عالمي سطح تي لڳندڙ وڏا ميلا‎

 

دنيا ۾ ڪيترائي وڏا ميلا ٿيندا آهن، جيڪي ثقافتي، مذهبي يا تفريحي مقصدن لاءِ مشهور آهن. هيٺ ڪجهه مشهور ميلا ۽ انهن ۾ شامل ٿيندڙ ماڻهن جو انگ ڏنل آهي:1. ڪمڀ ميلا (ڀارت) مقصد: مذهبي. شريڪ ٿيندڙ ماڻهن جو انگ: 50 ملين کان وڌيڪ، تفصيل: هي ميلو هندوازم جو سڀ کان وڏو مذهبي اجتماع آهي، جيڪو هر 12 سالن کان پوءِ 4 مختلف شهرن ۾ ٿيندو آهي. 2. هاجي اجتماع (بنگلاديش). مقصد: مذهبي. شريڪ ٿيندڙ ماڻهن جو انگ: 5 ملين کان وڌيڪ. تفصيل: هي دنيا جي سڀ کان وڏن اسلامي اجتماعن مان هڪ آهي، جيڪو هر سال ٿيندو آهي. 3. ريو ڊي جينيرو ڪارنيول (برازيل) مقصد: ثقافتي/ تفريحي. شريڪ ٿيندڙ ماڻهن جو انگ: 2 ملين کان وڌيڪ روزانو. تفصيل: هي ميلو موسيقي، ڊانس، ۽ رنگين لباسن سان مشهور آهي. 4. اوڪٽوبر فيسٽ (جرمني). مقصد: ثقافتي. شريڪ ٿيندڙ ماڻهن جو انگ: 6 ملين کان وڌيڪ. تفصيل: هي دنيا جو سڀ کان وڏو بير فيسٽيول آهي، جيڪو ميونخ ۾ ٿيندو آهي. 5. چيني نئون سال (چين). مقصد: ثقافتي. شريڪ ٿيندڙ ماڻهن جو انگ: ڪروڙين ماڻهو جشن ملهائين ٿا. تفصيل: چيني نئون سال پوري چين ۽ دنيا جي مختلف حصن ۾ شاندار نموني سان ملهايو ويندو آهي. 6. پامپلونا جو بُل رننگ فيسٽيول (اسپين). مقصد: ثقافتي. شريڪ ٿيندڙ ماڻهن جو انگ: 1 ملين کان وڌيڪ. تفصيل: هن ميلي ۾ ماڻهو هلندڙ ساننن سان گڏ ڊوڙيندا آهن، جيڪو خاص طور تي ايڊوينچر لاءِ مشهور آهي. 7. گليسٽن بيري فيسٽيول (برطانيا). مقصد: موسيقي. شريڪ ٿيندڙ ماڻهن جو انگ: 200,000 کان وڌيڪ. تفصيل: هي دنيا جو سڀ کان وڏو ميوزڪ ۽ آرٽس ميلو آهي. 8.حج  (سعودي عرب). مقصد: مذهبي. شريڪ ٿيندڙ ماڻهن جو انگ: 2 ملين کان وڌيڪ هر سال. تفصيل: حج اسلام جو پنجون رڪن آهي، جنهن ۾ مسلمان هر سال شامل ٿين ٿا. هي ميلا انساني سماج جي مختلف رنگن ۽ ثقافتن جي نمائندگي ڪندا آهن، ۽ هر ميلو پنهنجي منفرد حيثيت ۽ اهميت رکي ٿو.

