انور پيرزادو: آزادي، علم ۽ جدوجهد
انور پيرزادي جي زندگي سنڌ جي ادبي، سياسي ۽ ثقافتي جدوجهد جو اهڙو شاهڪار باب آهي، جيڪو نه فقط تاريخ جي ورقن تي روشن آهي، پر انساني وقار ۽ آزاديءَ جي تمنا جو استعارو پڻ آهي. سندس زندگيءَ جي ڪهاڻي ڪنهن ساڳئي سرشتي جي قيد ۾ ٻڌل نه هئي، بلڪه اها مختلف مرحلن ۽ تجربي سان مالامال هئي، جنهن ۾ جدوجهد، قرباني ۽ علمي روشني جو امتزاج ملي ٿو. ٻَلهڙيجيءَ جي مٽيءَ ۾ جنم وٺندڙ انور پيرزادو ابتدا ۾ هڪ سادو ڳوٺاڻو ڇوڪرو هو جيڪو شيخ اياز جي شاعري ۽ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي فڪر کان متاثر ٿيو. پر سندس فطرت ۾ علم جي اُڃ ۽ حق جي تلاش کيس صرف ڪتابن تائين محدود نه رکيو، بلڪه عملي زندگيءَ ۾ هڪ اهڙو ڪردار بڻايو جيڪو صرف پنهنجي لاءِ نه پر پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ان جي ماڻهن لاءِ جيئڻ سکيو. هن جي تعليم، ادب سان محبت ۽ سياسي شعور ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته علم ۽ شعور نه فقط ذاتي روشنائي پيدا ڪن ٿا، پر سماجي انقلاب جا بنياد پڻ رکندا آهن. انور پيرزادي جو ادبي سفر سندس ڪهاڻين ۽ شاعريءَ ۾ واضح نظر اچي ٿو جتي هن انسان جي ڏک، خوشين ۽ آزاديءَ جي خواب کي بيان ڪيو. پر ان سفر سان گڏوگڏ سندس زندگيءَ ۾ سياسي ۽ صحافتي جدوجهد جو سفر پڻ شامل آهي. پاڪستان ايئر فورس ۾ پائلٽ آفيسر جي حيثيت سان چونڊجڻ کان پوءِ فيلڊ ڪورٽ مارشل ۾ بغاوت جو ڪيس هن جي زندگيءَ جو رخ بدلائي ڇڏيو. صحافت جي دنيا ۾ انور پيرزادي جو ڪردار آزاديءَ جي جدوجهد جو هڪ اهم باب آهي. هلال پاڪستان، ڊان ۽ ٻين اخبارن سان لاڳاپي دوران، هن هميشه سچائيءَ کي ترجيح ڏني. ادب ۾ سندس تخليقن، جيئن ته اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجانءِ ۽ ممبئي ياترا، نه فقط سنڌي ادب کي نواڻ ڏني، پر انساني تجربن کي پڻ نئين روشني ۾ پيش ڪيو. سندس لکيل ڪتاب انساني جذبات ۽ سماجي مسئلن کي اهڙي خوبصورتيءَ سان بيان ڪن ٿا، جو اهي پڙهندڙ کي نئين سوچ ۽ سوالن ڏانهن وٺي وڃن ٿا. انور پيرزادي جي زندگيءَ جو مقصد اهو هو ته انسان جي اصل آزادي سندس علم، شعور ۽ حق جي جدوجهد ۾ آهي. هن پنهنجي سموري زندگي پنهنجي ماڻهن لاءِ وقف ڪئي ۽ پنهنجي فڪر کي لفظن ۽ عملن ذريعي امر ڪري ڇڏيو.
