جمهوريت خاطر قربان ٿيل شھيد بينظير‎

 

مان پنهنجي وطن ضرور وينديس مون کي پاڪستان جو عوام سڏي پڪاري  پيو مان پنهنجي  عوام لاءِ ضرور وينديس مون کي ڪير به روڪي نه ٿو سگهي. اھو آواز شھيد بينظير جو ھر جاءِ ھر ھنڌ گونجندو رھيو. محترمه جڏهن ڪراچي ايئرپورٽ تي پاڪستان جي ڌرتي تي قدم رکي ھٿ بلند ڪري دعا گهري ته اکين مان ڳوڙھا اچي ويا. ماڻهو محترمه بينظير جي جھلڪ ڏسڻ لا بيتاب ھئا اھا عوام  جي محبت ھئي ته بينظير ايندي ته ملڪ ۾ خوشحالي  آڻيندي پر سامراج کي خوشحالي نه ٿي کتي ڪراچي  ۾ محترمه  بينظير  تي حملو ڪيو ويو. محترمه بينظير ڀٽو ان حملي ۾ بچي وئي پر انهن محترمه جو پيڇو نه ڇڏيو وري به دلير نياڻي اھو  چوندي رهي ته پنهنجي عوام  کان پري نه ٿيندس ھر  جلسي ۾ چوندي رهي منهنجو سرمايو عوام  آهي مان عوام  کان ھڪ پل به پري رهي نٿي سگھان. ائين هوءِ شهيد ٿي وئي پر ماڻهن جي يادن ۾ زنده رهجي وئي.

 

سھيل  احمد زرداري/سرھاري

 

سنڌ جي پرائمري استادن کي سروس اسٽرڪچر ڏنو وڃي

 

سنڌ جي پرائمري استادن  کي سروس اسٽرڪچر ڏنو وڃي جيڪو هر هڪ سرڪاري ڊپارٽمينٽ ۾ ڏنو وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته 1973ع جي آئين ۽ قانون ۾ سروس اسٽرڪچر ڏيڻ، ملازمن ۽ انهن جي پونئرن کي پينشن ڏيڻ جو ذڪر اول آهي، اسان جو حق اسان کي ڏنو وڃي. هميشه سنڌ جي پرائمري استادن سان ناجائزيون ۽ نا انصافيون ڪيون  وينديون آھن. هر ڀيري حق گهرڻ تي ڪراچي پريس ڪلب تي استادن جي تذليل ڪئي ويندي آھي. پيغمبري  پيشي استادن سان ايڏو ظلم زيادتي آخر ڇو ؟ پرائمري استاد جو آخر ڏوهه قصور ڪھڙو آھي جو حقن تي ڌاڙا هنيا وڃن ٿا؟ حق غضب ڪيا پيا وڃن؟ استادن جي تعليم گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽس BA، B.ed  MA، M.ed ڪھڙي ڪم جي  پرائمري استاد کان ته سٺا  پٽيوالا آھن، جيڪي  پروموشن وٺي ڪلارڪ ۽ 17 گريڊ ۾ سپرينٽينڊنٽ  ٿيو وڃن. آخر  پرائمري استاد جي پروموشن جو  ڪھڙي قانون تحت حق کاڌو پيو وڃي؟ اسان جي  ۽ اسان جي ايندڙ نسلن جي زندگي جو مسئلو آھي. پھريون پنھنجا جائز مطالبا  رکيا وڃن جھڙوڪ  سيڪنڊري سائيڊ سسٽم جيان سروس اسٽرڪچر پروموشن 17، 18، 19، 20  اسڪيل جنھن ۾ TEO ،  DEO ۽ Director  به پرائمري جو هجڻ گهرجي ۽ استادن کي گروپ انشورنس  ۽ آن لائين  رٽائيرمينٽ پينشن وغيره ڏني وڃي، اهي سڀ مطالبا  اڳيان رکيا وڃن جيڪڏهن مطالبا نٿا  مڃيا وڃن ته استاد ۽ ان جي  گهر جا فرد  مٽ مائٽ رشتيدار ڪڏهن به ڪنهن کي ڪو ووٽ نه ڪن.

