ڪاڇي ۾ چوپائي مال ۾ بيمارين سبب ڀاڳين ۾ پريشاني

 

ڪاڇي ۾ سردي جي لهر پکڙجندي ئي چوپائي مال ۾ مختلف بيماريون پکڙجڻ سبب مالوندن جا لکين ماليت جا ڪيترائي ڍور مري ويا آهن. هونئن به هرسال ٿڌ ۾ واڌ کان پوءِ چوپائي مال ۾ بيماريون پکڙجن ٿيون ليڪن لائيو اسٽاڪ کاتي جي عملدارن جي سستي ۽ لاپرواهي سبب هڪ ته مال کي وئڪسين نٿي ڪئي وڃي. جيڪڏهن ڪو ڀاڳيو پنهنجي جانور جي بيماري جو ڊاڪٽرن کي ڪو اطلاع ٿو ڏئي ته پهرين هو پئسا گهرن ٿا تيل جا جنهن سبب غريب مالوند وقت سر پنهنجي بيمار ڍور کي وئڪسين نٿا ڪرائي سگهن ۽ ايئن انهن مسڪينن جا لکين رپين جا جانور بي موت بيماري جي ور چڙهي مري وڃن ٿا. هن وقت جوهي تعلقي جي تمام يونين ڪائونسلز ۾ چوپائي مال ۾ بيماريون پکڙيل آھن. جڏهن ته سنڌ حڪومت طرفان هر يوسي ۾ لائيو اسٽاڪ کاتي جي ملازمن لاءِ سينٽر به آھن ۽ عملو به مقرر ٿيل آهي پر اهو عملو ڊيوٽي چور هجڻ جي ڪري ڀاڳين کي ڪابه سڌ ناهي انهن جي ذميوارين جي. پگهارون ۽ دوائون به کين ملن ٿيون جيڪي ڀاڳين کي پئسن تي ڏين ٿا. ڪڏهن به ڪنهن علائقي جي ڳوٺ ۾ بيمارين بچاءُ جي وئڪسين ڪندي انهن کي نه ڏٺو ويو آھي. چوپايو مال مسڪينن ۽ مالوندن جي پيٽ گذر جو ذريعو آهي. ڏکين ۽ ايمرجنسي حالت ۾ ڍور وڪڻي هو پنهنجو ڪم ڪار اڪلائين ٿا. سو سنڌ حڪومت ۽ ڊي سي دادو کي گذارش ٿي ڪجي ته مسڪين مالوندن جي مال ۾ پکڙيل بيمارين جو ترت نوٽيس وٺي عملدارن کي وئڪسين لاءِ اماڻيو وڃي ۽ ڀاڳين مان پريشاني ختم ڪئي وڃي.

 

محمد اسماعيل لانگاھ/ ڊرگهه بالا ڪاڇو

 

هر ڪو فطرت اڳيان مجبور آهي!!!

 