ڊاڪٽر عبدالخالق جانوري/ لقمان خيرپور
خواجه غريب نواز معين الدين چشتي اجميري
پاڪ و هند جي سرزمين الله جي نيڪ پرهيزگار، ڪامل ولي، درويشن، مجذوب، صاحبِ ولايت ۽ مرد قلندر هستين جو دنيا جي اندر فيضان عام آهي، انهن عظيم بزرگ هستين ۾ خواجه غريب نواز حضرت معين الدين چشتي اجميري رحمت الله تعاليٰ عليه جو 537 هه بمطابق 1142 ع ۾ سيستان جي علائقي سنجر ۾ جنم ٿيو، سندن عمر 15 سال هئي ته والد گرامي وصال ڪري ويو. پاڻ سمرقند، بخارا، بغداد شريف، نيشاپور، تبريز، اوش، اصفهان، سبزوار، خراسان، خرقان، بلخ، غزنيءَ کان ٿيندا هندستان جي شهر اجمير ۾ پهتا. هن حضرت گنج بخش داتا علي هجويري رحمت الله عليه لاهور واري بزرگ وٽ نه صرف حاضري ڏني پر انهن وٽ تقريبن چاليهه ڏينهن مراقبو به ڪيو. خواجه غريب نواز رحمت لله عليه نيڪيءَ جي دعوت ڏيندي پنهنجي قلم سان تحريري ڪم پڻ ڪندي ڪجهه ڪتاب لکيا جن ۾ انيس الارواح، ڪشف اسراس، گنج اسرار ، رساله آفاق و نفس، رساله تصوف، حديث المعارف ۽ ٻيا شامل آهن. سومهڻيءَ جي وضوءَ سان نماز فجر ادا ڪندا هئا. خواجه غريب نواز جي پاڙيسرين سان حسن سلوڪ جو هيءُ عالم هو جو پاڻ انهن جي خبر گيري لهڻ سميت هر ڏک سک ۾ گڏ هوندا هئا، جيڪڏهن ڪنهن پاڙيسريءَ جي ميت جي خبر ملندي هئي ته انهن جي تدفين جنازي ۾ تشريف فرما ٿيندا هئا، انهيءَ اخلاق حسنه کي ڏسي ۽ شاندار شخصيت کان متاثر ٿي ڪري هڪ وڏو تعداد 90 لک غير مسلم مسلمان ٿي ويا . 6 رجب المرجب 633 هه، بمطابق 16 مارچ 1236 ع بروز سومر تي هن فاني جهان مان 81 سالن جي عمر ۾ وصال ڪري هميشه واري زندگيءَ ڏانهن راهي ٿيا. سندن مزار نه صرف مسلمانن لاءِ پر هندستان جي هرهڪ مذهب وارن لاءِ هدايت جو ذريعو بڻيل آهي.
عبدالفتاح عباسي
قبائلي تڪرارن ۽ بدامني جي باھ ۾ ٻرندڙ ضلعو ڪشمور!!
پوري دنيا جي اندر سرمائيدارانا نظام جي ڏيوالپڻي جي ڪري مختلف ملڪ مسلسل مسئلن جي ور چڙھيل آھن پر انھن ملڪن ۾ رياست جي رِٽ عام ماڻھو جي زندگي قانون مطابق ڪجھه نه ڪجھه محفوظ آھي پر پاڪستان جھڙي ٽين دنيا جي ملڪن ۾ جتي اڄ به ڪلاسيڪل جاگيرداري نظام پنھنجي آخري پساهن پنھنجي باقيات رکندي ٿي اچي. اُتي ڪشمور جھڙو ضلعو هڪ اڻ کُٽندڙ جنگ طرف وڌي رهيو آھي جنھن ۾ قبيلائي تڪرارن کان وٺي ڪاروڪاري ۽ بدامني جي لھر آھي جتي عام ماڻھو جو گذر سفر انتھائي ڏکيو ٿي پيو آھي. ان سموري پسمنظر پٺيان رياستي پشت پناهي آھي. ڪشمور جي سڀني تعلقن ۾ مختلف ذاتين جهڙوڪ تنگواڻي تعلقي ۾ جعفري-نندواڻي، چولياڻي-گاڏهي، چولياڻي-ملڪ، نندواڻي-ڏاهاڻي تڪرار، ڪنڌڪوٽ تعلقي ۾ سبزوئي-جاگيراڻي، سبزوئي-جاگيراڻي –چاچڙ، ڀيا – ڏاهاڻي، محمداڻي -بنگوار تڪرار هلندڙ آھن جنھن ۾ روز ماڻھو مرن ٿا. ليڪن پوليس هن وقت تائين ڪنھن به قتل ڪيس جي جوبدار کي گرفتار ناهي ڪيو. آخر ڇو؟؟
اياز بلوچ/ تنگواني
لطيف سائينءَ وٽ ڪيني جو ذڪر.
ڪينو معني ساڙ، حسد، بغض. ڪيني جي شروعات حضرت آدم جي خلقجڻ واري ڏينهن کان ٿي، جڏهن خدا شيطان جهڙي عبادت گذار فرشتي کي، آدم اڳيان سجدي ڪرڻ جو چيو ويو، جنهن عبادتي غرور، هٺ ۽ ساڙ جي ڪري آدم کي سجدو نه ڪيو جنهن جي ڪري هو خدا جي نظرن مان ڪري پيو ۽ تڙجي ويو. اُن ڏينهن کان وٺي اڄ تائين ڪينو ساڙ هلندڙ آهي. جهالت، ساڙ، بغض ۽ بي شعوري سميت ڪيتريون ئي اهڙيون شيون آهن جيڪي انساني زندگيءَ ۾ فطرتي طور ٿين ٿيون، جن کي سٺي پرورش، تعليم ڪتابن سان دور ڪيو ويندو آهي. ڪيني ساڙ سان ڇا حاصل ٿئي ٿو ان جو ذڪر جڏهن لطيف سائين جي شاعري جي روشني ۾ ڪيون ٿا ته، اسان کي اهو سبق ملي ٿو ته ڪيني ساڙ کي دل ۾ رکندڙ ماڻهو ڪجهه به نه ٿو ڪمائي.
ڪنِين ڪِين پرايو، ڪِيني منجهان ڪِين
جي هوءَ سٽاڻي سِيڱ، ته زهه ڇني جوکو ٿئي.
جيڪڏهن ڪا شئي ڪيني مان حاصل ٿئي ٿي ته اها صرف پريشاني ئي آهي. لطيف سائين جي بيتن جي معنائن کي جڏهن انساني زندگيءَ ڏي موڙيون ٿا ته، لطيف سائين انهن شين کان انساني وجودن کي دور رهڻ جو چيو آهي جن سان هڪ انسان کي پريشاني حاصل ٿئي.
هُو چونِئي تون مَ چَؤ، واتان وَرائي
اَڳ اَڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي
پاند ۾ پائي، ويو ڪيِني وارو ڪيِن ڪي.
ساڙ سان ڪو به ڪامياب نه ويو آهي، ڪامياب اهو آهي جنهن ورندي نه ڏئي صبر اختيار ڪيو سماجي سهپ کان محروم ماڻهو سدائين تڪرارن جهيڙن جي ور چڙهيل هوندا آهن. جيڪڏهن غلط ڳالهين جو جواب به غلط ڳالهين سان ڏبو ته يقينن تڪرارن جهيڙن ۾ واڌارو ٿيندو، پر ڪنهن جي غلط ڳالهه جو جواب ئي نه ڏبو ۽ اڳين ماڻهو جي لفظن کي درگذر ڪبو ته يقينن جهيڙن ۽ نفرتن جو بينادي ئي نه پوندو.
ھو چونئي تون م چو واتان ورائي ويڻ،
سڀني سين، سيد چئي، من ماري ڪر ميڻ،
کانڌ وڏيائي کيڻ، ڪيِني منجهان ڪين ٿئي.
ڪيني وارو ماڻهو ڪنهن به صورت ۾ کٽيو نه ٿو کائي، ۽ نه ئي ان کي ڪا ڀلائي حاصل آهي هونئن به ڪينو، بغض اخلاق ۽ ڪردار جي سڀ کان وڏي خامي آهي.
ناشاد شوڪت شنباڻي
ملڪ ۾ خواب بڻيل شفاف چونڊون!
ملڪي سياسي وايومنڊل ۾ سالن کان جاري انهيَ سياسي رساڪشي کان ويندي ذاتيات تائين پھچندڙ تنقيد ۽ بيانبازي جا دور ته ھلندائي رھندا آهن. ڇاڪاڻ ته وطن عزيز ۾ ھر پاسي ھل رڳو ذاتي مفادن جي تڪميل جو ئي ٻڌڻ ۾ ايندو آهي باقي ھر شعبي ڏانهن نظر ٿي ڪجي ته قومي مفادن ۽ ملڪي عوام جي فلاح و بھبود وارو جذبو ته پنهنجي اندر ڪڏھوڪو جھور ٿي پنهنجا پساهه پورا ڪري چڪو آهي. سڌريل دنيا ۾ اليڪشن جي پڄاڻي تي کٽي آيل اميدوار پنهنجي پاڻ کي اڇي ڪاري جو مالڪ سمجهڻ بدران پنهنجي حڪومت ۾ ھو ڪوشش ڪندو آهي ته کيس ھاڻ عوام طرفان ڏنل انهيَ مينڊيٽ جو ڀرم رکندي ھر صورت ۾ عوام جي اميدن تي پورو لھي. پر افسوس! جو پاڻ جھڙن ٽين دنيا جي ملڪن اندر اھڙا سياسي توڙي سماجي سھپ ۽ رواداري وارا منظر ڏسڻ لاءِ شايد پاڻ کي اڃا صدين تائين سفر ڪرڻو پوندو. ڇو ته ملڪي عوام آڏو صاف شفاف چونڊون ٿيڻ ۽ جمھوري نظام جي مڪمل بالادستي جو ھجڻ ھاڻ ڄڻ ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان ھڪ خواب بڻجي چڪو آهي ۽ ھي ناممڪن بڻجي ويل صاف شفاف چونڊون ھر ڀيري جمھوريت کي اڳ کان وڌيڪ ڪمزور ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ڀرپور نموني ادا ڪري وٺنديون آهن. اھي ئي ڌانڌلين جي الزامن سان سجايل چونڊن جي سيج تي پوءِ ھر روز نوان نوان تڪرار پيا پاڻ ۾ لائون لھندا آهن. ھي اڄڪلهه جو مسئلو نه پر اھو مستقل بنيادن تي حل نه ٿيڻ وارو ڌيان طلب معاملو آهي ڇاڪاڻ ته جڏهن به ھڪ جمھوري نظام اندر اقتدار صاف شفاف انداز ۾ ھڪ سياسي ڌر کان ٻي سياسي ڌر تائين منتقلي واري راھ ۾ رڪاوٽون ڪر کڻڻ لڳنديون آھن ته انهن رڪاوٽن ۾ وڏي رڪاوٽ صاف شفاف چونڊون نه ٿيڻ پڻ آهي. تنھن ڪري ھاڻ تاريخ جي تجربن مان سکڻ گھرجي عوام جي ووٽ جو تقدس ھر صورت بحال ٿياڻ کپي، اڇي ۽ ڪاري جو مالڪ رڳو ملڪي عوام کي ئي ھئڻ گھرجي ۽ اھو تڏهن ئي ممڪن ٿيندو جڏهن ملڪ ۾ صاف شفاف چونڊن جو ٿيڻ ممڪن بڻجندو.
آفتاب سليمان لغاري
ڪراچي لاءِ حب ڊيم کان نئين ڪئنال
سنڌ حڪومت پاران ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ حب ڊيم کان هڪ نئين واٽر چينل جي تعمير جو منصوبو شروع ڪيو ويو آهي. هن منصوبي جو ڪافي حصي تائين ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ سنڌ حڪومت جي ڪوشش آھي ته آگسٽ 2025 تائين هن چينل ذريعي ڪراچي کي روزانو 100 ملين گيلن پاڻي فراهم ڪيو وڃي. ھي نئون چينل 45-46 سال پراڻي موجوده چينل جي جاءِ وٺندو، جنهن ۾ پاڻي جي رساءَ ۽ نقصان جي ڪري مڪمل فراهمي ممڪن نه ٿي رهي هئي. ان سان گڏوگڏ پراڻي چينل جي بحاليءَ جو ڪم به جاري آهي ته جيئن اضافي پاڻي ڪراچي پهچائي سگهجي. ھن نئين ڪئنال ذريعي گھٽ ۾ گھٽ اھو فائدو ضرور ٿيندو ته برسات ۾ جڏھن حب ڊيم ٽٻٽار ٿي ويندو ھو ته ان جو اضافي پاڻي ضايع ٿي ويندو ھو. ھاڻي اھو پاڻي ھن ڪئنال ذريعي ڪراچي جي اولھه وارن علائقن کي فراھم ڪيو ويندو. سنڌ ڪابينا هن منصوبي جي منظوري 12 ارب رپين جي لاڳت سان ڏني آهي، جنهن کي 12 مهينن اندر مڪمل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. ھن منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان ڪراچي جي اولھه، وچ، ڪياماڙي، لياري ۽ ٻين علائقن جي رهاڪن کي فائدو پهچندو ۽ شهر ۾ پاڻي جي کوٽ جا مسئلا جلد حل ٿي سگهندا. اميد آهي ته هي منصوبو مقرر وقت ۾ مڪمل ٿيندو، جنهن سان ڪراچي جي شهرين کي پاڻي جي فراهمي ۾ بهتري ايندي.
علي رضا سومرو /ڪراچي
دادو ضلعي ۾ ڏوهن ۾ واڌ غير محفوظ ٿي ويل غريب ماڻهو
دادو ضلعو ورهين کان بدامني سبب سڄي سنڌ ۾ مشهور آهي. دادو جي چئني تعلقن سميت ڪاڇي تائين هن وقت ڦھليل بدامني مان پوليس جي بيوسي ڏسي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو. چند ڏوهارين پوليس جي ساک سواليه نشان بڻائي آهي. ڏينهن هجي يا رات ڪوبه شھر وستي واهڻ روڊ رستا ڏوهارين کان محفوظ ناهن. غريب بي پهچ ماڻھن جا ننگ ۽ دنگ به محفوظ ناهن. آءِ جي سنڌ صاحب روزانو پريس بيان جاري ته ڪري رهيو آهي پر بدامني سبب هرنئون ڏينهن عوام جي دلين ۾ نئون خوف کڻي اچي رهيو آهي. بدامني جو وڏو سبب اهو آھي ته اڌ کان وڌيڪ ڏوهارين جا پوليس جي اعليٰ آفيسرن سان مبينا طورڳجها رابطا آھن ۽ ٻيو سبب وڏي پئماني تي پوليس کاتي ۾ ويزائن واري رعايت آهي جنهن سبب روڊرستن تي چيڪ پوسٽون ته ٺھيل آھن پر انهن تي ڪوبه پوليس اهلڪار ڊيوٽي ڪندي نه ڏٺو وڃي ٿو. رات ٿيندي ئي پوليس اهلڪار اسٽيشن آفيسرن کي چند پئسا رشوت ڏئي گهر هليا وڃن ٿا ۽ ايئن ئي روڊ رستا ڏوهارين حوالي هجن ٿا ڪوبه مسافر يا ٽرانسپورٽ رستن تي سفر نٿو ڪري سگهي. هن وقت دادو ضلعي ۾ صورتحال ايتري ته خراب ٿي وئي آهي جو ننگن ۽ ٻارن کي کڻي ويندڙن جي به ڏوهاري رستا روڪ ڪري ڦرلٽ ڪن ٿا. اها رات خالي ناهي جو ڪنهن مسڪين جي گهر جي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال نه ٿيو هجي. زبردستي گهرن ۾ گهڙي گهر لٽيا ۽ ڦريا پيا وڃن. افسوس ٿي رهيو آهي ته پوليس ننڊ پيل ۽ ڏوهاري هروقت جاڳيل آھن جيڪي سرعام وارداتون ڪري ٿاڻن پوليس چيڪ پوسٽن اڳيان گذري وڃن ٿا پر مجال آ جو ھن وقت تائين ڪو ڏوهاري پوليس پڪڙيو هجي. بدامني جي ٻريل باهه ۾ مسڪين ماڻھن جون مال ملڪيتون عزتون گهر غيرمحفوظ ٿي ويا آھن. هزارين تعداد ۾ ضلعي اندر پوليس نفري آن دي ريڪارڊ ڊيوٽين تي مقرر ٿيل آھي، سرڪار کان پگهارون کڻي ٿي پر ٿاڻن تي ڪير به موجود ناهي. آءِ جي سنڌ جون هدايتون ۽ امن بابت بابت نڪتل نوٽيسن کي ردي جي ٽوڪرين ۾ اڇلايو ويو هجي.
محمد اسماعيل لانگاھ / ڊرگھه بالا ڪاڇو
سخي داد واهي جي سرڪاري ڊسپينسري ۾ سهولتن جي کوٽ
ڪنهن به رياست جي اها اولين ترجيع هوندي آهي ته صحت جي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي. انهن سهولتن جي عام ماڻهن تائين رسائي سندن بنيادي حق آهي. سنڌ اندر صحت جي سهولتن جي اڻاٺ سبب اڪثر آبادي مشڪلاتن جو شڪار آهي سنڌ جي ننڍن توڙي وڏن شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ سرڪاري اسپتالن ۽ طبي مرڪزن جو اهڙو حال آهي، جو صحت جون سهولتون نه هجڻ سبب اتي ايندڙ مريضن جي مشڪلاتن ۾ وڌيڪ واڌارو اچي رهيو آهي. ٺاروشاھ ڀرسان يونين ڪائونسل لڌوراڻو جي ڳوٺ درگاھ سخي داد واهي ۾ 1988 ع ۾ بنيادي صحت مرڪز ڏنو ويو، اهو به سرڪار جي بي ڌياني جو شڪار ٿي زبون ٿي ويو آهي. ڊسپينسري ۾ ڪيتري ئي وقت کان ميڊيڪل آفيسر نه هجڻ ڪري علائقي واسين کي صحت جون سهولتون نه پيون ڏنيون وڃن، ان کان علاوه ڊسپينسري ۾ نه فرنيچر آهي، نه بجلي، نـ پاڻي جي سهولت ملي ٿي. نتيجي ۾ مريضن کي ڪيترين ئي ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. هن جديد دور ۾ به صحت جون بنيادي سهولتون نه مليل آهن. ان کان بعد 2009 ع ۾ ساڳي ئي هنڌ ڊسپينسري جي ڀرسان ضلعي ڪائونسل نوشهروفيروز طرفان ڳوٺ ۾ ماءُ ۽ ٻار جي صحت جو بنيادي مرڪز جي نالي سان هڪ نئي عمارت ٺهرائي وئي جيڪا به هن مهل تائين فنڪشنل نـ ٿي سگھي. ٻئي عمارتون هن وقت زبون آهن، سخي داد واهي جي سرڪاري صحت مرڪز ۾ سخي داد واهي کان علاوھ اوڙي پاڙي جا ڪيترائي ڳوٺ آهن جن جا رهواسي هتي ايندا آهن. لڳي ٿو نوشهروفيروز ضلعي کي هٿ وٺي نڌڻڪو ڪيو ويو آهي يا وري هتان جي ماڻهن کي سنڌ جو اصولڪو رهواسي نٿو سمجھيو وڃي. ايترا مسئلا ٿيڻ باوجود ايم اين اي ذوالفقار عي بهڻ، ايم پي اي ممتاز علي چانڊيو، ڊي سي نوشهروفيروز، ڪمشنر شهيد بينظيرآباد، ڊي ايچ او نوشهرو فيروز صحت کاتي جي وزير ۽ ٻيون اعليٰ اختياريون حرڪت ۾ نٿيون اچن ۽ ماڻهن جي دانهن جو ڪوبه تدارڪ نٿو ٿئي ان لاءِ منهنجي وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ کي گذارش آهي ته وقت سر نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي.
