تاريخ جو ”بدترين“ پاڻي معاھدو
حصو آخري
اڄ سنڌ ۾ جن 6 ڪئنالن جي تعمير روڪڻ لاءِ ”اوچتو“ اين جي اوز تحريڪ سرگرم ٿي آھي، انھن 6 ڪئنالن مان ھڪڙي ڪئنال ”گريٽر ٿل ڪئنال“ جو نالو به شامل آھي؟ حالانڪ اڄ تائين 6 ڪئنالن جي خلاف ”سخت تحريڪ“ ھلائيندڙ ڪنھن به ڌر، تنظيم، پارٽي يا اڳواڻ ڪنھن به عوامي پليٽ فارم تي باضابطه انھن 6 ڪئنالن جا نالا ظاھر ڪونه ڪيا آھن. پر سرگرم ڪارڪن جن 6 ڪئنالن جا نالا ڪڏھن ڪڏھن کڻن ٿا ته انھن ۾ ”گريٽر ٿل ڪئنال“ جو نالو به شامل ڪن ٿا. 2024ع ۾ جڏھن ھزارين ڪلوميٽرن جي ڦھليل اھا آبپاشي رٿا تقريبن پوري طرح تيار ٿي چڪي آھي ته ھاڻي ان جي تعمير روڪڻ لاءِ ميدان ۾ نڪتا آھن.
سنڌ جا ريگستان، ساحلي زمين، سمنڊ، سامونڊي ٻيٽ، ڪوھستان، ڪاڇو، کيرٿر جبل، درياھ جي ڪچي جي ايراضي حوالي ڪئي پئي وڃي پر ان کي ڪا به اهميت نه پئي ڏني وڃي. سنڌو جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ جي لاءِ مختلف چالبازيون ۽ حرفتون ڪيون پيون وڃن سنڌ جو عوام سنڌو تي ڪالاباغ ڊيم سميت ڪو به ڊيم يا ڪئنال قبول نه ڪندو ان ڪري ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي جيڪا سنڌ سان ناانصافي آهي. سنڌ اهڙي ڪنهن به سنڌو دشمن منصوبي کي قبول نه ڪندي. سنڌو ۾ پاڻي جي کوٽ سبب انڊس ڊيلٽا مڪمل تباھ ٿي ويو آهي سمنڊ تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي، انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي نه پهچڻ سبب سڄو فطري ماحول تبديل ٿي ويو آهي ان ڪري سنڌو ۾ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ ٻارنهن مهينا گهٽ ۾ گهٽ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي مسلسل ڇڏڻ گهرجي جيڪو سنڌ سان معاھدو ڪيو ويو پر ان تي عمل نه ٿي رهيو آهي.
هڪ پاسي سنڌ ۾ اڳ ۾ پاڻي جي کوٽ رهندي آهي ته وري ٻئي پاسي سنڌو مٿان وڌيڪ ڊيم ۽ ڪئنال ٺاهڻ جا منصوبا جوڙيا پيا وڃن، اهڙي سنڌ دشمن فيصلي تي سنڌ جو عوام خاموش نه ويهندو۔ انڪري ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ وڌيڪ ڊيم ٺاهڻ جا منصوبا فوري ختم نه ڪيا ويا ته سنڌ جو عوام شديد عوامي سياسي احتجاج ڪري حڪمرانن کي اهو فيصلو واپس وٺڻ تي مجبور ڪندو. ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ زمينن جي خريدارن معاھدو ڪيو آھي تـ پئسا تڏھن ڏينداسين جڏھن پاڻي ڏيندئو. پاڻي لاءِ سنڌو درياھ مان ڪينال ڪڍيا پيا وڃن. اھو ڪو عام معاملو ناھي ان جو مطلب اھو آھي ته سنڌ جي زراعت ۽ آباديون تباھ ٿينديون صرف ڪجھ ماڻھن (اشرافيا) طبقي ۽ ان جي محافظن جي منافعي لاءِ.
