انسان سماج جي بي بنياد رسمن، رواجن ۾ جڪڙيل آهي
اسين جنهن سماج ۾ رهون ٿا اھو مختلف علائقائي، مذھبي، سماجي ۽ ابن ڏاڏن جي رسمن، رواجن ۽ رھڻي ڪھڻي جي ور چڙهيل آھي. انھن ريتن، رسمن ۽ رواجن جا اسان جي زندگي تي ڪيترائي اثر پون ٿا. اچو ته انھن ريتن روايتن ۽ رسمن تي تفصيلي روشني وجھون جن اسان کي وڻ ويڙهيءَ جيان وڪوڙي ڇڏيو آھي. علائقائي ريتون رسمون: مختلف علائقن جون مختلف ريتون رسمون ۽ رواج ٿين ٿا جن مان ڪجھه رسمون ته اھڙيون به آھن جن جو اسلامي تعليمات سان ڪابه ويجھڙائي نظر نه ايندي آھي. مثال طور ننڍن ٻارن جي سنت طھر ڪرائڻ مھل کنڊ يا ٻي ڪا شيءِ ورھائي ماڻھن جا کيسا خالي ڪرائڻ، نڪاح مھل پتاشا، يا پڪي مٺائي وغيره پڻ ورھائڻ. مذھبي ريتون رسمون: اسلام اسان کي والدين، اولاد، گھروارن، پاڙيسرين ۽ غير مسلمانن سان سٺو سلوڪ رکڻ جو تاڪيد ڪري ٿو پر اسين انھن سڀني رشتن ۽ حقن جي لتاڙ ڪريون ٿا. مثال اسان جي پاڙي ۾ ڪا رن زال، يتيم ٻار يا ڪو غير مسلم رھي ٿو ته اسان کي
انھن جو خاص خيال رکڻ گھرجي پر اسان مان اڪثريت ھرگز ائين نه ٿي ڪري اسين پنھنجن ٻارڙن کي ته چڱو چوکو کارائينداسين، پھرائينداسين پر پاڙي وارن جو خيال بلڪل به نه رکنداسين. ابن ڏاڏن جون ريتون، رسمون: اسان جي سماج ۾ اڄ به ابن ڏاڏن جون رسمون موجود آھن مثال طور اسان جا وڏڙا اڪثر نياڻين جي تعليم جا مخالف ھئا ۽ ڪجھ اڄ جي جديد دؤر ۾ به نياڻين جي تعليم پرائڻ جا مخالف آھن. اڄ به ڪيترائي ماڻهو وڏڙن جيان اولاد کي پنھنجي پسند جي شادي جي حق کان محروم رکندا پيا اچن. ڪيترائي ئي ماڻھو پنھنجن وڏڙن جيان پنھنجي ڀيڻن، نياڻين کي ملڪيت مان حق ڏيڻ کان انڪاري آھن. سماجي رسمون: اڄڪلهه اسان جي سماج ۾ ڪجھ اھڙين ريتن رسمن به ڪر کنيو آھي جنھن سبب غريب ماڻھن کي پريشانين ۽ شرمساري کي منھن ڏيڻو پوندو آھي. مثال طور اڄڪلهه جيڪڏھن ڪوئي حج، عمرو، زنواري، تنظيمي يا پروفيشنل عھدي تي فائز ٿئي ٿو ته ماڻھو کيس پيسن جا، گلن جا ھار پارائن ٿا جيڪي غريب ماڻهونغربت سبب انھن رسمن کي نه ٿا ادا ڪري سگهن انهن کي شرمساري کي منھن ڏيڻو پوي ٿو. ان کان علاوه ٻيون به اھڙيون کوڙ فضول رسمون سماج اندر موجود آھن جن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آھي.
