جمهوريت ۽ مقامي حڪومت
جتي بنيادي سهولتون نه ھجن ۽ اتي جمهوريت ۽ عوامي حڪمراني جو راڳ الاپيو وڃي اها سراسر ناانصافي آهي اتي جي عوام سان جتي اها جتن ڪيا پيا وڃن. اڄ اسان ڏسي سگهون ٿا ته ڪٿي باهه لڳيو وڃي ٿي، جيئن ڪٿي اسٽريٽ لائٽ ڪونهي، ڪٿي گٽر اٿليو پون، اسپتالن ۾ صحت جي سهولت ڪونهي، اسڪولن ۾ فرنيچر ۽ استادن جي کوٽ تعليم جو ميار ڪريل پيو لڳي ترقي ٿيل ملڪن جي فهرست مان نالو نڪري ويو، گهٽين ۽ رستن تي گندگي جا ڍير لڳل آهن. انهن مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ اسان سان واعدو اسان جي جي تڪ جي نمائندن ڪيو هو پر اهو حل نه ٿيو ؟ اهڙا ڪافي سوال اسان جي ذهنن ۾ ايندا آهن پر انهن جو حل صرف انهن نمائندن وٽ نه آهي جيڪي اسان صوبائي اسيمبلي ۽ قومي اسيمبلي ڏي موڪليا، انهن مسئلن جو حل اسان وٽ اسان جون يونين ڪاؤنسلون آهن انهن جي نمائندن ۽ اسان جي پاڙي جي چونڊيل ڪائونسلر وٽ آهي . ان کان سوال پڇڻ کان پهرين اهو به ذهن ۾ ضرور رکجو ته اسان جي ان مسئلي کي حل ڪرڻ جا مڪمل سياسي ۽ معاشي اختيار مليل آهن يا نه. پاڪستان هڪ جمهوري ملڪ آهي جنهن جي آئين پنهنجي عوام کي آزاد ۽ سڪون واري زندگي جو حق ڏنو آهي کين هڪ آزاد فضا ۽ خوبصورت ماحول ۾ زندگي گذارڻ جو حق حاصل آهي. پاڪستاني جي آئين ۾ آرٽيڪل -140 ۽ 32 جي مطابق هر صوبي وٽ هڪ مضبوط مقامي حڪومت ۽ سندن وزارت هجڻ گهرجي، پر هتي اها حالت آهي سپريم ڪورٽ مداخلت ڪري چونڊون ڪرايون. ارڙهين ترميم کانپوءِ اهي اختيار صوبن وٽ آهن پر صوبن اهي اختيار ضلعي، تعلقي ۽ يونين ڪاؤنسلن تائين نه پهتا آهن. انهن جي سرڪاري مشينري جي باوجو، اختيارن جو ناجائز استعمال، فنڊن ۾ گهوٻين جون شڪايتون، انصاف نه هئڻ برابر آهي. اڄ اسانجا شهر گندگي جي ڍيرن جو ڏيک ڏئي رهيا آھن اھا حالت آهي.
اسد سميجو/ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
سنڌ جي قومي ورثي جي نيلامي…!!!
سنڌ واحد بدنصيب صوبو آهي، جنھن جا ماڳ مڪان، ٻيلا، تاريخي عمارتون، درياءُ ۽ قلعا قبضا خورن جي نظرن ۾ آھن. ايتري تائين جو سنڌو تھذيب جي عظيم ورثي ڪارونجهر کي به ڳڀا ڳڀا ڪري عظيم ورثي کي ميساريو پيو وڃي. نه ئي ڪو پُڇڻ وارو آھي ۽ نه ئي وري ڪو روڪڻ وارو آھي. جڏھن ته سنڌ جي ماڻھن پنھنجي ورثي جي نيلامي خلاف ھر محاذ تي پئي مزاحمت ڪئي آھي. اسين پنھنجي ان عظيم ورثي کي پنھنجي زندگي کان به وڌيڪ ٿا سمجھون. اھڙي عظيم ورثي ۾ حيدرآباد جو پڪو قلعو ۽ ڪچو قلعو به شامل آھن، جيڪي به ڌارين جي قبضي هيٺ آھن. آرڪيالوجي کاتو ۽ اينٽيڪوٽيز کاتو سنڌ جي تاريخي ورثي جي بچائڻ لاءِ ڪا به قانون سازي نه ڪري سگھيو آهي. حڪومت کي گھرجي ته سنڌ جي عظيم ورثي جي حفاظت ۽ تحفظ لاءِ ھنگامي بنيادن تي قدم کڻي پنھنجو فرض نڀائي.ٻي صورت ۾ سنڌ جا ماڻهو کين ڪڏهن به معاف نه ڪندا.