 

الھڏنو راهمون/ سجاول

واهن ۽ شاخن جي ساليانه بندي ۽ ايريگيشن ڊپارٽمينٽ

 

سنڌ ۾ ٻارنهن ماهه وهندڙ واهه ۽ شاخون مرمتي ۽ ٻي ضروري ڪم ڪار جي ڪري سال ۾ هڪ دفعو مهيني کن لاءِ بند ٿينديون آهن، پر اڪثر ڏٺو ويو آهي ته جنهن مقصد جي بنياد تي واهن، شاخن کي بند ڪيو ويندو آهي، اهي سڀ سبب مقصد 90 سيڪڙو ساڳيائي رهندا آهن. اهو ضرور ٿيندو آهي ته سفيد ڪاغذن جا پيٽ ڀريا ويندا آهن، نه ٿيل ڪمن کي به مڪمل ڄاڻايو ويندو آهي. ڳرا بل پاس ڪري پئسا هڙپ ڪيا ويندا آھن پوءِ ڪامورا پيٽ تي هٿ هڻي وڏيون اوڳرايون ڏيندا ۽ پاڻ کي تاحيات هن کاتي جي خدمت لاءِ سياسي ماڻهن جي اوطاقن کي درگاهون سمجهي ڀيٽائون ۽ دعائون گهرندا رهندا آهن. واهن، شاخن ۾ گند، ڪچري جا ڍير، مورين، ريگيوليٽرن ۾ سلٽ جا تهه چڙهي ڀٽن جا ڏيک ڏيندا آهن، گهٽ گهيڙ واهن شاخن جا ٽٽل ئي رهجي ويندا آهن. رڳو ريگيوليٽرن جي درن کي ڪنهن ڪاري تيل سان مکيو ويندو آهي. بندي جي آخري ايام وارن ڏهاڙن ۾ بيلدار ويچارن کي اڻ ڏٺل سائيڊن تي جنگي محاذ تي ويندڙ سپاهين جيئن روانو ڪيو ويندو آهي. آخر ۾ ايريگيشن ڊپارٽمينٽ سڀ OK جو سرٽيفڪيٽ ٺاهي واهن، شاخن کي کولي ڇڏيندا آهن، ويچارا ڊپارٽمينٽ جا ماڻهو ڏاڍا ٿڪل پيا محسوس ٿيندا آهن، ڇا ڪن؟ مجبورن يارھن مهينا آرام لاءِ، پنهنجي پنهنجي گهرن ڏي آرسون موڙيندا روانا ٿيندا آهن، ڇا ڪجي؟ هن ڊپارٽمينٽ جي ماڻهن کي جيڪي پوءِ لٺيون هڻن سان به سجاڳ نه ٿي سگهندا آهن. وري ڪڏهن ته هي ماڻهو واهن، شاخن تي ڪنهن سڻڀي پراجيڪٽ اچڻ تي (اهڙو سهانو خواب ڏسڻ) تي ڪچڙي ننڊ مان به اٿي واهن، شاخن جي دورن تي نڪري پوندا آهن. شال سنڌ جو خير هجي.

 

محمد قاسم چانڊيو

سنڌ جو مزاحمتي شاعر محمد ابراهيم منشي

 

