صدر ٽرمپ: غير روايتي قيادت ۽ عالمي تبديليون
آمريڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو، صدر ٽرمپ هڪ غير روايتي سياستدان طور سامهون آيا آهن، ۽ اهو ئي عنصر سندن سياست ۽ حڪومت کي منفرد بڻائي ٿو. ٽرمپ جي قيادت نه رڳو آمريڪي روايتي سياسي ڍانچي کي چئلينج ڪري ٿي پر انهن جا فيصلا عالمي سطح تي گهرا اثر وجھڻ جي صلاحيت رکن ٿا. سندن ٽيم ۾ شامل ايلون مسڪ جهڙا انقلابي سوچ رکندڙ فرد پڻ هڪ نئين حڪمرانيءَ جي طرز جو اشارو ڏين ٿا، جيڪو جدت، ٽيڪنالاجي ۽ معيشت کي غير معمولي طريقي سان اڳتي وڌائي سگهي ٿو. جيڪڏهن ٽرمپ حڪومت 4 سال برقرار رهي ٿي ته اها آمريڪا ۽ پوري دنيا ۾ وڏين تبديلين جو پيش خيمو بڻجي سگهي ٿي. سندن غير روايتي حڪمرانيءَ جو فائدو اهو ٿي سگهي ٿو ته پراڻن ۽ جامد نظامن کي جنجهوڙيو وڃي ۽ نيون جدتون آنديون وڃن، جيئن ايلون مسڪ جي ڪمپنين معيشت ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڪيو آهي. پر ان سان گڏوگڏ، اهو خطرو به موجود آهي ته انقلابي فيصلا اڻڄاتل نتيجن جو سبب بڻجي سگهن ٿا، جهڙوڪ عالمي لاڳاپن ۾ بيچيني يا اندروني سطح تي غيريقيني صورتحال. ان کان علاوه، اهو به غور طلب آهي ته ٽرمپ ۽ سندن ٽيم جو رجحان جذباتي بيانين کي فروغ ڏيڻ ڏانهن وڌيڪ آهي، جيڪو عوام ۾ فوري حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ فائديمند ٿي سگهي ٿو، پر ان جا ڊگھي مدي وارا اثر ڇا ٿيندا، اهو چوڻ اڃا وقت کان اڳ آهي. جيڪڏهن سندن حڪومت پنهنجين پاليسين ۾ توازن برقرار رکي ۽ مضبوط بنيادن تي فيصلا ڪري، ته اها نه رڳو آمريڪا پر پوري دنيا ۾ ترقي ۽ استحڪام جو سبب بڻجي سگهي ٿي.
علي رضا سومرو /ڪراچي
سنڌ حڪومت کي ڪڻڪ جي امدادي قيمت چار هزار مقرر ڪرڻ گهرجي
پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي ۽ زراعت ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي حيثيت رکي ٿي. ملڪ جي لڳ ڀڳ ستر سيڪڙو آبادي جي روزي روٽي جو دارومدار زراعت سان سلهاڙيل آهي. سنڌ ۾ زراعت جي شعبي کي هميشه نظر انداز ڪيو ويو آهي جنهن ڪري غريب هارين کي پنهنجي زرعي جنسن جو مناسب اگھه نه ٿو ملي ۽ گذريل ڪجھه سالن کان مسلسل سنڌ جا هاري تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن. 2022ع وارين برساتن جي ڪري سندن تيار فصل ۽ مال بلڪل تباهه ٿي ويا جنهن جي نقصان جو پورائو اڃا تائين ناهي ٿي سگهيو ۽ ٻيو ته گذريل سال اونهاري جي شديد گرمي جي ڪري وونئڻن جي فصل کي به ڪافي نقصان پهتو. 2024ع ۾ عين ان وقت ڪڻڪ ٻاهران گهرائي وئي جڏهن ملڪ ۾ ڪڻڪ جو فصل لھڻ وارو هو پر وافر مقدار ۾ ڪڻڪ موجود هئڻ جي ڪري سرڪار ڪڻڪ هارين کان خريد ڪرڻ ۾ ڪا به دلچسپي نه ڏيکاري جڏهن ته هارين کي مهانگي اگھه تي ڊي اي پي ۽ يوريا ڀاڻ خريد ڪرڻو پيو هو تنهن ڪري گذريل سال به غريب هارين کي تمام گهڻو مالي نقصان برداشت ڪرڻو پيو هو. ڪجھ ڏينهن اڳ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته هن دفعي به ڪڻڪ جي سيزن لاءِ ڪڻڪ جو امدادي اگھه مقرر نه ڪيو ويندو. اهڙو حڪمنامو صوبن کي به جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري ملڪ جي غريب هارين ۾ ڳڻتي جي لهر ڇانئجي وئي آهي. ڇو ته جيڪڏهن ڪڻڪ جي خريدار کليل مارڪيٽ ذريعي ڪئي وئي ته پوءِ هارين کي مناسب اگھه نه ملندو ۽ فائدو صرف ذخيره اندوزن ۽ واپارين جو ئي ٿيندو. تنهن ڪري سنڌ حڪومت کي گذارش ٿي ڪجي ته گهٽ ۾ گهٽ اها ته ڪڻڪ جي امدادي قيمت پنج هزار في مڻ مقرر ڪري ته جيئن سنڌ جا غريب هاري پنهنجي ٻچن جو پيٽ گذر ڪري سگهن ۽ پريشاني کان بچي سگهن.