ستار سنڌي
شھيد عبدالصمد ڏاهاڻي جا قاتل في الفور گرفتار ڪيا وڃن
29 ڊسمبر جي رات غوثپور ٿاڻي جي حد انڙ پل ويجھو ڳوٺ باغ علي بھلڪاڻي ۾ شھزادو (عرف) ادو ڏاهاڻي جي گھر چوري جي ارادي سان چور گھڙيا ته ڀاڳيا سجاڳ ٿي پيا جنھن تي مزاحمت ٿي. چورن گوليون هڻي ادو ڏاهاڻي جي 23 سالن جي ڳڀرو نوجوان پٽ عبدالصمد ڏاهاڻي کي شھيد ڪري ڇڏيو جڏهن ته شھيد جو 20 سالن جو ڀاءُ عبدالقدير ڏاهاڻي شديد زخمي ٿي پيو، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر نيو ويو. جڏهن ته پوليس جوابدارن جو پتو لڳائڻ ۾ ناڪام رهي. پوليس جي نااهلي جي ڪري ڪنڌڪوٽ ضلعو سڄي سنڌ ۾ بدامن شھرن جي لسٽ ۾ پھرئين نمبر تي آ، جتي هر روز خون خرابو ،ڦرون ڌاڙا، چوري روز جو معمول بڻيل آھي. اهو ڏينھن خالي ناهي جنھن ڏينھن قتل، اغوا، ڦر ڌاڙو، يا چوري نه ٿي هجي. وڏي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته هتان جا چونڊيل نمائندا ۽ ضلعي جو SSP هيڏي بدامني باوجود به اگھور ننڊ ستل آھن. جيڪڏهن SSP امن نٿو ڪرائي سگھي ته ضلعي جي چارج ڇڏي هليو وڃي. متان ڪو نئون SSP اچي امن امان بحال ڪرائي.
اياز بلوچ/تنگواني
هڪ چٺي لائيو اسٽاڪ کاتي ڏانهن!
ڪلوئي تعلقي جي مختلف ڳوٺن ڳوٺ کوهي مورا، ڳوٺ نڀڙوڪر مورا، ڳوٺ لڳڊيو مورا، ڳوٺ ويسرياٻھ، سميجا،ڳوٺ گرڙا ٻھ،ڳوٺ ٻانڌو مورا ۽ ٻين مختلف ڳوٺن ۾ چوپايو مال مرڻ لڳو آهي. ان سلسلي ۾ مالوندن ماڻھن صحافين اڳيان دانهيو آهي ته لائيو اسٽاڪ کاتي جي عملدارن جي بي ڌياني سبب ٿر جي ڳوٺن ۾ مال کي ماتا ڦڦڙن جي بيماري وڪوڙي وئي آهي ۽ مال مري رهيو آهي پر لائيو اسٽاڪ کاتي جا عملدار اگھور ننڊ ستل آهن. جڏهن ته چوپائي مال ۾ ڊاڪٽرن جي طرفان سرڪاري ويڪسين نه ٿيڻ ڪري سردي جي موسم ۾ چوپايو مال مرڻ جو اڃا به وڏو خدشو آهي. انتظاميا جي لاپرواهي سبب وٽرنري اسپتالن جو سڄو نظام درهم برھم آهي ۽ نه وري اسپتالن ۾ دوا موجود آهي. ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر کان مطالبو آهي ته سختي سان نوٽيس وٺي مٿي ڄاڻايل ٿرپارڪر جي مختلف ڳوٺن ۾ ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪلي چوپائي مال ۾ ويڪسين ڪئي وڃي ۽ ان سان گڏ مالوند ماڻهن کي سرڪاري دوائون پڻ ڏنيون وڃن.
صوفي محمد حسن نهڙيو/ٿرپارڪر
ڳوٺ حاجي خيرو نونداڻي جا سوين ٻار تعليم کان محروم. . . !