عمر ڪورائي/ ميرپور ماٿيلو
زنده آ ڀٽو زنده آ
اڄ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جو 97هون جنم ڏينهن آهي. ذوالفقار علي ڀٽو بنيادي تعليم بمبئي جي ڪيٿيڊرل اسڪول مان حاصل ڪئي 1947ع ۾ پاڻ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ يونيورسٽي آف سائوٿ ڪيليفورنيا مان پوليٽيڪل سائنس ۾ ڊگري حاصل ڪئي ۽ جون 1950 ع ۾ آڪسفورڊ ۾ پڻ داخل ٿيو. ذوالفقار علي ڀٽو بيگم نصرت اصفهاني سان شادي 8 سيپٽمبر 1951 ع تي ڪئي. سندس اعليٰ قابليت فهم ۽ فضيلت جو چرچو عام ٿي چڪو هو ان ئي سبب 1958ع ۾ هن صدر اسڪندر مرزا جي ڪيبنيٽ ۾ ڪامرس منسٽر طور ڪم ڪيو. جنرل ايوب خان فارين منسٽر محمد علي بوگره کي هٽائي کيس فارين منسٽر طور اهم ذميواري ڏني. جنهن کي ڀٽو صاحب ڀرپور طور نڀايو. ڀٽو صاحب 1964ع ۾ ايوب خان کي ترڪي ۽ ايران سان بهتر لاڳاپن تي قائل ڪيو ۽ ڀٽو صاحب 22-23 سيپٽمبر 1965 ع تي UNO کي تاريخ ساز خطاب ڪيو جيڪو اڄ به يادگار آھي.اهڙي نموني 1964ع ۾ تاشقند معاهدي ۽ ٻين ملڪي مسئلن تان ڀٽو صاحب، ايوب خان سان اختلاف رکندي ان جي ٽيم مان نڪرڻ جو باقاعده اعلان ڪيو ۽ 30 نومبر 1967 ع تي لاهور ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد وڌو جنهن جي منشور ۾ ” اسلام اسان جو دين، جمهوريت اسان جي پاليسي، سوشلزم اسان جي اڪانامي ۽ طاقت جو سرچشمو عوام آھي“ کي شامل ڪيو. ڊسمبر 1970 ع جي عام اليڪشن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ويسٽ پاڪستان جي وڏي پارٽي طور سامهون آئي. انڊيا 1971ع جنگ مسلط ڪئي جنهن سبب ايسٽ پاڪستان (بنگلاديش) عليحدگي جو اعلان ڪيو. ان وقت جنرل يحيٰ خان استعفيٰ جو اعلان ڪيو ۽ ملڪ مسئلن جي ور چڙھي ويو. 20 ڊسمبر 1971ع تي ڀٽو صاحب سويلين چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر واڳون سنڀاليون. اعليٰ صلاحيتن جي مالڪ ذوالفقار علي ڀٽو 1972ع ۾ 10 ڪيٽيگريز انڊسٽريز کي نيشنلاءِيز ڪيو ۽ بنگلاديش کي هڪ ملڪ مڃي اڳتي وڌيو. 2 جولاءِ 1972ع تي تاريخ ساز شملا معاهدو ڪندي 90000 جنگي قيدي آزاد ڪرائيندي دشمن کان پنهنجي ڌرتي به آزاد ڪرائي، آئين 1973ع ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيو، جنهن آئين تحت پهرئين وزيراعظم طور قسم پڻ کنيو. 7 مارچ 1977ع تي عام اليڪشن ٿي جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي وڏي اڪثريت سان سوڀاري ٿي. ڀٽو پنهنجي سوچ ڪردار بهادري وطن پرستي ۾ اڄ به ماڻهن جي دلين ۾ زنده آهي ۽ زنده رھندو پر سندس پارٽي جي سرواڻي ڪرڻ وارا ڀٽو صاحب جي فڪر ۽ فلسفي کي عملي جامو نه پهرائي سگهيا آهن.