حسن وساڻ / ڳوٺ جهنگو وساڻ
حوا لنڊ انصاف گهري ٿئي
حوا لنڊ ۽ سندس خاندان سخت سردي ۾ بي يار و مددگار – انصاف جو منتظر آهي، حوا جا گهر مسمار ڪيا ويا، جنهن سبب هوءَ پنهنجي معصوم ٻچن سميت کليل آسمان هيٺ سخت سردي ۾ بي يارو مددگار ويٺي آهي. ظالم هٿن هن غريب عورت جي ڇت کسي ته ڄڻ جيئري ئي انهن کي عذاب ۾ وجهي ڇڏيو. ٻارڙا ٿڌ ۾ ڏڪي رهيا آهن، عورتون پناهه لاءِ در در تي وس آهر هٿڙا کڻي بيٺيون آهن، پر ڪو به سندن دانهن ٻڌڻ وارو ناهي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخر حوا جهڙيون غريب عورتون ڪڏهن تائين ظلم جي چڪيءَ ۾ پيسجنديون رهنديون؟ ڇا بيوس ماڻهن لاءِ هن معاشري ۾ ڪا جاءِ ناهي؟ حوا ۽ سندس خاندان بنا ڏوھ جي عذاب ۾ آهن، سندن ڪا مدد ڪرڻ لاءِ نه ڪو سرڪاري ادارو سامهون آيو آهي، نه ئي ڪو بااثر شخص سندن واهر لاءِ تيار آهي. حوا ۽ سندس خاندان کي فوري طور متبادل رهائش فراهم ڪئي وڃي. سخت سيءَ ۾ بي گهر ماڻهن لاءِ هنگامي مدد جو بندوبست ڪيو وڃي. انهن مظلومن سان ٿيل ناانصافيءَ جو ازالو ڪيو وڃي ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. حوا ۽ سندس معصوم ٻار اڄ به اميد سان ويٺا آهن ته شايد ڪو انهن جي مدد لاءِ اڳتي اچي. اسان سڀني کي انساني همدرديءَ جي ناتي، سندن واهر ڪرڻي پوندي، جيئن ڪو به غريب بنا ڇت جي سخت سردي ۾ تڪليف نه سهي.