اعجاز ممنائي
اسان جي سنڌ ۾ ڪڏهن قانون جو تحفظ ملندو
ڪيڏو نه عجيب آ ته جن کي اسان جو تحفظ ڪرڻ گهرجي سي ئي اسان لاءِ خوف جو باعث پيا بڻجندا وڃن. روز اهڙيون پيون خبرون ملن ته پوليس واپارين کي ٿوري عرصي لاءِ اغوا ڪري ڪروڙين روپيا ڀنگ وٺي ڇڏي ڏنو جيئن چور يا ڦورو گاڏيون چورائي يا ڦري وري ڀنگ تي واپس ڪرائيندا آهن. اها اسان جي بي عقلي يا ائين چئون اسان جي ڪند ذهني جو پنهجي دشمن کي پيا سڄڻ سمجهون. چند ڏينهن پهريان پوليس موبائل سان هڪ المناڪ حادثو پيش آيو جيڪو سکر ۾ ٿيو جنهن ۾ ڪجهه اهلڪار فوت ٿيا هئا، ڊرائيونگ ڪندڙ 50 لک انعام رکيل ڌاڙيل ” شوڪت اوڳاھي “ به زخمي ٿيو جنھن کي پوليس لڪائي رھي آهي. پاڻ ڏسو اڃا چئو ٿا امن ڇو نٿو ٿئي؟ ڏوھاري ۽ پوليس ھڪ آهن. اسان ته انهن سڀن کي ڌاڙيل سمجهنداسين جيڪي ڌاڙن ڦرن ۽ چورين اغوا ۾ سهولتڪار يا بذات خود ڏوهن ۾ ملوث آھن. پر افسوس انهن ڏوهارين کي ڪا سزا نه پئي اچي.
استاد جاويد هڪڙو/ شڪارپور
پارومل پريمي
تاريخ جا اڏيندڙ اديب، شاعر ۽ ليکڪ ئي هوندا آهن جيڪي پنهنجي نيڻن جو نور نچوڙي پنهنجي ڏات ذريعي املهه لکڻيون لکي سنڌي ٻولي ۽ ادبي خزاني کي مالا مال ڪندا آهن. اهڙا ڪيترائي اديب ۽ ليکڪ جيڪي ڪافي عرصي کان لکندا پيا اچن پر مالي مشڪلاتن سبب سندن ڪوبه ڪتاب ڇپجي نه سگهيو آهي ۽ سندن لکڻيون اخبارن ۽ رسالن تائين محدود آهن. اهڙن مهان ڪردارن ۾ پارومل پريمي پڻ شامل آهي جيڪو بيماري ۽ مالي مشڪلاتن باوجود سنڌي ٻولي، ادب ۽ فن جي ترقي جي راهن تي گامزن آهي. پارومل پريمي 21 جنوري 1971ع ۾ ٻيراڻي ضلعو سانگهڙ مکي رام ڪرشن لوهاڻو جي گهر ۾ جنم ورتو. 1990ع ۾ ليکڪ طور پنهنجي قلمي سفر جي شروعات ڪئي، ان بعد 1992ع ۾ پنهنجي چاچي ڪشن چند پوپٽاڻي سان نوڪري سانگي ميرپورخاص لڏي آيو جتي الفنڪارآرٽس ويلفيئر سوسائٽي، ڀٽائي آرٽ اينڊ ويلفيئر سوسائٽي، جيون آرٽس پروڊڪشن ۽ ٻين تنظيمن پاران اسٽيج ڊراما ۽ موسيقي جا پروگرام ٿيندا هئا جنهن جي مختلف روزاني اردو ۽ سنڌي اخبارن توڙي رسالن ۾ شوبز رپورٽر طور رپورٽنگ ڪندو رهيو. جنهن سبب کيس سنڌ جي مختلف شهرن لاڙڪاڻو، سکر، شهدادپور، حيدرآباد، ڪراچي، ٽنڊو آدم، سانگهڙ ۽ نوابشاهه ۾ اسٽيج ڊرامن توڙي ايوارڊ تقريبن ۾ خاص طور مدعو ڪيو ويندو هو. سندس شاهڪار لکڻين ۾ صوفي شاهه عنايت شهيد، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح، حضرت سچل سرمست، سيد غلام رباني شاهه المعروف بٺو پير، مخدوم طالب الموليٰ، سرموڙ راڳي استاد منظور علي خان، استاد شادي فقير، فوزيه سومرو، غلام قادر لنجواڻي، خوشبو لغاري، اداڪار نديم ۽ ريما شامل آهن. جنهن سان کيس وڏي شهرت ملي. گڏو گڏ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٿيندڙ ادبي ۽ ثقافتي پروگرامن، مشاعرن، ڪتابن جي مهورتي تقريبن ۽ سرهي سانجهه وارن پروگرامن جو اکين ڏٺو احوال لکڻ تي کيس ڪيترائي ايوارڊ مليا. سندس مان ۾ ميرپورخاص آرٽس ڪائونسل ۾ 12 ڏينهن جو“ڪتابي ميلو” پڻ لڳايو ويو.حڪومت سنڌ، ثقافت کاتي، اقليتي معاملن واري وزارت ۽ وس وارن کي اپيل آهي ته پارومل پريمي جو پرڏيهه مان سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي حياتي بچائي وڃي، سندس 300 صفحن تي مشتمل ڪتاب “آتم ڪٿا” ڇپرائڻ جي مد ۾ خصوصي مالي سهڪار ۽ ثقافت کاتي پاران ماهوار وظيفو پڻ مقرر ڪيو وڃي.