سنڌ امن پيار ۽ محبت جي ڌرتي آهي ۽ ان ڌرتي تي گهڻا ئي شاعر، اديب، مفڪر ۽ فنڪار ٿي گذريا آهن. پر انهن ۾ مزدورن، هارين ۽ غريب ماڻهن جو دل ۾ درد رکندڙ هڪ بهترين شاعر محمد ابراهيم سومرو قلمي نالو محمد ابراهيم منشي هو جنهن جي شاعري ۾ سنڌ سمايل آهي. سندس شاعري رومانس واري هجي يا انقلابي پر سنڌ سان محبت ۽ پيار شامل هوندو آهي. هو تمام بهترين انسان سان گڏوگڏ سنڌي ٻوليءَ جو بهترين شاعر ۽ اديب پڻ هو. سندس جنم 15 جنوري 1934ع تي، جانڻ سومرو ٽنڊي محمد خان، ضلعي حيدرآباد سنڌ ۾ ٿيو. هن پنهنجي شاعري جا ست ڪتاب لکيا. سندس ننڍڙي عمر ۾ هڪ صدمو اهو به مليو ته هو جڏهن 9 سالن جو هو ته ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ وقت سندس والد وفات ڪري ويو سندس خاندان جون سموريون ذميواريون مٿس اچي ويون جڏهن هو نوجوان هو. هو ٻهراڙي جو عام سادي طبيعت رکندڙ ماڻهو هو جنهن کي ڪا وڏائي نه هئي سندس شاعري ۾ اهڙي قسم جي ٻولي استعمال ٿيل آهي جنهن کي سنڌ جا ماڻهو آساني سان سمجهي سگهن ٿا. سنڌ جي هن مزاهمتي شاعر ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين انهيءَ ذميواريءَ جي ڪري هن پرائمري سطح تائين تعليم ڇڏي ڏني، اعليٰ تعليم لاءِ اڳتي نه وڌي سگهيو ۽ پڙهائي ڇڏي محنت مزدوري ڪرڻ لڳو. ابراهيم منشي جو والد هڪ محب وطن شاعر هو، تنهن ڪري ابراهيم منشي کي شاعري ورثي ۾ ملي. هو پنهنجي وقت جي ڏکين حالتن کان به ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ 1949ع ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪيائين. پنهنجي والد جي استاد استاد علي محمد ”سپاهي“ جي نگرانيءَ ۾ تيرهن سالن جي عمر ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪيائين. هن شاعريءَ جي هر شعبي ۾ پاڻ کي آزمايو. هن پنهنجي شاعري ۾ پورهيت، غريب ۽ مسڪين ماڻهن کي بيان ڪيو آهي. 1960ع ۾ شيخ اياز جي انقلابي شاعريءَ کان ڏاڍو متاثر ٿيو، سندس شاعري 1965ع کان 1966ع تائين ماهوار رسالي ”روحان“ ۾ شايع ٿي. سندس شاعري جو پهريون مجموعو ” پيغام مظلوم “ 1970 ﻉ ۾ ڇپيو، قومي شاعري جي ڪري جيل ۾ به واڙيو ويو، سندس شاعريءَ جي ٻين مجموعن ۾ ﮔﻮﻧﺪﺭ ﻭﻳﻨﺪﺍ ﮔﺬﺭﻱ، ﮄﺭﺗﻲ، ﺩﻳﻦ، ﮄﺭﻡ، ڌونري ڏﻳﻨﻬﻦ ڌاڙا، ﺍﮐﺮ ﺍﮐﺮ اک وغيره شامل آهن. ابراهيم منشي سنڌي ٻوليءَ جو نامور شاعر هو. هن شاعري جا ڪتاب لکي سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ شهرت ماڻي. لاڙ جو ناميارو سنڌي شاعر محمد ابراهيم منشي کي ٻه ڀيرا دل جو دورو پڻ پيو جنهن جي ڪري هو پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ ڊگهي علالت بعد 31 جولاءِ 2003ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو ماهر هئڻ ڪري سنڌ جي ثقافت کاتي سندس آواز ۾ لطيف جو ڪلام رڪارڊ ڪرايو. سندس چوڻ هو ته ماڻهو شاعري کي گهٽ پسند ڪن ٿا  ميوزڪ کي وڌيڪ پسند ڪن ٿا تڏهن هن ڳائڻ پڻ سکيو ۽ البم به ڪڍيا، هن کي جاگيردارن ۽ سرمائيدارن سان شديد نفرت هوندي هئي سندس پنهنجي زندگي ۾ ڪا به مراعات حاصل نه ڪئي نه ئي ڪنهن سرڪاري عهدي تي رهيو. مزاحمتي شاعر جو وڏو نالو هو جنهن کي ايندڙ نسلن تائين ياد رکيو ويندو.