ابراهيم لنڊ/ڪلوئي شهر
سوشل ميڊيا جي دؤر ۾ اخبار جي اھميت
موجوده دؤر سوشل ميڊيا ۽ سائينس ٽيڪنالاجي جو آھي. ٽيڪنالاجي پنھنجي ترقي سان سڄي دُنيا کي گلوبل وليج يعني ھڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آھي. ٽيڪنالاجي جي مدد سان مختلف ايپليڪيشنس تيار ڪيون ويون آھن جن جي مدد سان ماڻھو ھر حوالي سان ڄاڻ حاصل ڪري سگھي ٿو پر ان جي باوجود به اسين اخبار جي اھميت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. اڄ آءٌ پنھنجي ڪالم ۾ به ڪجھه اھڙي ئي موضوع جي چونڊ ڪئي آھي جيڪا اخبار سان سلھاڙيل آھي. اخبار سان منھنجو تعلق لڳ ڀڳ ٽيھه يا ان کان به مٿي ٿيندو. مون کي چٽي طرح ياد آھي ته جڏھن آءٌ 90 جي ڏهاڪي ۾ پرائمري اسڪول ۾ ٽين يا چوٿين درجي ۾ پڙهندو ھيس ته بابا سائين استاد محمد مراد کوکر جيڪي ان وقت منھنجا استاد به ھئا پاڻ مون کي ۽ ڪلاس جي ٻي ڪنھن وڏي شاگرد کي رسيس دوران اسان جي اسڪول کي ويجھو پوندڙ شھر ڪنب ڏانھن اخبار خريد ڪرڻ لاءِ موڪليندا ھئا کيس اخبار جو وڏي شدت سان انتظار ھوندو ھو. اسين ٻئي ڄڻا شھر مان روزاني جي بنياد تي اخبار خريد ڪري ايندا ھئا سين پوءِ بابا سائين اھا اخبار اسڪول ۾ ڪنھن واندڪائي جي وقت پڙھي وٺندا ھئا نه ته اڪثر ڪري گھر پھچي ڪري پوءِ باقاعدگيءَ سان اخبار جو مطالعو ڪندا ھئا. آءٌ به پنھنجي والد جيان اخبار پڙھڻ جو تمام گھڻو عادي بڻجي ويو آھيان. بلڪ آءٌ پنھنجن ننڍڙن ٻارن کي پڻ اخبار جو مطالعو ڪرائيندو آھيان ته جيئن کين ملڪي ڄاڻ به ملي سگھي ۽ سندن سنڌي ٻول تي به مھارت ٿئي. ڪڏھن سوچيندو آھيان ته ڄڻ ته اخبار اسان کي ڪا ورثي ۾ ملي ھجي توڙي جو ھن وقت سوشل ميڊيا پنھنجي عروج تي آھي ۽ لڳ ڀڳ ھر عمر جو ماڻھو ان جو استمعال به ڪري رھيو آھي پر ان جي باوجود به اخبار جي اھميت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. ڪاليج جي زماني ۾ آء تعمير سنڌ اخبار خريد ڪندو ھيس ڇاڪاڻ ته ان ۾ ملڪي ۽ بيروني خبرن سان گڏوگڏ مزاحيه خبرون، ٽوٽڪا وغيره شامل ھوندا ھئا پر ھاڻي مزاحيه ٽوٽڪن سان گڏوگڏ سنجيده خبرون ۽ ڪالم روزاني جي بنياد تي پڙھندو آھيان. فجر جي نماز پڙھڻ کانپوءِ آء روزاني جي بنياد تي وقت جي تقاضا مطابق سافٽ ڪاپيءَ ۾ ھڪ اڌ اخبار جو مطالعو ڪري وٺندو آھيان. پر جيستائين ھارڊ ڪاپيءَ ۾ اخبار نه پڙھان تيسين تائين دلي سڪون نه ملندو آھي. ڪاليج ۾ پنھنجي تدريسي فرائض سرانجام ڏيڻ کان پوءِ ڪجھ وقت اخبار ۽ ڪجھه وقت نصابي ۽ غير نصابي ڪتابن کي پڻ ڏيندو آھيان جنھن ڏينھن اخبار جو مطالعو نه ڪيان ته ڄڻ ان ڏينھن صفا مزو ئي نه ايندو آھي. اخبارن پڙھڻ مان اسان کي تمام گهڻي ڄاڻ ملندي رھي ٿي پوءِ اھا تعليمي حوالي سان ھجي يا سياسي، سماجي، تاريخي ۽ شوبزنس وغيره. مونکي چڱيءَ طرح ياد آھي ته 2005عيسوي ۾ جڏھن آءٌ شاعرن جي سرتاج شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي نالي سان منسوب يونيورسٽي خيرپور جي پاڪستان اسٽڊيز ڊپارٽمينٽ ۾ ايم اي پريوئيس سائيڊ کان داخلا ورتي ان ڏينھن کان وٺي آءٌ اخبار جو مطالعو باقاعدگيءَ سان ڪرڻ شروع ڪيو ڇاڪاڻ ته منھنجو سبجيڪٽ به تاريخ، ثقافت، جاگرافي، ٻولي ۽ آئين وغيره سان سلهاڙيل آھي. ان ڪري مون کي اخبار جي ضرورت وڌيڪ محسوس ٿيندي آھي. بيروزگاريءَ جي دؤر ۾ آءٌ انھن اخبارن جو مطالعو وڌيڪ ڪندو ھيس جنھن ۾ نوڪرين جا اشتھار وڌيڪ ھوندا ھئا. شاگردن، شاگردياڻين ۽ ٻين سبجيڪٽ وارن کي به اھا وقت به وقت صلاح ڏيندو آھيان ته اخبار جو مطالعو وسيع ڪيو ۽ ان مان خاص خاص ڳالھين کي پنھنجي ڊائري ۾ نوٽ ڪيو يقين ڄاڻيو ته اخبارن مان حاصل ڪيل ڄاڻ اوھان کي ڪميشن جي امتحان ۽ ٻين ٽيسٽن ۾ وڏو فائدو پھچائيندي ۽ گڏوگڏ ھن ڪالم جي حوالي سان آءٌ اخبارن جي مالڪان ۽ ايڊيٽرن صاحبان کي نماڻي گذارش ڪندس ته اڄڪلهه اخبارن ۾ جيڪي خبرون وغيره لڳن ٿيون انھن کي غلطين کان پاڪ ڪيو وڃي ته جيئن اخبارن جي اھميت ۽ افاديت تي ناڪاري اثر نه پون.
