غربت مھانگائي بيروزگاري جي ڪري وڌندڙ خودڪشين جا واقعا
سنڌ صوبي ۾ گذريل ڪجھ سالن خودڪشي جي واقعن ۾ رڪارڊ واڌارو ڏسڻ ۾ آيو آھي. صوبي ۾ ساليانا ھزارين ماڻھو پنھنجون قيمتي حياتيون خودڪشين وسيلي وڃائي رھيا آھن. سنڌ صوبي ۾ خودڪشين جو مکيه ڪارڻ پرڳڻي ۾ وڌنڌڙ غربت، ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي، بيروزگاري جو راڪاس آهي. خودڪشين جا واقع سنڌ صوبي ۾ عام جام ٿي چڪا آھن. پريشان ڪندڙ اھا ڳالھ آھي، ته خودڪشي ڪندڙ جو وڏو انگ تعليم يافتا نوجوان ڇوڪرا ۽ نوجوان ڇوڪريون آھن. خودڪشي جي وڌنڌڙ واقعن جي ڪري سنڌ ۾ ھڪ ڳڻتي واري صورتحال آھي، پر اسان جي حڪمرانن جي ڪنن تي جُونءِ به نه ٿي سري. اسان سنڌ حڪومت کي گذارش ڪنداسين، ته سنڌ ۾ وڌنڌڙ خودڪشين جي واقعن جي روڪٿام لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن ۽ سنڌ واسين ۾ ھڪ سجاڳي جي مھم ھلائي وڃي، ۽ عوام کي خودڪشي جي واقعن جي نقصانن بابت آگاھ ڪيو وڃي. گڏو گڏ غربت، مھانگائي، بيروزگاري جي خاتمي لاءِ جنگي بنيادن تي ڪم ڪيو وڃي.
ارشاد لغاري/ چمبڙ
راڄڙ ۽ مري برادرين جي ڌرين جو تڪرار
راڄڙ ۽ مري برادرين جي ڌرين ۾ 2011ع کان جاري تڪرار انتهائي افسوسناڪ آهي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن. هي تڪرار نه رڳو ٻن ڌرين لاءِ نقصانڪار آهي پر سموري علائقي جي امن ۽ ترقي لاءِ به خطرو آهي. سڀ کان وڏو الميو اهو آهي ته ٻنهي قبيلن جا پڙهيل لکيل ماڻهو، جيڪي امن قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ ڪنهن به قسم جي ڪوشش ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. سوال پيدا ٿئي ٿو ته جيڪڏهن تعليم اسان کي امن، انصاف ۽ ڀائپي لاءِ تيار نٿي ڪري سگهي، ته پوءِ اسان جي سکيا جو مقصد ڇا آهي؟ پڙهيل لکيل ماڻهن کي پنهنجن ذاتي مفادن کان مٿانهون ٿي، تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي. اهو تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ ٻنهي قبيلن جا چار- چار ايماندار ۽ غيرجانبدار اڳواڻ چونڊڻ گهرجن، جيڪي انصاف ۽ ٻه طرفي ڳالهين ذريعي حل ڪڍڻ لاءِ ڪوششون ڪن. اهي اڳواڻ نه رڳو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ روڊميپ جوڙين، پر مستقبل ۾ اهڙن تڪرارن کي روڪڻ لاءِ منصوبابندي پڻ ڪن. راڄڙ ۽ مري ڌرين وچ ۾ صلح نه ٿيڻ ڪري وڌيڪ جاني نقصان ٿيڻ جو خدشو آهي، جيڪو علائقي لاءِ هڪ وڏو الميو بڻجي سگهي ٿو. صلح کانسواءِ نه صرف انساني جانيون ضايع ٿين ٿيون، پر علائقي جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي پڻ متاثر ٿئي ٿي. پڙهيل لکيل طبقو جيڪڏهن اڳتي نه آيو ته هي تڪرار وڌيڪ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو. راڄڙ ۽ مري قبيلن جي تعليم يافته ماڻهن کي پنهنجون ذميواريون محسوس ڪرڻ گهرجن ۽ تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ گڏجي قدم کڻڻ گهرجي. وقت جي گهرج آهي ته پنهنجي ذاتي اختلافن کي وساري، امن قائم ڪيو وڃي ته جيئن سمورو علائقو امن ۽ خوشحالي ڏانهن وڌي سگهي. صلح ئي ترقي جو واحد رستو آهي. جيڪڏهن اڄ اهو قدم نه کنيو ويو ته تاريخ اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي.
