اچو هڪ ٿيون سنڌو تي ڪئنال نامنظور

 

پنھنجي جا جنگ آ جاري, ٿيندي سا نيٺ سوڀاري. اگر جنگ جي ميدان ۾ اسان سڀ الڳ الڳ ٿي دشمن سان وڙهنداسين ته يقينن ھار اسان جي ٿيندي. سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙو لڳي چڪو آھي اسان ان جي لاءِ آواز الڳ الڳ پارٽين ۾ رھي ڪري اٿارينداسين ته ممڪن آھي اھي نتيجا نه نڪرن جيڪي اسان چاھيون ٿا. مان سنڌ ڌرتي سان محبت ڪندڙ ھر ان شخص کي عرض ڪيان ٿي جنھن جنھن ذھن ۾ دل ۾ سنڌ جي خوشحاليءَ جا خيال اڏام ڪن ٿا سڀئي ھڪ ٿيو. ٻڌي ۾ طاقت آھي پنھنجو پاڻ کي سنڌي قوم کي تقسيم ٿيڻ کان بچايو. اسين سنڌي آھيون سنڌ ۽ سنڌو جا وارث آھيون. اچو سڀ ھڪ ٿي ڪري ھڪڙو ئي آواز بلند ڪريون ته سنڌو اسان جو ساھ آھي ان تي ڌاڙو نامنظور آھي.

 

صدف ميمڻ /مانجھند

مارئي ايڪسپريس  ٽرين ۽ عوامي مشڪلاتون

 

ميرپورخاص کان کوڙاپار ريلوي سيڪشن جيڪو تمام قديم ۽ پراڻو سيڪشن آھي جنهن  تي راجا واري سڏرائيندڙ ٽرين کان ويندي وقتن بوقتن ڪافي ريل گاڏين جي آمد رفت جاري رھي آھي. جڏھن ڪوئلي واري ٽرين ھلندي ھئي ان وقت به صبح شام لڳ ڀڳ ٽوٽل چار وقت ريل گاڏين جا ھئا جھڙوڪر صبح جو 1up ٽرين، ڏينهن  جو 2down ٽرين، شام جو 5up ٽرين ۽ رات جو وري 6down جي نالن سان ٽرينون جاري رھيون. بعد ۾ مارئي پيسينجر ٽرين شروع ڪئي وئي جيڪا ڪڏهن  بند ته ڪڏهن  ٽريڪ تي بنا ٽائم ٽيبل جي ھلي پئي. ھن ٽريڪ تي شاھ لطيف ايڪسپريس ۽ مھراڻ ايڪسپريس ٽرينون پڻ ھلنديون ھيون جيڪي 27ڊسمبر 2007 ع تي محترما  جي شھادت ۾ ٿيل ريلوي جي نقصان جو جواز ڄاڻائي بند ڪيون ويون. جيڪي ھن وقت ڪراچي کان ميرپورخاص ھلي رھيون آھن. ھن قديم ريلوي سيڪشن تي  زيرو پوائنٽ،کوکڙاپار، واسل واھ، جالو چئونرو، پرچي جي ويري، نيو ڇور، ڇور ڇانوڻي، سومراسر. حانسيسر، ساڍر، ڍورونارو، فقير ترقو منڱريو (اڳوڻي ھيرل)، پٿوروجنڪشن، سائينداد، شادي پلي، عبدالله آباد، بلوچ آباد، جمڙائو جنڪشن توڙي جو ميرپورخاص اسٽيشنون شامل آھن ۽ ھن سيڪشن جي ارننگ به بھتر آھي ۽ ھيڏي وڏي رش ٿيڻ جي باوجود ھن ٽرين کي بنا ٽائم ٽيبل جي حيدرآباد کان روانو ڪيو وڃي ٿو جيڪا حيدرآباد کان کوکڙاپار سفر دوران صرف ٽي بوگيون کڻي نڪري ٿي ۽ ٽرين ۾ ڪنهن به ماڻهو کي جڳھ ملڻ محال ٿي چڪو آھي. ڪافي ساڃاھوندن ھر فورم تي آواز اٿاريو پر ڪير به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناھي. ھن ريلوي سيڪشن تي ملندڙ قدرتي ڪارائتين شين تي وفاق جي ڪنهن  تاڙ ۾ ويٺل باز جيان نظر کتل آھي پر عوامي تڪليفن تي ڪير به نظر ڌرڻ لاءِ تيار ناھي. اسان ريلوي جي وزير،ڊي ايس ڪراچي، اي او ميرپورخاص، حدن ۾ ايندڙ تڪن جي چونڊيل نمائندن سميت وس وارن کي گذارش ٿا ڪيون ته جلد نوٽيس وٺي حيدرآباد کان کوکڙاپار ھلندڙ مارئي پيسينجر ٽرين جو ٽائم ٽيبل درست ڪري ۽ گھٽ ۾ گھٽ ست کان اٺ بوگيون ڏئي مسافرن جو سفر آسان ڪرائي کيس پيش ايندڙ تڪليفن کان بچايو وڃي.