اعجاز ممنائي
قائد عوام جو 97هون جنم ڏينھن
ڪي ڪي ماڻهو پنھنجي زندگيئ ۾ ڪي اھڙا عوام جي ڀلاءِي ۽ بھبودي وارا ڪم ڪري ويندا آھن جو انھن جي وڃڻ کانپوءِ به ماڻھو کين صدين تائين ياد ڪندا آھن سندن ڪردار عوام جي دلين تي راڄ ڪندو رھندو آھي. اھڙن ئي انسانن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽيئ جي باني شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جو به شمار ٿئي ٿو. پاڻ جھونا ڳڙھ رياست جي حڪمران سر شاهنواز ڀُٽي جي گھر ۾ 05 جنوري 1928ع ۾ جنم ورتو. فيلڊ مارشل محمد ايوب خان جي دؤر (1958-1969) ۾ سندس ڪابينه ۾ وفاقي وزير رھيا پر اڳتي ھلي ڪري سندن وچ ۾ ڪجھ سياسي اختلاف پيدا ٿي پيا جنھن جي نتيجي ۾ پاڻ پنھنجي عھدي تان استعيفا ڏني. ذوالفقار ڀٽي پاڪستان پيپلز پارٽيئ جو بنياد 30 نومبر 1967ع تي ڊاڪٽر مبشر خان جي گھر لاھور ۾ وڌو. سندس پارٽي جو منشور اٽو، لٽو ۽ اجھو آھي جيڪو اڄ اڻلڀ آھي جڏھن ته وفاق توڙي سنڌ ۾ اڪثر ڪري اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي ڪاميابي ماڻي ٿي پر پارٽي قيادت پنھنجي رھبر جي منشور تي عمل پيرا گھٽ آھي. ملڪ ۾ آئين جو بحران شروع کان وٺي رھيو آھي آئيني بحران کي ختم ڪرڻ لاءِ ڀٽي صاحب تمام گھڻيون ڪوششون ورتيون ۽ نيٺ پاڻ ان مقصد ۾ ڪاميابي ماڻي سندس ڪوششن سان 1973ع ۾ پاڪستان جو آئين حفيظ پيرزادي ٺاھيو. ھن آئين ۾ ھن وقت تائين 26 ترميمون ٿي چڪيون آھن. سندس ئي ڪوششن سان اسلامي بلاڪ متحد ٿيو ۽ اسلامي سربراهي تنظيم جي ٻي وڏي ڪانفرنس جو اجلاس پنجاب جي گاديئ واري شھر لاھور ۾ ٿيو جنھن ۾ 40 اسلامي ملڪن جي سربراهن شرڪت ڪئي. اسان جو پاڙيسري ملڪ انڊيا ايٽمي طاقت بڻيو ته پاڪستان جي اڳواڻن به سوچيو ته اسين به پنھنجي ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايون ڀٽي صاحب ملڪ کي ائٽمي قوت بڻائڻ ۾ پنھنجو وڏو ڪردار ادا ڪيو پاڻ ته ھن جھان کي به ڇڏي ويو پر سندس مشن نيٺ ڪاميابي ماڻي ۽ 28 مئي 1998ع ۾ پاڪستان جي وزيراعظم محمد نواز شريف جي دؤر ۾ ملڪ ايٽمي طاقت بڻجي ويو. ڀٽي صاحب جي سياست ۾ ڏيندڙ قربانين ۽ سچائي عالمي طاقتن کي شايد پسند نه آئي ۽ انھن کيس صرف بادشاھت تان ئي نه پر دنيا تان ئي مٽائي ڇڏڻ جون سازشون سٽڻ شروع ڪيون. وقت به وقت کيس مختلف سازشن ۾ شامل ڪيو ويو ۽ بلآخر سندس مٿان ھڪ قتل جو مقدمو لڳايو ويو. کيس اڊيالا جيل راولپنڊي ۾ قيد رکيو ويو ۽ سندس مقدمو ھلندو رھيو وقت جي حڪمرانن کيس پنھنجي ڏوھ جو اعتراف ڪرڻ لاءِ تمام گھڻو زور ڀريو پر ھن صاف صاف انڪار ڪندي چيو ته آئ بي قصور آھيان ڦاسيئ تي ته چڙھي سگھان ٿو پر اوھان جي سازشن جو حصو ڪڏھن به ڪين بڻجندس. بلآخر 04 اپريل 1979ع تي کيس ڦاسي ڏني وئي. سندس مخالفن جي اھا منفي سوچ ھئي ته ڀٽي صاحب کي ڦاسي ڏيڻ کانپوءِ سندس سياسي باب بند ٿي ويندو پر اھا سنن خواھش پوري نه ٿي وقت کين ٻڌايو ته ڀٽي جي ڪردار ۽ غريب عوام سان دل و جان سان پيار ڪرڻ جي نتيجي ۾ ماڻھو کيس دل و جان سان چاھين ٿا ۽ چاهيندا رھندا عوام جو سمنڊ اڄ به ساڻس تمام گھڻي محبت ڪري ٿو. اڄ به ڳوٺن، واھڻ وستين ۽ جھر جھنگ ۾ ننڍي توڙي وڏي جي واتان جيئي ڀٽو جا نعره ٻڌا وڃن ٿا.