ستار سنڌي/ڪنب
مخدوم محمد زمان طالب المولى
سنڌ، علم ۽ ادب جي ميدان ۾ هميشه پنهنجي تاريخي ورثي تي ناز ڪندي رهي آهي ۽ ان ورثي ۾ مخدوم محمد زمان طالب المولىٰ جو نالو املھه هيرن وانگر چمڪندو نظر اچي ٿو. مخدوم محمد زمان نه رڳو هڪ روحاني اڳواڻ هو، پر هڪ اديب، شاعر ۽ سياسي مفڪر جي حيثيت ۾ به پنهنجي دؤر جي نمائندگي ڪندو رهيو. مخدوم محمد زمان طالب المولىٰ جي ادبي سفر جو آغاز ننڍپڻ ۾ ئي ٿيو، جڏهن هن سنڌي ۽ فارسي زبان ۾ مهارت حاصل ڪئي. شاعريءَ سان سندس عشق، خاص طور تي غزل ۽ ڪافي جي صنف ۾ هن کي هڪ منفرد حيثيت بخشي. سندس تخلص “طالب المولىٰ” ان جذبي جو اظهار هو جيڪو علم ۽ فڪر جي ڳولا ۾ هميشه سرگرم رهيو. 1936ع ۾ هالن ۾ “انجمن علم و ادب” جو بنياد رکي، مخدوم محمد زمان سنڌي ادب جي ترقي لاءِ هڪ نئون باب کوليو. “بزم طالب المولىٰ”، “اداره روح ادب سنڌ” ۽ ادبي رسالن جهڙوڪ “فردوس” ۽ “روح ادب” سندس تخليقي ذهن جا مثال آهن، جن جي ذريعي ڪيترن ئي نوجوان ليکڪن ۽ شاعرن کي پنهنجي صلاحيتن کي نروار ڪرڻ جا موقعا مليا. مخدوم صاحب جي شاعري فني ۽ فڪري لحاظ کان منفرد آهي. “ديوان طالب المولىٰ” ۾ هن شاعري جي صنفن کي هڪ نئون رخ ڏنو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي حروفن ۾ اضافي ذريعي نئين تجربن کي آزمايو. علمي خدمتن جي اعتراف ۾ کيس “تمغه پاڪستان”، “هلال امتياز” ۽ “شاھ لطيف اوارڊ” جهڙا اعزاز ڏنا ويا. مخدوم طالب المولىٰ سياست ۾ به سنڌ جي حقن جو پاسدار رهيو. پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينئر وائيس چيئرمين جي حيثيت ۾ ون يونٽ جي مخالفت ۽ ايم آر ڊي تحريڪ ۾ سندس ڪردار ناقابل فراموش آهي. مخدوم محمد زمان طالب المولىٰ، 11 جنوري 1993ع تي وفات ڪري، هالا ۾ پنهنجي اباڻي درگاهه ۾ مدفون ٿيو. پر سندس فڪر، شاعري ۽ خدمتون هميشه لاءِ سنڌ جي علمي ۽ ادبي خزاني جو حصو بڻجي ويون آهن.
