ثقافتي دٻاءُ يا زندگين جو تحفظ؟

 

اسان جي سماج ۾ ڪيترن ئي روايتي خيالن مان هڪ خيال اهو به آهي ته عورتن کي موٽر سائيڪل تي هڪ پاسي (سائيڊ سڊل) ويهڻ گهرجي، جيڪو ثقافتي سوچ ۽ روايتن سان جڙيل آهي. پر، هي طريقو نه رڳو غير محفوظ آهي، پر عورتن جي حياتين لاءِ خطري جو سبب پڻ بڻجي سگهي ٿو. سائيڊ سڊل ويهڻ دوران عورتون هڪ پاسي جھڪيل هونديون آهن، جنهن سبب سواري غيرمستحڪم ٿي وڃي ٿي ۽ ٻئي پاسي ڪنهن به اوچتي بريڪ يا موڙ جي صورت ۾ حادثن جا امڪان وڌي وڃن ٿا. ان کان علاوه، روڊ حادثن ۾ عورتن کي جسماني زخمن سان گڏوگڏ نفسياتي ۽ جذباتي نقصان به برداشت ڪرڻا ٿا پون، جنهن سان سندن زندگي تي گهڻ رخو اثر پوي ٿو. تنھن ڪري عورتن لاءِ موٽر سائيڪل تي مرد وانگر ويهڻ ئي هڪ بهترين ۽ محفوظ ترين طريقو آهي. مرد وانگر ويهڻ، جنهن ۾ پير ٻنهي پاسن تي رکيا وڃن جنهن ذريعي اوچتي بريڪ، موڙ يا رفتار ۾ تبديلي جي صورت دوران توازن ۽ ڪنٽرول ڪرڻ کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو. هي محفوظ طريقو نه رڳو عورتن جي زندگين لاءِ فائديمند آهي، پر ڪنهن به اوچتي صورتحال ۾ انهن کي پاڻ بچائڻ جي صلاحيت پڻ ڏئي ٿو. ان ڪري، اسان کي گهرجي ته ثقافتي دٻاءُ ۽ روايتن کان ٻاهر سوچيندي، عورتن جي حفاظت کي ترجيح ڏيون ۽ کين محفوظ انداز ۾ موٽر سائيڪل تي ويهڻ جي حوصلا افزائي ڪريون.

 

تانيه شاهجهان / قمبر

 

وڏي وزير جي تبديلي جون خبرون

 

نئين سال جي شروعات سان گڏ هر طرف سياسي سرگرميون وڌي ويون آهن. ڊسمبر جي آخري هفتي ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي جي مناسبت سان صدر پاڪستان آصف علي زرداري دادو، لاڙڪاڻو ۽ سکر ۾ پ پ پ جي اهم صوبائي ۽ مرڪزي رهنمائن سان ملاقاتون ڪيون ۽ سياسي سرگرمين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جن ۾ ملڪ اسد سڪندر، وڏو وزير مراد شاهه، خورشيد شاهه، ناصر حسين شاهه ۽ ضياءُ الدين يونيورسٽي باني ڊاڪٽر عاصم حسين به شامل هئا. لکي غلام شاهه ويجهوهڪ وسيع عمارت ۾ ضياءُ الدين يونيورسٽي جو ڊويزنل ڪئمپس ڪم شروع ڪري چڪو آهي. جنهن جو رسمي افتتاح دوري دوران آصف زرداري ڪيو. هوڏانهن پ پ پ جي ڪجهه حلقن ۾ سنڌ جي وڏ وزارت حوالي سان به هن وقت بيچيني واري لهر محسوس ڪئي پئي وڃي ۽ صوبي جي وڏي وزير جي تبديلي جون خبرون پڻ گردش هيٺ آهن جنهن سان صدر پاڪستان آصف زرداري گهڻي حد تائين غير مطمئن آهي. تبديلي جي صورت ۾ سنڌ جي ڄاموٽن ۾ گهوٽڪي جي مهر قبيلي جي چيف سردار راندين ۽ زراعت واريوزيرسردار محمد بخش خان مهر ۽ صوبائي وزير ناصر حسين شاهه جا نالا ورتا پيا وڃن جڏهن ته پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گهوٽڪي دوري دوران مهر سردار علي گوهر خان مهر سان ملڻ جي خواهش ظاهر ڪئي هئي جيڪو اتي موجود هجڻ باوجود ملاقات کان پاسو ڪندو رهيو. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته هن جا هاءِ ڪمان سان اختلاف هلي رهيا آهن. اهڙي طرح سان ٺٺي جي شيرازي خاندان، مٽياري هالا جي مخدوم خاندان سان به قيادت سان اختلافن جو خبرون گردش هيٺ آهن. گذريل هفتي لکي غلام شاهه ۾ سينيئر سياستدان سردار غوث بخش خان مهر جي سرپئچي هيٺ سيال ۽ شيخ برادري وچ ۾ قتل ٿيل ماڻهن جو فيصلو ۽ ٺاهه ڪرائڻ لاءِ جرڳو ٿيو جتي ٻنهي قبيلن جا گهڻا ماڻهو فيصلو ٻڌڻ لاءِ موجود هئا جڏهن ته ٻين ڌرين طرفان ايم پي اي امتياز شيخ، معظم عباسي ۽ طارق انور سيال به موجود هئا. ياد رهي ته 10 سال پهريان سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بيئچ جرڳو ڪوٺائڻ آئين ۽ قانون خلاف قرار ڏنو هو ۽ صوبائي حڪومت کي ان لاءَ قانون بڻائڻ جي هدايت ڪئي هئي.

 

محمد اسلم ماڪو

 

سنڌ بئراجز امپروومنٽ پروجيڪٽ

 

سنڌ بئراجز امپروومنٽ پروجيڪٽ جو مقصد آھي ته سنڌ سطح تي سنڌو درياھه جي بئراجز  جي بھتري لاءِ ڪم ڪجي. انتظامي ذميوارن سان ھڪ وڏي ڪوشش ڪرڻ کان پوءِ معلوم ٿيو سندن ذميوارين ۾ ھي ڪم ڏنل آھي. ھي پروجيڪٽ ورلڊ بينڪ جي مدد سان جاري ڪيو ويو آھي. سنڌ بئراجز امپروومنٽ پروجيڪٽ (Sindh Barrages Improvement Project – SBIP) جو مقصد سنڌ ۾ پاڻي جي وسيلن جي انتظام، زرعي پيداوار ۽ بئراجن جي پائيداري کي بهتر بڻائڻ آهي. ان جا ٽرمس آف ريفرنس (Terms of Reference – TOR) هيٺين پهلوئن تي مشتمل آهن: بئراجن جي ڍانچي جي بحالي ۽ مضبوط ڪرڻ، بئراجن جي ڍانچي کي محفوظ ۽ مضبوط ڪرڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال. پاڻي جي وهڪرن جي صحيح انتظام لاءِ ريگيوليٽرز ۽ گيٽس جي مرمت ۽ اپگريڊيشن ڪرڻ. بئراجن جي بنياد ۾ موجود خامين ۽ ليڪن جي سڃاڻپ ۽ انهن جي مرمت ڪرڻ. سيڪيورٽي ۽ ڊزاسٽر مينيجمينٽ تي ڪم ڪرڻ، ٻوڏن کان بچاءَ لاءِ اڳڪٿي ۽ خبرداري وارو نظام قائم ڪرڻ. بئراجن جي مرمت کانپوءِ پاڻي جي وهڪري جي نگراني لاءِ نظام جو قيام.

خطرن کي گهٽائڻ لاءِ بئراجن جي آپريشنل پلان جو جائزو. پاڻي جي ورڇ کي بهتر بڻائڻ لاء ڪم ڪرڻ، آبپاشي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ پاڻي جي ورڇ جا جديد نظام لاڳو ڪرڻ. پاڻي جي ضايع ٿيڻ کي روڪڻ لاءِ اسمارٽ واٽر مينيجمينٽ سسٽم تي ڪم ڪرڻ، ماحولياتي اثرن جو جائزو ۽ گهٽتائي تي ڪم ڪرڻ، پروجيڪٽ دوران ماحولياتي اثرن جي سڃاڻپ ۽ انهن کي گهٽائڻ لاءِ پاليسيون ترتيب ڏيڻ. سماجي ۽ ماحولياتي اثرن جو جائزو ۽ متاثر ڪيل ماڻهن جي بحالي لاءِ انتظام ڪرڻ.

گورننس ۽ انسٽيٽيوشنل اسٽرينٿننگ، سنڌ جي آبپاشي کاتي جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ تربيت ۽ فني سهائتا مهيا ڪرڻ. شفافيت ۽ احتساب کي يقيني بڻائڻ لاءِ معلومات جي مانيٽرنگ ۽ رپورٽنگ سسٽم. مقامي آبادي جي صلاحيت وڌائڻ، ڪميونٽي جي شموليت ذريعي شعور وڌائڻ، پروجيڪٽ مان متاثر ماڻهن جي زندگين کي بهتر بڻائڻ لاءِ خاص قدمن جو نفاذ پڻ ضروري آھي.

مٿي بيان ڪيل نقطن، مقصدن ۽ جڏھن مول متن جو جائزو وٺي اوھان سنڌ جي درياھي انھيءَ سسٽم جي صورتحال ڏسندا جنھن تي ھي سنڌ بئراجز امپروومنٽ پروجيڪٽ ٺھيل آھي ڄڻ ته حيرت ٿيندي. جڏھن کان وٺي ھي ادارو  جنھن مقصد لاء ٺھيو آھي ان جي ڪا بہ اھڙي جامع ۽ بھتر رپورٽ پبلڪ ناھي ٿي. انھيء پروجيڪٽ تحت جيڪي بہ اربين روپيا خرچ ٿيا آھن انھن جي باوجود سنڌو درياھه تي سنڌ ۾ قائم ٽي بئراجز بجاء امپروومنٽ جي انھن کي خطرا وڌيڪ لاحق ٿيا آھن. انھن تي ڪم ٿيندو اچي ھا ته خاص طور سکر بئراج ۽ گڊو توڻي ڪوٽڙي بئراج جي ھھڙي ڳڻتيءَ جھڙي صورتحال نہ ھجي ھا. ڪجھ ڏينھن اڳ سکر بئراج جي گيٽ نمبر 44 ۽ 47 واري ٿيل نقصان تي حڪومت پاران جوڙيل ٽيڪنيڪل ڪاميٽيءَ جي ڇرڪائيندڙ جيڪا رپورٽ آئي آھي تنھن ته ساڃاھ وند حلقن کي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيون آھن. اھڙي قسم جي بيحسي ظاھر ڪري ٿي ته ھيترا اربين روپيا خرچ ٿيڻ باوجود ڪو بھتريء جو ڪم جيڪو پڻ سنڌ بئراججز امپروومنٽ پروجيڪٽ جي TOR  ۾ لکيل آھي مناسب ناھي ٿيو. ان جو ڪو ته ذميوار ھجڻ کپي؟ان جو ڪو اعلان ڪري چوي ته ذميوار بہ آھيان ته ان جو ازالو بہ ڪبو. دنيا م قومن جا اڳواڻ ھوندا آھن،انھن وٽ ڏاھپ ھوندي آھي،انھن وٽ قومي Vision ھوندو آھي. پر ھتي ته سواء پنھنجي پيٽ جي اڳتي ڪو سوچي بہ ڪونه ٿو. افسوس سان ٿو چوڻو پوي ته ھي ھيڏو وڏو سنڌ بئراجز امپروومنٽ پروجيڪٽ ٺھيو آھي سندس مول متن، مقصد ۽ ھيڏا وڏا ظاھري طور  نقطا رکيا ويا آھن پر انھن نقطن ۾ ھڪ اھم نقطو ناھي رکيو ويو.؟!اھو اھم نقطو اھو آھي ته ھي بئراجز پنھنجو وقت پورو ڪري ويون آھن. ادارا سوچين، ادارن جا سربراھ سوچين، پارليامنٽيرين کي احساس ھجڻ کپي، ڪو قومي ۽ عوامي جذبو ھجڻ کپي، ادارن جي بھتري قومي بھتريء ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندي آھي.ان لاء سنڌ اسيمبليء جي پارلياماني ميمبرز کي کپي ته هو فوري طور تي ھنن فڪري قومي اشوز کي بحث ھيٺ آڻين.

 

رحمت الله ٻرڙو

 

ڇا بلاول ڀٽو کي ڪا نئين ذميواري ملڻ واري آهي؟

 

پاڪستان جي سياست آئين ۾ قائم ڪيل فريم ورڪ اندر ٿيندي آهي. ملڪ هڪ وفاقي پارلياماني جمهوريه آهي جنهن ۾ صوبائي حڪومتن کي اعليٰ درجي جي خودمختياري ۽ بقايا اختيار حاصل آهن. انتظامي طاقت قومي ڪابينا وٽ رکيل آهي جنهن جي سربراهي پاڪستان جي وزيراعظم، شهباز شريف (3 مارچ2024 کان وٺي) ڪري ٿو، جيڪا ٻه پارليامينٽ ۽ عدليه سان ڪم ڪري ٿي. رياست جو سربراهه صدر آهي جيڪو چونڊيل ادارن طرفان پنجن سالن جي مدت لاءِ چونڊيو ويندو آهي. آصف علي زرداري هن وقت پاڪستان جو صدر آهي۔ 18 هين ترميم کان اڳ صدر هڪ اهم اختياري هو، 2010 ۾ منظور ٿيل ترميم ان جي اڪثر اختيارن کي ختم ڪري ڇڏيو. ان وقت کان وٺي، پاڪستان هڪ نيم صدارتي نظام کان هڪ خالص پارلياماني حڪومت ڏانهن منتقل ٿي چڪو آهي. 2008ع ۾ صدر پرويز مشرف جي استعيفيٰ کان پوءِ ”ملٽري اسٽيبلشمينٽ“ ۽ سياست جي وچ ۾ هڪ تيز لڪير ٺهي وئي جنهن سبب پاڪستان جي ڪنهن به وزير اعظم ڪڏهن به پنهنجو مڪمل مدت پورو نه ڪيو آهي.هن وقت به نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽيء جي اتحاد ۾ هلندڙ حڪومت اندروني اختلافن جو شڪار آهي. شهباز حڪومت ٺهڻ کان وٺي پيپلزپارٽي ظاهري طور حڪومت جو حصو هئڻ باوجود اندروني طور سخت ناراض ڏسڻ ۾ اچي ٿي جنهن جو تذڪرو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وقت بوقت ڪندو رهيو آهي جڏهن سندس پارٽيء جا وزير خود بلاول ڀٽو کي وزيراعظم ڏسڻ جا خواهشمند رهيا آهن پوئين اليڪشن ۾ وزيراعظم بلاول ڀٽو جا نعرا هڻي چونڊون کٽيون پر نتيجن اچڻ بعد زرداري صاحب پاڻ ملڪ جي صدارت وٺي نوازليگ سان ٺاهه ڪري شهباز شريف کي وزيراعظم بڻائي بلاول ڀٽو کي سائيڊ تي ڪري ڇڏيو جنهن تي بلاول ڀٽو سميت ڪيترائي پارٽي اڳواڻ ناراض به ٿيا پر زرداريء جي مفاهمتي پاليسيء تحت ڪجهه وقت لاء خاموشي ٿي ويئي پر بلاول ڀٽو جڊيشل ڪميشن ۾ هڪ جيتري نمائندگي نه ملڻ ۽ اتحاد کان پوء ٿيل معاهدن تي  تي عمل نه ڪرڻ ڪري وري شهباز حڪومت کان ناراض ٿيندو رهيو آهي، پيپلز پارٽي قيادت ڪجهه ٻيو سوچي رهي آهي۔ پر بلاول جي ڪاوڙ کي هڪ دفعو ٻيهر نطرانداز ڪري،  وزير اعظم شهباز شريف ۽ صدرِ آصف علي زرداري جو گڏجي اڳتي هلڻ تي اتفاق ٿي ويو۔  لڳي ٿو ته ڪنهن معاملي تي رياست پهچڻ واري آهي ۽ ان لاءِ سڀني ڌرين کي اعتماد ۾ ورتو پيو وڃي.  هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخر اهڙا ڪهڙا اهم معاملا آهن جنهن جي ڪري اهي ملاقاتون ٿي رهيون آهن ۽ ايوان صدر ۾ ڪا نئين کچڻي پچي رهي آهي. ايوان صدر ۾ ملاقات ۾ اسحاق ڊار، محسن نقوي، بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر به موجود هئا. ملاقات دوران نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽيء ۾ اختلافن کي نبيرڻ تي به ڳالهيون ٿيون آهن ۽ اسحاق ڊار کين يقين ڏياريو ته ساڻن طئي ٿيل معاملا نڀايا ويندا. ان سان گڏ ڪابينه ۾ واڌ تي به ڳالهيون ٿيون آهن ته بلاول ڀٽو زرداري نائب وزيراعظم ۽ فارين منسٽر طور شامل ٿي سگهي ٿو پر في الحال بلاول ڀٽو پاران انڪار ڪيو ويو ۽ بااختيار وزير اعظم ٿيڻ جو ارادو رکي ٿو پر ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو کي ملڪ جو نائب صدر بنائڻ جو آپشن به ڏنو ويو آهي هاڻي ڏسڻو اهو آهي بلاول ڀٽو ڪهڙي ذميواري قبول ڪري ٿو جيڪڏهن هو اتحادي حڪومت جو حصو رهڻ چاهي ٿو ته ڪانه ڪا زميواري وٺندو پر جيڪڏهن هروڀرو کيس وزيراعظم ٿيڻو آهي ته پوء عدم اعتماد جو آپشن به سندس سامهون آهي. جنهن ذريعي پي ٽي آئي سان اتحاد ڪري وزيراعظم بڻجي سگهي ٿو پر ان لاء کيس ڪجهه وقت انتظار ڪرڻو پوندو۔

 

اعجاز ممنائي/ نوشهروفيروز

 

سنڌ سان ٿيندڙ ظلم

 

سنڌ ڌرتي خدا جي ڏني مان پوري پاڪستان کي پالي ٿي سنڌ جي ھر وسيلي تي قابض بڻيل ماڻھو اسان سنڌين جو ساھ پساھ به پنھنجي ھٿ ۾ ڪرڻ چاھين پيا آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي سنڌي ماڻھو ھميشه ڏکن ڏولاون جا شڪار رھيا آھن سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ جو فيصلو سو سيڪڙو اسان ڌرتي واسين لاء نقصانڪار آھي سنڌو درياهه اسان جو جياپو آھي ترقي جا مختلف نالا مٽائي سنڌ ۽ سنڌين جي وجود کي خطري ۾ وجھڻ جي چال آھي سنڌو تي ڇھ نوان ڪينال نامنظور آھن اگر ڳالھ پاڪستان جي ترقيءَ جي آھي ته پاڪستان جو صوبو صرف سنڌ ناھي ٻين صوبن جا وسيلا به پاڪستان جي ترقيءَ لاء ڪتب آندا وڃن.

 

صدف/ مانجھند

 

او امان

 

اي منهنجي مٺڙي امان، تنهنجي وفات ڪرڻ، دفنائڻ توڙي ٽئي ڏينهن سوڳ وارا ته مون کي جيڪو ڏک هو، سو ته سمجھ ڪجھ ڪونه هو، امان تنهنجي وفات ڪرڻ مهل ته مان ٻه ٽي لڙڪ لاڙي خاموش ٿي ويو هئس، او منهنجي امان مان ته ان وقت ڏاڍو مضبوط هئس جيڏي مهل توکي پنهنجي هٿن سان قبر ۾ لاٿو هئم، تنهنجي ڪلهن کي پڪڙي تلقين ڏياري هئم، پر منهنجي مٺڙي امان تنهنجي وڇوڙي جو صدمو ته تڏو کڻڻ کان پوء ٺيڪ طرح منهنجي روح ۾ ڪان جيان پيوست ٿيو آهي، امان خبر ٿئي هاڻ پاڻ کي بلڪل بي سهارا ۽ پوري دنيا ۾ تنها محسوس ڪري رهيو آهيان،  امان هاڻ صبح منجهند شام رات ڏينهن هر پل هر گهڙي تنهنجون يادون منهنجي نيڻن کي لڙڪن لارون ارپي وڃن ٿيون، او امان منهنجو اندر ڀورا ڀورا ٿي پيو آهي، منهنجي مٺڙي امان خبر اٿئي منهنجي نظر جيڏي مهل تنهنجي کٽ تي پئي ٿي جنهن تي توکي نه ٿو ڏسان ته هانءُ ڏري ٿو پوي. او منهنجي مٺڙي امان مان ته تنهنجون جتيون ڏسي به روئي پوندو آهيان، امان خبر اٿئي مان ته رات جو دير سان به اٿي تنهنجي خالي کٽ کي بار بار ڏسندو آهيان ۽ دل چوندي آ ته امان پنهنجي کٽ تي سمهيل آهي، او امان تون ته ان پار هلي وئي آهين جتان ڪوئي به واپس ناهي ايندو پر امان يقين ڪر منهنجي دل نه ٿي مڃي، منهنجي دل چئي ٿي نه امان ناهي وفات ڪئي، او امان تون سڀ اولاد تي ساه ڏيندي هئين مگر تون سڀ کان وڌيڪ مون کي چاهيندي هئينءَ، جنهن جو تون ڪيترائي ڀيرا سڀني گهر ڀاتين جي سامهون اقرار به ڪري چڪي هئين ته اولاد ۾ هڪ تون مونکي سڀ کان وڌيڪ عزيز آهين، او منهنجي مٺڙي امان آئون ته هر روز شام جو اهو ساڳو کير تنهنجي لاءِ وٺي ايندو آهيان جيڪو تنهنجي پيئڻ لاءِ آڻيندو هئم ۽ هاڻ تنهنجي نيت سان ڏئي ڇڏيندو آهيان،

امان خبر اٿئي آئون جڏهن به ٻاهران ايندو آهيان سڀ کان پهريان تنهنجي خالي پيل کٽ وٽ اچي بيهندو آهيان،

امان سچ پڇين منهنجي دنيا ۽ منهنجي ڪائنات تون هئين، تون ناهين ته منهنجي زندگي بليڪ اينڊ وائيٽ بنجي وئي آهي، تو بن مان اداس ٿو رهان، پريشان ٿو رهان، پوري دنيا ۾ پاڻ کي تنها ٿو ڀائنيان،او امڙ تون ئي ته منهنجي زندگي هئين، تو بن جي ڇا ڪندس، امڙ مون کي به پاڻ وٽ گهرائي ڇڏ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

 

امان تنهنجو يتيم ٻچڙو

 

مارئي ايڪسپريس  ٽرين ۽ عوامي مشڪلاتون

 

ميرپورخاص کان کوکڙوپار ريلوي سيڪشن جيڪو تمام قديمي ۽ پراڻو سيڪشن آھي جنهن  تي راجا واري سڏرائيندڙ ٽرين کان ويندي وقتن بوقتن ڪافي ريل گاڏين جي آمد رفت جاري رھي آھي جڏھن ڪوئلي واري ٽرين ھلندي ھئي ان وقت به صبح شام لڳ ڀڳ ٽوٽل چار وقت ريل گاڏين جا ھيا   جنهن  تي ٽرينون سفر ڪنديون ھيون جھڙوڪر صبح جو 1up ٽرين,ڏينهن  جو 2down ٽرين ,شام جو 5up ٽرين ۽ رات جو وري 6down جي نالن سان ٽرينون جاري رھيون بعد ۾ مارئي پيسينجر ٽرين شروع ڪئي وئي جيڪا ڪڏهن  بند ته ڪڏهن  ٽريڪ تي بهرحال بنا ٽائم ٽيبل جي ھلي پئي, ھن ٽريڪ تي شاھ لطيف ايڪسپريس ۽ مھراڻ ايڪسپريس ٽرينون پڻ ھلنديون ھيون جيڪي 27ڊسمبر 2007 ع جو محترما  جي شھادت ۾ ٿيل ريلوي جي نقصان جو جواز ڄاڻائي بند ڪيون ويون جيڪي ھن وقت ڪراچي کان ميرپورخاص ھلي رھيون آھن. ھن قديمي پراڻي ريلوي سيڪشن تي  زيرو پوائنٽ، کوکڙاپار، واسل واھ، جالو چئونرو، پرچي جي ويري، نيو ڇور، ڇور ڇانوڻي، سومرا سر، حانسيسر، ساڍر، ڍورونارو، فقير ترقو منڱريو (اڳوڻي ھيرل)، پٿوروجنڪشن،سائينداد، شادي پلي، عبدالله آباد، بلوچ آباد، جمڙائو جنڪشن توڙي جو ميرپورخاص اسٽيشنون شامل آھن ۽ ھن سيڪشن جي ارننگ به بھتر آھي ۽ ھيڏي وڏي رش ٿيڻ جي باوجود ھن ٽرين کي بنا ٽائم ٽيبل جي حيدرآباد کان رواني ڪئي وڃي ٿي جيڪي حيدرآباد کان کوکڙاپار سفر دوران صرف ٽي بوگيون کڻي نڪري ٿي ۽ ٽرين ۾ ڪنهن  ب وجود کي جڳھ ملڻ به محال ٿي چڪو آھي ڪافي ساڃاھ وندن ھر فورم تي آواز اٿاريو پر ڪير ب نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناھي ھن ريلوي سيڪشن تي ملندڙ قدرتي ڪارائتين شين تي وفاق جي ڪنهن  تاڙ ۾ ويٺل باز جيان نظر کتل آھي پر عوامي تڪليفن تي ڪير ب نظر ڌرڻ لاء تيار ناھي

اسان ريلوي جي وزير، ڊي ايس ڪراچي، اي او ميرپورخاص حدن ۾ ايندڙ تڪن جي چونڊيل نمائندن سميت وس وارن کي گزارش ٿا ڪيون ت جلد نوٽيس وٺي حيدرآباد کان کوکڙاپار ھلندڙ مارئي پيسينجر ٽرين جو ٽائم ٽيبل درست ڪري ۽ گھٽ ۾ گھٽ ست کان اٺ بوگيون ڏئي مسافرن جو سفر آسان ڪرائي کيس پيش ايندڙ تڪليفن کان بچايا وڃن.

 

عبدالغني “عبد” آريسر  ڍورونارو