انٽرنيٽ جي بندش ۽ فوتي ڪوٽا جو خاتمو: فيصلا واپس ورتا وڃن
اسان جي رياست ڪڏهن ظالمانا فيصلا ڪرڻ بند ڪندي ۽ ڪڏهن پنهنجي قوم کي احساس ڏياريندي ته رياست پنهنجي قوم سان هر ڏکئي وقت ۾ ساڻ آهي. هڪ طرف قوم کي آن لائن روزگار لاءِ پئي همٿائي ته جيئن نوجوان نسل پنهنجي ذهانت کي جوڳي نموني ڪتب آڻي پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي زندگي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪجھ نئون ڪري ته جيئن ملڪ جو نانءُ نمايان ٿي وري پنهنجي زور زبردستيءَ جي ظالمانه فيصلن سان نوجوان نسل کي پئي دل شڪسته ڪري نوان قانون بڻائي پئي ڊيڄاري ۽ سندن ذهن کي پئي ڪمزور ڪري. ڏٺو وڃي ته جنهن ڪم سان رياست ڪمزور ٿي ان ڪم کي رياست ڪرڻ بند ڪندي آ ۽ قوم کان رياست صلاح وٺندي آ پر پاڪستان جي رياست واحد رياست آ جيڪا قوم کي پئي مجبور ڪري ته ترقيءَ جي آسمان کي ڇهڻ جي روش ڇڏي رياست جي ڪند ذهن جي سوچ مطابق هلائي. جڏهن کان رياست پاڪستان سوشل ميڊيا جي استعمال کي روڪڻ شروع ڪيو آ کوڙ حيلا بهانا ڪري ڪڏهن انٽرنيٽ سست ڪري ته ڪڏهن ان جي سروس ڪمزور ڪري قوم کي ذهني مريض بڻائي ڇڏيو اٿس. هاڻي ته خود رياستي ادارا پڻ پابندي پيل سوشل ميڊيا جا پليٽ فارم غيرآئيني طور هلائين پيا جڏهن کان ٽوئيٽر تي بندش لڳائي وئي آ تڏهن کان سرڪاري ادارن ۽ حڪمرانن غيرآئيني پليٽ فارمن جو پاڻ سهارو وٺي ان کي استعمال پئي ڪيو آ ۽ حد ته اها آهي جو عدالتن پڻ انهن اهو اعتراف ڪيو آ ته انهن هر غيرآئيني طريقو اپنائي اڄ تائين ان پليٽ فارم تي پاڻ کي رکيو آھي جنهن کي استعمال ڪرڻ عام صارف لاءِ ناممڪن آ. وري ظلم اهو ڪيو اٿن جو سپريم ڪورٽ کان غيرآئيني ڪم ڪرائيندي سرڪاري ملازمن جي سروس دوران فوت ٿيل ملازمن جي ٻارن لاءِ فوتي ڪوٽا تي نوڪري ملڻ جي سهولت پڻ ختم ڪرائي ڇڏي ۽ سپريم ڪورٽ پڻ ان عمل کي غيرآئيني قدم سڏيندي ان سهولت کي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ اسان جي رياست جيڪا سپريم ڪورٽ جي کوڙ حڪمن کي رد ڪندي چيو ته اهو ان جو اختيار ئي ناهي پر سرڪاري ملازمن جي همٿ افزائي جو سبب بڻجڻ واري عمل کي روڪيو پر پنهنجي پگهار ۽ مراعتن جيڪي عام سرڪاري ملازمن کان 500 سيڪڙو وڌيڪ پئي عدالت ماڻي انهن غيرآئيني عمل کي واپس نه پئي وٺي ته هڪ مقروض ملڪ جي عدالت ايڏا شاهي پروٽوڪول مراعاتون ڪيئن پئي ماڻي جيڪو هڪ استاد نه پيو کڻي سو اسان جون عدالتون به حڪومت جي خوشنودي جو سبب بڻجڻ وارا پيون فيصلا ڪن. جنهن سان قوم ۾ مايوسين کان سواءِ ڪجھ به نه پيو ڏي. اسان جي حڪومت وقت کي اپيل آ ته قوم لاءِ سوچين ۽ سرڪاري ملازمن جي همٿ افزائي ڪن جو سرڪاري ملازم پنهجي جاني مالي طور رياست سان هر وقت گڏ بيٺل رهي ٿو. سو فوتي ڪوٽا سرڪاري ملازمن جو رياست پاڪستان تي حق آ. اهو انهن کان نه کسيو وڃي ۽ انٽرنيٽ سروس کي سگهارو بڻايو وڃي. تمام سوشل ميڊيا تي ضروري قانونسازين سان مشروط ڪري پهچ آسان بڻائي وڃي يا وري قوم سان گڏ ادارا ۽ ملڪ جا سربراھ به قوم جيان انهن سماجي رابطن جي سائيٽس کان پري رهن جيڪا قوم لاءِ غيرآئيني آ سا ادارن ۽ ملڪ جي حڪمرانن لاءِ ڪيئن آئيني آ.
استاد جاويد احمد هڪڙو/ شڪارپور
سنڌ اسيمبلي جو تاريخي ريڪارڊ ۽ ڪجھ صلاحون
حصو ٻيو ۽ آخري
جمهوري روايتن جو آغاز: اسپيڪر طور، هن سنڌ اسيمبلي ۾ جمھوري اصولن کي وڌائڻ ۾ مدد ڪئي.
شخصي خصوصيتون: ماڻهن سان ويجهڙائي ۽ عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي صلاحيت سبب مقبول رهيو. قومي ۽ سماجي شعور جو ترجمان هو.
پهريون سيڪريٽري: شمس الدين بلوچ، هو سنڌ اسيمبلي جو پهريون سيڪريٽري هو. هو انتظامي ۽ قانوني معاملن ۾ هڪ ڏاهي شخصيت طور سڃاتو ويندو هو. شمس الدين بلوچ سنڌ اسيمبلي جي قانون سازي، اجلاس جي ترتيب ۽ رڪارڊ کي منظم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. قانوني معاملن ۾ اسيمبلي جي ميمبرن کي گائيڊ ڪرڻ سندس خاصيت هئي. بلوچ صاحب سنڌ اسيمبلي جي ريڪارڊ کي محفوظ ڪرڻ ۽ مستقبل جي حوالي سان دستاويزي شاهدي قائم ڪرڻ ۾ اڳڀرو رهيو. هو نظم و ضبط، ايمانداري ۽ پروفيشنلزم لاءِ مشهور هو. پنهنجي دور ۾ سنڌ جي انتظامي نظام ۾ هڪ مثالي ڪردار ادا ڪيو. سنڌ اسيمبلي جي انهن پهرين اڳواڻن جو سنڌ جي قانون سازي جي بنياد رکڻ ۾ اهم ڪردار هو. انهن جي خدمتن سان ئي سنڌ اسيمبلي هڪ مضبوط ادارو بڻجي سامهون آئي.
سنڌ اسيمبلي جي شروعاتي دور (1937ع) ۾ ملازمن جو تعداد ۽ سيڪريٽريٽ جي بجٽ بابت تفصيل تاريخي رڪارڊن ۾ موجود آهن، پر ان وقت جي محدود وسيلن ۽ معاشي حالتن کي نظر ۾ رکندي، اسيمبلي سيڪريٽريٽ هڪ ننڍي انتظامي ڍانچي سان ڪم ڪيو. هيٺ ان وقت جي بنيادي معلومات پيش ڪجي ٿي. سنڌ اسيمبلي 1937ع ۾، گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935ع تحت قائم ٿي. ان وقت سنڌ بمبئي صوبي کان الڳ ٿي هڪ جدا صوبو بڻي. سنڌ اسيمبلي جو پهريون اجلاس 1937ع ۾ ٿيو. شروعات ۾، سنڌ اسيمبلي ۾ ڪل 60 ميمبر هئا. انهن مان 37 سيٽون مسلمانن لاءِ مخصوص هيون، 14 سيٽون هندو ڪميونٽي لاءِ، باقي سيٽون ٻين اقليتن ۽ خاص گروپن لاءِ مخصوص ڪيون ويون هيون. هي تعداد 1947ع ۾ پاڪستان جي قيام تائين برقرار رهيو. 1937ع ۾، سنڌ اسيمبلي جو سيڪريٽريٽ صرف بنيادي عملدارن ۽ اسٽاف تي ٻڌل هو. شروعاتي طور تي 15 کان 20 ملازم هئا، جن ۾ سيڪريٽري، اسسٽنٽ سيڪريٽري، ٽائپسٽ، رڪارڊ ڪيپر ۽ پيغام پهچائڻ لاءِ پيادا ملازم شامل هئا. ڪردار:قانون سازي جا مسودا تيار ڪرڻ، اجلاس لاءِ انتظامات ڪرڻ، قانون ساز عملن جا رڪارڊ محفوظ ڪرڻ. سنڌ اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ لاءِ پهرئين سال جي بجيٽ لڳ ڀڳ 50,000 کان 70,000 روپيا هئي. هي رقم اسيمبلي جي ملازمن جي پگهارن، اجلاس جي خرچن ۽ ٻين انتظامي معاملن لاءِ مختص ڪئي وئي هئي.
بجيٽ جا اهم خرچ: ملازمن جون پگهارون. ڪاغذن ۽ لکت جي سامان جي فراهمي. اجلاس دوران اجلاس هال جي سجاوٽ ۽ روشنيءَ جا انتظام. قانوني مسودا تيار ڪرڻ لاءِ گهربل خرچ. سنڌ اسيمبلي پنهنجي شروعاتي دور ۾ هڪ محدود بجيٽ ۽ مختصر اسٽاف سان ڪم ڪيو، ڇو جو اها نئين ٺهندڙ اسيمبلي هئي ۽ ان وقت جي حالتن موجب وسيلا گهٽ هئا. تنهن هوندي ان سيڪريٽريٽ جي ڪارڪردگي مثالي هئي، جنهن اهم قانونسازي ۽ رڪارڊ محفوظ ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.
رحمت الله ٻرڙو
سياسي ڇڪتاڻ ڪٿي دنگ ڪندي؟
ملڪ اندر ڏينهون ڏينهن سياسي صورتحال ڳنڀير ٿيندي پئي وڃي جنهن جا اثر ملڪي معيشيت تي سڌي طرح پئجي رهيا آهن. مسلم ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي موجوده گڏيل حڪومت اڳيان پي ٽي آءِ پهرئين ڏينهن کان وٺي رڪ جي ديوار بڻجي بيٺي آهي جنهن ڪري ترقيءَ جون راهون جهڙوڪر رڪجي ويون آهن. مطلب ته موجوده سرڪار اڳيان سياسي بي يقيني واري صورتحال سندن متيون منجهائي ڇڏيون آهن. عمران خان پهرئين ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين چونڊن کي غلط قرار ڏيندي حڪومت خلاف محاذآرائي قائم ڪيو بيٺو آهي.عام خيال اهو آهي ته حڪومت ڪندڙ ڌر يعني ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ ان کي پنھنجي مرضي سان ھلائي سگھي. ان ڪري ھن وقت ملڪ ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رھيو آھي، ان مان اھو چٽو نظر اچي پيو ته حڪومت وٽ ملڪ هلائڻ لاءِ ڪا واضح ايجنڊا ناهي. رڳو سکڻن بيانن سان عوام جي درد جو درمان نه ٿو ٿي سگهي. توڙي جو عمران خان حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار آهي پر حڪومت کيس هر طرح جو سبق سيکارڻ وارا حربا استعمال ڪندي اڃا ٿڪي ناهي. ملڪ اندر هڪ طرف دهشتگرد پنهنجا ناپاڪ ارادا پورا ڪرڻ ۾ مصروف آهن ۽ ڪي پي ڪي ۾ پي.ٽي. آءِ جي حڪومت هوندي ڪوبه قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي جنهن ڪري بيگناهه عوام مايوس ٿي پنهنجي مدد پاڻ تحت جنگ وڙهي رهيو آهي. اهڙي افراتفري واري صورتحال ۾ ملڪ جو هلڻ محال آهي. تازو اسلام آباد اندر جيڪو ڪجهه پي ٽي آءِ ڪارڪنن سان ٿيو ان تي حڪومت کي ڪابه پشيماني ڪانهي پر پي ٽي آءِ ليڊرن کي مايوسي ٿي وئي آهي ته آخر هن حڪومت مان جان ڪيئن ڇڏائجي؟ اپوزيشن جي وڏي جماعت هوندي پاڪستان تحريڪ انصاف پارليامينٽ ۾ به ڪو مثبت ڪردار نه پئي ادا ڪري جنهن ڪري خود اسيمبلي ميمبر ۽ سينيٽر پڻ مايوسيءَ جو شڪار آهن. 24 نومبر تي پاڪستان تحريڪ انصاف پاران پنھنجي باني جا آزادي ۽ آئين ۾ ترميم خلاف ڏنل ” فائنل ڪال“ هاڻي خود انهن جي ڳچيء ۾ پئجي وئي آهي ۽ معاملو نئون رخ اختيار ڪندو پيو وڃي. اسٽبلشمينٽ تحريڪ انصاف کي دهشتگرد تنظيم بنائڻ ۾ پنهنجو هوم ورڪ ڪرڻ ۾ مصروف آهي ته ٻئي طرف وري پي ٽي آءِ ٻيهر مارچ ڪرڻ جون تياريون پئي ڪري ۽ حڪومت کي وري نئين سر ڌمڪيون ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آھي. اھڙي صورتحال ملڪ ۽ قوم لاءِ نهايت ئي هاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿي. ان ڪري تحريڪ انصاف کي مزاحمتي تحريڪ بدران پارليامينٽ اندر منظم انقلابي تحريڪ هلائڻ گهرجي يا وري ڪجهه وقت ماٺ ويهي ڪا مضبوط حڪمت عملي جوڙي. جيڪڏهن موجوده صورتحال برقرار رهي ته ملڪ ۾ سياسي ڇڪتاڻ ۽ بي يقيني گھٽجڻ بدران اڃا وڌندي. جنھن جو سڌو اثر ملڪي عوام تي ئي پوندو. ماضيءَ ۾ عمران خان ڌرڻن ذريعي حڪومت ورتي هئي جنهن ڪري هاڻي به چاهي ٿو ته ائين ئي حڪومت وٺي وزيراعظم بڻجندس پر اها سندس خام خيالي آهي. پهرئين واري دور ۾ ۽ هاڻوڪي دور ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي. اڳ اسٽبلشمينٽ کي پي ٽي آءِ پنهنجي آشيرواد سان اڳتي آندو پر اقتدار ملڻ کانپوءِ انهن جون سڀ چڱايون وساري کانئن منهن ڦيري ڇڏيو جنهن جي کيس سزا ملي رهي آهي. هونءَ به رياست سان جنگ ڪرڻ ائين آهي جيئن پنهنجو مٿو ڀت سان هڻڻ. يقينن ان سان نقصان پنهنجي مٿي جو ٿيندو پر ڀت کي ڪجهه نه ٿيندو. عمران خان يا پي ٽي آءِ کي لال مسجد واقعي يا طالبان انقلاب مان سبق پرائڻ گهرجي ته انهن جو رياست سان اٽڪڻ جو نتيجو ڇا نڪتو هو؟ هن وقت ملڪ ۾ جيڪا بدتر سياسي صورتحال آھي ان مان نڪرڻ لاءِ اقتداري جماعت ۽ آپوزيشن کي سھپ، بردباري ۽ ڀائيچاري جي فضا کي قائم رکڻ گهرجي. ڇوته ڪرسي خاطر جهيڙو ڪٿي ملڪ نه وڃائي ويهي. پوءِ حزب اقتدار يا حزب اختلاف جو وجود ئي ختم ٿي ويندو ۽ تاريخ ڪنھن کي به معاف نه ڪندي. هي اسلامي جمهوريه ملڪ آهي ان ڪري اهڙا فيصلا ڪيا وڃن جيڪي ملڪ جي عوام جي ڀلي لاءِ هجن. جيڪڏھن سياسي ڇڪتاڻ ختم ڪرڻي آهي ته ٻنهي پاسي سنجيدگي اختيار ڪرڻي پوندي. ڇوته ملڪ هلائڻ ۽ ڪرڪيٽ راند کيڏڻ ۾ فرق هجڻ گهرجي. ائين حڪومت کي به هوڏ ختم ڪري طاقت جو نشو حزب اختلاف تي نه لاهڻ گهرجي ڇوته ان پارٽيءَ اندر به ملڪ جو عوام آهي. ان ڪري جيڪڏهن گدرو ڇريء تي ڪري يا ڇري گدري تي ڪري ته نقصان گدري جو ئي ٿيندو.
اعجاز ممنائي
درياھ تي ڌاڙو نامنظور!
درياھ تهذيبن ۽ قومن جا اڏيندڙ هوندا آهن جيڪي هر جيوَ جي زندگي جا محافظ ۽ انهن لاءِ لاڀائتي هئڻ سان گڏ ڌرتيءَ جي سرسبزي ۽ خوشحالي جا ضامن پڻ هوندا آهن. پاڻي سان ئي زندگي آهي، پاڻي سان ئي جيون آ ۽ پاڻي سان ئي سڀ ڪجهه آهي. پنجاب ۽ چائنا سنڌو درياھ تي غيرقانوني ڊيم اڏي ۽ نوان ڇهه ڪينال ڪڍي سنڌي قوم سان هڪ نئين سازش رچي رھيا آھن. ڊائون اسٽريم وارا علائقا ته ٽن چئن ڏهاڪن کان پاڻي نه هجڻ ڪري تباھ لڳا پيا آهن پر هينئر ته درياھ جي اپ اسٽريم وارا ماڻهو به پاڻي لاءِ پريشان لڳا پيا آهن. اڄ جي حالت اها آهي ته پاڻي نه پهچڻ جي ڪري هاري قرض کڻي ڊيزل وٺي مشينن جي ذريعي زمين مان پاڻي ڪڍي فصل ڪن پيا. پر جيڪڏهن درياھ مان اهي ڇھ ڪينال ڪڍيا ويا ته اپ اسٽريم وارن علائقن سان گڏ سڄي سنڌ تباھ ٿي ويندي پوءِ اسان وٽ ڇا بچندو؟ اسان زراعت ڪيئن ڪنداسين ڇا کائيندا پيئنداسين؟ هوئن ته سنڌي ماڻهو پاڻيءَ جي واري تان هڪٻئي جا مٿا اڌ ڪري وجهندا آهن پر درياھ واري مسئلي تي لڳي ٿو اڃا اک ناهي پٽي. سنڌو ندي تي قبضو سنڌ لاءِ گھڻ رخي تباھي آڻي سگهي ٿو. اچو ته ان جي خلاف ملي ڪري سگهارو آواز اٿاريون ۽ سنڌ کي تباھ ٿيڻ کان بچايون.
سلام اڄڻ / ڪراچي
ماڻھو خودڪشي ڇو ٿا ڪن؟
حصو پهريون
خودڪشين جو رجحان دنيا جي مختلف ملڪن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تيزي سان وڌي رهيو آھي. جنهن ۾ ترقي يافته، سڌريل، نام نهاد سرمائيدارانه رجعت پرست رياستن کان وٺي هڪ پوئتي پيل غيرمنصوبابند معشيتن واريون بورزوا جمهوري رياستون به شامل آھن. خودڪشي هڪ اظهار هوندو آھي ۽ اهو خطرناڪ اظهار انسان تڏهن ڪندو آھي جڏهن هو مڪمل طور تي ٽٽي چڪو هوندو يا سماج جي طرفان زندگي جي هر موڙ تي ۽ هر رستي تان ڌڪاريو ويندو آھي. يا وري پنهنجن رت جي رشتن يا دوستن طرفان کين اڪيلو ڪيو ويو هجي ٿو يا ڪڏهن ڪڏهن اهو پنهنجي باس جي خوف کان يا ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي معصوم ٻارن جون خواهشون ته پري جي ڳالھ پر جڏهن پيٽ ڀري نه سگهندو آھي تڏهن خودڪشي جو رستو اختيار ڪندو آھي. اڄ ڪلھ دنيا جتي تيزي سان ترقي ڪئي آھي ۽ نت نيون ايجادون ۽ سائنس جي دنيا ۾ نين تحقيقن جتي انساني زندگين کي بلڪل ئي بدلايو آھي، اتي هڪ وڏي الميي پڻ جنم ورتو آھي ۽ اهو الميو آھي انسانن جو انسانن کان پري ٿيڻ. نئين شين جي ٺھڻ سان جتي انسان هڪ بين الاقوامي ڳوٺ ۾ تبديل ٿيو آھي اتي هو پاڻ ۾ ويٺل پنهنجي ئي گهر ڀاتين، دوستن، آفيس جي ملازمن يا ڪارخاني جي پورهيت ساٿين جي هجوم ۾ بلڪل ئي تنها رهجي ويو آھي. انسانن جي تاريخ مان جهاتي پائڻ سان يا ڪنهن ڪارخاني جي هڪ پراڻي دونهين سان ڪاراٽيل گدلي ڪينٽين جو مثال وٺو جنهن جي ڊگهن ۽ گهاٽن وڻن جي هيٺان ميرين پٿريلين بينچن تي جڏهن ڪارخاني جا مزدور اچي ٿڪ ڀڃڻ لاءِ ويهندا هئا تڏهن عجيب ماحول هوندو هو. ٽهڪن ۽ سگريٽ جي دونهين جي ميلاپ سان جا محفل جڙندي هئي سا اڄڪلھ موبائل جنريشن جي ڪري ۽ تيز ترين انٽرنيٽ جي ڪري بلڪل ئي ختم ٿي وئي آھي. ڪلھ جتي ٽهڪ گونجندا هئا اڄ اتي صرف ۽ صرف پنهنجي منهن ڪنڌ گوڏن ۾ ھڻي موبائل ڏسندڙ ماڻھو رهجي ويا آھن. باقي انساني احساس قدر پيار ۽ پنهنجائپ بلڪل ناپيد ٿي چڪي آھي. ساڳي حالت ريلوي اسٽيشنن ۽ ٻين عوامي هنڌن جي آھي ۽ اتان کان ئي هڪ احساس محرومي ۽ اڪيلائي جو جنم ٿئي ٿو. هڪ انسان جنهن وٽ ائنڊرائڊ موبائل ڪونهي اهو انتهائي حسرت ڀريل نگاهن سان هر ان انسان کي ڏسي ٿو جنهن وٽ ائنڊرائڊ موبائل آھي يا اڄڪلھ جي بيهودا سيلفي ڪلچر انسانن کي ويڳاڻو ڪري ڇڏيو آھي. هڪ مجبور انسان جڏهن پنهنجي تڪليفن ۽ اهنجن کي ڪنهن ٻئي سان شيئر ڪرڻ چاهي ٿو پر اهو شخص پنهنجي موبائل جي دنيا ۾ مصروف هجڻ جي ڪري انهي انسان کي نظرانداز ڪري ٿو تڏهن اهو انسان پنهنجو درد ٻاهر نٿو ڪڍي سگهي ۽ اهو سهندي سهندي هڪ ڏينهن نيٺ مجبور ٿي خودڪشي ڪري ٿو. خودڪشي جي بنيادي سببن مان سڀني کان اهم سبب بيروزگاري هوندو آھي. جيئن ولاديمير لينن چيو هو ته “بک سڀني بڇڙاين جي ماءُ آھي” هڪ بکيو انسان سڀ ڪجھ ڪري سگهي ٿو ۽ ٻيو ته هو پنهنجي ٻارن کي ڪڏهن به بکيو نٿو ڏسي سگهي. هڪ بيروزگار انسان سڄو ڏينهن روزگار جي تلاش ۾ گذاري سج لهڻ مهل خالي هٿين جڏهن گهر ويندو آھي تڏهن سندس اوسيئڙي ۾ ويٺل گهر وارن جي مايوس چهرن کي ڏسڻ جي همت ئي نه رهندي آھي ۽ اهو انسان پنهنجي اندر ۾ جهري پوندو آهي.
سرمائيداري نظام جتي زندگي جي هر شعبي کي نپوڙي رکيو آھي اتي بيروزگاري سڀني کان عروج تي آھي. وڌيڪ منافعي جي حوس سرمائيدارن کي وحشي درندا بنائي ڇڏيو آھي. جتي اهي ڪم ڪار جي اوقات کي انتهائي درجي تائين وڌائي ليبر کي انتهائي درجي تائين گهