شب برات جي اهميت ۽ فضيلت

 

الله تعاليٰ ماهه شعبان المعظم جي پندرهين رات کي هڪ خاص فضيلت عطا فرمائي آهي. ان رات ماڻهن، قومن ۽ ملڪن جا فيصلا ڪري الله تعاليٰ فرشتن جي حوالي ڪري ڇڏيندو آهي. نبي پاڪ صه جن برات جي رات جو عبادت ڪرڻ ۽ ڏينهن جو روزو رکڻ جي تاڪيد ڪئي آهي. حديث شريف ۾ آهي ته انهيءَ رات ۾ الله تعاليٰ سڀ کان هيٺئين آسمان تي لهي ايندو آهي ۽ انسانن جا گناهه معاف ڪرڻ لاءِ پڪاريندو آهي. ان رات کي ليلة البراة يعني مغفرت جي رات به چون ٿا. نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته الله تعاليٰ هن رات ۾ بنو ڪلب جي ٻڪرين کان به گھڻن ماڻهن جي بخشش فرمائي ٿو. (بنوڪلب قبيلي وٽ سمورن عربن کان وڌيڪ ٻڪريون هيون) حضرت ابو موسيٰ اشعري کان روايت آهي ته رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن ارشاد فرمايو ته الله تعاليٰ پندرهين شعبان جي رات متوجه ٿئي ٿو ۽ سموري مخلوق جا گناهه بخش ڪري ڇڏي ٿو سواءِ شرڪ ڪرڻ واري ۽ ڪينو رکڻ واري جي. مولاء ڪائنات حضرت علي ابن ابي طالب عه جن فرمائين ٿا ته رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن ارشاد فرمايو ته جڏهن اڌ شعبان جي رات اچي ته رات جو عبادت ڪيو ۽ ڏينهن تي روزو رکو ان ڪري جو ان ۾ سج لهڻ کان سج اڀرڻ تائين الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته آهي ڪو معافي جو طلبگار ته آئون ان کي معافي ڏيان.آهي ڪو روزي جو طلبگار ته آئون کيس روزي ڏيان. آهي ڪو بيمار ته ان کي شفا ڏيان مطلب ته شب برات رحمتن، بخششن ۽ مغفرتن جي رات آهي. ڪجهه بدنصيب اهڙا به هوندا آهن جن جي بخشش هن رات ۾ به نٿي ٿئي جيستائين اهي سچي توبهه نه ڪن. الله تعاليٰ ان رات فرشتن کي سڄي سال جي اهم معاملن جو پروگرام ڏيئي ڇڏيندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن دعائن جي برڪت سان الله تعاليٰ  پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان بندي جي باري ۾ پنهنجن فيصلن ۾ تبديلي به ڪرڻ فرمائيندو آهي. ان ڪري بندي کي گھرجي ته ان رات الله تعاليٰ کان دنيا ۽ آخرت جي ڀلائين ۽ برڪتن جي دعا گھرندو رهي ۽ رب ڪريم جي درگاهه ۾ دنيا ۽ آخرت جي مصيبتن ۽ پريشانين کان نجات جو سوال ڪري.

اعجاز ممنائي/نوشهروفيروز

 