 

اياز حسين تنيو

 

2008 واري اليڪشن کانپوءِ ڪاڇي واسين تي ڄڻ وڄ ڪري پئي

 

پيپلز پاري جو اقدار ۾ اچڻ سان ڪاڇي واسين کان هر سهولت کسڻ جو سلسلو جاري آهي. چوندا آهن پيپلز پارٽي عوامي پارٽي آ، جهموري پارٽي آ پر ڪاڇي واسين لاءِ واسينگ نانگ کان گهٽ ناهي رهي. پيپلز پارٽي جي حڪومت اچڻ سان پهريون قدم ڪاڇي جي بجلي بند ڪئي وئي. يوسي پٽ گل محمد جي بجلي بند، يوسي ٽوڙ جي بجلي بند، يوسي ڇني، ٽنڊو رحيم خان، گاجي شاھ، ساوڙو تقريبن 500 سوءِ کان مٿي ڳوٺن جي بجلي بند ڪئي وئي. سياسي سفارش  تي اسڪول ۾ ماستر ڀرتي ڪيا ويا. تعليم تباھ ٿي وئي. ڪاڇي مان واٽر سپلاءِ اسڪيمون پنهنجي من پسند وڏيرن جي اوطاقن تي لڳرائي وڏيرا پنهنجون زمينون آباد ڪري رهيا آهن. مٿي مان جن جن ڳوٺن جو ذڪر ڪيو آ جن ڳوٺن ۾ بجلي ناهي انهن ڳوٺن جا سڀ يوسي چيئرمين پيپلز پارٽي جا آهن پر افسوس جو هو پنهنجي فيملين سميت ڪاڇي کي ڇڏي ڪي دادو رهيا پيا آهن ڪي حيدرآباد، ڪي ڪراچي. پوءِ انهن کي عوام جي ڪهڙي تڪليف محسوس ٿيندي ته منهنجي يوسي جو عوام سورن واري زندگي گذارڻ تي مجبور آ. تڏهن ته اڄ به ڪاڇي واسي پرويز مشرف جو دور ياد ڪري ٿڌو ساھ کڻدا آھن ڪاش اگر اڄ به مشرف جي حڪومت هجي ها ته هن هٿ ٺوڪي جمهوريت کان آزاد هجون ها.

 

شبير احمد مستوئي/  ڪاڇو

 

امن امان سان ئي ترقي ممڪن آھي‎

 

ملڪ ۾ امن امان جي  صورتحال تي غور ڪجي ته امن امان شھرين جو حق آھي نه صرف شھرين جو حق پر ٻاھرين ملڪن جي ماڻھن کي به تحفظ ڏيڻ حڪومت جو ڪم آھي ته جيئن ٻاھريان ملڪ به ھتي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي وٺن ۽ ملڪ ۾ ترقي جون نيون راھون کولي معيشت کي بھتر ڪجي. تازو ملڪ جي صدر آصف علي زرداري چين سان يادداشتناما صحيح ڪيا آھن جنھن ۾ ملڪ جي صدر اھو واضح چيو آھي ته ھر حال م چيني انجنيئرن ۽ چيني شھرين کي تحفظ ڏنو ويندو. تحفظ ھر شھري جو حق آھي اسان جيڪڏھن ملڪ جي  امن امان جي صورتحال تي غور ڪنداسين ته بھتر نه ھجڻ جو سبب لاقانونيت آھي. پوليس ۽ تحفظ ڪندڙ ادارا آزاد ٿي ڪم ڪن. تازو وڪيل ۽ پوليس جي ھڪٻئي سان ڇڪتاڻ وڌي وئي آھي. حيدرآباد ۾ وڪيلن جي ھڙتال تي پوليس جو لٺيون وسائڻ ھڪ مثبت قدم نه آھي. ملڪ جي شھرين کي جيڪڏھن پنھنجا بنيادي حق نه ملندا ته انھن کي آئيني حق حاصل آھي ته اھي پرامن احتجاج ڪن جيڪي وڪيل، استاد ۽ تنظيمون ڪنديون آھن ته جيئن انھن جو آواز اعليٰ اختيار ڌڻين تائين پھچي سگھي. ملڪ جي شھرين  جي لاءِ به تحفظ ءِ امن امان بحال ڪرڻ گھرجي ته جيئن ملڪ جو عوام به سک جو ساھ کڻي. پوليس جي بلڪل به ساک ختم ٿي چڪي آھي. صدر پاڪستان آصف علي زرداري کي سنڌ ۾ به سي پيڪ جو ڪم ھلائڻ گھرجي.

