صدر ٽرمپ….
جناب! صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اقتدار ۾ آڻڻ کان پوءِ، پاڪستاني سياست ۾ هڪ نئون ميم سان موڙ آيو. هڪ رات، صدر ٽرمپ هڪ غير متوقع پيغام پاڪستان کي موڪليو: “چين ۽ پاڪستان سان تعلقات ۾ توازن ضروري آهي.” پاڪستاني حڪمرانن کي اهڙي خبر ھڪ نئين چئلينج ۾ ڦاسايو آهي. ان دوران، هڪ غمگين وزيراعظم عمران خان کي اها ڳڻتي هئي ته ٽرمپ جي پاليسين ۾ پاڪستان جو مستقبل ڪهڙي طرح بدلجي سگهي ٿو. پاڪستاني عوام ۾ اهو سوال گونجڻ لڳو: ڇا صدر ٽرمپ پاڪستان جي سياسي منظر کي نئين انداز ۾ تبديل ڪندو؟ وقت ئي ٻڌائيندو…
ڊاڪٽر عبدالخالق جانوري/ لقمان خيرپور
چيتاري چوندياس،ڳالھيون سڀوئي سَڄڻين!
زندگي ۾ انسان تڪليفن،ڏکن ڏولاون کي برداشت ڪرڻ باوجود ھر گھڙيءَ آسائشن جي ڳولا ۾ ھوندو آھي، پر اصل روح راحت کي سمجهڻ بدران رڳو مادي شين (Materialistic Things) مان ئي سڪون جي ڳولا،منزل جي ڳولا، ڪاميابي جي ڪنھن سَنَدَ جي سار وغيره حقيقت ۾ پاڻ کي سڪون کان ويتر پاسيرو ڪري ٿو ڇڏي، ڇاڪاڻ ته سڪون ماڻهو کي روح ريجھائڻ سان ملندو آھي، نه ڪي گھر کي دنياوي شين ۽ دولت جي انبارن سان ڀري ڇڏڻ سان ۽ جڏھن انساني روح جا اڱڻ ويران ٿي ويندا آھن ته پوءِ اھي دنياوي مھانگيون شيون به زھر لڳنديون آھن. انھيءَ ڏس ۾ وڌيڪ نظر ڪجي ته پاڻ مان اڪثر ماڻهون ته وري سڪون وارين جڳھين،گھڙين،شين کان ئي مفرور بڻجڻ جي ڪوڙي ڪوشش ۾ رڌل ھوندا آھن ۽ ھر گھڙي تڪڙ جي گھوڙي تي سوار ھوندا آھن. پاڻ کي جن سان دل جا داستان اورڻا ھوندا آھن، انھن کان يا پاڻ پري ٿي انھن جي يادن جا پور پيا پچائيندا آھيون يا وري ھو پنهنجي بي رخين سان اچڻ ۾ اويلا ٿي ويندا آھن، جڏھن به ڪو محبوب ماڻھو اچڻ ۾ اوير ڪري ڇڏيندو آھي ته پوءِ ماڻهو مجبورن روح جا سمورا راز شام ويلي پنهنجي آکيرن ڏانھن موٽندڙ پکين سان اوري دل جو بار ھلڪو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آھي، پر روح پنهنجي انھيءَ جسماني روپوشي کي ڪڏهن به قبول ناهي ڪندو،کوڙ ڀيرا ته پاڻ سان ائين به ٿيندو آھي جو جنھن شخص سان پاڻ کي کوڙ ڳالھيون ڪرڻيون ھونديون آھن، اھي ڳالھيون جيڪي پاڻ ان محبوب ماڻھو جي غيرموجودگي ۾ پنھنجي پاڻ کي پيا سڻائيندا آھيون ۽ اندر ئي اندر ۾ پڪو پھه ڪري وٺندا آھيون ته جيئن ئي ھو مليو ته ھن آڏو انھن ڳالھين جا ڳوٺ ٻڌبا ۽ دل جي بي ترتيب ڌڙڪي کي ھن جي گفتار سان سنوت ۾ آڻبو پر جيئن ئي پاڻ ان شخص آڏو ايندا آھيون ته سڀڪجھه وسري ويندو آھي،لطيف چواڻي:
چَيتَارَي چَوَنديَاسِ، ڳالھيُون سَڀَوئي سَڄَڻَين،
جُهه منھن مُقَابِلِ ٿِيَاسِ، ته سَڀُ وَڃَنِمِ وِسِري.
ڪو ڀلي ڪيترو به کڻي شعله بيان مقرر ڇو ن ھجي پر اھا ڳالھه ته لطيف جي انھن لفظن ۾ پڌري پٽ پئي آھي ته واقعي انسان درد ۽ دل جي فاصلن کان به ويجھن محبوب ماڻھن آڏو زبان سان ته ڪجھه به ڪڇي ناھي سگھندو، دل جي دنيا جي اڇي ڪاري جا مالڪ ماڻهن آڏو حساس جذبن جي وشال جھان جي ڪنھن جوشيلي مقرر، ميزبان، شاعر ماڻهو جي سموري خود اعتمادي پنھنجا جوھر ڏيکارڻ کان ائين لنوائي ويندي آھي جيئن سماج ۾ احساسن، اعتبارن کي پنهنجي بي رخين سان قتلام ڪندڙ ماڻهو پنهنجي ضمير کي مطمئن ڪرڻ وقت بيوسي کي محسوس ڪندا آهن. تنھن ڪري حياتي جي ھر ان پل کي جيئڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪجي جنھن ۾ کوڙ دنياوي بي رخين باوجود روح کي ريجھائي سگھجي ۽ محبتن جي اڻاٺ باوجود من اندر جي مانڌاڻ کي ماٺو ڪري سگھجي.
آفتاب سليمان لغاري
ٽيچنگ لائسنس پاليسي بمقابلا اليڪشن 2024
ڪجھه عرصو اڳ سنڌ حڪومت پهريون ڀيرو استادن کان ٽيسٽ وٺي پاس ٿيندڙ استادن کي ٽيچنگ لائسنس ڏيڻ ۽ مٿين گريڊ ۾ ترقي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ھو. جيڪو بظاھر ھڪ سٺو قدم ھو جنھن سان قابل استادن کي ٽيچنگ لائسنس ملي ھا ۽ انھن جي حوصلا افزائي ٿئي ها جڏهن ته نتيجو ان جي برعڪس نڪتو. اعلان کان بعد جلدي جلدي ۾ سکر آءِ بي اي ذريعي ٽيسٽ ورتي وئي پر افسوس جو ھي ٽيسٽ اليڪشن 2024 وانگر متنازعه ٿي. جيئن اليڪشن 2024 ۾ فارم 45 ۽ فارم 47 جو تذڪرو ھلي پيو ته ھڪ اميدوار فارم 45 ۾ ووٽ گھٽ کڻي سگھيو پر فارم 47 ۾ ساڳيو اميدوار ڪامياب قرار ڏنو ويو، تيئن ئي ٽيچنگ لائسنس ۾ 50 مارڪون کڻندڙ استاد پاس ۽ 63 مارڪون کڻندڙ استاد فيل قرار ڏنا ويا. اليڪشن 2024 ۾ اليڪشن ڪميشن تي ڌانڌلي ڪرڻ ۽ نتيجا ڦيرائڻ جا الزام لڳن ٿا پر ٽيچنگ لائسنس ۾ بظاھر آءِ بي اي سکر نيوٽرل آھي جڏھن ته پاليسي ساز متنازعه آھن. سنڌ جي تعليم واري وزير سردار شاھ جي مطابق ته ٽيچنگ لائسنس پاليسي نه فقط سنڌ پر پاڪستان جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو سنڌ حڪومت شروع ڪيو آھي جنھن جو خيال گلوڪار شھزاد رائي ڏنو. شھزاد رائي دعوا ڪري ٿو ته ٽيچنگ لائسنس ٽيسٽ ۾ پاس ٿيندڙ اميدوارن جي اڪثريت 83 سيڪڙو ھن جي اداري `دوربين` مان آھي. جڏھن ڪا پاليسي ٺاهي ويندي آهي ته پھريان ان پاليسي سان لاڳاپيل باصلاحيت ۽ ڄاڻوڪار شخصيتن کي ويھاري پاليسي بابت سڀني پهلوئن تي غور ويچار ڪري پوءِ ئي ان پاليسي کي حتمي شڪل ڏني ويندي آهي جنھن سان بھتر نتيجا ملندا آهن. ان جي برعڪس جيڪڏهن غير متعلق شخص کي پاليسي سازن جي صف ۾ ويھاري ان جي راءِ مطابق پاليسي ٺاھي ويندي ته ان جا نتيجا ئي ناقص ايندا. ھن پاليسي ٺاھڻ جي نتيجي ۾ اھل استاد 63 مارڪون کڻڻ باوجود فيل ڄاڻايا ويا، جنھن مان صاف ظاهر آهي ته پاليسي سازن جي صلاحيت ايتري نه هئي جو ھڪ سٺي ۽ جاندار پاليسي بڻائي سگھن ھا ۽ پاليسي سان لاڳاپيل ھر پھلو جو بغور جائزو وٺن ھا ۽ پاليسي ۾ ڪا خامي نه رھي ھا. جيڪڏھن اسين ٽيسٽ جي رزلٽ تي غور ڪريون ته اسان کي معلوم ٿيندو ته ڪجھه صفحن ۾ لڳاتار پاسنگ ريشو وڌيڪ آھي ۽ ڪجھه صفحن ۾ لڳاتار پاسنگ ريشو گھٽ آھي. جيڪو ظاھر ڪري ٿو ته ڪاپيون چيڪ ڪندڙن مان ڪن مارڪون ڏيڻ ۾ ھٿ ھلڪو رکيو ۽ ڪن دل کولي مارڪون ڏنيون. رزلٽ جي پھرين صفحي ۽ آخري صفحي کي ڏسڻ سان اندازو ٿي ويندو، پھرين صفحي ۾ 59 مان 26 استاد پاس آھن جڏھن ته آخري صفحي ۾ 46 مان فقط 04 استاد پاس آھن. اھو عجيب اتفاق به ممڪن نه آھي ته سڀئي ھوشيار استاد هڪ ئي سيريل ۾ ھجن. ان لاءِ پاليسي سازن کي مٿين پھلو تي سوچ ويچار ڪري پوءِ پاليسي ٺاھڻ گھرجي ھا، معروضي ۽ موضوعي سوالن جي ٽوٽل مارڪن کي ملائي50 يا 55 مارڪن تي ڪٽ آف ڪن ھا ته اھو بھتر فيصلو ۽ بھتر پاليسي ھجي ھا. ھن پاليسي اھل استادن کي مايوس ڪيو ۽ اليڪشن 2024 وانگر زير بحث آھي.
گل حسن بھلڪاڻي/ڪنڌڪوٽ
سنڌ جي ڪاليجز اندر سبجيڪٽ وائيز ايس اين اي جو فقدان
سبجيڪٽ وائيز ايس اين اي مطلب آھي ته ھر ڪاليج ۾ شاگردن جي تعداد جي مطابق مختلف سبجيڪٽن جا استاد، پروفيسرس مقرر ڪيا وڃن ته جيئن تدريسي عمل ۾ ڪا به رنڊڪ پيدا نه ٿئي پر افسوس جو ان تي سالن کان وٺي عمل نه پيو ٿئي خبر ناھي ته ڇو آخر وزير تعليم سنڌ ۽ سيڪريٽري ڪاليجز ان اھم ڪم ۾ غير سنجيده نظر اچن پيا يا ٿي سگھي ٿو ته ڪا ٻي طاقت ان ڪم ۾ رنڊڪ پيدا ڪري بيٺي آھي. 04 فيبروري 2014ع کان وٺي آءٌ به ڪاليج ايڊيوڪيشن ڊپارٽمينٽ جو حصو آھيان، مون پنھنجي پوسٽنگ وارن ڪاليجن جي تدريسي سرگرمين کي ويجھڙائي کان ڏٺو آھي جتي سبجيڪٽ وائيز ايس اين اي نه ھئڻ ڪري مستقبل جي معمارن جو تمام گھڻو تعليمي نقصان ٿي رھيو آھي جنھن جو پورائو ڪرڻ ناممڪن آھي. ھن مسئلي بابت لکي چڪو آھيان ۽ گڏوگڏ سوشل ميڊيا تي پڻ آواز اٿاري چڪو آھيان پر شايد اعليٰ اختيارن کي ۽ ڪاليج سان سلھاڙيل تنظيم سپلا وارن کي اھا ڳالھه نه ٿي پسند اچي جو ھو پنھنجن ٻين مطالبن سان گڏ ھي تعليم دوست مطالبو به وزير تعليم يا سيڪريٽري ڪاليجز سان بحث ھيٺ آڻين. ٿي سگھي ٿو ته تنظيم جي ڪوششن سان ڪاليج ايڊيوڪيشن ڊپارٽمينٽ ھن نقطي تي عمل پيرا ٿي پوي. ھتي پنھنجي پوسٽنگ واري ڪاليج سرائي پيارو خان جو مثال ڏيڻ ضروري سمجھان پيو. ھن ڪاليج جو بنياد 2016ع ۾ پيو ان ڏينھن کان وٺي اڄ تائين ھن ڪاليج ۾ زولاجي سبجيڪٽ جو ڪوبه استاد ناھي. اسلاميات سبجيڪٽ جي استاد جي مقرريءَ کي به ھڪ سال يا ڪجھه عرصو مس گذريو ھوندو ۽ انگريزي سبجيڪٽ جو استاد به ڪاليج قائم ٿيڻ کان وٺي مقرر نه ٿيو آهي صرف ڇھن مھينن جي لاءِ ھڪ ليڪچرار مقرر ٿيو ھو پر سندس زندگي ساٿ نه ڏنو ۽ ھو ڊسمبر 2023 ع ۾ ھن فاني جهان کي الوداع ڪري ويو. سندس وڃڻ کانپوءِ ڪاليج انگريزي سبجيڪٽ جي استاد کان محروم ٿي ويو. انگريزي سبجيڪٽ کان علاوه ٻين سبجيڪٽ جي استادن ۽ غير ٽيچنگ اسٽاف جي پڻ تمام گھڻي کوٽ آھي. اعليٰ اختيارن کي ڪيترائي ڀيرا ڪاليج اندر ٽيچنگ اسٽاف جي کوٽ بابت پرنسيپال صاحب طرفان نشاندهي پڻ ڪئي پر ان تي ڪو به عمل نه ٿيو آھي. ھي ته آءٌ ھڪ ڪاليج جو قصو بيان ڪيو آھي پر سنڌ ۾ اھڙا کوڙ ڪاليج ھوندا جتي ڪنھن ھڪ ئي سبجيڪٽ جا ڪافي استاد موجود ھوندا ۽ ڪٿي ته وري ڪنھن سبجيڪٽ جو ھڪ به استادن نه آھي. مٿي بيان ڪيل سڀني مسئلن جو حل سبجيڪٽ وائيز ايس اين اي ۾ ئي آھي تنھن ڪري آءٌ ھڪ ڀيرو ٻيھر ھن اخبار جي ذريعي وزير تعليم سنڌ، سيڪريٽري ڪاليجز ۽ ڪاليجي استادن جي تنظيم سپلا جي اڳواڻن کي گذارش ٿو ڪريان ته ڪاليجز اندر سبجيڪٽ وائيز ايس اين اي جي طرف ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن مستقبل جي معمارن جون تدريسي سرگرميون وڌيڪ سگهاريون بڻجن.
ستار سنڌي/ڪنب
زندگي ھڪ حادثو آ۔۔۔۔۔!!
زندگي جو ايترو ڀروسو ناھي جيئن اک پور ۽ پٽ. پر زندگي جا ڏکيا ڏينھن ھر پل ياد ھوندا آھن. زندگي ۾ جيڪي به تڪيلفون انسان ڏسندو آھي اهي ھر وقت ياد رھنديون آھن. زندگي اھڙي آ جيئن پيار ۾ پھرين چمي ھوندي آھي ۽ جڏھن عاشق پنھنجي محبوبا کي چوندو آھي ته تون پنھنجون اکيون بند ڪر ته آئون توکي چمي ڏيان پوءِ ھن کان محبوبا سوال ڪندي آھي ته منھنجي اکين جي بند ڪرڻ سان توکي ڪھڙو فرق پوندو منھنجا محبوب سائين پوءِ وري ھن کي پنھنجو عاشق جواب ڏيندو آ ته اي منھنجا چنڊ جھڙا پرين آئون تنھنجي اکين جي حشمت برداشت نٿو ڪري سگھان ۽ انھي لاءِ توکي چوندو آھيان ته اکين کي بند ڪر. ائين آھي زندگي حقيقت ته زندگي ائين جيئن سمنڊ جي لھر ۽ شڪاري جي بندوق مان نڪتل بندوق جا ڇيرا ائين زندگي آھي. ڪڏھن ڪڏھن ائين به ٿيندو آھي ته زندگي ۾ انسان ڏاڍو تنگ ٿي ويندو آھي ۽ ھو ائين سوچيندو آھي ته آئون ھاڻ خودڪشي ڪري ڇڏيان پر وري به ھُو نئين اميد سان پنھنجي دل کي دلاسو ڏيندو آھي ته ھي ٿورو وقت ويندو گذري.
ھالار چانگ /سينٽرل جيل حيدرآباد
مفت سم ۽ بيلنس جي لالچ ڏئي بائيوميٽرڪ ڪندڙ گروھن جي انڪوائري ڪئي وڃي
مون سال 2024ع ۾ مفت يوفون جي سم ورتي اڄڪلھ جي جديد موبائل سيٽ ۾ جڏھن اھا سم استعمال ڪئي ته تاريخ 11 جنوري 2025 تي فيس بڪ پروفائل تي ھڪ نئون پروفائل نظر آيو. ”مستقيم علي“ جي نالي سان ۽ مون جڏھن انھي پروفائل يعني اڪائونٽ کي کوليو ته نئون پاس ورڊ گھريائين. مون جڏھن ھڪ مخصوص پاس ورڊ لڳائي اھو اڪائونٽ کولي ڏٺو ته مون کي تمام گھڻي حيرت ٿي ته اھو فيس بڪ اڪائونٽ 2019 جو ٺھيل ھو ڪنھن راولپنڊي جي فرد جو ۽ اڪائونٽ ۾ مڪمل مذھبي پوسٽون ۽ مذھبي فرينڊ لسٽ به موجود اٿس. ھاڻي جڏھن به پنھنجي موبائل تي فيس بڪ کوليان ٿو ته منھنجي ڪجھه ٻين اڪائونٽن سان گڏ اھو اڪائونٽ به لسٽ ۾ اچي وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته اھو اڪائونٽ يوفون جي انھي سم تي پھريان کان ئي ٺھيل آھي جيڪا مون مفت بيلنس جي آڙ ۾ ورتي. پنھنجي شناختي ڪارڊ تي ايڪٽيويٽ به ڪرائي. ان مان اھو به ثابت ٿيو مفت سم ڏيندڙ ڪمپنيون پراڻن نمبرن کي ٻيھر استعمال ۾ آڻين ٿيون. اتفاق کان جيڪڏھن انھن سمز تي ڪنھن جا سوشل اڪائونٽ ٺھيل آھن ته اھي به ھڪ کان ٻئي ماڻھو جي شناختي ڪارڊ تي منتقل ٿي وڃن ٿا ۔۔ ۽ پوء اھو ئي سلسلو مذھبي انتھاپسندي ۔ سياسي انتشار ۽ سوشل ميڊيا جي غلط استعمال جو سبب بڻجي ٿو . اھڙي طرح سان ڪوبه ڪرمنل ماڻھو پنھنجي نالي تي ڪابه سم ايڪٽو ڪرائي ٿو ۽ جڏھن سوشل ميڊيا تي اڪائونٽس ٺاھي پنھنجو ٽارگيٽ پورو ڪري ٿو ته وري اھا سم بند ڪرائي نئين وٺي ٿو ۽ ڪمپني اھا ئي بند ٿيل سم ئي ڪنھن ٻئي ماڻھو کي مفت ۾ جاري ڪري ٿي ڇڏي ۽ ڪمپني اھو نه ٿي ڏسي ته ھن سم جو بيڪ گرائونڊ ۽ اسٽيٽس ڇا آھي؟ ڪمپني صرف ڊپليڪيٽ سم وانگر نئين سم کي جاري ڪري ٿي. پوءِ جڏھن ڪوبه عام ماڻھو مفت بيلنس ۽ پيڪج جي آڙ ۾ اچي انھي سم کي ڪنھن سمارٽ موبائل ۾ استعمال ڪري ٿو ته اتان ئي ڪمپني جو جڳاڙ ظاھر ٿئي ٿو ۔۔ جيڪڏھن عام ماڻھو انھي اھم مسئلي کي نظر انداز ڪري ڇڏي ته مستقبل ۾ انھي سان ڪوبه نااتفاقي حادثو ۽ فراڊ ٿي سگھي ٿو. انھي لاءِ حڪومت کي گذارش آھي ته مختلف ڪمپنين کي انھي ڳالھه تي پابند ڪيو وڃي ته ھڪ سم نمبر صرف ھڪ ڪارڊ لاءِ محدود ڪن ۽ جنھن به سم تي جيترا به سوشل اڪائونٽ ٺھيل آھن وقتن به وقت انھن جي به معلومات فراھم ڪندا رھن. مفت سمز تي ايڪٽيويٽ کان پھريان اڻڄاڻ ماڻھن جا ٺھيل فيس بڪ اڪائونٽس وارو سلسلو بند ڪيو وڃي.
نويد خان سومرو
امير المومنين حضرت علي
13 رجب جو ڏينھن ان نور جي ظھور ٿيڻ جو ڏينھن آھي جنهن کي اميرالمومنين حضرت امام علي عليه السلام چوندا آھن سندن ولادت 13 رجب 30 عام الفيل حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي ولادت کان 30 سال پوءِ خدا پاڪ جي گھر ڪعبت الله شريف ۾ ٿي. هنن لاءِ نبي سائين جو فرمان آھي ته منھجي ۽ علي جي نسبت ھارون عليه اسلام ۽ موسي عليه السلام وانگر آھي. فرق صرف ايترو آھي ته مون کان پوءِ ڪو نبي نه ايندو ان کان علاوه نبي فرمايو آھي ته آءٌ علم جو شھر آھيان ۽ علي ان جو دروازو آھي. حضرت امام علي عليه السلام اسلام جي جنگين ۾ ھميشھ اڳيان اڳيان رھيا جيئن جنگ احد، بدر،خيبر وغيرہ.
زاھد حسين حسيني/ سرھاري
حضرت علي جو شان
سخين جو سخي شير خدا امام علي عليه السلام جن جي 13 رجب ولادت باسعادت آھي. حضرت محمد صلي الله سلام جو سئوٽ، سندس زندگي قرآن ۽ رسول خدا لاءِ گذري. پاڻ محمد صلي الله عليه سلام پنھنجن ڪلھن تي کڻي سواري ڪري سير ڪرايو . کين اسد الله جو لقب ڏنو ويو. سندن لقبن مان حيدر قرار، اسد الله، وجھه الله، ڪرم لله ۽ ٻيا شامل آهن. حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جا حامي جان نثار مددگار ھئا. امام علي عليه سلام چيو مون کان زمينن ۽ آسمانن جي باري ۾ پڇو مون وٽ جيترو علم آھي اچو مون کان پڇو ٿي سگھي مان توھان جي وچ ۾ نه ھجان. ڪنھن پڇيو ته اھي ڪھڙا جانور آھن جيڪي آنا ڏيندا آھن ۽ ٻچا ڏيندا آھن مولا جواب ڏنو ته جنھن جا ڪن ٻاھر ھجن اھي ٻچا ۽ جنھن جا ڪن اندر ھجن اھي آنا ڏيندا آھن. مولا علي عليه سلام اسلام جي خاطر ڪيترين ئي جنگين ۾ حصو ورتو، جنگ بدر، جنگ احد، جنگ خندق ۽ خيبر جو قلعو فتح ڪيو. جنگ احد ۾ حضور جن کين سندس تلوار جو لقب ذوالفقار ڏنو. جنگ خندق ۾ مولا علي عليه سلام وڙھي رھيا ھئا دشمن جي تلوار ڀڄي پئي ۽ مولاعلي عليه سلام کان دشمن تلوار گھري ۽ هنن ڏني. دشمن سوال ڪيو ته توھان کي خبر به آھي مان توھان جو دشمن آھيان پوءِ به توھان ڏني مان توھان کي ماريندس مولا جواب ڏنو ته مون سان الله پاڪ گڏ آھي ۽ اسان جي در تان ڪو سوالي اڄ ڏينھن تائين خالي موٽيو ئي نه آھي تون ھٿيارن ھوندين به ھيڻو آھين. حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته: مان جنھن جنھن جو مولا آھيان علي عليه سلام ان جو مولا آھي. سندن شجاعت، بھادري، سخاوت ۽ عادل امام جھڙو ڪائنات ۾ مثال نه ٿو ملي جنھن جي زندگي الله پاڪ، حضرت محمد صلي الله عليه سلام جي سرپرستي ۽ اسلام جي بقا جي لاءِ گذري جو اڄ اسلام زندھ آھي.
شفيق وساڻ /ڳوٺ جھنگو وساڻ
لاس اينجلس خطرناڪ باھ جي لپيٽ ۾
آمريڪي شھر لاس اينجلس جيڪو ھالي ووڊ لاءِ مشھور آھي، تباھي مچائيندڙ باھ جي لپيٽ اندر آھي، ميڊيا تي ٻه علائقا وڌيڪ متاثر نظر اچن ٿا، پليسيڊز ۾ 35 ھزار ايڪڙ ۽ ايٽن ۾ 14 ھزار ايڪڙ باھ جي لپيٽ ۾ آهن. ھنن علائقن ۾ باھ 10 ھزار کان وڌيڪ عمارتن کي ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيو آھي ۽ ٻن لکن کان وڌيڪ شھري لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آھن، دنيا جو سپر پاور ملڪ رياستي ۽ مڪاني حڪومتن تي تنقيد ٿيندي رھي ته بنيادي ڍانچي جي مناسب سيڙپ ناھي، جڏھن ماھرن ميڊيا کي ٻڌايو ته ھن دفعي ڪيليفورنيا رياست ۾ خشڪ ھوائن جي واڌ رھي ۽ ھي ماحولياتي تبديلين جا نتيجا ٿي سگھن ٿا تنھن ڪري جھنگ ۽ ٻيلن ۾ باھ لڳڻ جا واقعا وڌيڪ سامھون آيا آھن. ھن دفعي برسات جا امڪان گھٽ ھجڻ ڪري ڪري ۽ خشڪ ھوائون، گرميءَ جي شدت ماحولياتي تبديلين جا اثر ظاھر ٿيا آھن. ھن خطرناڪ تارين باھ جا متاثر ھالي ووڊ مشھور شخصيتون پڻ رھيون جنھن ۾ انھن جا گھر سڙي رک ٿي ويا. پيرس ھلٽن آمريڪي ٽيليويزن جي مشھور شخصيت ماڊل اداڪار ۽ ڪاروباري عورت ۽ ڳائڻي آھي ۽ ميڊي مور آمريڪي ڳائڻي اداڪار ۽ موسيقار آھي ۽ بلي ڪرسٽل جيڪو ناليوارو اداڪار ڪاميڊين آھي جنھن جو گھر پڻ سڙي رک ٿي ويو ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ھاليووڊ شخصيتون متاثر ٿيون آھن.
نجيد انجم/ ملڪاڻي