اعظم اعجاز مري/ کپرو
سنڌي ادبي بورڊ غريب آهي يا ايڊيٽر.؟
سنڌي ادبي بورڊ مان شايع ٿيندڙ ٽماهي مهراڻ تحقيقي ادبي رسالو آهي، جنهن ۾ تاريخ ادب، شاعري سميت سٺن موضوعن تي مضمون ۽ مقالا شامل هوندا آهن ۽ نوجوان لاڀ حاصل ڪندا آهن. ان ۾ شامل ٿيندڙ هر ليکڪ ڏي اعزازي ڪاپي موڪلي ويندي آهي، ۽ اها ادبي بورڊ جي پراڻي روايت آهي پر ڪجهه مهينن کان ٻٽو معيار هلي رهيو آهي، ڪنهن ڏي اعزازي ڪاپي موڪلي وڃي ٿي ته ڪنهن ڏي نه ٿي موڪلي وڃي. جنهن جي شڪايت ادبي بورڊ جي هاڻوڪي چيئرمين مخدوم سعيدالزمان عاطف کي پڻ ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته ادبي بورڊ واحد اهو ادارو آهي جنهن جا شايع ٿيندڙ رسالا ليکڪن ڏي اعزازي ڪاپي طور موڪليا ويندا آهن جنهن جو خرچ به ادبي بورڊ ڀريندو آهي. هاڻ لکڻيون رسالي ۾ شامل هجڻ جي باوجود ليکڪن شاعرن ڏي اعزازي ڪاپي نه ٿي موڪلي وڃي ڇا سنڌي ادبي بورڊ غريب ٿي ويو آهي جو ائين ڪيو پيو وڃي.
ناشاد شوڪت شنباڻي/ ڪوٽڏجي
سنڌ صوبي جي سرڪاري اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ
اڪثر ڏٺو ۽ آزمايو ويو آهي ته ملڪ پاڪستان ۾ خاص طور تي سنڌ صوبي کي نظراندار ڪيو ويو آهي. اوهان دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي ڏسو ۽ هڪ هفتي ۾ اوهان سڀ ڪجھ ڏسندا ته واقعي سنڌ صوبي کي هر لحاظ کان نظرانداز ڪيو ويو آهي. ملڪ پاڪستان جي وزيراعظم کي ڇڏيو کڻي پر صوبي سنڌ جي چونڊيل نمائندن سنڌ لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ صوبو سنڌ سڄو انيڪ مسئلن جي ور چڙهيل آهي جيڪي حل ته نه ٿيندا پر ڪڏهن اخبارن ۾ ڪڏهن سوشل ميڊيا ذريعي پيا ڳائبا. هن وقت سنڌ صوبي جون سرڪاري اسپتالون ڪوس گهر کان به وڌيڪ برو ڏيک ڏين ٿيون. هنن سرڪاري اسپتالن ۾ وقت سر ڪا سهولت ته ناهي پر عارضي بخار، زڪام، کنگهه وغيره لاءِ دوائون به اڻلڀ آهن. سنڌ سرڪار جي وڏين وڏين ڊاڙن، ڦوڪن سدائين مسڪين ماروئڙن جا هنج کسيا آهن. سنڌ صوبي جي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر جي اسپتالن کان ويندي ٻهراڙي جي ننڍن ننڍن سينٽرن تي به ماروئڙن لاءِ دوائون اڻلڀ آهن. موسمن جي تبديلي سبب اڪثر ماڻهو بيماري ۾ ورتل آهن سندن گهر جو گاڏو به وقت سر نٿو هلي سو پرائيويٽ اسپتالن جا خرچ ۽ مهانگيون دوائون وري ڪٿان وٺندا. هن وقت به يوسي بڪيراشريف سميت مٺو خاصخيلي، غلام حسين کوکر، ڌڱاڻو بوزدار سميت آس پاس جي بي ايچ يو سينٽرن تي گذريل ٻن مهينن کان دوائون اڻلڀ آهن جنهن ڪري غريب مسڪين ماروئڙا بيماري ۾ لوڙين پيا. ان ڪري اهي مسئلا ختم ڪيا وڃن.