ڊاڪٽر عبدالخالق جانوري/ لقمان خيرپور
سنڌ سرڪار کي ڏات ڌڻي نومي ملڪ جي امداد جي اپيل ڪجي ٿي
اسان جي سماج ۾ ڪي اسپيشل انسان اھڙا به آھن جن تي نظر نٿي پوي يا گهٽ پوي ٿي انهن ۾ ڪي گونگا ته ڪي ٻوڙا ته ڪي معذور ڏسڻ ۾ ايندا. انهن اسپيشل پرسن ۾ وري انهن مان گهڻا قدرتي ڏات سان نوازيل ھوندا آھن. جن ۾ ڪي راڳي، ڪي مختلف ھنرن جا ڄاڻو، ته ڪيترا نابين ھوندي اندر جي روشنيءَ سببان استاد، ڪلام پاڪ جا حافظ، مختلف ساز وڄائيندڙ، رانديون رھندڙ، شاعر ۽ شاعريون پڙهندڙ ھلندي گھمندي ڏسڻ ۾ ايندا. اھڙن باوقار ۽ باعزت خاص شخصن مان ڪنڌڪوٽ ڪشمور جو بهترين فنڪار آر جي نومي ملڪ R G Nomi Malk پنهنجي قدرتي ڏات سان نوازيل ڏسڻ ۾ ايندو. ھو دنيا کي پنهنجي اندر جي روشنين سان ڏسي ۽ پرکي ٿو ۽ پنهنجي زندگي عزت توڙي وقار سان گھارڻ پسند ڪري ٿو. ڪٿي راڳ جي محفل ۾ کيس دعوت ملي ٿي ته پاڻ ان دعوت ۾ گذر سفر توڙي شوق ۽ ٻين کي خوش ڪرڻ خاطر شريڪ ٿي پنهنجي عاليشان فن جو مظاهرو ڪري دنيا کي حيران ڪري ڇڏي ٿو. نومي ملڪ پنهنجي اکين جي نابيني جي پرواھ نه ڪندي قدرتي طور نوازشن سان زماني کي ڏسندي پنهنجي زندگيءَ جي ڏک سک وارين حالتن ۾ وھنوار جاري رکيو اچي پوءِ ڀلي ڪڏھن کيس لنگهڻو به ڇو نه سمھڻو پئجي وڃي. ھو عزت ۽ وقار کي اوليت ڏيندڙ خدا جو نيڪ ٻانهو ڏسجي ٿو. سندس گهڻي قدر احساس نه ڪيو ويو آھي ان کي ڏسندي انساني ناتي ايترو ضرور خيال ڪري سگهجي ٿو ته سنڌ حڪومت يا سرنديءَ وارن کي ھن ڏات ڌڻي جي ڪفالت ڪرڻ سندس سرڪاري سطح تي اکين جي نور جي روشني سان گڏ مالي مدد ڪرڻ لاء ڌيان ڇڪائيندي اپيل ڪجي ته “ڪنڌڪوٽ” واسي اسپيشل پَرسن نومي ملڪ فنڪار جي امداد ڪري سندس جياپي کي ڪنهن حد تائين سهل بڻايو وڃي.”
منظور ڪالرو
هڪ چٺي وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي نالي
جيئن ته سائين مان ڏاڍو غريب ۽ مسڪين آهيان منهنجو والد مرحوم اياز لغاري يوسي داد لغاري ۾ نائب قاصد هو جيڪو تاريخ 21. 11. 2021 تي ڊيوٽي دوران ئي فوت ٿي ويو. جنهن جي پينشن مان اسان کي هڪ رپيو به نه مليو آهي. اسان گھر ۾ چار ڀاتي آهيون اسان جو ڪمائي جو ڪو به ذريعو نه آهي سواءِ پينشن جي. سائين جن کي ادب جا هٿ ٻڌي عرض ٿو ڪريان ته منهنجي والد مرحوم اياز علي جي پينشن جا پئسا اسان کي يوسي داد لغاری مان يا وري گورنمنٽ جي پاليسي سان ضلعي ڪائونسل گھوٽڪي کان وٺي ڌياريندا ته نهايت شڪر گذار رهنداسين.
امتياز علي لغاري/ داد لغاري
3 ڀيرا ڪميشن امتحان لکت ۾ پاس ۽ انٽرويو ۾ فيل ٿيندڙ نوجوان
شاھ رخ علي ڪيريو سڪرنڊ شهر جي ھڪ ننڍي ڳوٺ تلي سان تعلق رکي ٿو، جنھن جو والد صاحب ھڪ چوڪيدار ھو، وسيلا ۽ آسائشن نه ھوندي ھو پنھنجي تعليم کي ترجيح نه ڏئي سگھيو، پر ھن پنھنجي اولاد کي پڙھائڻ ۾ ڪا به ڪسر ڪونه ڇڏي جنھن جو نتيجو اوھان جي سامھون شاھ رخ ڪيريو جي صورت ۾ موجود آھي، سندس والد جو خواب ھو ته شاھ رخ ڊاڪٽر ٿئي مگر پاڪستان ۾ ميرٽ جي لتاڙ جي ڪري ھو پوئتي رھجي ويو. بي ايس سي جي شروعات زرعي يونيورسٽي مان ڪئي جتي پلانٽ بريڊنگ اينڊ جينيٽڪس شعبي ۾ داخلا ورتي ۽ ڪامپيٽنٽ رھيو، پروجيڪٽس ھجن يا ھيڪ جي ٽيم ھر وقت اڳ ڀرو رھيو، پوري بي ايس سي ۾ ٽاپ ٿري ۾ پڻ رھيو ۽ مجموعي پوزيشنون حاصل ڪيون. يونيورسٽي جي ٻئي سال ئي شاھ رخ ڪيريو Range forest ( officer-Bps-16) جي لاءِ هڪ ڪميشن پاس ڪئي پر ان جي انٽرويو ۾ فيل ڪيو ويو، ان کان پوءِ ھن PARC Bahawalpur ۾ ڪميشن سٺن نمبرن تان پاس ڪئي اتي به انٽرويو ۾ ميرٽ نه ھجڻ ڪري فيل ڪيو ويو. تازو ئي SPSC جي ذريعي ايگريڪلچر ايڪسٽينشن ونگ ۾ ايگريڪلچر آفيسر جي لکت واري امتحان ۾ 70 مارڪون کنيون پر حسب روايت شاھ رخ کي انٽرويو م فيل ڪري 33 ۽ 37 مارڪون کڻندڙ شاگردن کي ايڪسٽينشن آفيسر جي پڳ پارائي وئي. ھينئر شاھ رخ ڪيريو اوٿل بلوچستان ۾ ھڪ سيڊ ڪمپني ۾ cotton breeder جون ذميواريون نڀائي رھيو آھي ۽ پنھنجي گھر وارن کي سپورٽ ڪري رھيو آھي. اسان جون دعائون اوھان سان گڏ آھن، ھڪ ڏينھن اوھان جي والد جا خواب حقيقت ۾ تبديل ٿيندا.
ساجد علي ڪيريو/سڪرنڊ
آن لائن سيڙپڪاري ۾ نقصان
آن لائين رِسڪي ڊالرز ۾ انويسٽمينٽ ڪرائيندڙ TMT-NFT لِنڪ بند ٿي وئي. پئسه لڳائيندڙ ميمبرز جا سوَن کان ويندي لکين ڊالرز ٻُڏي ويا. اهڙيون کوڙ ساريون غيرقانوني لنڪس يا ايپليڪيشنز آهن جن تان پاڻ ته ڪنهن به ناجائز يا جائز طريقي سان ڪمايو آهي. باقي انويسٽرز ميمبرز جي مالي حوالي سان تڏا ويڙھ ٿيو ٿي وڃي. ڇو جو اڪثر نوان ميمبر شامل ٿيڻ تي هزارين ۽ لکين روپيه لڳائين ٿا ۽ ايپ بند ٿيڻ تي اهي پئسه ٻُڏي وڃن وٿا. جڏهن ته باقي Treasure NFT رهيل آهي. جيڪا پنهنجي ميمبرز کي في الحال سُٺا نوٽ ڪمائي ڏئي رهي آهي. ڏسئون ٿا ته اُن جو ايندڙ وقت ۾ ڇا ٿو ٿئي. جڏهن ته انهن اپيليڪيشنز مان ٽيم ليڊر ڪمائيندو آهي. يعني علائقي ۾ جيڪو پهرين لنڪ کڻي ايندو آهي. اُن جي جام ڪمائي ٿيندي آهي. اُنهن کي به گهرجي ته جلد پنهنجا پنهنجا ڊالرز وڌيڪ ڪڍرائي ڇڏين. باقي نوان انويسٽرز 30 ڊالر لڳائين يا 100 ڊالر يا وري مٿي هزارين ڊالرز لڳائين اُهي هاءِ ليول جي رِسڪ تي بيٺل هوندا آهن. سو نوجوان ۽ بزرگ سوچي سمجهي پنهنجو نالو ناڻو لڳائين يا ڪنهن verified يا پنهنجي مُلڪ ۾ Eligible ايپ يا ٽريڊنگ جي ڪمپني تي انويسٽ ڪن. نه ته پنهنجي ئي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ مختلف ڪاروبار جي شروعات ڪن.
بادشاھ جان / گاجي کهاوڙ