ڳوٺ حاجي خيرو نونداڻي، تعلقو شهيد فاضل راهو جا تقريبن پندرهن سئو ٻار پرائمري اسڪول نه هجڻ ڪري تعليم جهڙي زيور کان هن جديد دور ۾ به محروم آهن. تعليم انسان جي ٽين اک آهي ان جو مطلب ته تعليم يافته انسان ۾ سمجھه ۽ شعور هوندو، شهيد عوام فاضل راهو علم ۽ شعور جي لاٽ جهر جهنگ ٻارڻ جي ڪوشش ڪئي ان جي نگري تي اڄ به ٻار تعليم کان وانجهيل رهن ته اها انتهائي افسوس ۽ ڏک جهڙي ڳالھه آهي. آئون شهيد عوام فاضل راهو جي فرزند محمد اسماعيل راهو کي اها اپيل ڪندس ته خدارا ڳوٺ حاجي خيرو نونداڻي ۾ جلد کان جلد پرائمري اسڪول ۽ استاد ڏنا وڃن ته جيئن شهيد عوام فاضل راهو جي نگري جا معصوم ٻار تعليم پرائي سگهن.
مولابخش نونداڻي
ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جو سار ڪیر لھندو؟؟
اسان جي ڪنڌڪوٽ شھر جي اوهان جنھن گھٽي جنھن چوڪ ڏانھن نظر ڦيرائي ڏسندئو رڳو کنڊر بڻيل نظر ايندو ۽ گٽرن جو پاڻي بيٺل نظر ايندو ڇو ته ٽائون چيئرمين پ پ جي ايم پي اي جو ڀاءُ آھي جنھن کان پڇڻ وارو ڪير ڪونھي. قومپرست ڌرين ۽ شھر جي سماجي ۽ شھري اڳواڻن جي احتجاجن جي ته پرواهه ئي نٿا ڪن. ٽائون چيئرمين ٽي ايم او ۽ ڊي سي بجيٽ کائڻ ۾ پورا آھن ڪنڌڪوٽ شھر کان وڌيڪ ته وڏيرن جي گھر وارن علائقن ۾ ترقياتي ڪم ٿيل آھن اسان پڇون ته آخر پڇون ڪنھن کان؟ اسان جي شھر ڪنڌڪوٽ سان ايترو ظلم ڇو ٿو ڪيو وڃي؟ اسان جي ضلعي ڪشمور جون حالتون خراب ڪرڻ پٺيان ڪنھن جا ھٿ آھن؟
بيوس اربيلو ڏاھاڻي/ تنگواني
آئون جيڪو آھيان ڏاڏي مولوي غلام سرور جي ڪري آھيان.
آئون پاڻ کي ھميشه تنھا محسوس ڪندو آھيا ڇاڪاڻ ته مون جڏهن ھن دنيا ۾ اک کولي ته مون کي ڏاڏي مولوي غلام سرور نجفي جي محبت ملي. آئون ننڍي ھوندي کان تمام ھوشيار ھوس مگر ان انمول ماڻھو مون کي ڪڏھن به ڏاڏي جي ڪمي محسوس نه ٿي. ڏاڏي مولوي مون سان پنهنجي پٽن کان وڌيڪ محبت ڪندو ھو. ڏاڏي مولوي جڏهن به مون کي پريشاني ۾ ڏسندو ھو ته يڪدم چوندو ھو توهان کي اڄ ڇا ٿيو آهي؟ ان کي منهنجي ھڪدم خبر پوندي ھئي منهنجي ھر مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري ھڪدم عمل ڪندو هو. ڏاڏو سائين ھن دنيا ۾ ن رھيو آهي. آئون ھن وقت جيڪو ڪجهه آھيان صرف ڏاڏي مولوي شخصيت جي دعا ۽ محنت سان آھيان. منهنجي دعا آهي ته رب پاڪ ڏاڏي مولوي جھڙي انمول شخصيت ھر ھڪ کي نصيب ڪري. آئون دعا ٿو ڪريان ته ڏاڏي مولوي کي رب پاڪ جنت الفردوس ۾ جاءِ نصيب ڪري. آمين.