سلطان احمد پيرزادو/ميرپورخاص
يڪتاري چپڙي جو بي تاج بادشاه
جلال چانڊيو سنڌي لوڪ موسيقيءَ جو هڪ اڏول نالو ۽ بي مثال فنڪار هو، جنهن 10 اپريل 1944ع تي نوشهروفيروز ضلعي جي ڳوٺ ٻٻر ۾ جنم ورتو. هن جو تعلق هڪ غريب گهراڻي سان هو، پر سندس شوق، جذبو ۽ ڪوششون کيس دنيا جي سڃاڻپ ڏيارڻ ۾ ڪامياب ويون. جلال چانڊيو پنهنجي منفرد انداز، سُريلي آواز، ۽ عوامي جذبن سان ڀرپور گيتن ذريعي سنڌي موسيقيءَ کي نئون اوج ڏنو. جلال چانڊيو جو زندگيءَ جو سفر هڪ عام ماڻهوءَ وانگر ٿيو. هن پنهنجي گيتن ۾ سنڌ جي ماڻهن جي محبت، درد، پيار، ۽ جدوجهد کي پيش ڪيو. سندس گيتن ۾ سنڌي ثقافت جا رنگ نمايان هئا. هو ڳوٺن جي ننڍن ميلن کان وٺي وڏن اسٽيجن تي به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندو هو ۽ هر هنڌ ماڻهن کان بيحد داد حاصل ڪندو هو. جلال چانڊيو جي چونڊيل شاعري ۽ گيت خاص طور تي دل کي ڇهندڙ هوندا هئا، جيڪي سماجي مسئلن ۽ انسانيت جي جذبي کي اجاگر ڪندا هئا. جلال چانڊيو نه صرف هڪ گلوڪار هو، پر سنڌي ثقافت جو ترجمان به هو. هن پنهنجي گيتن ۾ سنڌي عوام جي مسئلن، خاص طور تي غريب طبقي جي ڏکن ۽ خوشين کي اجاگر ڪيو. سندس مشهور گيت “دلبر دل ۾ رهندي”، “مون کي ڇڏي ويو” ۽ ٻيا ڪيترائي اڄ به عوام جي دلين ۾ زنده آهن. سندس آواز ۾ هڪ خاص ڪشش هئي، جيڪا ماڻهن کي سندس طرف ڇڪي وٺندي هئي. جلال چانڊيو جي وفات کي ڪيترائي سال گذريا ويا آهن اڄ به سنڌين دل ۾ ان جي لاءِ محبت زنده آهي. ڪنڌڪوٽ شهر کان 5 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي جلال چانڊئي جو يگانو عاشق محمد قاسم بنگوار هر سال جلال چانڊئي جي ورسي جي موقعي تي وڏو مچ ڪچهري ڪوٺائيندو آهي ان ۾ ڏور پند کان جلال چانڊئي جا شوقين شرڪت ڪندا آهن ۽ گيتن جي ڀيٽا پيش ڪندا آهن.