 

عبدالغني”عبد” آريسر / ڍورونارو

نڌڻڪي سنڌ !

 

استاد الله رکيو نندواڻي کي ڇو شھيد ڪيو ويو؟ نصرالله گڏاڻي کي ڇو شھيد ڪيو ويو؟ ڇا انھن جي قاتلن کي سزا ملندي؟ سنڌ ۾ ڪجھه وقت کان علم پکيڙيندڙ استادن ۽ سچ ڳالھائيندڙ صحافين کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو پيو وڃي. آخر ان پويان ڪنھن جا هٿ آھن؟ ڇا سندن قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پھچايو ويندو؟ سنڌ جي اتر طرف جتي رياست بيوس بڻيل آھي ۽ ماڻھو مارڻ، اغوا ڪاري، ايتري قدر عورتن ۽ ٻارڙن کي به اغوا ڪري ڀنگ طلب ڪيو ويندو آھي جنھن لاءِ سوشل ميڊيا کي استعمال ڪيو ويندو آھي چاهي ڪنھن کي ڌمڪي ڏيڻ يا ڀتو طلب ڪرڻو هجي. انسان جي سڀ کان وڌيڪ تذليل اسلامي جھموريه پاڪستان ۾ ڪئي ويندي آھي. اڳي پاڻ ڏسندا هئاسين جانورن ۽ پکين جو شڪار ٿيندو هو پر هاڻي ڪنڌڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ گھوٽڪي ۾ انسانن جو شڪار ڪيو پيو وڃي آخر ظلم ڪيستائين برقرار رهندو؟ سنڌ جي اتر طرف امن ٿي سگھي ٿو؟ ڌاڙيلن جا سھولتڪار ڪير آھن؟ ٻڌايو پيو وڃي ته ڌاڙيلن وٽ هٿيار افغانستان کان آيل آھن. ڇا بارڊر تي سنڌ پوليس يا فورسز مقرر آھي؟ هن بدامني خلاف اعليٰ ادارا ڇو خاموش آھن؟

 

اياز بلوچ/تنگواني

 

مراڪش حادثو، خوابن جو قتل‎

 