15شعبان ولادت امام محمد مهدي ‎

اڄ 15شعبان آھي. ھن ڏينھن جي سڀ کان وڏي فضيلت اھا آھي ته ھن ڏينھن تي حضرت امام محمد مهدي جن جي ولادت ٿي. امامت جي آخري ڪڙي حضرت امام مهدي جن جو نالومبارڪ حضرت محمد مصطفي صه وارو ئي نالو آھي. لقب امام، منتظر، حجت الله، خلف صالح، صاحب الامر، صاحب العصر و الزامن ۽ قائم آل محمد جي القاب سان ياد ڪيو وڃي ٿو. سندن والد بزرگوار حضرت امام حسن عسڪري آھن سندن والد جي طرف کان نسبت جو سلسلو ھن طرح آھي. حضرت امام محمد مهدي بن حسن بن علي بن محمد بن علي بن موسٰي بن جعفر بن محمد بن علي بن حسين بن علي و فاطمه بنت رسول الله عليھم وسلم. والدہ جو نالو بيبي نرجس خاتون سلام الله عليھا آھي. جنهن جو سلسله نسب حضرت شمعون تي ختم ٿئي ٿو. جيڪو حضرت عيسٰي جو وصي ھو. امام مهدي جن جي ولادت 15شعبان 255 ھجري جي صبح صادق جي وقت جمعته المبارڪ جي ڏينهن ٿي. سندس ولادت جي جڳهه سامرہ عراق آهي. سندن امامت جو دور 260 ھجري 9 ربيع الاول جي مبارڪ تاريخ کان شروع ٿيو انھيءُ وقت سندن عمر مبارڪ 5 سال ھئي ۽ امامت جو دور اڄ تائين جاري آھي ۽ جيستائين خدا پاڪ چاھيندو تيستائين جاري رهندو. حضرت امام محمد مهدي جن جي باري ۾ حضرت محمد مصطفيٰ صه جن فرمايو آھي ته اگر ھن دنيا جو سڄو وقت ختم ٿي وڃي تڏهن به خدا تعالي آخري ڏينھن کي ايترو ته وڌائيندو جو ھڪ شخص جيڪو مون مان ھوندو اھو دنيا تي ظھور ڪندو ۽ ان جو نالو منھنجو نالو ھوندو ۽ اھو زمين کي عدل ۽ انصاف سان اھڙي طرح ڀري ڇڏيندو جھڙي طرح ظلم سان ڀرجي چڪي ھوندي. ان حديث مان ظاھر آھي ته امام مهدي جو ظھور ٿيندو.

زاھد حسين زرداري/ سرھاري

 

15 شعبان فضيلتن ۽ برڪتن واري رات!‎

ڏٺو وڃي ته ھي شعبان مھينو خوشين ۽ برڪتن جو مھينو آھي جنھن ۾ امامن جي آمد جا ڏينھن آھن. ھن رات کي عبادتن ۽ فضيلتن جي رات چيو ويندو آھي جنھن م بندو پنھنجا ڏوھ گناھ بخش ڪرائيندو آھي.  ھن رات کي “ليلة البراءة” (نجات جي رات) به چوندا آهن . 15 شعبان تي امام مھدي عليه السلام جي آمد جو ڏينھن آھي. پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ته جڏهن شعبان جي پندرهين رات ايندي آهي ته الله پاڪ دنيا جي آسمان تي تجلي فرمائيندو آهي ۽ بني ڪلب قبيلي جي ٻڪرين جي وارن کان به وڌيڪ ماڻهن کي بخشيندو آهي.” (ترمذي، ابن ماجه) ڪجهه روايتن مطابق هن رات ۾ ماڻهن جي سڄي سال جا قسمت جا فيصلا ٿيندا آهن، جيئن ته روزي، موت، زندگي ۽ ٻين معاملن جا حڪم ملندا آهن. نبي ڪريم ﷺ هن رات جنت البقيع قبرستان تي ويا ۽ اُتي دفن ٿيل ماڻهن لاءِ دعا گهري. علماءَ ۽ اولياءَ ڪرام هن رات ۾ عبادت، نفل نماز، قرآن پاڪ جي تلاوت، درود شريف، ۽ استغفار ڪرڻ جي تاڪيد ڪن ٿا. شب برات ۾ ڪرڻ وارا عمل: نفل نماز پڙهڻ (2، 4، 6 يا 8 رڪعت) قرآن پاڪ جي تلاوت. استغفار، درود شريف ۽ الله جي ذڪر ۾ وقت گذارڻ. صدقو ۽ خيرات ڪرڻ. والدين، مومنن، ۽ پوري امت مسلمه لاءِ دعا  ڪرڻ.