وڇون پاڻي ۾ ٻڏي رھيو ھو حضرت علي ان کي ھٿ تي کڻي بچايو. وڇون حضرت علي کي ڏنگ ھنيو. حضرت علي وڇون مان ھٿ ڪڍيو، وڇون وري پاڻي ۾ ڪريو، حضرت علي وري ٻيھر وڇون کي ھٿ جي تري تي کڻي پاڻي کان ٻاھر ڪڍيو. وڇون وري ڏنگ ھنيو. مطلب ٽي دفعا وڇون پاڻي ۾ ڪريو حضرت علي ٽئي دفعا وڇون کي بچايو وڇون ٽئي دفعا ڏنگ ھنيو. حضرت علي کي پنھنجي ساٿي چيو توهان ھن کي بار بار بچايو پيا ھي بار بار ڏنگ پيو  ھڻي پوءِ به توھان ھن کي بچايو پيا. تنھن تي حضرت علي فرمايو ھن جي فطرت آھي ڏنگ ھڻڻ اسان جو فرض آھي ھن کي بچائڻ. اصل چوڻ جو مقصد جنھن جي جيڪا فطرت ھوندي آھي اھو پنھنجي  ڪم کان ڪڏھن ڪونه مڙندو. ھن وقت اھو ڪم پيو ھلي توھان ڪيترا دفعا به ماڻھن سان ڀلائي ڪندا پر ان جو فطرت ۽ عادت جي حساب سان اھو ڪم نٿو ڇڏي سگھي. وري ڪٿي نه ڪٿي ضرور دوکو ڪندو. توھان پنھنجي ڀلائي ۽ فرض کي نڀائيندا رھو پويان ماڻھن کي ڇڏي ڏيو ائين پاڻ اچي کڏ ۾ ڪرندا پنھنجو وقت ضايع نه ڪريو. جيڪو شخص غصي جي ڪيميا کي سمجھي ٿو سو آسانيءَ سان ڪاوڙ تي ڪنٽرول ڪري سگھي ٿو ”اسان جي اندر ڇھه ڪيميا آھن، اھي ڪيميا اسان جي جذبات کي ٺاھين ٿا، اسان جا جذبا اسان جي مزاج کي طئي ڪن ٿا ۽ اھي موڊ اسان جي شخصيت کي ٺاھين ٿا. مثال طور، ڪاوڙ هڪ جذبو آهي، اهو جذبو ڪيميائي رد عمل سان پيدا ٿئي ٿو، مثال طور، اسان جو جسم انسولين نه ٺاهي يا اهو ڪافي نه هو، اسان تمام گهڻو لوڻ کاڌو. اسان جي ننڊ نه اچڻ يا گهر کان خالي پيٽ سان نڪرڻ جو نتيجو ڇا ٿيندو؟ اسان ۾ هڪ ڪيميائي رد عمل ٿيندو، اهو ردعمل اسان جي بلڊ پريشر کي وڌائيندو ۽ اهو بلڊ پريشر اسان ۾ ڪاوڙ جو احساس پيدا ڪندو ۽ پوءِ ايندڙ 15 منٽن ۾ اسان ٿڌا ٿي وينداسين. ٻارهن منٽن جي ڪاوڙ کي سنڀاليو ته پوءِ اسان ڪاوڙ جي تباهي کان بچي وينداسين. اسان جا ڇهه بنيادي جذبا آهن ڪاوڙ، خوف، نفرت، تعجب، خوشي ۽ اداسي. اهو صرف 12 منٽن لاءِ هوندو آهي، اسان 12 منٽن لاءِ ناراض ٿيندا آهيون ۽ 12 منٽن کان پوءِ اسان جو جسم هر جذبي کي معمول تي آڻيندو آهي. اوهان جي سامهون باهه آهي، جيڪڏهن اوهان ان باهه ۾ ٿورو تيل وجهي ان تي سڪل ڪاٺيون لڳائيندا رهو ته ڇا ٿيندو؟ اها باهه پکڙندي رهندي، ساڙيندي رهندي اسان مان گھڻا ماڻھو پنھنجي جذبات کي وسائڻ بدران انھن تي تيل ۽ ڪاٺيون لڳائڻ شروع ڪندا آھن، پوءِ جيڪو جذبو 12 منٽن ۾ نارمل ٿيڻ گھرجي ھا، سو ٻن، ٽن ڏينھن لاءِ ويران ٿي ويندو آھي. جڏهن به توهان ڪنهن جذبي جي اثر هيٺ اچو ته سڀ کان پهريان پنهنجو وات بند ڪريو، هڪ لفظ به نه ڳالهايو، ٻيو ڪجهه ڪرڻ شروع ڪريو، سونامي ڀلي ڪيتري به وڏي خاموشيءَ سان  وڙهجي، پر پوءِ به پوئتي ڌڪجي وڃي ٿي. خاموش رهڻ سان ئي زندگيءَ جي سڀني طوفانن کي مات ڏئي سگهين ٿو. ڇوته اهو فطري عمل آهي ۽ فطرت اڳيان سڀ مجبور آهيون.

 

اعجاز ممنائي

 

سنڌو درياهه تي ڌاڙو نامنظور

 

سنڌو درياء اسان سنڌين جو جياپو آهي. ان تي ڪو به نئون ڊئم ۽ ڪئنال قبول نه ڪيو ويندو. جيڪڏهن سنڌو تي نوان 6 ڪئنال ٺاهيا ويا ته سنڌ بنجر بڻجي ويندي. هي پنجاب کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪئنال ڪڍڻ چاهين ٿا. مگر سنڌي عوام اهو هرگز برداشت نه ڪندو. هڪ طرف صدر آصف زرداري ڪئنالن واري بِل تي صحيع ڪري ڪئنالن جي منظوري ڏني، ٻئي طرف پ پ جا نمائندا عوام کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ ڪئنالن جي مخالفت ڪن ٿا. تمام سنڌ واسيو جاڳو! اوهان سڀني نوجوان مردن ۽ پوڙهن سنڌين جو جاڳڻ جو ٽائيم اچي ويو آهي. سنڌو درياهه بادشاھ تي نوان ڪئنال ڌاڙا نامنظور، سنڌو درياءُ، نه صوفي آ،  نه مولوي آ، نه سُني آ، نه شيِعو آ، پر اسان سڀني انسانن  توڙي جانورن جي جيئڻ  وارن جو جياپي جو ذريعو ضرور آھي، سنڌ ۾ رھندڙ سڀئي باضمير انسانن تي فرض آهي ته نوَن ڪئنالن جي بھاني سنڌو درياءُ تي لڳندڙ ڌاڙي خلاف متحد ٿي آواز اٿاريو. اوهان سڀني پَڪن پوڙهن ۽ نوجوانن کي آواز اٿارڻ  فرض آهي.