ستار سنڌي
73 جي آئين جي خالق شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگره
شھيد ذوالفقار علي ڀٽو 5 جنوري 1928 ع ۾ لاڙڪاڻي جي شھر رتو ديرو ۾ سر شاھنواز ڀٽو جي گھر ۾ اک کولي. ڀٽو صاحب 1971۾ صدر مملڪت بڻيو ۽ ٻن سالن بعد 73 ع ۾ بھترين آئين پاس ڪرايو جيڪو اڄ تائين نافذ آھي. ان کان اڳ پرڏيھي وزير به رھيا. فوجي ڊڪٽيٽر جنرل ضيا ۽ ٻين سازشي عناصرن 1977ع تي ملڪي واڳون کسي ڀٽي صاحب کي گرفتار ڪري جيل موڪلي ڇڏيو. مارشلا لاڳو ڪري پاڻ جنرل ضيا الحق ملڪ جو صدر ٿي تخت تي قابض ٿي ويو ۽4 اپريل 1979تي ھن محب وطن مرد مجاھد کي ڦاسي ڏني وئي !ڀٽو صاحب جلاوطني کان اصولن جي سوديبازي قبول نه ڪندي شھادت ماڻي. ھن سال ھن ارڏي انسان دنيا ليول تي پاڻ مڃرائيندڙ شخصيت جي 97 ھين سالگرھ مبارڪ آھي جيڪا سندس آخري آرامگاھ سميت پوري ملڪ جي ھر ننڍي وڏي شھر ۾ ڌام ڌوم سان ملھائي پئي وڃي. پوري ملڪ ۾ ننڍيون وڏيون تقريبون رکيل آھن.
وفا ولي محمد ڦل
نئون سال وري ڪئين؟
اسان ته صدين کان ساڳي حالت ۾ آھيون اسان لاءِ ڪھڙو نئون سال بس سال بدلبو آهي اسان جو حال اھا ھي ساڳيو رھندو آهي. اسان کي گذريل سال ڇا ڏنو ھن سال نه بلڪه اسان کي انھن 77 سالن ڇا ڏنو پوءِ اسان انھي سال کي وري ڪيئين اسان لاءِ نئون سال سڏيون؟ ڪروڙن جا ڦٽاڪا ساڙڻ وارن کي ڪھڙي خبر ته غريبن جو ڪھڙو نئون سال ھوندو آھي. اُنھن لاءِ ته گھرن جي چُلھ ٻارڻ لاءِ ماچيس خريد ڪرڻ به ھاڻ مشڪل ٿي پيو آھي. انھن لاءِ ته بس ديوارن تي فري جو مليل ڪئلينڊر تبديل ٿيندو آھي. جنھن ڪئلينڊر جي مٿي چوويهه جي جاءِ تي پنجويهه لکيل ھوندو آھي. بس ھڪ انگ جو فرق ھوندو آھي انھن جو نئون سال بس اھا ھڪ انگ آھي. باقي اُھا ساڳي روزمرهه جي زندگي جا ڏک جيڪي ھِنن کي صدين کان کائيندا پيا اچن. انھن پاران چونڊيل عوامي نمائندا جيڪي ھر سال جيان ھن سال به انھن جا فون کڻڻ لاءِ تيار نه ھوندا، اُنھن جي بنگلن جا چڪر ڪاٽيندي ھي سال به ائين ھي گذري ويندو. اُنھن ھارين لاءِ ڪھڙو نئون سال جنھن جو زميندار وڏيرو ھنن کي ڏھ ڪلو اٽي لاءِ سؤ سؤ گاريون ٿو ڏي. ھنن مزدورن لاءِ ڪھڙو نئون سال جيڪو صبح جو سوير ھن ڊسمبر جنوري جي سرد ڏينھن ۾ پنھنجي ھٿن جا ڇتر لاهين ٿا جنھن وٽ شام جو ھنن زخمن تي ھڻڻ لاءِ گھر ھڪ پنجاھ رپئي جو ٽيوب به پيل ناھي ھوندو. ھو ڪھڙا نئون سال تي رات جو پنھنجن دوستن سان گڏ محفلون ڪندا ھن کان وصول ٿيندڙ حصي جا ھزار رپيا جيڪا ھن مسڪين جي گھر جو ھفتي جو اٽو ٿيندو ھو، غريب ھنن محفلن جو حصيدار ڪيئن ٿيندو؟ اسان جي جوڌن جون قميصون به ڦاٽل رھنديون. ھن سال ھنن مسڪين ماروئڙن جا حق انھن کي ملن ھنن جا معصوم بازارن ۾ پنڻ بدران ھٿن ۾ سليٽ کنيل اسڪولن جي فراخ ڪمرن ۾ ھجن جنھن ڪمرن ۾ ھنن جي مستقبل جو فيصلو ٿئي. تغاري مزدوري ڪندڙن ھنن جي والدين جو اھي معصوم سھارو ٿين وڏن عهدن تي پھچڻ جي ڪوشش ھن سال شروع ٿي وڃي. پر اھي سڀ تڏھن ممڪن ٿيندو جڏھن ھي آواز ڪڍندا پنھنجي حقن لاءِ جنگ ڪندا تڏھن ھي ھنن جا اھي سپنا ساڀيان ٿيندا. گذريل سالن وانگي ھن سال خاموش رھڻ بدران ٻڌي جو آواز ٿيو جيڪڏھن ڪو اوھان جو حق نه ڏئي رھيو آھي ته خاموشي بدران پريس ڪلبن تي پھچي پنھنجو آواز ايوانن تائين پھچايو جيستائين اوھان جو آواز مٿي ڪونه ويندو. اوھان غريبي جي انھي قيدخانن مان ٻاھر نڪري ڪونه سگھندا. اوھان جي فصلن جا صحيح اگھه ئي اوھان جي محنتن جو اصل اُجورو آھن پنھنجن حقن لاءِ ھڪ ٿيندا تڏھن ھي پنھنجي صحيح منزل ماڻيندا.
جيتيش گوسوامي
حضرت سيد غلام حسين شاھ بخاري نقشبندي
سنڌ هڪ وڏي ڀاڳن، نصيبن، الله پاڪ جي ڪاملن ولين، روحاني شخصيتن جو ماڳ مسڪن رهي آهي. انهن ۾ قمبر واري سيد غلام حسين شاھ بخاري غفاري نقشبندي جو نالو به هڪ آهي. سيد غلام حسين شاھ جو جنم 1932ع 1351 هجري ۾ سيد گل محمد شاهه رحمت الله عليه جي گهر ۾ تعلقه ميرو خان ضلع قمبر شهدادڪوٽ جي هڪ ننڍي ڳوٺ ڊٻ شريف ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم والد بزرگوار ڪئي ۽ رسمي پرائمري تعليم استاد غلام محمد چانڊيو، استاد علي گوهر مستوئي ۽ ٻين کان حاصل ڪئي. جڏهن ته ديني تعليم جي حوالي سان مولانا قادر بخش، خوش محمد تنيو ۽ ٻين ڪئي. محمد عبدالغفار المعروف پير مٺا سائين سان ملاقات ڪري سندس جي هٿ تي بيعت ڪئي. سندس من اندر خوب تبليغ دين جو درد رهيو جنهن ڪري هن جهر جهنگ وستي واهڻ نگر نگر سنڌ، بلوچستان، پنجاب، خيبر پختون خواہ سميت ملڪ کان ٻاهر به دين جي تبليغ ڪندي عشق رسول الله صلي الله عليه وسلم، عشق اهلبيت و عشق صحابه ڪرام، محبت پيران پير عبدالقادر جيلاني جي تبليغ پکيڙي. هو اهڙي ستي ڏيندا رهيا جو هر پاسي نقشبندي ته نقشبندي پر سلسله قادري، چشتي، سهروردي ۾ به سندن هاڪ رهي ۽ نوجوان پڪا پوڙها هر عمر جا ماڻهو ديوانا مستانه ٿيڻ لڳا. نه صرف سنڌ پر ٻين صوبن ۽ ملڪن جا ماڻهو اچي پنهنجي دلي تسڪين راحت حاصل ڪندا رهيا. ملڪ جي پهرين چونڊيل عورت وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو شهيد به 2007 ع ۽ انهي کان اڳ ۾ به قمبر درگاهه حسين آباد ۾ عقيدت ڀري حاضري لاءِ پهچندي رهي. اڪثر ڪري پنهنجي پير و مرشد جون سرائيڪي ۾ حمد، نعت، منقبت نعت خوان کي بار بار پڙهڻ لاءِ هدايت ڪندا هئا. هن ڪامل ولي بزرگ هستي قبله سائين سيد غلام حسين شاھ بخاري غفاري نقشبندي رحمت الله عليه جو وصال مبارڪ 3 رجب المرجب 1444 هجري، 90 سالن جي عمر ۾ ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ ٿيو. جنھن جي جنازه نماز جمعي ڏينهن بتاريخ 27 جنوري تي اڍائي وڳي منجهند درگاهه حسين آباد قمبر شريف ۾ ادا ڪئي وئي. الله پاڪ سائين قبله سيد غلام حسين شاھ بخاري غفاري نقشبندي رحمت الله عليه جا درجات بلند ڪري.
عبدالفتاح عباسي
صوبي خيبرپختونخواهه م امن معاهدو بھتر قدم
ڪرم ضلعي (خيبر پختونخواهه) ۾ تازو ئي هڪ اهم پيش رفت ٿي آهي، جتي حريف قبيلن وچ ۾ هڪ امن معاهدي تي صحيحون ٿيون آهن. هي معاهدو، جيڪو هڪ گرينڊ جرڳي ۽ صوبي جي اختيارين جي سهڪار سان طئي ٿيو، ڊگهي عرصي کان هلندڙ تڪرارن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو آهي، جن جي نتيجي ۾ وڏي جاني نقصان ۽ علائقي ۾ امن امان جي صورتحال ڳڻتي جوڳي رھي آھي. هن امن معاهدي جي ڪامياب ڳالهين علائقي ۾ هم آهنگي بحال ڪرڻ لاءِ مقامي برادرين ۽ اختيارين جي عزم کي ظاهر ڪيو. صوبي جي حڪومت جي سرگرم شموليت، جنهن ۾ حريف قبيلن جي مورچن کي ڊاهڻ ۽ هٿيار ضبط ڪرڻ جا حڪم شامل آهن، تشدد جي چڪر کي ٽوڙڻ لاءِ عزم جو مظاهرو ڪري ٿي. ھي معاهدو هڪ اميد جوڳي شروعات آهي، ان جي ڪاميابي سڀني ڌرين جي مستقل ڪوششن تي دارومدار ڪندي. معاهدي تي اثرائتو عمل يقيني بڻائڻ، بنيادي شڪايتن کي حل ڪرڻ ۽ علائقي جي سماجي اقتصادي ترقي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ، ڪرم ۾ دائمي امن حاصل ڪرڻ جا اهم قدم آهن. جيڪڏھن امن ٿي ويو ته انساني جانيون به بچي سگھن ٿيون ۽ ملڪ ۾ معاشي ترقي ۽ خيبرپختونخواهه ۾ به امن ٿي ويندو.
شفيق وساڻ /ڳوٺ جھنگو وساڻ