ماڻڪ حڪيم جروار/ بڪيراشريف
عمران خان جي سياست ملڪ لاءِ پائدار آهي!!؟
ڪافي ڏينهن کان پي ٽي آءِ باني عمران خان پنهنجي سياست جا جيڪي جوهر ڏيکاري رهيو آهي تنهن جتي حڪومت جون متيون منجهائي وڌيون آهن اتي پنهنجي پارٽيء اندر به ڏار وجهي ڇڏيا آهن. بئريسٽر گوهر، سلمان اڪرم راجا، علي امين گنڊاپور، اسد قيصر ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته جنهن سول نافرماني جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي ان جي خبر اسان کي تڏهن پئي جڏهن ايڪس تي ان جو اعلان ڪيو ويو. جڏهن ته اهو اعلان عمل جوڳو ناهي. پارٽي ۾ ان تي خدشن جو اظهار ڪيو ويو آهي. اعتراض اهي ڪيا پيا وڃن ته اهو ڪارڊ عمران خان اجايو کيڏيو آهي ۽ مشاورت سان ائين ڪري ها ته کيس ائين ڪرڻ نه ڏنو وڃي ها. پارٽي قيادت موجب سول نافرماني واري صلاح ڏيندڙ پارٽي جو ۽ عمران خان جو خيرخواهه ناهي پر دشمن آهي. هاڻي اهي ڳالهيون ٿي رهيون آهن ته سول نافرماني واري سڏ تي عمران خان سان ڳالهائي کيس راضي ڪجي ته سول نافرماني طرف ناهي وڃڻو. ٻئي پاسي پي ٽي آءِ پاران سوشل ميڊيا تي ويھي آرٽيفيشل انٽيليجنس وسيلي فوجي مصنوعات جي بائيڪاٽ جي مھم ھلائي پئي وڃي ۽ رت ھاڻيون پروڊڪٽس ڏيکاريون پيون وڃن جنھن تي مٿين ڌرين کي ويچارڻو پوندو ته ان سموري پروپيگنڊا کي ڪھڙي ريت منھن ڏجي؟ ڇوته عمران خان پنھنجي تازي بيان ۾ چيو آھي ته ملڪ اندر 26ھين آئيني ترميم بعد 10 ورھين لاءِ مارشل لا لاڳو ٿي چڪي آھي ۽ ڏھ سالن لاءِ ھڪ بادشاھه کي آندو ويو آھي. اسان مٿان ناجائز سرڪار کي قبولڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي. هاڻي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا اھو اشارو آرمي چيف ڏانھن آھي؟ پر ان جو مدو ته 2027 تائين آھي سو ھتي اھا ڳالهه سامھون اچي ٿي ته عمران خان جي دور ۾ جيڪو منصوبو جوڙيو ويو ھو اھو ڏھن سالن وارو ھو ان دوران ملڪ اندر صدارتي نظام لاڳو ڪرڻو ھو. سو ھن لڙائي ۾ اگر ڪنھن جو منصوبو نه به ھجي ته عمران خان جي ضد کي ڏسندي اھو منصوبو ٿي به سگھي ٿو. ان ڪري عمران خان کي ترت ئي سياسي ڌرين سان ڳالھيون ڪرڻ گھرجن جيڪي ملڪ ۽ قوم لاءِ پائدار هونديون. ملڪ اندر ھن وقت جيڪا مٿس دٻاءُ جي صورتحال آھي، سا خود پي۔