شفيق وساڻ/ڳوٺ جھنگو وساڻ

 

پوليس جو ڊرامو ۽ گُلشن حديد ۾ ڏوهارين جو راڄ

سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ڏوهي وارداتن ۾ گهٽتائي ته نٿي اچي پر امن امان جي صورتحال خراب ٿيندي پئي وڃي. ڦورو هجن يا چور يا قتل ڪيسن ۾ گهربل قاتل هجن، انهن کي پوليس پڪڙڻ ۾ ناڪام ته وئي آهي پر انهن جو پيرو به نه پئي کڻي، اهڙي ريت ملير ضلعي جي علائقي گلشن حديد ۾ ڏوهارين پنھنجا ديرا ڄمائي ڇڏيا آهن. اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد گلشن حديد فيز ون، فيز ٽو، ايڪسٽينشن، اسٽيل ٽائون جي علائقن سميت هر گھٽي توڙي مارڪيٽ ايريا ۽ لنڪ روڊ تان ڏينھن ڏٺي جو ڏوهاري عوام کي لُٽي ۽ ڦُري رهيا آهن، بدقسمتي سان پوليس توڙي رينجرز جو ”گشت ڊرامو“ به هلندو رهي ٿو پر پوءِ به نه ڄاڻ ڇو اهڙيون وارداتون ٿين ٿيون جنهن سان عام ماڻھو جو هزارين، لکين روپين جو نقصان ٿيئي ٿو ۽ انهن جو ازالو به نٿو ٿئي. چوري ۽ ڦر متاثر ٿاڻي تي وڃي پاڻ سان ٿيل واقعن جي اين سي يا ڪيس داخل ڪرائن ٿا پر پوليس وٽ ”جانچ” کان علاوه ٻي ڪا اڳڀرائي ڪرڻ جي حڪمت عملي ناهي. اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ هڪ مهيني ۾ ڏوهن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي پر پوليس ڏوهارين خلاف اهڙي ڪا ڪاروائي نٿي ڪري جنهن سان علائقي جا ماڻهو سُک جو ساهه کڻي سگهن. هر وقت موٽرسائيڪل وارن، گهرن، دڪانن جي مالڪن کي پريشاني رهي ٿي ته خبر ناهي ته ڪير، ڪڏهن اچي هٿيار کڻي سامهون بيهي ۽ اسان لاوارث بڻجي ڦرجي، لُٽجي وڃون. ڏوهي وارداتن کانپوءِ لڳ ڀڳ هڪ مهيني ۾ نه اصل ڦورو ٿا پڪڙجن، نه ڏوهن تي ضابطو ٿو اچي. آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي ملير کان مطالبو آهي ته اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حدن ۾ رهندڙ عوام تي رحم ڪري انھن جي جان، مال بچائڻ لاءِ عملي قدم کڻو، ننڍن وڏن ڏوهن تي ضابطو آڻيو.

درياءُ خان جھتيال/گلشن حديد

 

ٽن ڏينهنن کان ڪراچي پريس ڪلب تي ويٺل سنڌجي بيروزگار نوجوانن جي دانهن!