 

اياز بلوچ / تنگواڻي

 

سعيد احمد ملڪاڻي

 

جڏهن هن دنيا مان گذاري وينداسين

اسان ڀي گهڻن کي رئاري وينداسين

ڪي انسان ننڍي هوندي کان ئي ميٺ  محبت ۽ نوڙت ڪندڙ هوندا آهن. ٻارن تي ماءُ پي ۽ نالي جو به اثر هوندو آهي ته ٻارن ۾ خدا پاڪ طرفان ننڍي ڄمار کان سٺيون عادتون ادب ۽ اخلاق به رکيون هونديون آهن. انهن انسانن ۾ منهنجو پيارو منهنجي جگر جو ٽڪڙو پيري جو سهارو ڏک سک جو ساٿي  پٽ سعيد احمد ملڪاڻي به هو جنهن 6 جون 1990 ۾ اسان جي گهر ميرپورخاص ۾ اک کولي ۽ صرف 33 سال 5 مهينا 14 ڏينهن اسان سان گڏ رهي هن فاني دنيا مان پنهنجي بيمار ماءُ پئي 2 ڀائرن 2 ڀينرن هڪ گهرواري  13  سالن جي پٽ ايان حسين  12 سالن جي نياڻي عائرا فاطمه ۽ 5 سالن جي معصوم ناسمجهه پياري پٽ  نيني جان عرف علي شان  کي سڄي زندگي جي لاءِ جدائي جو داغ ڏئي اسان کي هميشه لائي روئندو ڇڏي اربع 20 ڊسمبر 2023 جي ڏينهن  صبح جو 8 بجي محمد ميڊيڪل ڪاليج ميرپورخاص ۾ پنهنجي مالڪ حقيقي ڏانهن روانو ٿي ويو، جتان ڪڏهن ۽ ڪوبه انسان واپس نه وريو آهي.پنهنجي وفات کان هڪ مهينو 12 ڏينهن اڳ 9 نومبر 2023 تي هرسال وانگر پنهنجي ننڍي پٽ علي شان عرف نني جان جي سالگره گهر ۾ ملهائي جنهن جو ڪيڪ اسان گڏجي ڪٽيو اسان کي اها خبر ڪانه هئي ته هي تقريب اسان جي گهر خوشين جي ۽ سعيد احمد ملڪاڻي جي زندگي جي آخري خوشي جي تقريب هوندي ٺيڪ هڪ مهينو 12 ڏينهن کانپوءِ سعيد اسان سڀني کي روئاريندو هميشه لاءِ پري هليو ويو. هو نهايت بااخلاق نياز نوڙت يار ويس ۽ پيارو انسان هو ۽ پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن به ڪنهن سان وڏي آواز ۾ ڪونه ڳالهايو ۽ نه ڪنهن جي دل آزاري ڪئي. سعيد احمس نهايت محنتي هو ۽ هو حق حلال جي روزي کائڻ پسند ڪندو هو هن ڪجهه وقت ڏندن جي ڊاڪٽر امداد لغاري جي ڪلينڪ تي پرچي ڪلارڪ طور ۽ هڪ موٽر سائيڪل مڪينڪ جي دوڪان تي به ڪم ڪيو. هو ڊيوٽي تان واپس اچڻ کانپوئي گهر جي ٻاهران چپس رول ۽ سموسن جو ٺيلهو به لڳائي پنهنجي ٻچن لاءِ حلال روزي ڪمائيندو هو. پيرن۾ تڪليف پگهار بند هئڻ ۽ 50 ميل پري پنڌ ڪري ڊيوٽي تي پهچڻ ۽ ننڍن ٻارن جي گذرسفر ۾ مشڪلاتن ۽ ٽينشن سبب هو بيمار ٿي پيو ۽ پيڪيج وٺي 9 ڊسمبر 2023 تي روڊ رستي ڪراچي کان ايران روانو ٿي ٿيو امام رضا جي شهر مشهد پهتو. هتي سخت سردي ٽينشن ۽ پريشاني سبب سخت بيمار ٿي پيو ۽ صرف هوٽل تائين محدود ٿي ويو ۽ جتان اسان کيس دبئي ايئر ذريعي ڪراچي گهرائي ورتو جتي هو 7 ڏينهن ميرپورخاص ۽ حيدرآباد ۾ زير علاج رهڻ کانپوئي 20 ڊسمبر 2023 جي صبح سڀني مٽن مائٽن ۽ اولاد کي روئندي ڇڏي پنهنجي مالڪ حقيقي سان وڃي مليو. دعا آهي ته الله پاڪ سعيد احمد مرحوم هي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي آمين.