 

سيد مختيار علي / لاڙڪاڻو

 

تعليم جا جاڳندڙ خواب

 

اسلام آباد ۾ ڪانفرنس ۾ ڇوڪرين جي تعليم تي بحث عروج تي هو.

ملالا جذباتي آواز ۾ چيو: “هر ڇوڪري کي اسڪول وڃڻ جو حق آهي!

سامعين ۾ هڪ سياستدان پنهنجو فون چيڪ ڪندي مسڪرائي چيو، “حق ته آهي، پر بجيٽ؟”

ٻئي پاسي

چندوُ گوڙ ۾ اعلان ڪيو، “تعليم اسلامي اصولن ۾ شامل آهي!”

سامهون ويٺل هڪ صحافي سرگوشي ۾ چيو، “پر اھو عملي اصولن ۾ نه؟”

تقريب جي پڄاڻي تي هرڪو عزم سان گڏ واپس ويو،

پر مائيڪ تي آخري جملي گونجيو:

“تعليمي خوابن لاءِ بجيٽ جا جاڳندڙ اصول!”…..

 

ڊاڪٽر عبدالخالق جانوري

 

پرڏيهه مان ايندڙ رقم ۽ پاڪستان

 

جيڪا رقم پرڏيهي مزدور پنهنجي ملڪ اماڻيندا آهن ان کي اردو ۾ ترسيلات زر چيو ويندو آهي. گذريل ٻن ڏهاڪن دوران برآمداتي آمدني سست رفتاري سان وڌي رهي آهي، جڏهن ته پرڏيهي سرمايو ۽ سيڙپڪاري جا وهڪرا گهٽجي رهيا آهن. پوئين حڪومتن ترسيلن تي ڀاڙيو آهي ته جيئن درآمد کي وڌائي معاشي واڌ کي هٿي ڏني وڃي. هلندڙ مالي سال پاڪستان لاءِ خوشخبري کڻي آيو آهي، ڇو ته ترسيلون 13.4 ارب ڊالر کان وڌي 17.8 ارب ڊالر تائين پهچي ويون آهن. اهو پاڪستان لاءِ جشن جو لمحو بڻجي ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف قوم کي، خاص طور تي اوورسيز پاڪستانين کي مبارڪباد ڏني ۽ انهن جو شڪريو ادا ڪيو. مارڪيٽ ماهرن ترسيلن ۾ هن واڌ کي رسمي بئنڪنگ چينلز ذريعي ڪيتريون ئي سببن سان ڳنڍيو آهي، جيئن ته غير قانوني ڪرنسي واپار تي پابنديون، افغانستان ڏانهن اسمگلنگ جو خاتمو، ايڪسچينج ڪمپنين تي سخت ڪنٽرول، ايڪسچينج ريٽ جو استحڪام ۽ تازن سالن ۾ خاص طور تي نوجوان آءِ ٽي پروفيشنلز جي ملڪ کان ٻاهر مزدوري لاءِ وڌندڙ هجرت وغيره. اهو سمجهيو وڃي ٿو ته جيڪڏهن ترسيلون اهڙي رفتار سان جاري رهيون ته پاڪستان 35 ارب ڊالر جي آمدني جو هدف حاصل ڪري سگهي ٿو. اهو پڻ سمجهيو وڃي ٿو ته ترسيلون سالانو 60 ارب ڊالر تائين وڌي سگهن ٿيون. حڪومت کي گهرجي ته صنعتي ۽ زرعي پيداوار ۾ واڌ لاءِ حڪمت عمليون تيار ڪري ته جيئن برآمدات ۾ اضافو ٿئي.