سنڌ ۾  استادن جي ڀرتي واري  عمل جي شروعات 2021ع ۾ آءِ بي اي  سکر جھڙي ساک رکندڙ اداري معرفت ٿي. لکت وارو امتحان ڪرائي ان ۾چاليهه کان مٿي مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي پاس قرار ڏنو ويو. ان پاس ٿيندڙ اميدوارن کي 3 سال ويٽنگ پيرڊ ڏنو ويو. جيڪو فيبروري 2025ع  ۾ پورو ٿي رھيو آهي. پوري سنڌ ۾ ڀرتي عمل سست رفتاري سان ھلڻ ڪري 40 پلس اميدوارن جو ٽائيم  ضايع ڪيو ويو آهي.  مٿان وري اليڪشن جو جواز ڄاڻائي 10مھينا پراسيس مڪمل بند ڪيو ويو. جيڪو سراسر ظلم ۽ ناانصافي آهي. اميدوار مختلف وقتن تي سراپا احتجاج رھيا پر ڪير به ھنن جي دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. گذريل ٽن ڏينهنن کان ڪراچي پريس ڪلب تي اھي نوجوان سراپا احتجاج آھن. اسان جي پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو، فريال ٽالپر، وزيراعليٰ سيد مراد علي شاھ، وزير تعليم سيد سردار احمد شاھ، سيڪريٽري  تعليم کي اپيل آ ته ويٽنگ پيرڊ 10 مھينا وڌائي اميدوارن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي. نوجوانن سان انصاف ڪيو وڃي.

الهھ بخش کوسو/ نوان جتوئي

 

14 فيبروري ويلنٽائينس ڊي جي مناسبت سان

سکي هوا ۾ هڳاءُ آهي،گلي گلي گيت ٿي وئي آ،

پيا بنا ننڊ ڪيئن ايندي، بسنت رت جو بي چئي آ. (شيخ اياز)

سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ اڄ محبت جو ڏهاڙو”ويلنٽائين“ ملهايو پيو وڃي، ماڻهو هڪٻئي کي گــُل ۽ مختلف سوکڙيون ڏئي محبت جو اظهار ڪري رهيا آهن. سڄي دنيا ۾ بيڪرين تي ڪيڪن جا آرڊرز، گلن جي دڪانن، گفٽ شاپس تي نوجوانن ئي نه  پر بزرگ مرد ۽ عورتن جي رش نظر اچي رهي آهي. ويلنٽائين ڊي تي چاڪليٽ جو وڪرو وڌي ويندو آهي، ڇو ته ماڻهو تحفي ۾ چاڪليٽ ڏيڻ پسند ڪندا آهن. اڄ محبتي جوڙا ھڪٻئي سان محبتون ونڊيندا، ھڪٻئي سان پيار جون پچارون ڪندا. ھڪٻئي کي گلن ۽ چاڪليٽن جا تحفا ڏيندا ۽ سڄو ڏينھن گڏ گذاريندا. پيار کي ملهائڻ لاءِ هڪ ڏينهن ئي ڇو؟ ڇا سڀ ڏينهن پيار جا ڏينهن نه ٿا ٿي سگهن؟ اهو شايد انهيءَ ڪري جو سال جا باقي ڏينهن نفرت جا ٿي پيا آهن، هر روز، ڪو خودڪش ڌماڪي ۾، ڪي ماڻهو ماري ٿو. هر روز ڪو ميزائل ڪيرائي آباديون اجاڙي ٿو. هر روز قبائلي جهيڙن، قومي تڪرارن، مذهبي فسادن، طبقاتي ويڙهاندن، نظرياتي جنگين، ذاتي دشمنين، معاشي رقابتن ۽ سماجي ٽڪرائن ۾ رڳو نفرتون راڄ ڪن ٿيون. هر روز فضا ۾ بارود جي بوءِ اچي ٿي، ڪو هڪڙو ڏينهن به ڪڍجي، جو ماحول ۾ گلن جي مهڪار ٿئي. هر روز سڏڪن سان آسمان لرزي ٿو، ڪو هڪڙو ڏينهن ته ٽهڪن سان گونجڻ کپي. هر روز موت تي سوڳوار آهيون، ڪو هڪڙو ڏينهن ته زندگيءَ جو جشن ملهايون. اسان وارن نسلن، پيار کي پنهنجون عمرون ڏنيون آهن. جڏهن ڳاڙهن ٻيرن جي رت ايندي آهي، جوان دلين ۾ پيار پلجڻ شروع ٿيندو آهي، تڏهن ڪائي اپسرا پنهنجي پوتيءَ جي پاند کي ڪنڌ موڙي مرڪي ڏسندي آهي ته ان مهل سندس من اندر ۾ محبت جا ڏيئا ٻرڻ لڳندا آهن. اهڙي پل سندس چيلھه جو هڪ موڙو ۽ چپن تي تري آيل مرڪ، سندس اندر جو اظهار هوندو آهي. ان سمي ڌرتيءَ تي کڄندڙ سندس هر قدم ڪنهن زلزلي کان گھٽ ناهي هوندو. انهن البيلين دلين کي ڪنهن ڏهاڙي جو انتظارنه هوندو آهي. انهن لاءِ هر موسم پيار جي ۽ هر ڏهاڙو پيار جو ڏڻ هوندو آهي. محبتون ته غير مشروط هونديون آهن پر ويلنٽائينس ڊي فيبروري مهيني جي سڃاڻپ بڻجي چڪو آهي. ان مهيني خصوصي طور تي رومانوي سوچ رکڻ وارا مختلف رٿابندين ۾ مصروف عمل ٿي ويندا آهن. اهو لمحو جڏهن ڪنهن پريميڪا جي حصي ۾ آيو هوندو ته ان جي زندگيءَ جا وساميل سڀئي ڏيئا ٻري پيا هوندا، سندس زندگي شام شفق جو ٻرندڙ ڏيئن جيان جرڪي پئي هوندي. ان لمحي هن مُرڪي جڏهن پنهنجو پاڻ ڏٺو هوندو ته ان خوشيءَ جي لمحي کي هن اياز جي هن سٽ ۾ هيئن محسوس ڪيو هوندو ته:

آ رات لڙي هو اچڻو آ، مون مرڪي پنهنجو پاند ڏٺو،

تون ڇوڙ نه پايل پيرن جي، رُت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي.

منهنجي پنهنجي ذاتي را۽ اها به آهي ته اڄ جو ڏينھن اسان لاءِ شاھ لطيف جي امن جو پيغام کڻي آيو آھي. اڄ جو ڏينھن اسان کي سچل جي واٽ تي ھلڻ جي تاڪيد ڪرڻ آيو آھي ۽ اڄ جو ڏينھن اسان کي انسانيت جي وجود جو مقصد سمجھائڻ آيو آھي تـ توھان انسانن جو مقصد ھن دنيا ۾ محبتون ۽ پيار پکيڙڻ آھي. اچو ته گلوبلائيزيشن جي هنن ڏينهن ۾ محبت جو جشن پراڻن ڏينھن جيان ملهائي وٺون. انهيءَ کان اڳ جڏهن محبوب جي ڏنل چاڪليٽن جو ذائقو ۽ مساڳ جو رنگ ڦٽي وڃي ۽ آر سان نالا ۽ دليون ڀريل رومال ڦاٽي پون، انهيءَ کان اڳ جو ڏنل گلابن جون محفوظ ڪيل پنکڙيون ٺوٺ ٿي هوائن ۾ اڏامي وڃن، انهيءَ کان اڳ جو خوشبوءِ جو واس وڃائجي وڃي، انهيءَ کان اڳ جو مليل هٿ ڇڏائجي وڃن، انهيءَ کان اڳ جو دٻيل ٽهڪ گم ٿي وڃن. انهيءَ کان اڳ جو اسان کان هڪ ٻئي جا نالا به وسري وڃن، اچو ته ممنوع هئڻ جي باوجود پيار جو ڏينهن ملهائي وٺون.