 

شير محمد ملڪاڻي

 

سانگهڙ جا  شھري  ٽرئفڪ جي  آزار مان ڪڏھن اجا ٿيندا

 

سانگهڙ شھر جيڪو تاريخي حوالي سان پنھنجي ھڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿو پر اسان جيڪا ڳالھه ڪنداسين سا اها آهي ته ھن جديد دور ۾ به سانگهڙ شهر بنيادي سهولتن لاءِ واجھائي رھيو آھي. جن مان مک مسئلو ٽريفڪ جو آزار آھي جيڪو  ڏينهن به ڏينهن شدت اختيار ڪندو پيو وڃي، خاص ڪري ٻارڙن جي اسڪول وڃڻ ۽ موڪل وقت بدترين ٽريفڪ جام کي منھن ڏئي رهيا آھن. ٽريفڪ جام جا مک ڪارڻ  ھڪ  شھر کي بائي پاس نه ھجڻ آهي جيڪو اڄ کان 30 سال اڳ ٺهيو، ھن وقت مڪمل طور تي تباھ ٿي  ويو آھي، جنھن ڪري ھيوي ٽريفڪ جي آمدورفت  شھر جي اندران ئي آھي جنھن ڪري ٽريفڪ جام رھي ٿي. ٻيو مک سبب انڪروچمينٽ آھي، دڪاندارن ھڪ حد کان وڌيڪ روڊ ۽ فٽپاٿن تي قبضو ڪيو آھي. ٻيو ته وري ريڙھي کان مسواڙ وٺي انھن کي پنھنجي دڪان اڳيان روڊ تي بيھڻ ڏين ٿا. ان معاملي تي انتظاميه جو ڪوبه ڪردار نظر نٿو اچي . ضلعي انتظاميا پنھنجو ڪردار ادا ڪندي سانگهڙ شھرين ٽريفڪ جي آزار مان ڪڍڻ لاءِ تڪڙا اپاءُ وٺي عوام کي کي آزار مان ڪڍيو وڃي.

 

اقرار علي شر/ سانگهڙ

 

سنڌ جي تعليمي نظام تباھ‎

 

سنڌ ۾ تعليم جي تباهي هڪ سنگين مسئلو بڻجي ويو آهي. سرڪاري اسڪولن جي خراب حالت، استاد جي غيرحاضري ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ سبب تعليمي نظام تباهه ٿي رهيو آهي. ڪيترن ئي ٻارن لاءِ اسڪول وڃڻ ناممڪن بڻجي ويو آهي، جنهن ڪري هو مختلف ڪمن ۾ مصروف ٿي ويا آهن. خاص طور تي 7 سالن جا معصوم ٻار، جيڪي ڪتابن ۽ اسڪولن ۾ هجڻ گهرجن، انهن کي هوٽلن، مڪينيڪ جي دڪانن ۽ ٻين مزدوريءَ جي ڪم ۾ لڳايو ويو آهي. هن عمل سان نه رڳو انهن جو تعليمي مستقبل تباهه ٿي رهيو آهي، پر اهي ننڍي عمر ۾ جسماني ۽ ذهني دٻاءَ جو شڪار ٿي رهيا آهن. سنڌ حڪومت ۽ سماجي تنظيمون هن مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪهڙا قدم کڻي رهيون آهن؟ جيڪڏهن فوري طور تي تعليمي نظام کي بهتر ڪرڻ ۽ والدين کي شعور ڏيڻ لاءِ قدم نه کنيا ويا ته اسان جا ايندڙ نسل مڪمل طور تي برباديءَ طرف وڃي سگهن ٿا. اهو وقت آهي جو هر باشعور شهري هن مسئلي تي آواز اٿاري ۽ حڪومت کان مطالبو ڪري ته هو تعليم جي بهتر نظام لاءِ تڪڙا ۽ اثرائتا قدم کڻي. تعليم جو معيار بهتر ڪرڻ، اسڪولن جي مرمت ۽ غريب خاندانن کي مالي مدد فراهم ڪرڻ کانسواءِ هن مسئلي جو ڪو حل نه آهي.