ٽي۔آئي لاءِ نقصانڪار آهي. لڳي ائين ٿو ته وري مائنس ون وارو فارمولو رائج ٿي ويندو ڇوته عمران خان جو ضد اسٽبلشمينٽ کي پسند ڪونهي جڏهن ته مولانا فضل الرحمٰن به هاڻي سندس ساٿاري ٿي ساڻس ويجهڙائپ رکي اسٽبلشمينٽ خلاف سراپا احتجاج آهي. هڪ طرف سرڪار کي عمران خان مٿي ۾ سور وڌو آهي ته ٻئي طرف مولانا ناراضگيء جو اظهار ڪندي نظر اچي ٿو، هن وقت ملڪ اندر اڻ وڻندڙحالتون آھن پر جيڪو ڪجھه تحريڪ انصاف ڪري پئي ان جو نقصان صرف انھن کي ٿيندو. پر ان لڙائي جو نتيجو ڇا نڪرندو؟ اھو سوال ھن وقت تمام اھم آھي جنھن تي ويچارڻ جي ضرورت آھي. هن ڳنڀير صورتحال ۾ پي ٽي آءِ لاءِ ڪجهه وقت خاموشي اختيار ڪرڻ ئي بهتر رهندو ٻي صورت ۾ موجوده سياسي گرمي پد وڏو نقصان پيدا ڪري سگهي ٿو۔
اعجاز ممنائي/نوشهرو فيروز
عاشق غفور آھيان ڌرتيءَ جي عاشقن جو
حصو پهريون
شاعري ڪائنات ۾ موجود سمورن علمن کان نفيس، نرم ۽ احساساتي علم جو نالو آھي. دنيا کي ھر ماڻھو پنھنجي نظر سان ڏسي ٿو ۽ بيان ڪري ٿو، پر ڪجھ شاعر اھڙا ھوندا آھن جن جي شاعري ۾ اوھان کي پنھنجا احساس، ارمان ۽ مسئلا نظر ايندا آهن. اوهان بلڪل ايئن ڀائيندا آھيو تہ اوھان جيڪي لفظ ٻاھر نہ ڪڍي سگھيا آھيو ۽ انھن ئي لفظن کي شاعر اوھان جي زبان بڻجي ٻين آڏو پيش ڪيو آھي. اھا خصوصيت تمام ٿورن شاعرن وٽ ھوندي آھي، جيڪي ٻين جي ترجماني ڪندا آھن. گھڻو ڪري اھڙي طبيعت رکندڙ شاعر پٺتي پيل طبقي سان واسطو رکندڙ ھوندا آھن. انھن اھي سموريون وارتائون پنھنجي سر تي سٺيون ھونديون آھن، پوءِ انھن کي جڏھن لفظن جو روپ ڏئي عوام آڏو پيش ڪندا آھن تہ سندن مقبوليت ھنڌين ماڳين پکڙجي ويندي آهي. سندن سٽون سنڌ جي ھر وستي، واھڻ، ڳوٺ، شھر توڙي جھر جھنگ ۾ مقبوليت ماڻينديون آھن. جھڙي ريت عوامي شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح، سچل سرمست، استاد بخاري، ابراهيم منشي، راشد مورائي، سرويچ سجاولي، حليم باغي، جمن دربدر، مھر ڊٻائي ۽ ٻين انيڪ شاعرن جا نالا اچي وڃن ٿا. اھڙن ئي شاعرن مان سائين غفور شاھ تقوي بہ آھي. جنھن جي شاعري ۾ اسان کي پيار محبت ۽ محبوب جي سينگار کان ويندي محبوب جي ماڻن سميت وفا توڙي جفا جو جلوو نظر اچي ٿو. اتي ئي سڀ کان اھم ڳالھ سماجي مسئلا بہ نظر اچن ٿا. انھن لفظن کي مخصوص شاعراڻہ انداز ۾ بيان ڪري “تقوي” اجتماعي شعور پکيڙڻ جي ڳالھ ڪئي آھي. جنھن ۾ گهڻي قدر پاڻ ڪامياب بہ ويو آهي. سائين غفور شاھ تقوي جو تعلق سنڌ جي اھڙي سرزمين سان آھي جتي سمنڊ جي گھرائي بہ آھي تہ جبلن جي سختي بہ آھي، واري جو بيابان بہ آھي تہ سنڌو جون ڇوليون بہ آھن. تنھن ڪري سندس شاعري ۾ سمنڊن جھڙي گھرائي، جبلن جھڙي سختي، واري جي ريگستاني ۽ سنڌو جي رواني جيان سندس لفظن ۾ موسيقي بہ نمايان انداز ۾ نچندي نظر ايندي. سندس شاعري جي اھم خصوصيت اھا آھي تہ ھو ظاھري ڏيک ويک کي ڇڏي ڪري اجتماعي شعور پکيڙڻ جي ڳالھ ڪري ٿو. ھو نہ صرف ڌارين جي ظلمن جي ڳالھ ڪري ٿو پر ان کان اڳ ھو، پنھنجن جي ظلم جي ڳالھ ڪري ٿو تہ ڪيئن رشتن ناتن وارا ماڻھو بہ منھن موڙي ڇڏيندا آھن.
اُنس ۽ احساس جا بند دروازا ٿيا،
نفرتن جي شھر ۾ ناھي رشتن جو قدر
يا وري زماني ۾ جڏهن ڪنھن اھم موڙ تي پنھنجي يارن جي بي رخي ڏسي ٿو ته اُنھي کي لفظن جو لباس پهرائي چئي ٿو تہ:
لڳايون ڇو الزام اغيار تي،
اسان کي اسان جي يارن ئي ڪٺو
وري جڏھن انسان سان انسان جو نامناسب ورتاءُ ڏسي ٿو ته ھيٺيون شاھڪار شعر سرجي ٿو وڃي.
مان نٿو روڪيان خدا جي بندگيءَ کان پرين ،
ڪا گھڙي انسانيت جي بندگيءَ جي ڳالھ ڪر
پر اڃا بہ جڏھن انسان ھٿان ڪو وڏو ڏاڍ ظلم ٿيندي ڏسي ٿو تہ بي ساختہ ٿي چئي ٿو ڏي:
ڏسي حال تقوي حيات بشر جو ،
شرم سار بڻجي ، ويو سر جھڪي آ
جڏهن ھو ڪنھن ڪمزور پورھيت کي زندگيءَ جو وھنوار ھلائڻ لاءِ پورھيو ڪندي ڏسي ٿو تہ سندس دل ڏکاري ٿي پئي ٿي ۽ چئي ٿو تہ:
پورھيو ڪندي ڪندي ھو، پڃرو ٿيو ھڏن جو،
ڪمزور جي جسم ۾ رت نہ ماس آھي
مظلوم پورھيت جي ڪمائي مان جڏهن ھو شھر جي رنگينين ۾ سرمائيدار، جاگيردار توڙي ڪامورن توڙن حڪمرانن کي عياشي ڪندي ڏسي ٿو تہ پوءِ ھي شعر سرجي ٿو وڃي.
ڪير ڪمائي ڪير کپائي ڪنھنجو پورھيو ڪير ڦٻائي،
ڪير زمين ۾ روح سڪائي ڪير ڀڳا بريانيون کائي،
ديش دروھي عيش اڏائي، پيٽ بکيا ڏس پنھنجا ٻار .