ڪاشف نوراني/نواب شاہ

 

ميلن جي موڪلن جا تعليمي ۽ معاشي نقصان

 

اَڄ ٺٽي ضلعي ۾ عبدالله شاھ اصحابي جي عرس جي موقعي تي ضلعي حڪومت طرفان سڄي ضلعي اندر موڪل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، حقيقت ۾ انهن بزرگن هونهار شاگردن جيان ڏينهن رات محنت ڪري پنهنجو نالو روشن ڪيو آهي. موڪلون  شاگردن يا استادن لاءِ تفريح  جو اهم ذريعو آهن، پر جيڪڏهن انهن موڪلن کي صحيح طريقي سان منظم نه ڪيو وڃي ته اهي تعليم ۽ روزگار تي منفي اثر وجهي سگهن ٿيون. ميلن جون موڪلون تعليم ۽ روزگار کي نقصان پهچائين ٿيون. ميلن جون موڪلون اڪثر شاگردن لاءِ پڙهائي کان ڌيان هٽائڻ جو سبب بڻجن ٿيون. جڏهن شاگرد ميلن ۾ مشغول ٿين ٿا ته اهي پڙهائي ۽ تعليمي سرگرمين کان وقت گهٽائين ٿا، جنهن سان سندن تعليمي ڪارڪردگي متاثر ٿئي ٿي. خاص طور تي، جيڪڏهن امتحانن جو وقت ويجهو هجي ۽ شاگرد ميلن ۾ مصروف هجن ته انهن جي تياري متاثر ٿي سگهي ٿي. موڪلن جو غلط استعمال خاص ڪري ميلن  دوران شاگرد اڪثر وقت کي تفريح لاءِ خرچ ڪن ٿا، پر تعليمي ذميوارين تي ڌيان نه  ٿا ڏين نتيجي طور اهي اسڪول يا ڪاليج جي ڪمن ۾ پوئتي ٿي وڃن ٿا. مطالعي جو تسلسل متاثر ٿئي ٿو ڇاڪاڻ ته مطالعو هڪ تسلسل ۽ معمول جو تقاضو ڪري ٿو. ميلن دوران شاگردن جا پڙهائي جا معمول ٽٽي وڃن ٿا جنهن ڪري انهن کي ٻيهر رٿابندي ڪرڻ ۾ انتهائي مشڪل ٿيندي آهي. موڪلن دوران سواءِ ميلائي روزگار جي ميلن جون موڪلون صرف شاگردن لاءِ نه پر ملازمن لاءِ به نقصانڪار ٿي سگهن ٿيون. ڪم ۾ گهٽتائي گھرو ڪمن کان پري رهڻ وغيره ، ملازم جيڪي ميلن ۾ شرڪت لاءِ موڪلون وٺن ٿا، اهي پنهنجي ذميوارين کي پورو ڪرڻ ۾ پوئتي ٿي سگهن ٿا. اهو خاص طور تي اهم منصوبن يا وقت تي مڪمل ٿيڻ واري ڪم تي منفي اثر پون ٿا. جيڪڏهن آفيس بيرر حضرات ميلن لاءِ موڪلن تي وڃن ٿا ته ٽيم جي ڪارڪردگي متاثر ٿي سگهي ٿي. باقي ٽيم جا ميمبر انهن جي غيرموجودگي ۾ اضافي ڪم ڪرڻ تي مجبور ٿي سگهن ٿا يا ڪم اڌرو رهجي وڃي. روزگار جي عدم تسلسل جي ڪري ڪيترائي دفعا ميلن جي موڪلن دوران ماڻهو پنهنجو وقت يا پئسو غيرضروري سرگرمين ۾ خرچ ڪن ٿا، جنهن سان اهي پنهنجي پيشه ورانه مقصدن کان پري ٿي سگهن ٿا. جنھن ڪري مالي اثر گھر يا خاندان تي پون ٿا.  آخر ۾ ميلن جون موڪلون پنهنجي جاءِ تي ضروري آهن، پر انهن کي ذميواري سان گذارڻ گهرجي ته جيئن اهي تعليم ۽ روزگار تي منفي اثر نه وجهن. وقت جي صحيح استعمال سان ماڻهو ميلن جي خوشين جو مزو وٺي سگهن ٿا ۽ پنهنجون ذميواريون به پوريون ڪري سگهن ٿا.

وڪيل محمد ايوب لاڙڪ