مسافر رفيق بنگوار /ڪنڌڪوٽ
عبدالجبار عاجز منگي جي شاعريءَ تي نظر
عبدالجبار عاجز منگيءَ جو شمار هاڻوڪي ٽهيءَ جي سٺن شاعر ۾ ٿئي ٿو، هاڻوڪي ٽهيءَ ۾ خاص ڪري غزل صنف ۾ جن جن سٺن تخليقڪارن پاڻ مڃايو آھي اُنهن ۾ سندس نالو به سٺو ۽ اهم آھي. عبدالجبار عاجز منگي پنهنجي شاعريءَ ۾ زندگيءَ جي داخلي توڙي خارجي ڪيفيتن کي تخليق ۾ سمائيندڙ شاعر آھي. عاجز منگيءَ جي تخليقن ۾ گهڻو ڪري درد، بي چيني ۽ سورن جا دفتر آھن جيڪي ڪجهه هن طرح اسان کي ملن ٿا.
زندگي ٿي سُڪل پَن جيان،
هر خوشِيءَ جي شڪل پَن جيان.
ڪا تمنا نه ماڻي سگهيُس،
آس مُنهنجي ڇَڻيل پَن جيان.
ڏٺو وڃي ته شاعري اندر جو احساس آهي، جنهن احساس کي عبدالجبار عاجز پنهنجي شاعريءَ ۾ سمايو آھي، احساس سان گڏ شاعريءَ جون فني فڪري گهرجون به پوريون رکيون آھن، جنهن جي ڪري سندس تخليق پڙھڻ کان پوءِ تخليق لڳي ٿي.
معصوم بدن تي هِن وحشت جون نگاهون،
لڄ، لوئي ۽ چادر تي جذبات رُني آ.
عبدالجبار عاجز جي شاعريءَ ۾ احساسن جذبن جي اُپٽار ٿيل آھي، هو ڌرتيءَ جي لوئي ۽ لڄ جو محافظ آھي هو جڏهن معصوم ڪوملتا جهڙي بدن تي وحشت ڀرين نگاهن کي ڏسي ٿو ته سندس جذبا رُئن ٿا.
بُک ۽ بدحاليءَ ڪري محروم ڇڏيون خواهشون،
۽ هٿن ۾ بيوسيءَ جا عڪس پسجن ٿا پيا.
شاعراڻي اک ڇا کي چئجو آھي؟ هي سوال تڏهن اُٿندو آھي جڏهن هڪ شاعر وٽ مشاهدي ۽ وسعت جي کوٽ هجي، ۽ هي سوال تڏهن به اُٿندو آھي جڏهن وسيع مشاهدي ۽ وسعت سان ڪو شعر سرجيل هجي، شاعراڻي اک هِن کي ئي چئبو آھي.
موت جا رقص ڏِسُ،
ڳوٺ ۽ شهر ۾
خون سان ئِي رتل،
بي گناهه شخص ڏِسُ،
ڳوٺ ۽ شهر ۾.
عبدالجبار عاجز منگي پنهنجي سموري شاعريءَ ۾ زميداريءَ سان نظر آيو آھي، هن پنهنجن شعرن، ۾ سادي انداز سان سماجي درد سان گڏ پنهنجي دل جي ڳالهه به سادگي سان بيان ڪري متاثر ڪيو آھي، جيڪو فن گهٽ ٿو ملي.
ناشاد شوڪت شنباڻي
تعليم جي اھميت
تعليم جيڪا اڄ جي دور م تمام ضروري بڻجي وئي آھي. تعليم وڏي منزل تي پھچائي سگھي ٿي. توھان کي تعليم حاصل ڪرڻ گھرجي، تعليم کي وڏي اھميت ۽ عظمت آھي. علم کان بغير ترقي نٿو ڪري سگھي. منھنجو لکڻ جو مقصد اھو آھي ته تعليم سان گڏو گڏ ھنر ھجڻ ضروري آھي. اسان پڙھي لکي وڏي منزل نوڪري حاصل ڪنداسين. انجنيئر يا ڊاڪٽر يا استاد يا ڪو به سٺو ھنر سکندئو توھان اھڙو ڪارو بار ڪري سگھو ٿا.رسول ڪريم صه جو فرمان آھي ته علم حاصل ڪرڻ ھر مسلمان تي فرض آھي. علم حاصل ڪيو ڇو توھان کي چين ڇو نه وڃڻو پوي. علم حاصل ڪيو پينگھي کان وٺي قبر تائين. علم ھڪ روشني آھي اسان جي لاءِ تعليم ضروري آھي تعليم سان گڏو گڏ ھنر به ضروري آھي.
