتي رنگن سان سرشار هئي. ڊاڪٽر آڪاش انصاري سنڌي ادب ۾ مزاحمتي ۽ انقلابي شاعري جو هڪ اهم نالو رهيو. هن جي شاعري ۾ سماجي ناانصافين، قومي سڃاڻپ، سياسي حقن، انساني غلامي، وسيلن جي ڦرلٽ ۽ قومي بيداري جا موضوع واضع نموني سان نظر اچن ٿا. هن جي شاعري هر انهيءَ طبقي لاءِ هئي جيڪو ڪنهن نه ڪنهن ظلم جو شڪار هو. هن جا ڪيترائي شعري مجموعا شايع ٿي چڪا آهن، جن مان “ڪيئن رهان جلاوطن” ۽ “اڌورا اڌورا” خاص طور تي اهم آهن.
سندس ڪجهه مشهور شعر هيٺ ڏجن ٿا:
“جنهن نه مٽيءَ جي خوشبوءَ کي ڄاتو هتي،
تنهن کي چئو منهنجي نگري مان نڪري وڃي!”
“مون ڏٺو آ ڪاغذ تي، سانوڻ جا خواب سڙندي،
بکئي ٻار جي آڱر ۾، بسڪٽ جا خواب سڙندي!”
“مان وڙهندس جيستائين
منهنجو ساهه سلامت آهي
مون کي خريدڻ جي ڪوشش نه ڪجو،
مان ازل کان وٺي بغاوت آهيان!”
سندس شاعري ڪتابن تائين محدود نه هئي، پر سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ قومي تحريڪن ۾ پڻ سندس ڪردار تمام اهم رهيو. هو ڪڏهن به خاموش نه رهيو بلڪه هر محاذ تي مزاحمت ڪندو رهيو. سندس تقريرون، لکڻيون ۽ شاعري، سنڌ جي نوجوان نسل لاءِ هميشه هڪ جُوش، جذبو ۽ بغاوت جو سرچشمو رهيون. 15 فيبروري 2025 تي ڇنڇر ڏينهن صبح حيدرآباد جي سٽيزن ڪالوني ۾ سندس رهائشگاهه تي اوچتو باھ لڳي جنهن کانپوءِ سندس سڙيل لاش هٿ آيو. هيءُ واقعو سنڌ جي ادبي، سماجي ۽ سياسي حلقن ۾ وڏي حيرت ۽ ڏُک جو سبب بڻيو. باھ لڳڻ جا ڪارڻ اڃا تائين واضح نه ٿي سگهيا آهن. ابتدائي رپورٽن موجب، باھ ڪنهن برقي خرابي سبب لڳي، پر ڪجھه ماڻهن هن حادثي تي مختلف شڪ شبحا ظاهر ڪيا آهن. ڪيترن ئي اديبن، شاعرن ۽ سياسي ڪارڪنن جو مطالبو آهي ته هن واقعي جي مڪمل جانچ ٿيڻ گهرجي. ڇو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري هميشه سچ ڳالهائيندو هو، ۽ اهڙا ماڻهو ڪيترن حلقن لاءِ تڪليف جو سبب بڻبا آهن. ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو وڇوڙو سنڌي ادب لاءِ هڪ ناقابل تلافي نقصان آهي. سنڌ اڄ هڪ بهادر شاعر، دانشور ۽ مزاحمتي سوچ رکندڙ اڳواڻ وڃائي ڇڏيو آهي. ڊاڪٽر آڪاش جو وڇوڙو اسان سڀني لاءِ ناقابل يقين آهي. سندس شاعري ۽ فڪر سنڌ جي تاريخ ۾ هميشه زنده رهندا. هو لفظن جو حافظ هو ۽ ڌرتي جو سپاهي هو جيڪو زندگي جي آخري گهڙيءَ تائين انصاف ۽ ڌرتي جي بقا جي جنگ وڙھندو رھيو. سنڌ جيسيتائين انصاف ۽ آزادي لاءِ وڙهندي رهندي تيستائين آڪاش انصاري جي شاعري جي گونج فضا ۾ گونجندي رهندي.
بلاول پٺاڻ/ ٽنڊوباگو
پاڪستان جي آمدني جو بحران: تڪڙن ٽيڪس سڌارن جي ضرورت
پاڪستان جي اعليٰ ٽيڪس اداري، فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر)کي آمدني جي گهٽتائي سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جنهن جو بنيادي سبب گهٽجندڙ مهانگائي ۽ ملڪ جو محدود ٽيڪس حلقو آهي. هاڻوڪي مالي سال لاءِ لڳايل تقريبن 13 ٽريلين رپين جي بلند آمدنيءَ جو هدف هاڻ حاصل ڪرڻ مشڪل لڳي رهيو آهي، جيڪو ٽيڪس جي جوڙجڪ ۾ تڪڙن سڌارن جي ضرورت کي وڌيڪ اجاگر ڪري ٿو. شروع کان ئي ڪيترن ئي ماهرن کي حڪومت جي آمدنيءَ جي هدف تي شڪ هو، ڇاڪاڻ ته اهو گذريل سال جي مقابلي ۾ تقريبن 40 سيڪڙو اضافي هو. حڪومت بنيادي ٽيڪس سڌارا آڻڻ بدران موجوده ٽيڪس ڏيندڙن تي وڌيڪ دارومدار رکيو. انهيءَ پاليسيءَ سان خاص طور تي پگهاردار طبقي تي ڳرو بار وڌو، جڏهن ته اها اميد هئي ته واڌو آمدني خودبخود معاشي واڌاري ۽ وڏي مهانگائي مان حاصل ٿيندي. بهرحال، مهانگائي هاڻ 3 سيڪڙو کان به گهٽ ٿي چڪي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ امڪاني ٽيڪس آمدني تي شديد اثر پيو آهي. ايف بي آر اڳ ۾ ئي جولاءِ-جنوري جي عرصي ۾ 468 ارب رپين جي گهٽتائي جو شڪار آهي ۽ هاڻ امڪان آهي ته مجموعي خسارو هڪ ٽريلين رپين تائين پهچي سگهي ٿو. ملڪ ۾ محدود ٽيڪس ڏيڻ واري آبادي جي ڪري، ايف بي آر وٽ خساري کي پورو ڪرڻ جا چند ئي رستا موجود آهن. موجوده ٽيڪس ڏيندڙن تي وڌيڪ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ يا نوان ٽيڪس لڳائڻ سان ڪجهه مدد ملي سگهي ٿي. آمدنيءَ جي هيءَ گهٽتائي بين الاقوامي مالي فنڊ (IMF) کي به مطمئن نه ڪندي. ايف بي آر جي آمدنيءَ جي هدف کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪامي، بنيادي ٽيڪس سڌارن جي شديد ضرورت کي واضح ڪري ٿي. جيستائين ٽيڪس جو دائرو نه وڌايو ويندو، تيستائين ملڪ ٿورڙن ئي ٽيڪس ڀريندڙن تي دارومدار رکندو، جنهن سبب مسلسل آمدنيءَ جي گهٽتائي ۽ مالي عدم استحڪام جو خطرو رهندو. پاڪستان جي جاري آمدنيءَ جي بحران جو سبب غلط پاليسيون آهن، جن ٽيڪس سڌارن جي ضرورت کي نظرانداز ڪيو. حڪومت کي فوري طور ٽيڪس جو دائرو وڌائڻ ۽ هڪ منصفاڻو نظام متعارف ڪرائڻ لاءِ سنجيده قدم کڻڻا پوندا.
سينگار علي وساڻ/خيرپورميرس