زندگي جي هر موڙ تي انسان پنهنجن خوابن کي حقيقت ۾ بدلائڻ لاءِ جتن ڪندو رهي ٿو، پر ڪڏهن ڪڏهن اهي خواب هڪ اهڙو الميو بڻجي وڃن ٿا، جيڪو نه رڳو فردن پر سڄي سماج جي اجتماعي شعور کي لوڏي ڇڏيندو آهي. مراڪش جي ويجهو ٻيڙيءَ جو حادثو هڪ اهڙو ئي الميو آهي جيڪو انساني اسمگلنگ جي لعنت ۽ ان سان جڙيل انساني محرومين جي انتها کي ظاهر ڪري ٿو. هي حادثو نه رڳو انهن ماڻهن لاءِ درد جو ڪارڻ بڻيو جيڪي بهتر مستقبل جي تلاش ۾ پنهنجا سڀ اثاثا وڪڻي پنهنجي جانين کي خطري ۾ وجهي ان سفر تي روانا ٿيا پر انهن لاءِ به هڪ انتباھ آهي جيڪي انساني زندگين کي رڳو هڪ واپاري جنس سمجهي پنهنجن مفادن لاءِ استعمال ڪن ٿا. جاچ مان اها ڳالھه سامهون آئي آهي ته انساني اسمگلنگ ۾ ملوث هڪ عورت غلام فاطمه، جيڪا پنهنجي پٽن سان گڏجي هن ڏوهن جي دنيا ۾ شامل هئي، ڪيترن ئي بيگناھ ماڻهن کي پنهنجي رستا روڪ جو شڪار بڻايو. هوءَ جيڪا هڪ ماءُ هجڻ جي حيثيت ۾ انساني محبت ۽ حفاظت جو مثال بڻجي سگهي ٿي، پاڻ ئي انساني زندگين جي خريدوفروخت ۾ شامل هئي. سينيگال کان شروع ٿيندڙ هي سفر، جيڪو موريطانيا ۽ مراڪش کان ٿيندو اسپين جي هڪ ٻيٽ تائين پهچائڻ وارو هو، ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ زندگي جي آخري سفر ثابت ٿيو.  حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان ڪاروائيون ۽ جاچ ڪرڻ ضروري آهي، پر ڇا هي سڀ ڪجھه ڪافي آهي؟ ڇا اسان هڪ اهڙو سماج بڻجي چڪا آهيون، جتي انسانن جا خواب رڳو هڪ واپار بڻجي وڃن ٿا؟ ڇا اسان کي انهن حالتن کان سبق سکڻ لاءِ وڌيڪ حادثن جي ضرورت آهي؟ انساني اسمگلنگ جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ صرف قانوني ڪاروائيون ڪافي نه آهن. ان لاءِ هڪ اخلاقي انقلاب جي ضرورت آهي، جيڪو ماڻهن کي سندن ذميواريون سمجهائي ۽ انهن کي انسانيت جي حقيقي معنيٰ سان واقف ڪرائي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن انساني قدر ۽ محبت جو شعور ختم ٿي وڃي ته پوءِ انساني سماج ۾ ڪجھ به باقي نه بچندو.

 

ڊاڪٽر عبدالخالق جانوري

 

ھڪ عُمر جو ظلم ٻيو چالان مھانگا

 