 

محمد رفيق مسافر بنگوار/ڪنڌڪوٽ

اسان جي سنڌ ڪڏهن آزاد ٿيندي ڪرپشن جي ڪن مان

 

ڪيڏي نه بدنصيبي آ، نه ڪو داد نه فرياد آ اسان جي قوم سنڌ جو، جتي هر ادارو ڪرپشن کي پنهنجو حق پيو سمجهي ۽ قوم کي وتي پيو ڦريندو. تازو حڪومت سنڌ روينيو محڪمي ۾ آن لائن کاتن جو سلسلو شروع ڪيو آ. جتي خريدار، وڪرو ڪندڙ ۽ گواهن جي آن لائن نادره کان تصديق بعد کاتي جا اسٽامپ پيپر ڏنا پيا وڃن. پر اڄ به ان عمل ۾ اسٽامپ وينڊرس جو مڊل مين جيان ڪردار باقي رکيو ويو آ، جيڪو سرڪاري اگھه ساڻ روينيو عملدارن جو خرچو پاڻي پلس پنهنجي دوڪانداري جو حساب ڪتاب کاتو ڪرائيندڙ يا وڪرو ڪندڙ کان پيا وٺن. سيل سرٽيفڪيٽ جي سرڪاري في ست سؤ روپيه به نه آهي ان جا چوڏهن هزار ۽ روينيو کاتي جا چاليھه ھزار پيا وٺن ۽ روينيو سٽي سروي آفيس  ۾ داخلا لاءِ پڻ کاتي بعد پنج هزار کان سترنهن هزار پيا وٺن مطلب ته سرڪاري اگھه ويو کڏ ۾ جيڪو روينيو عملدار پلس اسٽامپ وينڊرس مقرر ڪن اهي ڏيڻا پوندا. ان لٽ مار ۾ سنڌ حڪومت شريڪ آهي جو ان جو اينٽي ڪرپشن وارو ادارو پڻ خاموش آھي. باقي ڪوڙيون داخلائون  ۽ ڪوڙا کاتا جيئن جون تيئن پيا هلن، جنهن جو ثبوت ڪوڙين جعلي هائوسنگ سوسائٽيز جي لٽ  آ، جيڪا سنڌ سميت پوري پاڪستان ۾ روان دوان آهي. اسان جي رياست پاڪستان جي تمام اختيارين بشمول عدالت سڳوري جي وس وارن کي استدعا آھي ته خدارا قوم جو داد ڪيو ۽ روينيو آفيسن ۾ جاري ڪرپشن جي ڪاروبار کي روڪيو. خريدار ۽ وڪرو ڪندڙ لاءِ آسانيون پيدا ڪريو ته جيئن قومي ترقي ٿئي نه ڪي ڪرپٽ عملدارن جي ڪرپشن جا اگھه وڌن. الله سائين اسان جي سنڌ مان ڪرپشن ڪندڙن ۽ انهن جي سهوليتڪارن جو خاتمو ڪري ته جيئن گناهه ڪبيره کان قوم محفوظ رهي. جو ڪرپشن ڪرڻ وارا ۽ ڪرپشن جا سهولتڪار پياري نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وبارڪ وسلم مطابق  جهنمي آهن.

 

استاد جاويد احمد هڪڙو/ شڪارپور

سنڌ لٽريچر فيسٽيول ۽ ٽيلنٽ جو آپگھات

 

سنڌ ادبي ميلي ۾ هن دفعي هڪ نئون ٽيلينٽ سامهون ايندو: ميلي کان اڳ پوسٽر شايع ٿيڻ شروع ٿي چڪا هئا ‘ ڳالھيون واڪا ڪري ھلڻ شروع ٿيون ۽ ھر ماڻھوءَ کي انتظار  ھو ته آخر اھي نوان چھرا ڪھڙا ھوندا ‘ ھا نون  چهرن ۾ ڪجھه  نوجوان به  هئا ‘ ڪجهه سينئر به هئا ‘ ايئن عورت شاعرائون به ته ڪهاڻيڪار به سڀ هئا. چوٻول اھو به  ھو ته ھڪ ٽڪ ٽاڪر ڇوڪري به جيڪا پنھنجي ٽڪ ٽاڪ اڪائونٽ جي ڪري ڪافي مقبول آھي ان جي شرڪت  به اعلاڻيل ھئي. جنھن جي شموليت تي سوشل ميڊيا ۾ حمايت/ مخالفت ۾ ڪافي ڇڪتاڻ شروع ٿي وئي. سمجھڻ جي ڳالھ اھا آھي ته هڪ عورت جيڪا ٽڪ ٽاڪ جي هيروئن آهي ان کي به هڪ ٽيلينٽ آهي. ھوءَ ڌرتي جي خوشي ۾ نچي ڪڏي ته ڪڏهن ڌرتي جي درد کي غم ۾ ٻڏي ٽڪ ٽاڪ ايپ ذريعي اظھاري ٿي. ڪنھن آرٽسٽ جو اھو فن جنھن ۾ ھو سماج لاءِ ٽھڪ ۽ خوشي ٽيڙڻ يا ڏکن ڏولاون کي پنھنجي مخصوص انداز ۾ پڌرو ڪري سماج کي جاڳائڻ جو گڻ رکي ٿي سو نھايت قيمتي آھي.   سموري دنيا ۾ اھا ايپ مقبول آھي جنھن  ريت سماج سان ھڪ نئين انداز ۾ پنھنجا احساس ونڊجن ٿا ۽ ان کي تمام گھڻي پذيرائي ملي رھي آھي، ھونئن به اڄ اسان جي زندگين ۾ سوشل ميڊيا جو عمل دخل تمام گھڻو وڌندو پيو وڃي ۽ جيڪي خبرون مھينن کانپوءِ پھچنديون ھيون’ اھي ھاڻ منٽن ۽ سيڪنڊن ۾ پيون ملن . پر   ھتي اھا ڳالھه افسوس سان ٿي لکڻي پئي ته اسان وٽ مدي خارج ۽ ذھني طور اپاھج ڪجھ اديب جيڪي پاڻ ته ٽيڪنالاجي جي استعمال کان اڻ واقف آھن ئي آھن پر اھي ھر مثبت چينج Change جي  خلاف به بيبنياد پروپيگنڊا ڪري رستا روڪ ڪندا آھن. آئون ميلي جي انتظاميا کان اهو  سوال ٿي ڪريان ته توهان هڪ عورت  ٽڪ ٽاڪر جي جڏهن سليڪشن ڪئي ته پوءِ ڇو نه ان کي موقعو ڏنو ويو؟ مظفر لاشاري کي ڀلا ڇو گهرايو ويو؟ ڇا اهو ٽڪ ٽاڪر ناهي؟ توهان هڪ عورت جي تذليل ڪرائي آهي هڪ ماڻهو جي ڳالهه تي پنهجي سنڌي نياڻي تي آڱر کنئي آهي، جڏهن توهان سليڪشن بورڊ وارا ايڏا بهادر ناهيو ته پوءِ ڇو ڪنهن جي تذليل ٿا ڪرايو. توھان ھڪ ٽيلينٽيڊ نياڻي کي اسٽيج تي نه ٿا آڻي سگھو ۽ وري اٿي سڀ سنڌ بچايو جا نعرا ٿا هڻو ….!!!

جيڪي عورت کي عزت نٿا ڏئي سگهن اهي معاشري کي ڇا سڌاريندا؟ سنڌ جا مسئلا ڏسڻ م ئي ڪونه ٿا اچن پر شل نه انهن کي ڪا ناپسنديده شخصيت سامهون اچي وڃي ته وٺي هاءِ گهوڙا شروع ٿا ڪن. اسان جو سنڌي سماج ان ڪري ئي پوئتي پيل آهي جو اسان جي سوچ اسان کي اڳتي نڪرڻ نه ٿي ڏئي. شرم جو مقام آھي جو اسان پنھنجي ھنرمند نياڻين متعلق ميڊيا تي اچي ائين ڳالهايون به ٿا ۽ پوءِ وري پاڻ کي قوم جا خيرخواھ به سڏرايون ٿا….!!!

ويا مور مري هنج نه رهيو هيڪڙو

 

زينت احمد/ ڪلفٽن ڪراچي