 

شفيق وساڻ/ڳوٺ جھنگو وساڻ

 

آءِ ڪيئن آتڻ وڃان….!! ؟؟

 

اڻ ڏٺل شين ۾ آواز، روشني، خُوشبوءِ، سگنل ۽ مري فنا ٿي ويل هر ذي نفس کان مشورا ورتا ته توهان ڪائنات کي ڪيئن ڏسي رهيا آهيو. انهن کان به معلوم ڪريو، انهن کي آٿت، آشيرواد ڏنؤ يا ورتؤ. انهن جي دانهن، ڪُوڪ، پيچيدگيون، غُصو، مشڪلاتون ۽ ڪنجسٽرڊ ڪهاڻيون ٻُڌؤ ۽ پنهنجون مشڪلاتون، درد، ڪهاڻيون، ڪُوڪون، ڍُنڍ ڪارا، ناجائزيون، مجبوريون، بيحسيون، بي انصافيون، طاقت، دولت، دٻ دٻو، صحت، بيماريون، تڪليفون، اسهپ، جهيڙن، خون ريزين، ڪمزورين، عزت، بيعزت، بُڇڙاين، عيبن، ثوابن، گناهن، شرمسارين، شڪستن، ذلتن، بربادين، موت ۽ انهي جي دهشت کي رازداري ۾ given take ڪيو آهي؟ انهن جي نهج تي پهچڻ لاءِ تسليم ٿيل خاص لوازمات يعني  سند يافته ٿيل پيراميٽر يا هائيٽ تي اچڻو پوندو. اهي پيمانا ڪجهه ڳنڀير بلڪ ڏکيا پيمانا آهن. جنهن کي نابودي، ناسوتي، ملڪوتي، جبروتي، لاهوتي ۽ هاهوتي جا درجا مليل آهن. جڏهن اتي پھچندؤ ته توهان انهن کي  آشيرواد ڏنو ۽ ورتو هوندو. ان بعد هر ذي نفس سان ڳالهائڻ رازداري هوندي ۽ هجت ۾ ڪير به هٻڪائيندو ڪونه. ڇو ته انهي مهل زمان، مڪان، اسباب ۽ ابهام جا بند ٽُٽي چُڪا هوندا. اهي توهان جي چوڻ تي صفا ويجهو اچي بيهندا، ڇو جو توهان جو ۽ انهن جو حجاب جو مسئلو نه هوندو. انهي نهج تي پُهچي پوءِ ڏسو، غور ڪيو پوءِ پنهنجي ۽ انهن جي روئداد ٻُڌو ۽ ٻُڌايو. پوءِ زنده انسانن، مري ويلن، زنده حيوانات، جمادات، ٺهي وري ڀُري وڃڻ، سج، روشي، چنڊ، ستارن، گليڪسين، ڏينهن، رات، سج جو ڌيري ڌيري اُڀرڻ، چڙهڻ، لهڻ، رات ڇائنجي وڃڻ، آسمان ۾ تارن، ڪتين، نِکٽن،ٽيلهوئن ۽ قُطب تاري کي غور ڪري ڏسڻ انهن کان سوال ڪري پُڇڻ ته توهان ايترو پري ڇو وڃي بيٺا آهيو لکين ۽ ڪروڙين ڪلو ميٽر دُور وڃي ڪيئن ٽمڪي رهيا آهيو. ڏينهن رات کان پُڇوته توهان ڇو اچي، وڃي ۽ ڀڄي رهيا