سهيل احمد زرداري
سنڌ جو وزير تعليم نوٽيس وٺي
ست مھينا اڳ ڀرتي ٿيل خيرپور ضلعي جي تقريبن چار سئو نو آءِ بي استادن کي اڃا تائين پگھارون نه ڏنيون ويون آھن جيڪي پنھنجون ڊيوٽيون ايمانداري سان ڪري رھيا آھن. ڪافي استاد ته اھڙا به آھن جن کي پنھنجي گھر کان تقريبن چاليھه ڪلو ميٽر پري وارن اسڪولن ۾ پوسٽنگ ڏني وئي آھي. ھن مھانگائي جي دور ۾ اھي ڪيئن ٿا روزاني پنھنجي اسڪولن ۾ ڊيوٽي تي پھچن ان تڪليف جا احساس انھن استادن کي ئي ھوندو جيڪي ان پريشاني کي منھن ڏئي رھيا آھن. ھن اذيتناڪ اڄ دور ۾ ست مھينا بنا پگھار جي گذارڻ ڪنھن مصيبت کان گھٽ ناھي. نون ڀرتي ٿيندڙ استادن پھريان ئي ڪافي خرچ ڪيو آھي ميڊيڪل، پوليس ويريفڪيشن ڪاغذن جون ڦوٽو ڪاپيون آفيسن جا غير ضروري چڪر ان کان علاوا پورو مھينو پروفيشنل انڊڪشن ٽريننگ جي اچ وڃ جا خرچ ٻيون کوڙ ساريون پريشانيون. ھاڻي ان حالت ۾ ھڪ استاد ڇاٿو ڪري سگھي جنھن جي آمدني ست مھينا زيرو ھجي اھو معاشي معاملا ڪيئن ھلائيندوھوندو؟ جنھن جي فيملي جا خرچ، سماج ۾ اٿڻ ويھڻ ۽ بيمارين جا خرچ ۽ آمدني جو ذريعو صرف پگھار ھجي اھا به ست مھينا گذرڻ باوجود به نه ملي ته ان استاد جي فيملي ۽ سماج تي ڪھڙا اثر پوندا؟ ايترن معاشي مسئلن ھوندي به سندن ڪارڪردگي چيڪ ڪري سگھجي ٿي جن پنھنجون صلاحيتون تعليم جي بھتر لاءِ ڀرپور نموني استعمال ڪيون آھن. تنھن ڪري وزير تعليم سائين سردار شاھ کي ھن معاملي جو نوٽيس وٺي استادن جي پگھار جو معاملو جلد کان جلد حل ڪرائي نون ڀرتي ٿيل آءِ بي اي استادن مان بي چيني ختم ڪئي وڃي.
رياض راڄپر/ڀنگو بھڻ فيضگنج
ڀڳت چنديرام: انسانيت، خدمت ۽ روحاني وحدت جو مظھر
ڀڳت موسيقي سنڌ جي ثقافتي ۽ تخليقي شعور جو اهڙو بنيادي ۽ لطيف اظهار آهي، جيڪو فن جي سنگم تي بيٺو آهي. اها نه رڳو فن جو هڪ نمونو آهي، پر انساني تجربن ۽ فطرت جي گهاٽن منظرنامن کي موسيقيءَ ۽ ڪهاڻيءَ جي ذريعي هڪ اهڙي نئين سڃاڻپ ڏئي ٿي، جيڪا وجود جي بنيادي سوالن سان لاڳاپيل آهي. ڀڳت جو فن، ڪٿي ڪٿڪ جهڙي فنڪاريءَ سان ملي ٿو ته ڪٿي سنڌي ثقافت جي مايه ناز روايتن جي خالصيت کي پيش ڪري ٿو. اهو هڪ ارتقائي فن آهي، جيڪو پنهنجي اندر هزارين سالن جي تهذيبي شعور ۽ تخليقي جاکوڙ کي محفوظ رکي ٿو. ڀڳت جي ٽولي ۽ ان جي سماجي ۽ ثقافتي حيثيت، انساني وجود جي روحاني ۽ جمالياتي سفر جو اهڙو اظهار آهي، جيڪو سنڌ جي هزارين سالن جي تهذيبي شعور جو عڪاس آهي. ورهاڱي کان پوءِ، جڏهن ڀڳت جا ڪيترائي ٽولا هندستان لڏي ويا، ته هي فن پنهنجي اصل قوت وڃائي ويٺو. ڀڳت چنديرام، سنڌ جي روحاني ۽ ثقافتي افق تي هڪ اهڙو نوراني استعارو ھو، جيڪو خدمت، سخاوت ۽ روحاني موسيقيءَ ذريعي انساني دلين کي روشن ڪرڻ لاءِ پيدا ٿيو. هن جو وجود ۽ ڪردار، فقط فن ۽ موسيقيءَ تائين محدود نه هو، پر اهو انسانيت جي بنيادي فلسفي سان ڳنڍيل هو، جيڪو محبت، همدردي ۽ برابريءَ تي ٻڌل آهي. ڀڳت چنديرام جو جيون، پنهنجي سادگيءَ ۽ قربانيءَ ذريعي، انساني عظمت جو هڪ جاندار مثال هو. ڀڳت چنديرام جو راڳ، صرف موسيقي نه هو، پر هڪ اهڙو روحاني عمل هو، جيڪو انساني روح کي پاڪ ڪري، ان کي پنهنجي ذات جي ماورائي معنائن سان آشنا ڪندو هو. سندس آواز، جيڪو بلند ۽ مٺو هو، هڪ ڪائناتي صدائن جي ترجماني ڪندو هو. سندس سخاوت، فقط مادي شيون ورهائڻ تائين محدود نه هئي، جيڪو انسان جي پاڻ سان ۽ ٻين سان تعلق جي اصليت کي ظاهر ڪري ٿو. جو ڪجهه به کيس مليو، اهو بغير ڪنهن لالچ ۽ خواهش جي، بيواهن، يتيمن ۽ غريبن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو. هي عمل انساني همدردي ۽ قربانيءَ جو اعلى ترين نمونو هو، جيڪو هن ڀڳت ڪنور رام جي روايت کي زنده رکندي سرانجام ڏنو. رھڙڪي آستان تي چيٽي چنڊ ۽ پوهي چنڊ جا ميلا منعقد ڪرائڻ، نه فقط مذهبي يا ثقافتي تقريبون هيون، پر اهو انساني وحدت ۽ سماجي ڀائيچاري جو جشن هو. انهن ميلن ۾، مختلف ڀڳتن جي ٽولين جو گڏ ٿيڻ ۽ فن پيش ڪرڻ، انسانيت جي مختلف رنگن جو هڪ حسين ميلاپ هو. ڀڳت چنديرام، انهن ميلن ۾ نه فقط هڪ منظم ڪندڙ طور رهيو، پر پاڻ به پنهنجي راڳ ذريعي انساني دلين ۾ محبت ۽ امن جا احساس جاڳائيندو هو. ڀڳت چنديرام، ڪيترن اناٿن کي گهر وٺي ڏنا، جيڪو انساني ضرورتن کي سمجهڻ ۽ انهن کي پورا ڪرڻ جو اعلى انساني عمل هو. 42 ورهين جي ننڍي عمر ۾ 29 ڊسمبر 1969ع تي ديھانت ٿيو، انساني سماج لاءِ هڪ وڏو نقصان هئي. پر سندس زندگي، انساني ڀلائي ۽ روحاني خدمت جي هڪ اهڙي مشعل هئي، جيڪا اڄ به روشن آهي.