جڏهن ھو ڪنھن مظلوم ناري کي زماني جي ظالمانہ ريتن رسمن جي ور چڙهندي ڏسي ٿو تہ ھو سندس زبان بڻجي ٿو پئي:
مار نہ بابا ڪاري ناھيان
تنھنجي آھيان ڌاري ناھيان
يا وري
ڪات مڏي سان مارين ڇو ٿو،
ڏاڍايون ڏيکارين ڇو ٿو،
لوڻ ڦٽن تي ھارين ڇو ٿو،
آئون ککي جي کاري ناھيان.
محمد رضا خاصخيلي/ ڪوٽڏجي
آن لائن تعليمي پليٽ فارمن کان فائدو وٺڻ جي اهميت
اَڄ جي دؤر ۾ تعليم جو لاڳاپو صرف ڪِتابن ۽ اسڪُولن تائين محدُود ناهي. اِنٽرنيٽ ۽ آن لائن پليٽ فارمز جهڙوڪGoogle Digital Garage, LinkedIn Learning, Udemy, Udacity, Coursera, Alison ۽ يُوٽيوب نوجوانن لاءِ هڪ بهترين موقعو فراهم ڪن ٿا تہ اُهي پنهنجي مَهارتن ۾ اِضافو ڪن ۽ نئين ڄاڻ حاصل ڪن. سنڌي نوجوانن کي موجوده دؤر ۾ آن لائن پليٽ فارمن جي اهميت کي سمجهڻ گُهرجي. Coursera ۽ Google Digital Garage جهڙا پليٽ فارم دُنيا جي بھترين آنلائن اِدارن مان مُفت ۽ پئسن سان ڪورسز پيش ڪن ٿا. اُهي ڪورس هر موضوع تي دستياب آهن، جهڙوڪ ٽيڪنالاجي، سائنس، انٽرپرينيورشپ، آرٽ ۽ ٻيا. اِئين، سنڌي نوجوانن لاءِ اُنهن پليٽ فارمن کان فائدو وٺڻ جو هڪ بهترين موقعو آهي. يُوٽيوب ۽ خان اڪيڊمي بہ اِهم ذريعا آهن، جتي اسان آسان زبان ۾ تعليمي ويڊيوز ڏسي سگهون ٿا. خان اڪيڊمي خاص طور تي سائنسي ۽ رياضياتي مضمونن لاءِ هڪ بهترين ذريعو آهي، جتي نوجوانن کي آساني سان سمجھڻ ۾ مدد ملندي آهي. اِنهن پليٽ فارمن تي تعليم حاصل ڪرڻ سان، نوجوانن کي فقط علمي فائدو ئي نٿو ملي، پر اهو انهن جي ذهني ترقيءَ ۽ شخصيت ۾ بہ مددگار ثابت ٿيندو. اُن کان علاوه، آن لائن پليٽ فارمن سان گڏ، نوجوانن کي وقت ۽ جاءِ جي پابندي کان آزاد ٿي تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي. ان ڪري، سنڌي نوجوانن کي گُهرجي تہ اهي انٽرنيٽ تي موجود تعليمي وسيلن جو فائدو وٺن، پنهنجون صلاحيتون وڌائين ۽ نئين دؤر جي مطابق پاڻ کي تيار ڪن. علم حاصل ڪرڻ هڪ مُستقل سفر آهي، ۽ ان سفر ۾ آن لائن پليٽ فارمز هڪ طاقتور اُوزار بڻجي سگهن ٿا.