آهيو. پهاڙن، ڏونگرن وٽ جڏهن وڃو ته انهن کان پُڇو توهان کي اهڙو ٺوس ۽ اونچو ڇو ڪيو ويو آهي. سمنڊ تي جڏهن وڃو ته سمنڊ کان پُڇو ته تو ۾ ايڏو ڊپريشن ڇو آهي ۽ ڪنهن توکي مڇرايو آهي. سج کان پُڇو، ٻين سورج منڊلن کان پُڇو توهان جي ميدانن ۾ ڇو ۽ ڪنهن باهه جا لڳاتار جهڪڙ ۽ طوفان مچائي رکيا آهن. اسٽارن، گليڪسين، نوون، سُپر نوون، نيبولن، هائيپراسٽارن، بليڪ هولن کان معلوم ڪيو ته توهان ۾ ايڏي Amazing Warيعني هڪ ٻئي کي هڙپ ڪرڻ، ڦولجڻ۽ فيوزن جي بيماري ڪڏهن کان، ڪيئن، ڇو ۽ ڪهڙي ڳالهه تي هلي رهي آهي. پوءِ ڏسو ته ڪيئن نه توهان سان شيون ٿيون ڳالهائين. هاڻي ٻُڌايو ته اهڙو ڪهڙو مائي جو لال، ڏاهو، فلاسافر، سائنسدان هوندو جيڪو بغير مبالغآرائي ۽ غلطين کان پاڪ univers جو نقشو ٺاهيندو، جنهن تي ڪنهن کي اعتراض ۽ باهوڙ جو ڪو موقعو نه ملي ۽ پوءِ ٻُڌايو هي ڪائنات ماديmatter تي بيٺي آهي؟ آئيڊلسٽن ۽ مٽريلسٽن جي فلسفن جي مقابلن ۾ بيٺي آهي؟ هجر ۾ بيٺي آهي؟ آٺرجڻ، ڳڀرجڻ، ويامڻ ۾ بيٺي آهي؟ ها!شاهه لطيف جي ڍڪڻ جو وزن، شاهه لطيف جي ديڳ جي ڍڪڻ جو وزن ڀاري……ايترو… ڀاري..زمين جي وزن جيترو… سائنسدانن جي تخميني جي حساب سان زمين جو وزنKg 5.97219…1024آهي؟. شاهه لطيف ٽيهه سُرن ۾ پنهنجي ڏات پالوٽ ڪئي آهي. آءٌ هتي چوان ٿو ته شاهه لطيف جي صرف هڪڙي بيت تي ٻه هزار صفحن جا ٽيهه واليوم لکي سگهجن ٿا. بالفرض شاهه لطيف جي ديڳ  جو ڍڪڻ لهي به پوي ۽ شاهه لطيف discover ٿي به پوي پوءِ ڇا توهان ان ديڳ جي طعام جو ڀت کائي به سگهندؤ…؟؟ پوءِ اهڙو ڇا ٿي پوندو. ڇا شاهه لطيف توهان جا درد، تڪليفون، بُک بيماريون دور ڪري ڇڏيندو؟ ڇا سنڌ، مُلڪ۽ دنيا امن جو گهوارو بڻجي پوندي؟ هاڻي شاهه صاحب جي رسالي کي مٿئين پسمنظر ۽ انهي معيار ۾ مُطالعو ڪيو، جم غفير ڏات conjure’r’d’ideology  ڏسو، پڙهو، غور ڪيو ۽ پوءِ سڀ گڏجي هڪ آواز ٿي چئو اسين ڪيئن آتڻ وڃون…!!؟؟.