 

سينگار علي وساڻ/خيرپورميرس

 

لاڙڪاڻي شهر جو مشهور  استاد ۽ عالم قاضي عبدالرزاق عباسي

 

سنڌ جي سرزمين تي ڪيئي عظيم انسان پيدا ٿيا آهن جن پنهنجي سموري زندگي انسان ذات جي ڀلي لاءِ وقف ڪري ڇڏي. اهڙن عظيم انسانن مان بهترين استاد ۽ باعمل ديني عالم استاد قاضي عبدالرزاق عباسي به هڪ آهي. هي ذات جا ” عباسي / ڪلهوڙا “ هئا، پر سندن وڏن کي قضا جو عهدو مليل هو، جنهن ڪري هي سمورو خاندان ”قاضي“ جي لقب سان سڏيو ۽ سڃاتو وڃي ٿو، جيڪو علمي، ادبي، ديني ۽ سماجي حوالي سان تمام گھڻو مشهور معروف خاندان آهي. سندس والد مولوي قاضي عطا محمد جي لکت موجب سندن نسب حضرت عبدالله بن عباس رضي الله عنه سان وڃي ملي ٿو. انهيءَ شجري ۾ هن پاڻ کي سنڌ جي ڪلهوڙي حڪمران ميان محمد سرفراز بن ميان غلام شاھ ڪلهوڙي جو اولاد ڄاڻايو. سندن شجرو هن ريت آهي: ”قاضي عطا محمد ولد قاضي محمد عثمان ولد ميان نور احمد ولد ميان رازق ڏنو ولد ميان رانول شاھ ولد ميان محمد سرفراز ولد ميان غلام شاھ ڪلهوڙو واليءِ سنڌ.“ هن خاندان مان قاضي ميان محمد عثمان عباسي هڪ مشهور بزرگ ٿي گذريو آهي، جنهن جو جنم 1813ع ڌاري مديجي شهر ۾ ٿيو ۽ کيس ٽالپرن جي دور ۾ قضا جو عهدو مليو. هو 1872ع ڌاري آيل ٻوڏ سبب مديجي شهر مان لڏي مسوديرو شهر ۾ وڃي رهيو. پنهنجي وقت جو نه رڳو عالم فاضل شخص هو پر فارسيءَ جو شاعر به هو.  استاد قاضي عبدالرزاق عباسي 77 ورهين جي ڄمار ۾ خميس جي ڏينهن، تاريخ 17 ربيع الاول 1402ھ مطابق 14 جنوري 1982ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ هن فاني جھان کي الوداع ڪري، پنهنجي مالڪ حقيقيءَ سان وڃي مليو. سندس مزار لاڙڪاڻي شهر ۾ ذوالفقار باغ جي ڀرسان ڪبير شاھ قبرستان ۾ آهي.   استاد عبدالرزاق عباسيءَ جي هڪ شادي لاڙڪاڻي جي لاڙڪ ذات مان ٿيل هئي، جنهن مان کيس ٻه پٽ: هڪ قاضي عبدالغفار، 8 ربيع الثاني مطابق 23 مارچ 1945ع تي پيدا ٿيو ۽ سندس وفات خميس جي ڏينهن، شعبان 1420ھ مطابق 25 نومبر 1999ع  تي ٿي. سندس ٻيو پٽ قاضي عبدالوهاب عباسي هو، جنهن جو جنم: 10 ذوالقعد 1370ھ مطابق 14 آگسٽ 1951ع تي ٿيو.

 

پروفيسر جوڻيجو سائين بخش قبولائي/لاڙڪاڻو

 

سنڌ جو عظيم بزرگ حضرت شاھ عنايت بخاري

 

