فالج کان بچاءُ ممڪن آهي
حصو آخري
فالج ۾ ڇا ٿيندو آهي؟
فالج جا ڪيترائي قسم آهن. سڀ کان عام قسم جي فالج ۾ مريض جي جسم جو هڪ پاسو ڪمزور ٿي ويندو آهي، ان لاءِ فالج کي “اڌ رنگو” به چيو ويندو آهي. انهن کي گهمڻ ڦرڻ ۽ پنهنجو توازن برقرار رکڻ ۾ مشڪل ٿيندي آهي. سندن چهرو به ڦري ويندو آهي. ڪجهه مريضن کي شروعاتي ڏينهن ۾ کائڻ پيئڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي، ان لاءِ انهن جي نڪ ۾ نلڪي وجهڻي پوندي آهي. ڪجهه مريضن کي ڳالهائڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي، ڪجهه مريضن کي ڳالھ سمجهڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي. ڪجهه مريضن کي ڏسڻ ۾ مشڪل ٿئي ٿي. ڪجهه مريض مڪمل طور تي پنهنجي بستري تائين محدود ٿي وڃن ٿا ۽ هر شي لاءِ ٻين جا محتاج ٿي وڃن ٿا.
ڇا فالج کان بچاء ممڪن آهي؟
جي بلڪل. نه صرف فالج کان بچاء ممڪن آهي بلڪه آسان به آهي ۽ اهو ئي سڀ کان بهتر حل آهي. ان لاءِ انهن شين جو خيال رکڻو پوندو جيڪي فالج جو سبب بڻجن ٿيون.
- جيڪڏهن توهان کي شگر جي بيماري آهي ته مهرباني ڪري پنهنجي شوگر تي ڪنٽرول ڪريو. باقاعدگي سان دوائون وٺو، شگر کي باقاعدگي سان چيڪ ڪريو، پنهنجي غذا جو تمام گهڻو خيال رکو ۽ باقاعدگي سان پنهنجي ڊاڪٽر سان صلاح ڪريو. جيڪڏهن توهان کي شگر جي بيماري نه آهي ۽ توهان جي عمر 40 سالن کان مٿي آهي يا توهان جي گهر ۾ ڪنهن کي شگر جي بيماري آهي ته پوءِ مهرباني ڪري سال ۾ هڪ ڀيرو پنهنجي شگر ضرور چيڪ ڪريو. گهڻن ماڻهن کي شگر جي بيماري (ذیابيطس) هوندي آهي پر اهي بي خبر هوندا آهن. انهن کي شگر جي بيماري جو احساس ان وقت ٿيندو آهي جڏهن انهن کي دل جو دورو، فالج، گردن يا نظر جو مسئلو ٿئي ٿو ۽ ان وقت شگر چڪاس ڪئي وڃي.
- توهان پنهنجو بلڊ پريشر چيڪ ڪريو. جيڪڏهن اهو وڌيل آهي، ته پوءِ پنهنجي ڊاڪٽر سان صلاح ڪريو، باقاعده دوائون وٺو، ۽ گهڻي لوڻ جي استعمال کان بچو. شگر وانگر، ڪيترن ئي ماڻهن کي خبر ناهي هوندي ته انهن جو بلڊ پريشر وڌيل آهي جيستائين ان جي چڪاس نه ڪجي. ڪجهه ماڻهن کي اها غلط فهمي هوندي آهي ته بلڊ پريشر وڌڻ سان مٿي ۾ سور ٿيندو آهي، سور نه ٿئي ته بلڊ پريشر صحيح هوندو. اها بلڪل غلط ڳاله آهي. بلڊ پريشر وڌڻ جو مٿي جي سور سان ڪو به تعلق ناهي. ٻيو ته بلڊ پريشر جون دوائون هر روز باقاعدگي سان وٺڻيون هونديون آهن. ڪجهه ماڻهو ان وقت دوا وٺندا آهن جڏهن انهن کي مٿي ۾ سور هوندو آهي، جيڪو سراسر غلط آهي. توهان اهو نه ٿا ٻڌائي سگهو ته توهان جو بلڊ پريشر وڌيل آهي يا نه، جيستائين توهان ان جي چڪاس نه ٿا ڪريو.