 

راڻو خان چاچڙ

شهيد بينظير آباي ضلعي ۾ پيپلز بس سروس کي ڪامياب بڻايو

 

سنڌ حڪومت پاران عوامي سهولتن جي لاءِ ڪراچي کان پوءِ سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به پيپلز بس سروس شروع ڪئي وئي جيڪو هڪ ساراھ جوڳو عمل آھي. هن سروس سان نه رڳو ماڻھن کي آرام وارو پر محفوظ سفر پڻ ميسر ٿيو آھي. سنڌ جي ٻين ضلعن جيان شھيد بينظيرآباد ۾ به هي سروس ڏني وئي آھي جنهن کان پوءِ جنوري جي پهرئين هفتي ۾ تعلقي سطح تي سڪرنڊ کان نواب شاھ لاءِ به پيپلز بس شروع ڪئي وئي جنهن تي ماڻھن سرهائي جو اظھار به ڪيو پر غلط پلاننگ يا مشوري جي ڪري هن سروس مان عام ماڻھن کي ڪوبه فائدو نه ٿي سگهيو آھي. ان جو سبب هڪڙو اهو به آھي ته بس جو اسٽاپ شھر کان تقريبن اڌ منو ڪلوميٽر پري رکيو ويو ۽ ٻيو ته ڪرايو به هڪ سؤ روپيا مقرر ڪيو ويو هو، جڏهن ته باقي سڀ پرائيويٽ بسون شهر مان گذرن ٿيون ۽ انهن جو ڪرايو به ساڳيو هڪ سؤ روپيا ئي آھي، جنهن جي ڪري ماڻھن کي پنڌ ڪري شھر کان ٻاهر وڃي بس ۾ چڙھڻ جي ضرورت محسوس ڪانه ٿي ٿئي. ٻيو سبب اهو آھي ته هن مهيني جي 2 فيبروري کان مهيني جي اندر ئي بس جي ڪرائي ۾ 20 روپين جو اضافو ڪري ڪرايو 120 روپيا ڪيو ويو آھي جنهن سبب هن بس مان بظاهر عام پورهيت ماڻھن کي ڪوبه فائدو يا ريليف نه پيو ملي. ان ڪري سنڌ حڪومت سميت ٽرانسپورٽ جي وزير کان مطالبو ڪجي ٿو ته سڪرنڊ ۾ شروع ڪيل پيپلز بس جو اسٽاپ فوري طور شھر اندر ٽائون ڪاميٽي جي گيٽ وٽ رکيو وڃي جتان عام مزدور طبقي سميت عورتن ٻارن ۽ شاگردن کي بس تائين پهچڻ ۾ آساني ٿيندي. ٻيو ته عوام جي اهنجن کي مدنظر رکندي بس جو ڪرايو 50 کان 70 روپيا مقرر ڪيو وڃي. پيپلز بس جو ڪرايو وڌڻ جي صورت ۾ پرائيويٽ ٽرانسپورٽ وارن کي به پنهنجو ڪرايو وڌائڻ جو جواز ملي ويندو. ان ڪري هن گذارش تي غور ڪيو وڃي ته جيئن پيپلز بس جو حقيقي ثمر غريب عوام کي ملي سگهي.

 

قاسم خاصخيلي/ سڪرنڊ

سنڌ جي پرائمري استادن جي سروس اسٽرڪچر لاءِ جدوجهد

 

سنڌ جي تعليمي سسٽم ۽ نصاب ۾ کوڙ ساريون اڻ برابر شراڪتون آهن جن نصاب ۾ عجيب سوال پيدا ڪري ڇڏيا آهن. نت نوان روز بروز تجربا سنڌ جي پرائمري تعليم کي گهڻو نقصان پهچائي چڪا آهن، پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت سنڌ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نالي تي گذريل 16 سالن کان ووٽ وٺندي پئي اچي، سنڌ جي پرائمري استادن کي سروس اسٽرڪچر هڪ وڏي عرصي کان نه ملڻ ڪري سنڌ جي سمورن پرائمري استادن حاجي شفيع محمد سٺيو جي قيادت ۾ احتجاج ڪري رهيا آهن. پوري سنڌ جي استادن کي جنهن شخصيت تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي ڪردار ۽ عملي جدوجهد ۾ انهيءِ حاجي شفيع محمد سٺيو کي ڀرپور تعداد ۾ ووٽ ملندا باقي جيڪي ماڻهو سليڪشن جي شوق ۾ جمهوري عمل اليڪشن کان فرار ٿيڻ چاهين ٿا، انهن کي فرار ٿيڻ نه ڏبو ۽ هر سطح تي ذاتي مفادپرست ماڻهن جي رستا روڪ ڪئي ويندي. پ ٽ الف جي سياست ۾ ڪاري باب جي حيثيت رکندڙ وڏن بتن تڏهن سنڌ جي پرائمري استادن جي سار سنڀال مالڪي نه لڌي جڏهن استاد ٻه واٽي ۽ سياهه آمريتي دور ۾ شديد مسئلن جو شڪار رهيا، استادن جي وک وک تي ڪرپٽ ڪامورن تذليل ڪئي ۽ پوري سنڌ جي استادن جي اڪثريت انهيءِ ڪرپٽ ڪاموري جي آمريتي دور ۾ وڌ ۾ وڌ عمر پوري نه هجڻ باوجود رٽائرمينٽ وٺي گهر ڀيڙا ٿيندا رهيا، شديد مسئلن جي ور چڙهيل پ ٽ الف ۾ نئون روح ڪنهن ڦوڪيو ۽ سنڌ جي لکين پرائمري استادن ۾ اتساهه جياپي جو احساس ڪنهن جاڳايو ۽ پ ٽ لف ۾ زندهه رهڻ جو ڪنهن پنهنجي جدوجهد، پنهنجي عمل ۽ پنهنجي ڪردار سان ڳاٽ اوچو ڪري ڏيکاريو، اهو حاجي شفيع محمد سٺيو آهي. نئين ڪمپني مان نڪتل ٻه چار گمنام ماڻهو جيڪڏهن پ ٽ الف تي واقعي قابض ٿي ويا ته پوءِ سنڌ جي استادن کي وري يرغمال ڪري ڪنهن سياستدان يا وري ڪنهن من پسند ڪاموري وٽ ريٽ لڳائي پنهنجا ذاتي مفاد حاصل ڪيا ويندا ۽ استادن جا مجموعي مسئلا حل ٿيڻ بجاءِ ويتر شديد بحرانن جي ور چڙهي ويندا. حق سچ جي فتح يقيني ٿيڻي آهي، جنهن لاءِ باشعور استاد طبقي جو ميدان عمل ۾ پاڻ نڀائڻ جو وقت اچي ويو آهي.

 

غلام الله سانگي

اردو ۽ سنڌي ڳائڻن جو فن، علمي بصيرت ۽ اظهار جو فرق‎

 