عرض محمد پيرزادو/ سخي داد واهي
سنڌ ۾ حڪمران ڌرتي جا ويري بڻجي ويا ھر پاسي کپايون کپايون جا ھوڪا
خبرون گردش آھن ته تعلقي جوهي ۽ خيرپور ناٿن شاھ ڪاڇي واري علائقي جي هزارين ايڪڙ زمين گرين پاڪستان کي ليز تي جاري ڪئي وئي آھي. ضلعي جي ڊي سي طرفان ڪمپني کي سيڪيورٽي سميت سهولتون فراھم ڪرڻ لاءِ ايس ايس پي دادو ۽ روينيو کاتي سميت آبپاشي کي ليٽر جاري ڪري ڇڏيو آھي. حڪومت جي اھڙي فيصلي تي ڪاڇي واسين ۾ سخت ڪاوڙ ڇانيل آھي. 21هين صدي ۾ اسان ڪاڇي وارن کي حڪومت بنيادي سهولتون ته ڪونه ڏنيون پر ھاڻ اچي گھرن کان بي گھر ڪرڻ جي چڪر ۾ آھي. پر مجال آھي جو تڪ جا چونڊيل نمائندا ڊي سي دادو جي اھڙي ليٽر خلاف آواز اٿارين. حڪومت کان اسان ڪاڇي واسي مطالبو ٿا ڪريون ته ضلعي دادو جي ڊي سي خلاف قانوني ڪاروائي ڪري جاري ڪيل ليٽر فورن رد ڪري ڪاڇي واسين سان ڪيل مذاق جي معافي ورتي وڃي. برڪت لغاري/ ڪاڇو
ستين زراعت شماري
پاڪستان ۾ پهرين زراعت شماري 1960 ۾ ايوب خان جي دور ۾ ڪئي وئي. بعد ۾ زراعت شماري 1972، 1980، 1990، 2000 ۽ 2010 ۾ ڪئي وئي. حڪومت هاڻي ستين زراعت شماري ڪري رهي آهي، جيڪا ڊجيٽل هوندي. ڊجيٽل طريقيڪار ڏانهن هي تبديلي بهتر منصوبابندي ۽ پاليسي ٺاهڻ لاءِ اميدون پيدا ڪري ٿي. زراعت پاڪستان جي معيشت جو ڪرنگهو آهي. اها ملڪ جي جي ڊي پي ۾ تقريباً 20 سيڪڙو حصو ڏئي ٿي ۽ ملڪ جي سڀ کان وڏي افرادي قوت کي روزگار فراهم ڪري ٿي. ان کان علاوه، اها زرعي پيداوار تي ٻڌل برآمدات ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ خوراڪ جي حفاظت کي يقيني بڻائي ٿي. جيتوڻيڪ فيصلو ڪيو ويو هو ته زراعت شماري هر 10 سالن بعد ڪرائي ويندي، پر ستين شماري چار سالن جي دير بعد ٿي رهي آهي. زراعت شماري ڪيترن ئي اهم سوالن تي ڌيان ڏيندي، جن ۾ شامل آهن: زمين جو ڪل رقبو، هنڌ، استعمال، ماپ ۽ ملڪيت. پوکيل فصلن جا قسم. پوکڻ جا طريقا. آبپاشي جو استعمال. جمع ڪيل ڊيٽا اقتصادي منصوبابندي ڪندڙن کي پاليسيون ٺاهڻ، مداخلتون ڊزائين ڪرڻ ۽ پيداوار وڌائڻ ۾ مدد ڏيندي. سينگار علي وساڻ/خيرپورميرس