ماجد علي تنيو/ميھڙ (ڪَچو)
ھڪ چٺي گھرو وزير ضياء لنجار جي نالي “
ڪاڇو جتي امن پيار محبت جا رقص ھئا. ڪنھن ذات پرستي جي نانگ جو جنم نه ھو. خوشحالي ڀائيچاري جو مثال ڪاڇي جو امن پرديسي پکين جيان اڏامي ويو آھي. ويڙھ، جھيڙا، قتل، عزتن جا جنازا روز جو معمول بڻجي ويا آھن. قبائلي جھيڙن کي ھٿي ڏني پئي وڃي. ضيا لنجار صاحب اوھان جي جمھوريت ۽ قانون چند ماڻھن جي ھٿن جي ور چڙھيل آھي. ڪاڇي سميت جوھي تعلقي ۾ ڪا اھڙي ذات برادري جمالي، رستماڻي، لنڊ، کوسو، برھماڻي، ٿھيم، لاشاري، لغاري، بروهي، جمالي، مستوئي ڪھڙي ذات ناھي جن کي پاڻ ۾ ويڙھايو نه ويو ھجي. ھيرو خان قصبو کان واھي پانڌي، ٽنڊو رحيم خان تائين قتل و غارت نه ڪئي وئي ھجي. روز ڪنھن نه ڪنھن ڳوٺ مان لاش ملي ٿو. ماءُ جي جھولي خالي ڪري قاتل فخر سان گھمن ٿا. ڦرون ڌاڙا ته ڄڻ پوليس ڪاڇي واسين کي ڏاج ۾ ڏئي ڇڏيا ھجن. پوليس کي ڪاروائي لاءِ واٺن ۽ ڀوتارن جي ڪال جو انتظار ھوندو آھي. ھاڻ ته گھرن ۾ به ماڻھو محفوظ ناھن. چادر ۽ چوديواري جي حفاظت دنيا ۾ مشھور ھئي. ان جو آئي ڏينھن ڀوتارن جا چمچا ۽ اوھان جي پوليس وڏي فخر سان جنازا ڪڍي رھي آھي. ٿاڻا جتي غريب کي انصاف نه ملي. چورن پاٿاريدارن کي پروٽوڪول ڏنو وڃي ته بھتر آھي اھڙن ٿاڻن کي تالو ھڻڻ کپي. اسان ڪاڇي واسي عرض ڪيون ٿا توهان جي پوليس ۽ چند ماڻھن ڪاڇي جو امن تباھ ڪري ڪاڇي واسين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. انھن خلاف ڪاروائي ڪري. خدارا ڪاڇي جو امن، پيار، محبت، خوشيون موٽائي ڏيو.
سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي ڪاڇو
ھيڏا ھاڃا ھن ڀنڀور ۾
سنڌ پاڪستان جو بانيڪار صوبو آھي جيڪو قدرتي دولت سان پڻ مالا مال آھي. جيڪڏھن اسين ھن صوبي جي تاريخي پسمنظر ۾ وينداسين ته اسان کي اھا ڄاڻ پڻ ملندي ته ماضي ۾ ھي صوبو علم ادب جو مرڪز ھو. پري پري کان شاگرد ھتي اچي علم جي اڃ اجهائيندا ھئا پر افسوس جو ھن وقت سنڌ صوبو تعليمي حوالي سان ملڪ جي ٻين صوبن کان گھڻو پوئتي رھجي ويو آھي. ٿي سگھي ٿو ته تعليمي حوالي سان سنڌ کي ڄاڻي واڻي پوئتي ڌڪڻ جي بہ اھا ڪا سازش ھجي. ھاڻي اچو ته سنڌ ۾ سيڪنڊري، هائير سيڪنڊري ۽ ڊگري ڪلاسز جي سالياني امتحان ۾ ٿيندڙ ڪاپي تي ھڪ نظر وجهون. سنڌ ۾ اڪثر ڪري ھر بورڊ سيڪنڊري سطح جا امتحان اڪثر ڪري مارچ يا اپريل جي مهيني ۾ منعقد ڪرائيندو آھي. جڏھن ته ھائير سيڪنڊري سطح جا امتحان مئي