- مھرباني ڪري پنھنجي ڪوليسٽرول جي چڪاس ڪرايو. جيڪڏهن اهو وڌيل آهي ته پنهنجي ڊاڪٽر سان صلاح ڪريو ۽ دوا شروع ڪريو. تريل کاڌي ۽ وڏي گوشت کان پاسو ڪريو.
- سڀ کان ضروري، جسماني ورزش ڪريو. روزانو گهٽ ۾ گهٽ 30 منٽن لاءِ تيز تيز گهمڻ کي پنهنجو معمول بڻايو. اهو توهان جي دل ۽ دماغ ٻنهي لاءِ تمام فائديمند آهي.
- مهرباني ڪري پاڻ کي سگريٽ نوشي کان بچايو. سگريٽ نوشي توهان جي صحت لاءِ تمام گهڻو نقصانڪار آهي. اها توهان جي ڦڦڙن، دل، دماغ کي نقصان پهچائي ٿي ۽ ڪيترا ئي خطرناڪ ڪينسر پڻ ڪرائي ٿي. مان سمجهان ٿو سگريٽ ڇڏڻ مشڪل آهي، ان لاءِ توهان کي پنهنجن ويجهن جي مدد جي ضرورت هوندي آهي.
- جيڪڏهن توهان جو وزن وڌيل آهي ته مهرباني ڪري پنهنجي وزن کي گهٽ ڪريو. توهان جو وزن توهان جي قد ۽ جنس تي منحصر آهي ۽ نه ڪي توهان جي عمر تي. هڪ ساڍا 5 فوٽ قد واري مرد جو وزن، 82 ڪلو کان گهٽ هجڻ گهرجي. اهڙي طرح هڪ ساڍا 5 فوٽ قد واري عورت جو وزن، 65 ڪلو کان گهٽ هجڻ گهرجي. وزن گھٽائڻ سان توهان پنهنجي شگر، بلڊ پريشر ۽ ڪوليسٽرول کي به ڪنٽرول ڪري وٺندو.
وفا معشوق علي کوکر/ خيرپور ناٿن شاهه
جلال چانڊيو واقعي جلال هو
يڪتاري چپڙي جو بي تاج بادشاه
جلال چانڊيو سنڌي لوڪ موسيقيئ جو هڪ اڏول نالو ۽ بي مثال فنڪار هو، جيڪو 10 اپريل 1944ع تي نوشهروفيروز ضلعي جي ڳوٺ ٻٻر ۾ جنم ورتو. هن جو تعلق هڪ غريب گهراڻي سان هو، پر سندس شوق، جذبو ۽ ڪوششون کيس دنيا جي سڃاڻپ ڏيارڻ ۾ ڪامياب ويو. جلال چانڊيو پنهنجي منفرد انداز، سُريلي آواز ۽ عوامي جذبن سان ڀرپور گيتن ذريعي سنڌي موسيقي کي نئون اوج ڏنو. جلال چانڊيو جو زندگي جو سفر هڪ عام ماڻهو جيان شروع ٿيو. هن پنهنجي گيتن ۾ سنڌ جي ماڻهن جي محبت، درد، پيار، ۽ جدوجهد کي پيش ڪيو. سندس گيتن ۾ سنڌي ثقافت جا رنگ نمايان هئا. هو ڳوٺن جي ننڍن ميلن کان وٺي وڏن اسٽيجن تي به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندو هو ۽ هر هنڌ ماڻهن کان بيحد داد حاصل ڪندو هو. جلال چانڊيو جي ڳايل شاعري ۽ گيت خاص طور تي دل کي ڇهندڙ هوندا هئا، جيڪي سماجي مسئلن ۽ انسانيت جي جذبي کي اجاگر ڪندا هئا. جلال چانڊيو نه صرف هڪ گلوڪار هو، پر سنڌي ثقافت جو ترجمان به هو.سندس مشهور گيت “دلبر دل ۾ رهندي”، “مون کي ڇڏي ڏيو”، ۽ ٻيا ڪيترائي اڄ به عوام جي دلين ۾ زنده آهن. سندس آواز ۾ هڪ خاص ڪشش هئي، جيڪا ماڻهن کي سندس طرف ڇڪي وٺندي هئي. جلال چانڊيو جي وفات کي ڪيترائي سال گذريا ويا آهن اڄ به سنڌين جي دل ۾ ان جي لاءِ محبت زنده آهي. ڪنڌڪوٽ شهر کان 5 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي جلال چانڊئي جو يگانو عاشق محمد قاسم بنگوار هر سال جلال چانڊئي جي ورسي جي موقعي تي وڏي مچ ڪچهري ڪوٺائيندو آهي ان ۾ ڏورانهين پنڌ کان جلال چانڊئي جا شوقين شرڪت ڪندا آهن ۽ گيتن جي ڀيٽا پيش ڪندا آهن. آخري ڏينهن ۾، هو بيماري ۽ تنگدستي جو شڪار رهيو، پر پنهنجي موسيقي ۽ آواز کي ڪڏهن به گهٽجڻ نه ڏنو. هو 10 جنوري 2001ع تي لاڏاڻو ڪري ويو، پر سندس يادگار گيت ۽ لوڪ موسيقي لاءِ ڪيل خدمتون اڄ به سنڌ جي ثقافت جو اهم حصو آهن. جلال چانڊيو هڪ اهڙو نالو آهي، جيڪو سنڌ جي عوام جي دلين ۾ هميشه زنده رهندو. سندس فن ۽ موسيقي، سنڌي ثقافت ۽ ورثي جو اڻمٽ حصو آهي.
مسافر رفيق بنگوار /ڪنڌڪوٽ
مولانا غلام محمد گرامي
سنڌ جي مٽي پنهنجي وجود ۾ تاريخ، ثقافت، علم ۽ ادب جا انمول خزانا سانڍي رکيا آهن، اهڙي هڪ مقدس مٽيءَ تي علم ۽ فڪر جا اهڙا ستارا جنم وٺندا رهيا آهن، جن پنهنجي روشنيءَ سان نه رڳو پنهنجي زماني کي روشن ڪيو، پر ايندڙ نسلن لاءِ به فڪر ۽ شعور جا بنياد ڇڏيا. اهڙي ئي ڏاهپ ڀرئي ماحول ۾ دادو ضلعي جي ميهڙ شهر جو اهو چيڪي مٽيءَ ۽ مينديء وارو وجود آهي، جتان غلام محمد گرامي جهڙي شخصيت پنهنجي فڪر، محنت ۽ علم جي روشني سان هڪ نئين اميد جي ڪهاڻي لکي ڇڏي. غلام محمد گرامي، جنهن جو جنم 30 ڊسمبر 1920ع تي غربت جي نازڪ دور ۾ ٿيو، پنهنجي ابتدائي زندگيءَ ۾ ئي اهو ثابت ڪري ڇڏيو ته علم ۽ شعور جي تلاش لاءِ حالتن جي پابندي هڪ وهم کان وڌيڪ ڪجهه به ناهي. سندس والد، جاڙو خان، پنهنجي محدود وسيلن هوندي به پنهنجي فرزند جي تربيت کي سڀ کان وڌيڪ اهميت ڏني. سرڪاري اسڪول بدران مدرسي ۾ علم حاصل ڪرڻ کان وٺي فارسي، عربي، سنڌي ۽ اردو ۾ ڏات جي بلندي تائين پھچايائين، غلام محمد گرامي پنهنجي ذاتي مطالعي ۽ محنت سان اهڙا جهنڊا کوڙيا، جن سندس هم عصرن ۽ عالمن کي به حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. سندس خانداني شجرو، جيڪو جاڙو خان کان وٺي برادي خان تائين پهچي ٿو، جيڪو نه صرف لغاري بلوچ ذات جي عظمت کي ظاهر ڪري ٿو، پر ان دور جي سياسي، سماجي ۽ فڪري ماحول جي هڪ عڪس کي به پيش ڪري ٿو. مولانا غلام محمد گرامي جي علمي سفر جو بنياد هڪ اهڙي روحاني ۽ فڪري ماحول ۾ پيو، جتي استاد ۽ بزرگ، علم کي فقط نصابي مضمونن تائين محدود نه رکندا هئا، پر ان کي زندگيءَ جي مقصدن ۽ اخلاقي بنيادن سان ڀرپور انداز ۾ سلهاڙيندا هئا. سندس شادي، جيڪا ڳوٺ سرائي ٻٽن ۾ مولانا عبدالڪريم ديروي رحه جي ڪوششن سان ٿي، فقط هڪ سماجي ٻنڌڻ نه هئي، پر ان ۾ زندگيءَ جي تنظيمي جوڙجڪ ۽ اخلاقي اقدار جي هڪ نئين شروعات هئي. ان ازدواجي زندگيءَ جي پس منظر ۾ گرامي پنهنجي علمي ۽ فڪري سفر کي وڌيڪ مضبوط بنيادن تي استوار ڪيو. 1943ع ۾، جڏهن گرامي صحافت جي دنيا ۾ قدم رکيو، ته سندس قلم فڪر ۽ شعور جي اُها پيغام رسائي ڪري رهيو هو، جيڪا نه صرف وقت جي سياسي ۽ سماجي حالتن جو عڪس پيش ڪري رهي هئي، پر ايندڙ نسلن لاءِ فڪري راهون پڻ متعين ڪري رهي هئي. سال 1955ع ڌاري، جڏهن گرامي سنڌي ادبي بورڊ سان لاڳاپيل ٿيو ۽ سه ماهي رسالي “مهراڻ” جو مئنيجنگ ايڊيٽر بڻيو. هن رسالي ذريعي مولانا غلام محمد گرامي نه رڳو ادبي معيار بلند ڪيو، پر سنڌي ادب کي هڪ عالمي فڪري ورثي جي روپ ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. گرامي، هڪ فرد نه پر هڪ تحريڪ بڻجي، ادبي ميدان ۾ اُن وقت جي نون اديبن، شاعرن ۽ سگهڙن لاءِ هڪ اهڙو پليٽ فارم تيار ڪيو، جتي انهن جي اندر جي سچائي ۽ جذبات کي لفظن جي شڪل ۾ ڏسڻ جو موقعو مليو. “مهراڻ” رسالو، گرامي جي هٿ هيٺ هڪ اهڙي روحاني ۽ فڪري روشني بڻيو، جيڪا چوڏهن چنڊن جي خوبصورتيءَ سان جھلڪڻ لڳي. هن صرف مواد کي ترتيب نه ڏنو، پر اُن کي پنهنجي روحاني ۽ فڪري پرک سان هڪ معنيٰ بخش شڪل ڏني، جنهن سان سنڌي ادب جي روايتن ۾ نئين زندگي پيدا ٿي. گرامي جو ڪالم “آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين” نه رڳو هڪ ادبي اظهار هو، پر اهو زندگيءَ جي فنا ۽ بقا جو فلسفو پيش ڪرڻ جو هڪ لازوال عمل هو. هن گذاري ويل اديبن، شاعرن ۽ سماجي شخصيتن تي وفات ناما لکندي نه فقط سندن ذاتي ڪردار کي ياد ڪيو، پر ان سان گڏ اُنهن جي علمي ۽ ادبي خدمتن کي تاريخ جي تسلسل ۾ ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي. سيد بچل شاهه، جڏهن انهن لکڻين کي “ويا سي وينجهار” نالي ڪتابي شڪل ڏني، تڏهن اهو صرف هڪ ڪتاب نه رهيو، پر هڪ انساني تاريخ جو مجموعو بڻجي ويو، جيڪو موت ۽ حياتيءَ کي هڪ نئين انداز سان پيش ڪري ٿو. مولانا غلام محمد گرامي، صرف نثر تائين محدود نه رهيو، بلڪه سندس شعري تخليقون پڻ سندس فڪري وسعت ۽ جذباتي گھرائيءَ جو ثبوت آهن. سندس غزل، جيڪا هڪ حساس دل ۽ اعليٰ شعور جي عڪاسي ڪري ٿي، ادب جي ميدان ۾ اُن دور جي جمالياتي حسيات کي نئين سر تعبير ڏني. گرامي جو نظم ۽ غزل نه فقط لفظن جو ميل هو، پر اهو انساني جذبن، درد ۽ خوشين جو هڪ مڪمل اظهار هو، جيڪو هر پڙهندڙ جي دل سان سڌو ڳنڍجي ويندو.
“ڪو عشق ۾ روئڻ جي ادا کي سمجهي،
ڪا درد جي دلبر صدا کي سمجهي.
نه لفظن جي محفل، نه ڳالهين جو رنگ،
ڪو دل جي خفا ۾ دعا کي سمجهي.
هوا جا به ساٿي ڪيئي آهن پر،
ڪو وقت جي خاموش فضا کي سمجهي.
گرامـــي جا احساس به آهن انمول،
ڪو خيال جي روشنيءَ کي سمجهي”.
“الله جو وجود” کان وٺي “ادبي اهڃاڻ” ۽ “اسلامي تاريخي ڪهاڻيون” کان “مشرقي شاعري جا فني قدر”، هر تخليق سندس علمي گھرائي ۽ وسيع بصيرت جو ثبوت آهي. سندس هر ڪتاب انساني زندگيءَ جا نه صرف مختلف پهلو پيش ڪري ٿو، پر ان کي هڪ فڪري روشني فراهم ڪري ٿو، جيڪا وقت جي اونداهين کي چيريندي اڳتي وڌي ٿي.
ڊاڪٽر عبدالخالق جانوري/ لقمان خيرپور
ھڪ آيت به اسان جي زندگي کي تبديل ڪري سگھي ٿي
الله پاڪ وقت به وقت پنھنجن پيارن تي مختلف پاڪ ڪتاب ۽ صحيفه نازل ڪيا پر قرآن مجيد پنھنجي پياري محبوب حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم تي نازل فرمايو. ھن پاڪ ڪتاب ۾ نه صرف مسلمانن جي رھنمائي بلڪ پوري انسانذات جي رھنمائي ۽ ڀلاءِي شامل آھي جيڪڏھن اسين قرآن مجيد جي ڏسيل واٽ تي هلنداسين ته پنھنجي زندگي ۾ ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون ماڻيندا سين. قرآن مجيد جي ھڪ اھڙي آيت جنھن مون کي تمام گھڻو متاثر ڪيو سوچيم ته ھن بابرڪت آيت کي ٻين تائين به پھچايان.
سياري جي موڪلن جي پڄاڻي تي جڏھن پنھنجي پڳدار پٽ محمد طحہ کوکر کي آئي بي اي پبلڪ اسڪول سکر ڇڏڻ ويس ته منھنجي نظر غزالي ھاسٽل جي ديوار تي ھڪ بينر نما پوسٽر تي لکيل قرآن مجيد جي آيت تي پئي جيڪا ٽن ٻولين يعني عربي، اردو ۽ سنڌي زبان۾ ترجمو ٿيل ھئي ھن آيت جو مفھوم ڪجھ ھن ريت ھو
الله تعالي ان قوم جي حالت، تقدير کي ان وقت تائين نه ٿو مٽائي جيستائين اھي پنھنجي تقدير ۾ تبديلي پاڻ نه ٿا آڻين.
ھن آيت پڙھڻ کانپوءِ سوچن جي سمنڊ ۾ غرق ٿي ويس ته قرآن مجيد مسلمانن جو پاڪ ڪتاب ھئڻ سان گڏوگڏ پوري عالم انسانيت جي لاءِ جي رھنمائي ڪندڙ آھي ۽ ان پاڪ ڪتاب ۾ خداوند تعالي پنھنجي مخلوق سان مخاطب ٿيندي ڪيڏا نه سونھري لفظ بيان ڪيا آھن جيڪي انسانذات جي ڀلائي لاءِ آھن پر افسوس جو اسين انھن سونھري لفظن جي طرف پنھنجو ڌيان نه پيا ڌريون اسان منجھان اڪثريت جي واتان صرف اھو ٻڌو ويندو آھي ته الله پاڪ ڀلائي ڪندو. اسان مسلمانن جو ان ڳالھ تي پورو پورو يقين ۽ ايمان آھي ته بيشڪ مالڪ ئي ڀلائي ڪندو پر ڪجھ پاڻ کي به جستجو ڪرڻي پوندي جيئن ڀٽائي گهوٽ فرمائي ٿو ته
پاڻھي ايندم ھوت پر ڪجھ آئون به اڳ ڀري ٿيان
انگريزي ٻوليئ ۾ ھڪ چوڻي آھي ته
God helps those who help them selves
يعني خدا پاڪ انھن جي مدد ڪري ٿو جيڪي پنھنجي مدد پاڻ ڪن ٿا
مطلب ته اسان کي خاموش ٿي ناھي ويھڻو پر پنھنجي جدوجھد جاري رکڻي آھي. پاڪستان جي آئين مطابق ھر پنجن سالن کان پوءِ اليڪشن ٿيندي آھي ۽ 18 سال يا ان کان وڏي عمر وارا مرد توڙي عورتون پنھنجو ووٽ تڪ جي ايم پي اي ۽ ايم اين اي کي ڏيندا آھن ۽ پوءِ سندن واتان پنجن سالن تائين صرف اھو ئي ٻڌڻ وٽان ملندو آھي ته اسين ته پنھنجون ووٽ ڏئي آيا آھيون ھاڻي سياستدانن کي رب پاڪ سمجھ عطا فرمائي ته آھي ملڪ کي صحيح رستي تي ھلائين ۽ ملڪ مان مهانگائي، ڪرپشن ۽ ٻين شين تي ضابطو آڻين. ان قسم جي بيان کي قرآن مجيد رد ڪري ٿو الله پاڪ فرمائي ٿو ته رڳو ٻين تي نه ڀاڙيو پنھنجن حقن لاءِ پاڻ ۾ بيداري پيدا ڪيو. ڀٽائي گهوٽ جي ھنن سٽن جيان
ستا اٿي جاڳ ننڊ نه ڪجي ايتري
جو تو ساڻيھ ڀانئيو سو مانجھاندي جو ماڳ
سلطاني سھاڳ ننڊون ڪندي نه ملي.
يعني سجاڳي جي طرف وڌو نه ته دنيا جا ٻيا ملڪ، قومون اوھان کان اڳتي نڪري ويندا ۽ پوءِ اوھان کي صرف پڇتائڻ کانسوائ ٻيو ڪجھ ڪين ورندو.
ستار سنڌي
لوڊشيڊنگ جو آزار
سلطان آباد گرڊ اسٽيشن جتان يوسي مسڻ وڏي ۽ ان سان لڳندڙ سوين ڳوٺن کي بجلي سپلائي ٿئي ٿي اتي سياري جي انهن ڏينهن ۾ به بدترين لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي ۽ روزانو 14 کان 15ڪلاڪ بجلي بند رهڻ معمول بڻيل آهي جنھن ڪري نه رڳو پاڻي جي فراهمي ۽ بجلي تي هلندڙ ڪاروبار متاثر ٿي رهيو آهي پر ان سان گڏ مسجدن گهرن ۽ ٻين ڪاورباري جاين ۾ پاڻي گرم ڪرڻ ۾ پڻ تمام ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. يوسي مسڻ وڏي ۽ ٻين ڳوٺن جو عوام واپڊا جي. اعلي عملدارن کان اهو مطالبو ٿو ڪري ته مهرباني ڪري انهي معاملي جو نوٽيس وٺندي. اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.
مجاهد لغاري/ مسڻ وڏي ٽنڊو الهيار