اسان جي ملڪ ۾ بيروزگاريءَ جو راڪاس ڦيرا ڏئي رھيو آھي. بيروزگارن جو تعداد ته ڳڻپ کان ٻاهر آهي. وري پنڻ وارن جو به تعداد انگن ۾ شمار ڪجي ته انگ ختم ٿي ويندا پنڻ وارا نه کٽبا. ان جو سبب اڻ کٽ بيروزگاري آھي. جڏھن ٻار پرائمري اسڪول ۾ داخلا وٺندو آھي، ته سندس عمر پنج سال ھوندي آھي ۽ پاس ڪرڻ وقت ڏھن سالن جو ٿي ويندو آھي. مئٽرڪ ۽ انٽر مڪمل ڪندي سترھن سالن جو ٿي ويندو آھي. يونيورسٽي ۾ داخلا وٺندي ارڙھن سالن جو ۽ گريجوئيشن مڪمل ڪندي 22 جو ۽ جيڪڏھن بدقسمتيءَ سان آخري سال ۾ سپلي لڳي وڃيس ته 23 سالن جو ٿي ويندو آھي. سرڪار طرفان مقرر ڪيل عمر 28 سال آھي، جڏھن ته رعايتي عمر به مختصر عرصي جي لاءِ لاڳو ڪئي ويندي آھي. فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ جي لاءِ عمر به 17 کان 23 سالن تائين ھوندي آھي. جيڪڏھن 23 سالن کانپوءِ ڪو اڳتي پڙھڻ چاھي ته ائين سمجھي ته کيس نوڪري ملڻ جو امڪان گھٽ آھي. ھاڻي نوجوان اڳتي پڙھي يا نوڪري حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. نوجوانَ اھو سوچيندي سوچيندي ذھني مريض بڻجي چڪا آهن. ملڪ ھلائيندڙ عھدن تي ويٺلن جي عمر سٺ سالن کان مٿي آھي، پر 28 سالن کان وڏي عمر وارو شاگرد سي ايس ايس يا ڪميشن جي امتحان ۾ ويھڻ جي قابل ناھي. ٻيو ته ڪميشن ۽ چٽاڀيٽيءَ جو امتحان ھر سال نه ٿو ورتو وڃي. انھن جي نتيجن ۾ پڻ ڪيترو ئي عرصو لڳي وڃي ٿو. حڪومت کي گھرجي ته عمر ۾ رعايت ڏئي ڪري، سنڌ جي نوجوانن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي ۽ 28 سال مقرر ڪيل حد تي نظرثاني ڪري وڌائي وڃي، جيئن سنڌ جا جوان وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪري سگھن. نوڪرين جي اپلائي ڪندڙ چالان جي قيمت گھٽ مقرر ڪئي وڃي، ٽيسٽن ۽ انٽرويوز کي مڪمل شفاف ۽ نج ميرٽ تحت بڻائي حقدارن کي حق ڏياريو وڃي.

 

طارق راڄپر/ سڪرنڊ

 

گورنمينٽ ھاءِ اسڪول بچل خاصخيلي ۾ بنيادي سهولتن جي اڻهوند

 

ڪوٽ غلام محمد جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول بچل خاصخيلي يوسي جوارياسر 01 (ڪئمپس اسڪول)  ضلعو ميرپورخاص جو قديمي اسڪول 1980ع ۾ ڳوٺ جي چڱي مڙس وڏيري خيرمحمد خاصخيلي جي وڏين  ڪوششن سان ٺھي تيار ٿيو.  جنھن ۾ ٻه کان ٽي يوسين جا سوين شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم پرائي رهيا آهن. جنھن مان ڪيترائي شاگرد ۽ شاگردياڻيون پڙھي ڊاڪٽر، انجنيئر، وڪيل، استاد ۽ ٻين مختلف کاتن ۾ اعليٰ عھدن تي فائز آھن پر بدقسمتي سان هي اسڪول چونڊيل نمائندن جي نااهلي سبب انتظاميه جي نظرن کان پري رهيو آهي. هن اسڪول ۾ شاگردن کي ڪا به بنيادي سهولت ميسر ناهي، نه پيئڻ جو صاف پاڻي آهي، نه شاگردياڻين جي لاءِ واش روم آهي، اسڪول جو وقت تي مرمتي ڪم نه ٿيڻ سبب ڪيترائي دفعا ڇت جا چاپڙ ڪريا آھن. جنهن ڪري شاگردن ۽ استادن کي هر وقت جاني نقصان جو خطرو آهي. انهي خطري سبب شاگرد جي انرولمينٽ به گهٽ ٿي رهي آهي، جڏهن ته اسڪول ۾ ٽيچنگ اسٽاف جي پنجاھ سيڪڙو کوٽ آهي جنهن سان پڻ شاگردن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي ۽ نان ٽيچنگ اسٽاف ۾ صرف هڪ ملازم موجود آهي پر انتظاميه طرفان هن اسڪول کي هميشه نظرانداز ڪيو ويو آهي. تعليم جي وزير سردار علي شاھ، ڊائريڪٽر سيڪنڊري ميرپورخاص ۽ علائقي جي چونڊيل نمائندن کي اها اپيل ٿا ڪريون ته خدارا سجاڳ ٿي تعليم دشمن رويو ختم ڪري گورنمينٽ هاءِ اسڪول بچل خاصخيلي تي نظرثاني ڪئي وڃي ته جيئن علائقي جا غريب شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪري سگهن ۽ علم جهڙي زيور سان سرشار ٿين.