زاھدحسين حسيني/ سرھاري
استاد جي درد ڪٿا
استاد ھڪ پيغمبري پيشو آھي جيڪو پنھنجي علم سان مستقبل جي معمارن کي وڏن وڏن عھدن، منزلن تائين پھچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري ٿو پر افسوس جو ساڻس اھو انصاف نه ٿو ٿئي جيڪو ٿيڻ گھرجي. ڪجھه ڏينھن اڳ منھنجي پرائمري جي دؤر جي دوست سان رستي ويندي اچانڪ ملاقات ٿي وئي جيڪو ھن وقت پرائمري استاد آھي. چيائين ته بنا پگھار جي ڪم ڪري رهيا آهيون. بنا پگھار جي؟ کائنس پڇيم. ھا يار مون سميت خيرپور ضلعي جي تعلقي ڪوٽڏجي جا سوين استاد مئي مھيني کان وٺي بنا پگھار جي ڪم ڪري رهيا آھن. اھو ٻڌي دلي صدمو پهتو. ان وقت منھنجي ذھن ۾ ٻنھي جھانن جي سردار جو ھڪ قول ذھن تي تري آيو ته پورھيت کي اجورو سندس پگھر سڪڻ کان پھريان پھريان ادا ڪرڻ گھرجي پر ھتي ته انڌير نگري چرٻٽ راجا وارو راڄ پيو ھلي. تعليم کاتي وارن ته حد ڪري ڇڏي آھي جو 08 مھينن کان وٺي نون ڀرتي ٿيل استادن کي پگھارن کان محروم رکيو پيا اچن. ڇا ڪڏھن انھن ھڪ گھڙي ويھي غور ڪيو ته بنا پگھار جي سندن گھر ڪيئن هلندو ھوندو؟ ھن اخبار جي ذريعي منھنجي وزير تعليم سنڌ، سيڪريٽري اسڪولز، ڊائريڪٽر اسڪولز سکر، ڊي اي او خيرپور ميرس ۽ استاد تنظيمن جي اڳواڻڻ کي گذارش آھي ته آءِ بي اي سکر جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن جون پگھارن جلد کان جلد جاري ڪيون وڃن ته جيئن اھي پنھنجون تدريسي سرگرميون بنا ڪنھن پريشانيءَ جي سرانجام ڏيندا رھن ۽ سندن ھر جائز شڪايتن جو ازالو پڻ ڪيو وڃي.
ستار سنڌي/ڪنب
سنڌ جي وسيلن جي مالڪي ڪريو
سنڌ صوبو قدرتي وسيلن سان مالامال آھي صوبي ۾ رھندڙ عوام غريب آھي. سنڌ مان تيل، گئس، ڪوئلو ۽ معدنيات سان گڏ زرخيز به آھي. زرعي لحاظ کان به شاھوڪار آھي ته ان سان گڏ بندرگاھ ۽ ڪراچي معيشت جو حب به سنڌ صوبي ۾ آھي. اسان سنڌ جي ڳوٺن ۽ شھرن تي نظر وجهنداسين ته اڄ جي جديد دور ۾ سنڌ جا ڳوٺ ۽ شھرن ۾ بنيادي سهولتون اڻ لڀ آھن. شھرن ۾ صفائي جو نظام ۽ ان سان گڏ روڊ رستا به خراب آھن. ڳوٺن ۾ صاف ۽ مٺي پاڻي، اسڪولن ۾ سھولتن جو نه ھجڻ، پاڻي جي نيڪال جو مسئلو، بجلي، گئس، صحت مرڪز ۽ روزگار جو مسئلا پڻ موجود آھن. اسان جيڪڏھن سنڌ جي انھن ڳوٺن ۽ شھرن جو جائزو وٺنداسين جتان گئس ۽ تيل نڪري ٿو ته ڇا انھن ڳوٺن ۽ ضلعن جي عوام کي روزگار ۽ بنيادي حق مليا آھن؟ سڀ بنيادي حق سهولتون موجود آهن؟ ته جواب آهي ته نه اهڙي ڪا به سهولت مليل نه آهي.