دنيا ۾ صوفي ازم جو ٻج ڇٽيندڙ سنڌ جو شاھ عنايت شهيد جھوڪ سان سنڌ کي زنده ڪري ويو. سندس ئي نالي سان ھڪ ٻيو بزرگ سرھاري کان ٽن ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي حضرت شاھ عنايت بخاري جي نالي سان دفن ٿيل آهي. سندس درگاھ تي ساليانو لڳندڙ ميلو سنڌ جي وڏن مان ليکيو وڃي ٿو. ھن سال جيتوڻڪ سندس 99 ھون ميلو ملھايو ويو. ان جي باوجود تاريخ جي ڪتابن ۾ ھن بزرگ جو ذڪر نه ملڻ حيرت جوڳي ڳالھه آهي سنڌ سان ستم جي ڪھاڻي دنيا جي وجود جيتري پراڻي آهي معلن، ارغونن، ترخانن، مدد خان پٺاڻ، احمد شاھ ابدالي توڙي پورچوگيزن جي باھ ۾ نـ فقط سنڌ کي جلايو ويو قتل عام ڪيو ويو پر ڪتب خانه مڪتب مدرسا ۽ شاندار لائبريريون جلائي خاڪ ڪيو ويو. سنڌ جو پورو عملي ذخيرو جلي خاڪ ٿي ويو. ان ڪري سنڌ جي تاريخ سڙي ويئي ته سنڌ جي عظيم ھستين جو ذڪر تاراج ڪيو ويو. ان ڪري ڏند ڪٿائن جنم ورتو. سنڌ جون عظيم ھستيون ھر دور ۾ زنده ھوندي به تاريخ جي ورقن ۾ گم رھيون ان ڪري حضرت شاھ عنايت بخاري جي ڪا به  تاريخ ملي نـ سگهي آهي.

 

سهيل احمد زرداري/سرهاري

 

بيروزگارن تي رحم کائو

 

دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ وقت به وقت بيروزگارن کي بيروزگاري الائونسز سان نوازيو ويندو آھي ته جيئن اھي پنھنجي زندگي جو ڪاروهنوار بھتر نموني سان ھلائي سگھن ۽ کين ڪنھن جي آڏو ھٿ نه ٽنگڻو پوي. پر اسلامي جمهوريه ملڪ پاڪستان ۾ وري بيروزگارن سان وفاقي توڙي صوبائي  ادارا جيڪي حشر ڪن ٿا اھو ڪنھن کان به ڳجھو ناھي. روزگار جي نانءُ تي کين ھن مهانگائيءَ جي دؤر ۾ ڳرا ڳرا چالان ڀرڻا پون ٿا. پوءِ ويچارا ڊگري يافته نوجوان روزگار حاصل ڪرڻ جي لاءِ پٽ سٽ ڪري، مٽن مائٽن جا طعنا مهڻا برداشت ڪري ھزارين رپين جا چالان ڀري اشتھار ۾ ڏنل بينڪ اڪائونٽن ۾ موڪلين ٿا نه صرف ايترو پر سندن شروعاتي ڊگري، سرٽيفڪيٽ کان وٺي آخري ڊگري، سرٽيفڪيٽ تائين سڀني ڪاغذن جون فوٽو ڪاپيون، چار پنج پنھنجا فوٽو گزيٽيڊ آفيسر جي صحيح جي تصديق ڪرڻ کان پوءِ وٺن ٿا جيڪا ھن جديد دؤر ۾ ساڻن سراسر ناانصافيءَ آھي. اھو ڪيڏو نه ھڪ ڊگھو ۽ تمام ڏکيو مرحلو آھي اھو ڪيتري مشڪل، پريشانيءَ جو باعث بڻجي ٿو ان جو احساس اھو بيروزگار ئي محسوس ڪري سگھي ٿو جيڪو انھن تڪليفن مان گذرندو آھي. اڪثر بيروزگار چالان ۽ ڪاغذن جي چڪرن کان بيزار ڪري اپلاءِ ئي نه ڪندا آهن. ھن اخبار جي ذريعي منھنجي وفاقي توڙي صوبائي اداران جي سربراهن کي گذارش آھي ته گورنمينٽ سطح تي جاري ڪيل اشتھارن ۾ گزيٽيڊ ۽ نان گزيٽيڊ پوسٽن جي لاءِ شروعاتي مرحلي ۾ بيروزگارن کان نه ڪي چالان جي مد ۾ پيسا ورتا وڃن ۽ نه وري ڪاغذ پر سي وي (ڪريڪيولم ويٽا) يا ھڪ سادي ڪاغذ تي سندن اڪيڊمڪ ۽ تجربي وغيره جو تفصيل گھرايو وڃي ۽ جڏھن اميدوار لکت ۽ زباني امتحان جي مرحلي ۾ ڪاميابي ماڻي وڃي ٿو ته پوءِ سندس اصل ڪاغذ ۽ فوٽو ڪاپيءَ سان گڏوگڏ چالان جي مد ۾ مناسب رقم ورتي وڃي اھا رقم ھو خوشي خوشي ادا به ڪندو ۽ ڏکائين کي منھن به نه ڏيندو.