 

نويد جان خاصخيلي/ڳوٺ بچل خاصخيلي

 

وزيراعليٰ سنڌ کي انصاف لاءِ اپيل‎

 

سنڌ حڪومت جي زراعت کاتي ۾ واٽرمئنجمنٽ ۾ ڪم ڪندڙ سب انجنيئر 20 سال گذرڻ بعد به ساڳي ئي گريڊ ۾ ڪم پيا ڪن، جيڪا سراسر ناانصافي آهي. پاڪستان جي سروسز رول تحت تمام ملازمن کي هڪ جهڙائي جي بنياد تي برابري جو حق حاصل آهي پر جڏهن ته  سنڌ حڪومت جي گهڻن کاتن جي سب انجنيئرز جي پگهار  سنڌ حڪومت جي ئي مختلف کاتن جي ملازمن کان به الڳ آهي۽ افسوس ته ڪافي انهن سب انجنيئرز جي پگهار مختلف کاتن جي هڪ گريڊ جي پٽيوالي کان به گهٽ آهي. انهن سب انجنيئرز کي نه Pay Protection ڏنو پيو وڃي نه ئي سندن سروس ڪائونٽ ڪئي پئي وڃي، نه ئي ڪو پروجيڪٽ الائونس، نه ڪو فيلڊ الائونس، نه ئي ڪو حڪومت طرفان سن ڪوٽا تي عمل ڪيو پيو وڃي. 20 سالن جي سروس  دوران ڪافي ملازم هن فاني جهان کي به ڇڏي چڪا آهن پر انهن لاءِ ڪنهن قسم جي پئڪيج جو اعلان ناهي ڪيو ويو. سنڌ جي مختلف کاتن جي سب انجنيئرز کي قانون تحت 10 سالن بعد اوارڊ گريڊ ڏئي 16 اسڪيل ۾ اپ گريڊ ڪيو ويو آهي، پر زراعت کاتي جي سب انجنيئرز کان  اڃا تائين ان ئي 11 اسڪيل ۾ ڪم  ئي ڪم ورتو پيو وڃي، جيڪا منطق سمجهه کان ٻاهر آهي ته آخر ڇو هڪ ئي صوبي ۾ ساڳي پوسٽ لاءِ الڳ الڳ اسڪيل ۽ گريڊ آهن؟ جڏھن ته 20 سالن کان نوڪري ڪندڙ ساڳي گريڊ ۾ پيا ڪم ڪن جيڪا ناانصافي آهي. هن اپيل ذريعي وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ سيڪريٽري زراعت کي عرض آهي ته مهرباني ڪري جيئن سنڌ جي ٻين کاتن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن کي پڪي ڪرڻ بعد  تمام مراعتن سميت انهن جي سروس جو پيريڊ انهن سروس ۾ شامل ڪيو ويو آهي، ائين ئي انهن ملازمن کي به سروس پيريڊ سميت سڀ مراعتون ڏئي ملازمن ۽ سندن خاندان مان به بي چيني ختم ڪئي وڃي.