ڊاڪٽر عبدالخالق جانوري/ لقمان خيرپور
سنھي گوني شاخ R.D-35 تي خطرناڪ پل
ضلعي بدين جي قديم ۽ مثالي ڳوٺ علي مراد چانڊيو وٽان، 40 سال اڳي سنھي گوني شاخ آر، ڊي، 35 کان مختلف آمدرفتي سھولتن لاءِ پل تعمير ٿي ھئي. جيڪا ڊپارٽمينٽ پاران ڪنھن ضروري مرمت ڪرڻ بنا طويل عرصو قائم رھي آھي پر ھن وقت ھي پل آخري ساھ کڻي رھي آھي. انھي پل تان مختلف يوسيز جي سوين ماڻھن جي روزانه اچ وڃ جاري آھي، ھتان ئي مڊل، پرائمري اسڪول وڃڻ لاءِ شاگرد اُستاد ۽ ديني مدرسي جي تعليم لاءِ خُطابي ۽ اسپتال دوا درمل لاءِ مريض معمول موجب گذرن ٿا. پل جي موجوده صورتحال اھا آھي ته انھي گذرگاھ جو وجود ئي خطري جي لپيٽ آھي يقينن ذڪر ڪيل حالت جي ڪري، پل ڪنھن به وقت ڌماڪي سان ڪري وڏي ڪنھن جاني، مالي نقصان جو سبب بڻجي سگھي ٿي. ھن پل جون ان طرح جون خبرون، مختلف ميڊياز تي دانھن، ڪُوڪن سان ھلي چڪيون آھن، سياسي سماجي ماڻھن اريگيشن ڊپارٽمينٽ کي ننڊ مان اُٿارڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. پر نتيجو اڃا ٻڙي آھي. لڳي ٿو ته ھاڻ ڳوٺاڻا ۽ پسگردائي جا ھزارين ماڻھو پنھنجي حق لاءِ ڪو احتجاج جو حق استعمال ڪرڻ لاءِ اُٿي کڙا ٿيندا ممڪن آھي اھو احتجاج تنگ آيد، جنگ آيد جو روپ به ڌاري وڃي. ھن صورتحال کان اڳ ۾ جڏھن ھڪ سال پھرين شاخ جي پڪي لائينگ جو ڪم ھلندڙ ھو ته اھيڙيون پراڻيون شاخ تي موجود ناڪاره پلون نئين سر تعمير ٿين ھا. پر ايريگيشن انطاميه ان جي ابتڙ عمل پيرا رھي، ٿيو ھيئن ھن شاخ تي وري ڪجھه اھڙيون غيرضروري نيون موريون ٺھرايون ويون آھن. جيڪي انجنيئرنگ جي اصولن کان ئي پري آھي. جن جي اڏاوت شاخ جي پاڻي داري کڻت ۽ وھڪرن جي راھ ۾ ئي رُڪاوٽ بڻيل آھي. آخر ۾ ڳوٺ علي مراد چانڊيو ۽ ان جي پسگردائي جا ھزارين ماڻھو پنھنجي جائز مطالبي جي حق ۾ چوڻ گُھرن ٿا ته مٿان واھن شاخن جي سالياني مرمتي ڪم لاءِ وارا بندي جو وقت آھي ان دوران ٻارھين مھيني ايريگيشن ڊپارٽمينٽ ضرور ننڊ مان سُجاڳ ٿيندو آھي. ان حوالي سان اھا اُميد ڪجي ٿي ته ھن مرحلي ۾ اسان جي گھرج کي مان ڏنو ويندو ۽ خطرناڪ پل جو ڪم جلد شروع ڪرايو ويندو. واڪا ڪرڻ مون وس ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو
محمد قاسم چانڊيو / ڪڍڻ
هڪ مدبر ڪردار جا فرض ۽ سماج جو سڌارو
علم، ادب، سياست ۽ سماج توڻي مذھب اهل ۽ داناءُ ڪردارن جي سڃاڻپ آھي ته هو انسان دوستي جي بنياد تي ڪرادر کي رکن. انسان دوستي ڇا آھي ۽ انسان دوستي ڇو هجڻ کپي، اهي ٻه اهم سوال وڏي اهميت جا گهرجائو آھن. هميشه عوامي ڪردار، مدبر ڪردار، اهل علم ۽ اهل ادب ڪردار، اهل سياست ۽ سماج جي ذميوارن جو ڪردار توڻي جو مذھبي ڪردارن جي سڃاڻپ انسان دوستي ۽ سماج جي ڀلائي ۽ بهتري ئي سندن فلسفو هوندو آھي. ڇو ته خدا تعاليٰ قرآن مجيد ۾ جتي به مخاطب ٿيو آھي اهو انسان سان ٿيو آھي. انساني ڀلائي ۽ سنئين واٽ لاءِ رستا ڏنا آھن. خاص طور سنڌ ۽ مجموعي طور پاڪستان جي سماجي بهتري وارو ڍانچو انتهائي ڏکايل، بگڙيل ۽ ڄڻ ته ڀوائتو آھي. هاڻي اسان ڪا وڏي ڳالھ ۽ مجموعي پاڪستان جي سماج ۽ بگڙيل سماج مخالف نظام جي ڳالھ نٿا ڪري سگهون پر جڏهن سنڌ جي سماجي ڀڃ ڊاھ ڏسون ٿا ۽ پوري ملڪ جي انصاف واري نظام کي ڏسون ٿا ته راتين جون راتيون سوچيندڙ کي احساس مند دل رکندڙ انسان کي ننڊ ڪونه ٿي اچي.ان لاءِ سوچيون ٿا ته سڌريل نظام هڪ ته بگڙيو ڇو آھي ۽ جي بگڙيو آھي ته ان جو انت سامهون آھي ۽ فطرت جو اصول آھي ته سڌريل جو ضد بگڙيل آ ته پوءِ بگڙيل جو به ته ٽوڙ سڌرڻ ۾ آھي. جيڪڏهن ايئن ئي اصول آھن ته ان بگاڙ جا ذميوار ظاهر ٿيڻ کپن ۽ ان بگاڙ جو ڪو تدارڪ ٿيڻ کپي؟ اهو تدارڪ ٿيندو ڪيئن ۽ ڪندو ڪير؟ سماج جا ذميوار اهل علم، اهل ادب، اهل سياست ۽ اهل سماج سميت اهل مذھب آھن.
ڇو ته دنيا جي ڏاهن ماڻھن هميشه انساني سک ۽ سلامتيء جي ڳالھ ڪئي آھي. اهو سک ۽ سلامتي جيڪو فطرت جو اصول آھي، جيڪو قانون قدرت آھي. قدرت واري هي جهان غور طلب ڪيو آھي. هن قدرت جي جهان کي سمجهڻ جي سگھ مالڪ سائين ڏني آھي، پر انهن کي جيڪي ڏاهپ رکن ٿا، سمجھ رکن ٿا، احساس رکن ٿا، جيڪي دل جو سڪون چاهين ٿا. دل جو سڪون هميشه ٻين جي خدمت ۾ آھي ۽ ٻين جي خدمت جي توفيق تڏهن ٿئي ٿي جڏهن رب پاڪ ڪنهن تي مهر جي نظر فرمائي ٿو. ان ڪري اسان جي سماج جي ذميوارن کي کپي ته هو ٻين جي خدمت لاءِ پاڻ ارپين. پاڻ ارپڻ به هڪ مالڪ سائين جي دين آھي. اها دين سمجھ وارن کي ئي ملندي آھي. سمجھ وارا ئي دنيا ۾ ذميوار سمجهيا ويندا آھن ۽ ذميوار پڻ آھن. انهن سڀني ڳالهين کي هينئن سان هنڊائڻ کانپوءِ هتي مطالبو ٿو ڪجي ته اهل علم، اهل ادب کي کپي ته هو پنهنجي علمي جهاد ۽ قلمي جهاد کي جاري رکندي ذميوارن کي احساس ڏيارين ته توهان هنن بگڙيل ڳالهين ۽ هن سڌريل نظام جي بگاڙ جا ذميوار آھيو ته اهو بگڙيو ڇو ۽ سڌري ڪيئن.؟ هاڻي ههڙن مطالبن کان پوءِ جي ڪڏهن اهل قلم ۽ اهل دانش ۽ اهل علم حق سچ چوڻ ۽ لکڻ جا ذميوار آھن ته پوءِ اهل سياست ۽ اهل حڪمران ۽ ذميوار انتظاميه به ايتري ذميوار آھي جيترا اهل علم ۽ اهل قلم. ضرورت محسوس ڪجي ٿي ته اسان جي سنڌ خاص طور ۽ عام طور ملڪ انتهائي بگاڙ جو شڪار آھي. انهيء لاءِ سڀني سڄاڻ حلقن خاص طور اهل علم ۽ قلم، اهل سياست ۽ اهل حڪمرانن کي اڳتي اچي سماج ۾ آيل بگاڙ جو حل ڳولهڻو ۽ ڪڍڻو پوندو.
رحمت الله ٻرڙو