 

ستار سنڌي/ڪنب

 

ڇا هاڻي عدالتون به اشاري کان پوءِ پنهجو فيصلو ڏينديون

 

ڪيڏي نه بدنصيبي آهي اسان جي ملڪ پاڪستان جي عوام جي جو ايڏي وڏي جدوجهد ۽ قربانين کان مليل آزادي بعد به اڄ تائين غلامن کان بدتر دؤر ۾ پيا پنهجي زندگي گهاريون، جو اسان جي رياست سياست سڀ عوام دشمن روين سان ائين پئي اڳتي تيز قدم کڻندي هلي ڄڻ ته هاڻي هنن اهو پڪو پھه ڪيو هجي ته انهن پنهجي قوم کي هر حال ۾ پنهجي ظلم ۽ جبر سان هيسائي انهن کي هميشه لاءِ غلام بڻائي رکڻو آ ته جيئن هو سياست رياست جو نانءُ ٻڌي ايڏو ته خوفزده رهن جو انهن جي سوچ سمجھه سڀ ختم ٿي وڃي جو هو ڪنڌ کڻي پنهجي رياستي ۽ سياسي قيادت کان ڪو سوال نه ڪري سگهن  ته آخر اها رياست ڪٿي مشغول آھي جو قوم کي کائڻ لاءِ پلاسٽڪ جا چانور ۽ پيئڻ لاءِ ڪيميڪل مليل پاؤڊر وارو کير ڏنو پيو وڃي. حرام جانورن جي چرٻي هڏن مان تيار گيھه، تيل ۽ زهر آلود ڪيميڪل مان مرچ مصالحه پيا ٺهن. جڏهن کان اسان جي رياست سياست چائنه جو ورد پڙهڻ شروع ڪيو آ تڏهن کان اسان جي قوم هر قسم جي پاڪ خالص خوراڪ توڙي پيئڻ جي شين کان محروم پئي ٿيندي وڃي. تازو اسان جي سينيٽ ۾ اهي انگ اکر قومي خوراڪ ۽ زراعت واري وزارت اهو انڪشاف ڪيو آ ته جنهن پاڪستان ۾ ڄاول ٻار جي کير جي دٻي کان نيپي تائين ٽيڪس پئي وٺي. رياست پاڪستان جي خودداري ۽ ترقيء جي نالي تي سا قوم کي ڪجھه نه پئي ڏئي. اسان جي رياست اڃا اهو پئي سوچي ته قوم کي ڪيئن ريموٽ تي هلائي جو انهن کي ڪو نه ٻڌي ۽ نه انصاف ملي. ملڪ جو سابقه وزير اعظم پيو جيل ۾ سڙي ان انتظار ۾ ته ڪڏهن ٿي عدالت انصاف ڪري ۽ رياست پئي ان فيصلن تي عمل ڪري جو گذريل ٽن سالن کان ته ويچاري عدالت به پئي لڪي ساهه کڻي ته ڪٿي رياست نه انهن کان پڇي ته مقروض ملڪ ۾ آزادي سان ڪيئن پئي عدالت ساهه کڻي.

 

استاد جاويد احمد هڪڙو/ شڪارپور