 

عبدالحميد لغاري/ دادو

 

پ پ سجاول  قيادت جا شيرازي گروپ کان رستا ڌار

 

دڙي ۾ ڀٽي جي سالگرھ لاءِ  ٿيل پروگرام ضلعي ۾ سياسي ڌرين ۾ ھلندڙ سياسي تڪرار کي چٽو ۽ ظاھر ڪري ڇڏيو آھي. پروگرام بعد ٻنھي ڌرين جا حامي سوشل ميڊيا تي ھڪ ٻئي  جي سامھون ٿي بيھي رھيا آھن. ارباب ھائوس تي ٿيل پروگرام جي اھم ڳالھه عاشق علي زرداري جي شرڪت ھئي. ھونئن ته انھي تي اچرج نه ٿيڻ گھرجي ھا پر گذريل ڪجھه وقت کان ٺٽي ۽ سجاول جي سياسي حلقن ۾ اھا ڳالھه عام آھي يا ماحول ٺاھڻ لاءِ اھا ڦھلائي وئي آھي ته عاشق علي زرداري کي ايندڙ اليڪشن ۾  سجاول مان صوبائي تڪ تان بيھاريو ويندو. انھي سيٽ جي قرباني تازو پ پ ۾ شامل ٿيندڙ ۽ ٺٽي۔سجاول ۾ عوام جي خدمت طور سڃاتو ويندڙ شيرازي گروپ کي ڏيڻي پوندي. جنھن تان پ پ ۔ شيرازي قيادت ۾ گھڻي وقت کان تڪرار ھلندڙ ھو.  پروگرام جي ٻي اھم ڳالھ ته شيرازي گروپ جي ڪنھن به اڳواڻ توڙي ڪارڪنن ھن  سياسي پروگرام ۾ شرڪت نه ڪئي.شيرازي گروپ جي غير موجودگي بعد اھا ڳالھ ڪليئر ٿي وئي آھي ته  شيرازي گروپ جي نه چاھڻ ۽ سفارتي ڪوششن ۽ ذاتي تعلقات استعمال ڪرڻ باوجود پ پ جي اعلئ سطحي قيادت اھو فيصلو ڪري ڇڏيو آھي ته عاشق علي زرداري کي ھر حال ۾ سجاول جي ڪنھن تڪ مان بيھاريو ويندو. شيرازين به روايتي بھادري جو مظاھرو ڪندي “absolutely not” چئي پروگرام جو بائيڪاٽ ڪري پ پ جي اعليٰ قيادت کي سڌو پيغام ڏنو ته “ڌارين جي لوڌ نامنظور”. حالتن جو غور سان جائزو ورتو وڃي ته اڳتي ڇا ٿيڻ پيو وڃي. ھن وقت  گھڻيون شيون چٽيون ۽ صاف نظر اچي رھيون آھن ته  شيرازين ۽ پ پ جي اعليٰ قيادت (مقامي قيادت جي  عوام وٽ  ڪابه حيثيت ناھي) جا تعلقات ھاڻي اڳ جھڙا ناھن رھيا. شيرازين جون پاڙون عوام ۾ ھئڻ سبب انھن کان پنھنجا شرط مڃائڻ ايترو آسان نه ھو. جنھن بعد پيپلزپارٽي شيرازين کي ڪائونٽر ڪرڻ لاءِ  پھرين شيرازي گروپ کي پ پ ۾ شامل ڪرايو ۽ ضلعي ۾ ڀاڱي ڀائيوار بنايو جنھن بعد شيرازي گروپ جي نوجوان قيادت عوام کي وڌيڪ ويجھو ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا توڙي جلسن جلوسن ذريعي سياسي  مھم تيزڪئي وئي. ايندڙ اليڪشن ۾ جيڪڏھن ڌرين ۾ ٺاھ نه ٿو ٿئي ته شيرازي گروپ پنھنجو سياسي مستقبل بچائڻ لاءِ  PTI طرز جي جارحاڻي سياست ڪندي اليڪشن مھم دوران جلسن جلوسن ريلين ۽ سوشل ميڊيا توڙي عوامي گڏجاڻين ۾  “ڌاريا ڀڄايو ۔ سجاول بچايو“ يا ”ڌارين جي غلامي نامنظور“  جھڙا نعرا متعارف ڪرائي اليڪشن مھم ھلائي ته ان ۾ ڪو شڪ ڪونھي ته شيرازي ھڪ ڀيرو ٻيھر عوام جو ڌيان ڇڪائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا.