مھيني ۾ ٿيندا آھن جڏھن تہ ھر يونيورسٽي جو ڪاليج سائيڊ کان امتحان وٺڻ جو وري پنھنجو پنھنجو شيڊول ھوندو آھي. شاه لطيف يونيورسٽي خيرپور جا پاڻ سان لاڳاپيل ڪاليجن جا ساليانہ امتحان اڪثر ڪري نومبر يا ڊسمبر مھيني ۾ ورتا ويندا آھن جيڪي ھن سال به نومبر مھيني جي آخري ھفتي کان شروع ٿي چڪا آھن. ڊگري ڪلاسز جا پيپر ڏيڻ لاءِ شاگرد ۽ شاگردياڻيون نه صرف سنڌ جي مختلف ضلعن، شھرن، ڳوٺن ۽ واھڻ وستين مان پر پوري ملڪ مان ايندا آھن. پيپرن جي سيزن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڪاپي ڪرائڻ ۽ سندن جڳھ تي ٻين کي ويھاري ڪري پيپر ڏيارڻ جي روايت به سنڌ ۾ مشهور آھي. ھتي باقاعدگيءَ سان پيپر ڏيارڻ جا ھزارين روپين ۾ ٺيڪا کنيا ويندا آھن. نه صرف ايترو پر ڪي شاگرد ۽ شاگردياڻيون جيڪي نه داخلا وٺن ۽ نہ وري پيپر ئي ڏين انھن کي لکين رپين جي عيوض ڊگري به مليو وڃي. ھاڻي اچو ته اڳتي وڌون يونيورسٽي پيپر ڪرائڻ کان آڳ ھر سبجيڪٽ جي اسپيشلسٽ، پروفيسر کان پيپر تيار ڪرايو وڃي ٿو ان کانپوءِ پيپر ڇپائي جي مرحلي ۾ داخل ٿين ٿا اتان پوءِ وري ھر ڊگري ڪاليج جي ويجھي بينڪ ۾ پيپر جمع ڪرايا وڃن ٿا پوءِ اتان ڪاليج جو ڪوئي ملازم پيپر کڻي اچي ٿو ان کانپوءِ يونيورسٽيء جي طرفان مقرر ٿيل ايڪسٽرنل ۽ ڪاليج جو پروفيسر يا پرنسيپال جنھن کي انٽرنل سڏيو وڃي ٿو انھن ٻنھي جي نگرانيءَ ۾ سوالي پيپر کوليا وڃن ٿا ۽ پوءِ اھو پيپر ھر ڪلاسن، بلاڪن ۾ ڊيوٽي ڪندڙ انويجليٽرن کي ڏنا وڃن ٿا جيڪي ڪلاسن، بلاڪن ۾ ورھائن ٿا ۽ ڪڏھن ڪڏھن ايڪسٽرنل پيپر پاڻ به ورھائيندو آھي. پيپر ملڻ کانپوءِ شاگرد ۽ شاگردياڻيون موبايل فون جو آزادانه استمعال ڪرڻ ڪن ٿا. ڪي ٻار تہ استادن سان منھن ماري پڻ ڪندا آھن. مطلب ته سيڪنڊري، ھائير سيڪنڊري ۽ ڊگري ڪلاسز جي امتحا نن ۾ ڪوبه نظم و ضبط ناھي ھوندو پوءِ ڀلا اھڙي امتحان وٺڻ جو ڪھڙو فائدو.؟ آءٌ وزيراعليٰ سنڌ ۽ تعليم جي وزير ۽ سنڌ جي سڄاڻ ڌرين کي ھڪ تجويز ڏيندس ته جيڪڏھن اوھين ڪاپيء جھڙي ناسور مرض مان نوجوان نسل جي جند ڇڏائڻ ۾ واقعي بہ سنجيده آھيو ته پوءِ سيڪنڊري سائيڊ کان وٺي ڊگري ڪلاسز تائين جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کان يونيورسٽيءَ جي ريگيولر پروگرام جي طرز تي پڙھايو وڃي. ٻارڙن کي حاضري، اسائيمينٽ، پريزنٽيشن، سيشنل ٽيسٽن ۽ سيميسٽر سسٽم جون مارڪون ڏنيون وڃن ۽ گڏوگڏ گريڊ سسٽم کي ختم ڪيو وڃي.
ستار سنڌي/ڪنب