اردو شاعريءَ جون ڌنون ترتيب ڏيندڙ موسيقار ته پنھنجي فن ۾ ڪمال رکندا آهن، پر جيڪڏهن ڳائڻن کي ٻڌو ته اهي به موسيقي ۽ شاعري جي فن تي ايتري ته خوبصورت انداز ۾ ڳالهائيندا آهن جو ٻڌندڙ حيران رهجي ويندو آهي. انهيءِ لحاظ سان سنڌي ڳائڻا به هميشه پنهنجي ڳائڻ جي هنر ۾ نمايان رهيا آهن ۽ اڄ به انهن جو هڪ خاص مقام آهي. مثال طور، عابده پروين کي ڪير نٿو سڃاڻي؟ اهڙي طرح سنڌ ۾ منظور سخيراڻي به پنهنجي منفرد ڳائڻ جي ڪري مشهور آهي. پر هڪ واضح فرق اهو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته اردو ڳائڻا نه رڳو موسيقي ۽ شاعري تي گهري بصيرت رکندا آهن، پر اهي انهن موضوعن تي ڳالهائيندي به هڪ علمي ۽ بامعنيٰ پهلو پيش ڪندا آهن. اهي پنهنجي ذاتي زندگي، ڳائڻ جي فن ۽ شاعري و موسيقي جي مختلف پهلوئن تي نهايت عمدو ۽ متاثر ڪندڙ انداز ۾ ڳالهائيندا آهن. ان جي ابتڙ سنڌي فنڪار، ڀلي ڪيترو به وڏو نالو هجي، عام انٽرويوز ۾ پاڻ کي اثرائتي نموني بيان ڪرڻ ۾ ڪمزور نظر ايندا آهن. انهن جو ڳائڻ ته لاجواب هوندو آهي، پر موسيقي، شاعري يا پنهنجي ذاتي ۽ فني زندگي بابت ڳالهائڻ جو اهو اعتماد ۽ گهرائي گهٽ نظر ايندي آهي، جيڪا اردو جي ڳائڻن ۾ عام ملندي آهي. اهو ئي فرق کين نسبتاً محدود ۽ غير مؤثر بڻائي ٿو، جيتوڻيڪ انهن جو فني هنر ڪنهن به طرح گهٽ ناهي.

 

علي رضا سومرو/ڪراچي

ڪڏهن ٿيندو پاڪستان آزاد قبضاگيرن کان؟

 

ڪيڏو نه عجيب ۽ رياست پاڪستان جو خوف ختم ٿي چڪو آ قبضه مافيائن مان جو نه قبرستان محفوظ نه اسڪول اسپتالون محفوظ. اسان جاشهر توڙي واھڻ ماڻهو هر قسم جي برائين ۾ ملوث آهن. اسان جي صوبي سنڌ ۾ منشيات، جوا، بدڪارين جا اڏا ۽ قبضا مافيائن جا ڪيس ايترا ته وڌي چڪا آهن جو شهر توڙي صوبي جو نانءُ کڻندي به شرم پيو اچي. اسان جي رياست پاڪستان جي جملي اختيارين کي اپيل آ ته پاڪستان جي قبضا مافيائن کا جان آجي ڪرائي وڃي جن هر قسم جي خالي جاءِ تي پنهجي ابن ڏاڏن جي ملڪيت جيان قبضو ڪيو آ نه سرڪاري نه خانگي ملڪيتون محفوظ آهن. نه ئي يونيورسٽيون، قبرستان، اسپتالون نه ٿاڻا بچيل آهن سو ملڪ جي ملڪيتن جي جانچ پڙتال ڪري تمام عوامي مقامن تان قبضا ختم ڪرايا وڃن. گڏوگڏ گهٽين ۾ وڌايل ملڪيت واپس ڪرائي وڃي جو ڪشاديون گهٽيون پڻ تنگ ٿيويون آهن ۽ وري ظلم اهو جو سمورن ڇت جو وڌائي گهٽين ۾ تازي هوا جو اچڻ به مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي. هر گهر گٽرن جي تعفن سان ڀريو پيو آ جنهن سبب ساهه جون بيماريون توڙي پوليو ۽ ڪينسر جي مرض جو اضافو ٿيو آ. پاڪستان کي صاف سٿرو ماحول ڏيارڻ لاءِ سمورن گهرن جو از سر نو رڪارڊ درست ڪيو وڃي. روينيو رڪارڊ کان وڌايل سموري ملڪيت آزاد ڪرائي وڃي. اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽين، اسپتالن ۽ قبرستانن درگاهن تان قبضا ختم ڪرايا وڃن. شڪريه پاڪستان

 

استاد جاويد احمد هڪڙو/ شڪارپور