شفيق وساڻ/ڳوٺ جھنگو وساڻ
پر ڳالهه خوابن جي نڪتي…!
هن سماج ۾ جهڙي طرح ماڻهو پنهنجي زندگي گذارڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ ڪاروهنوار سان گڏ معاشري جي معاشي معاملن جو ساٿ نڀائن ٿا، زندگي هڪ انمول موقعو آهي، سٺي صحت سان زندگي هڪ بهترين جياپي ۾ تبديل ٿي ويندي آهي! اسان وٽ ته زندگيون گهاريون وڃن ٿيون، پر زندگي کي جياپو تڏهن ملندو آهي جڏهن زندگي گهارڻ دوران ٻين لاءِ مثبت سوچ سان ڪجهه ڪيو وڃي ٿو. ان لاءِ حوصلو ۽ بردباري انسان جي اهميت کي وڏو نکار آڻي ٿي. وزندار معيار لاءِ برداشت، بردباري کي وڏي اهميت هجي ٿي، اسان وٽ ته رواداري جي سهپ به ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهي آهي. زندگي جي جيئڻ ۾ جتي صحت جا مسئلا درپيش ٿين ٿا اتي انساني صحت جي بگاڙ جهڙا واقعا جنم وٺن ٿا، صحت ۽ سلامتي وڏي نعمت هوندي آهي، صحت خراب هجڻ سان انسان جي سڄي مشينري به خراب ٿي وڃي ٿي، جنهن سبب سوچ، فڪر، سمجهه تي به ڪافي ناڪارا اثر پون ٿا، جنهن ڪري انسان کي معاشري جي معاملن کان ڪافي حد تائين غافل بڻائي تنهائي پسند بڻائي ڇڏي ٿي ۽ تنهائي پسند جي زندگي جياپي سان جنگ هوندي آهي، جيڪو ان سوچ ۾ مبتلا رهي ذهني مامرن جي عتاب ٿي وڃي ٿو. نئين تحقيق موجب ته حساس طبيعت رکندڙ هڪ شخص سان اگر ڪير به ملاقات ڪندو آهي يا عيادت جي حوالي سان ساڻس ملڻ جلڻ ٿيندو آهي ته ان کان اتي پئسن جي گهر ڪئي ويندي آهي. ڪججه ڏينهن اڳ هڪ حڪيم طبيب جو وڃڻ ٿيو، جتي ٻن ڌرين جون ڳالهيون ٻڌيون. مريض موجب ته منهنجا هن شخص ڏي 3 لک روپيا آهن. جڏهن ته ٻئي ماڻهو چيو ته سائين هن شخص جي بيماري جو ٻڌي کائنس طبيعت معلوم (عيادت)ڪرڻ آيو آهيان هاڻي ته هن مون کي قرضي قرار ڏنو آهي. حڪيم ڳالهيون ٻڌي چيو ته ٻنهي جو ڪوبه ڏوهه ناهي فرق صرف “طبيعت ۽ صحت” جو معاملو آهي، انسان جي طبيعت صحت سان ڳنڍيل آهي، انسان جي صحت سٺي هوندي ته سڀ ڪم سٺا نظر ايندا، پر انسان صحت جي بگاڙجڻ سان سندس سڄو حليو مٽجي وڃي ٿو. ڪير ڪنهن جو قرضي ناهي، نه اوهان قرض کنيو آهي ۽ نه ئي هن شخص اوهان کي ڪو قرض وغيره ڏنو آهي، دراصل اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي صرف “خوابن جي دنيا” ۾ اوهان ڦاٿل آهيو. هي سڀ جو به ٿيو آهي اهو ڪمال هڪ “خواب ئي آهي”. خوابن جي تعبير سان نه بلڪ سٺي طبيب جي طب ۽ بهتر علاج سان زندگين کي جياپو ملندو آهي. حساس طبيعت جي ماڻهن ڏانهن وقت سر توجه ڏيڻ جي ضرورت هوندي آهي، کين صحت جون سهولتون مهيا ڪرڻ ۾ هرگز دير نه ڪرڻ گهرجي، اهو به سوچيو وڃي ته اهڙيون زندگيون گهاريندڙن کي هن معاشري جي حسين مسرت کان ڏور نه ڪيو وڃي.
ممتاز ملاح/خيرپورناٿن شاهه