 

اَحِسان عيسٰي ٻِجُورو

تاريخ جو ”بدترين“ پاڻي معاھدو

 

حصو پهريون

 

سنڌو طاس معاھدو 19 سيپٽمبر 1960ع ۾ عمل ۾ آيو، جنھن تي انڊيا جي وزيراعظم جواھر لال نھرو ۽ پاڪستان جي ان وقت جي ڊڪٽيٽر ايوب خان صحيحون ڪيون. جنھن تحت 3 درياءُ بياس، ستلج ۽ راوي مڪمل طور انڊيا حوالي ڪيا ويا، باقي سنڌو، چناب ۽ جھلم پاڪستان لاءِ ڇڏيا ويا. بقول سنڌ جي آبپاشي ماھرن جي ته ان فيصلي ۾ سنڌ کان پڇيو به نه  ويو، ڇاڪاڻ ته ان دور ۾ ون يونٽ تحت صوبن جي حيثيت ئي ختم ڪيل ھئي. اھڙي معاھدي بعد پنجاب ڊيمن ۽ لنڪ ڪئنالن جي صورت ۾ پنھنجي زمينن کي ته آباد ڪرڻ لاءِ سڀ وسيلا استعمال ڪري ويو پر نقصان سنڌ کي ٿيو جو سنڌو درياء کي ڀريندڙ ٽن وڏن دريائن جو پاڻي اسان کان کسجي ويو. ھاڻي جڏھن انڊيا ٻيھر سنڌو طاس معاھدي ۾ نرميون ڪرائي وڌيڪ پاڻي کڻڻ لاءِ سازشون ڪري رھيو آھي ته پنجاب مستقبل ۾ پاڻ کي محفوظ ڪرڻ ۽ سنڌ جي حصي جو پاڻي کڻڻ ۽ ٻيڻون سنڌ جون زمينون به پنھنجي ادارن  کي ڏيارڻ لاءِ نون ڪئنالن تي لھي آيو آھي. 1991ع ۾ سنڌ جو وڏي وزير ڄام صادق علي ھو، سنڌ جو آبپاشي وزير شايد مراد علي شاھه (موجوده وزير اعلي’ نه) ھو. سنڌ جو سيڪريٽري آبپاشي محمد عالم بلوچ ھو. پنجاپ وزير اعليٰ غلام حيدر وائين ھو. پاڪستان جو وزير اعظم نواز شريف ھو. 16 مارچ 1991ع تي سڀني پاڻي معاھدو ڪيو. ان معاھدي تي سڀني جشن ملھايا ته سئو سالن کان وٺي پنجاپ ۽ سنڌ جي وچ ۾ پاڻي معاملي تي ھلندڙ ”تڪرار“ ھن معاھدي سان ختم ٿي ويو ۽ آئينده ھرڪو پنھنجي حصي جو پاڻي پنھنجي مرضي سان بنا ڪنھن رڪاوٽ جي استعمال ڪري سگھندو. ان معاھدي موجب سڀني درياھن جي پاڻي مان سنڌ ۽ پنجاپ سميت سڀني صوبن جو ”حصو“ مقرر ڪيو ويو. پنجاب جو حصو 55.94 سيڪڙو، سنڌ 48.76 سيڪڙو، سرحد صوبو 5.78 سيڪڙو ۽ بلوچستان 3.87 سيڪڙو حصي جا حقدار ڄاڻايا ويا. ان معاھدي کان پوءِ پنجاب کي اھو قانوني حق حاصل ٿي ويو ته اھو پنھنجي حصي ۾ آيل تقريبن 56 سيڪڙو دريائي پاڻي پنھنجي صوبي اندر ڪھڙي به طريقي سان استعمال ڪري سگھي ٿو ان تي سنڌ يا ڪنھن ٻئي صوبي کي اعتراض ڪونه ٿيندو. ان معاھدي کان پوءِ پھريان کان نڪتل چشما جھلم لنڪ ڪئنال يا تونسا پنجند لنڪ ڪئنال پنجاپ بنا ڪنھن رنڊڪ جي جنھن وقت چاھي وھائي سگھندو، ان کان اڳ اھي ڪئنال وھائڻ کان اڳ پنجاپ سنڌ کان اجازت نامو وٺڻ جو پابند ھو. 1991ع واري پاڻي معاھدي کان پوء پنجاپ پنھنجي اھڙن علائقن ۾ نوان واھ کوٽڻ جو سلسلو شروع جيڪي اڳ ۾ دريائي آبپاشي واري نظام کان محروم ھئا. اتي پوکي راھي جو دارومدار برسات تي ھوندو ھو يا وري زيرزمين پاڻي تي. پنجاپ اندر آبپاشي جا اھي نوان ۽ جديد نظام ” وفاقي بجيٽ“ مان واپڊا طرفان شروع ٿيا. پنجاب جي صوبائي بجيٽ مان انھن منصوبن تي ٽڪو به خرچ ڪونه ٿيو. انھن نون آبپاشي منصوبن مان فيضياب ڪير ٿيا؟ اھو سوال اھم ته آھي مگر ان جو جواب ڄاڻندي به ڪو ڪونه ڏيندو. جيستائين ڪنھن باراني يا غيرآباد علائقي ۾ مستقل دريائي آبپاشي جو نظام ڪونه ھوندو آھي ته اتي زمين جي مالڪي جو ڪو ريڪارڊ به ڪونه ھوندو آھي. مقامي آبادي اڪثر ھڪٻئي جي احترام ۾ ھڪٻئي جي زير قبضه زمين ۾ مداخلت ڪونه ڪندي آھي ۽ اھا زمين ان جي ملڪيت ليکبي آھي جنھن جو ان تي قبضو ھوندو آھي. پر ”سرڪاري ريڪارڊ“ اھڙيون زمينون ” سرڪاري ملڪيت“ لکيل ھونديون آھن. عام ماڻھو کي ڪو پتو ڪونه ھوندو آھي ته 10-20 سالن کان پوء ھنن زمينن لاءِ ”سرڪار“ ڪھڙا منصوبا جوڙيا آھن. مگر سرڪار جي اندر ويٺل ” سرڪاري ماڻھن“ کي سڀ خبر ھوندي آھي ته ڪٿي ڪيتري زمين پئي آھي ۽ ان زمين تا نڪرندڙ واھن يا رستن کان پوءِ ان جي ”مارڪيٽ ويليو“ ڪيتري ٿيندي؟1991ع وارو پاڻي معاھدو ڪرائيندڙ ” وڏي سرڪار“ اھي سڀ منصوبا معاھدي ڪرائڻ کان به گهڻو وقت اڳي ٺاھيو ويٺي ھئي. غيرآباد علائقن جو زمينون ” سرڪاري ريڪارڊن“ ۾ انھن جي نالي ٿي چڪيون ھيون، بس حجت پوري ڪرڻ لاءِ ” قانوني خانه پري“ جي ضرورت ھئي جيڪا مناسب وقت تي ڪئي وئي. 1991ع جي پاڻي معاھدي کان يڪدم پوءِ پھرين مرحلي ۾ پنجاپ جي 4 ضلعن، ۾ 17.5 لک ايڪڙ غيرآباد زمين ۾ جديد ترين آبپاشي نظام ”گريٽر ٿل ڪئنال“ منصوبي جي نالي تي شروع ٿي ويو. بظاھر اھو ڪم سال 2000ع کان شروع ٿيو. اڳ ئي تعمير ٿيل چشما جھلم لنڪ ڪئنال جي وچ ۾ ھيڊ ريگيوليٽر ٺاھي جديد ترين پڪن واھن، شاخن ۽ مائينرز جو ڄار تيز ترين رفتار سان وڇائجڻ شروع ٿي ويو.

اعجاز ممنائي/نوشهروفيروز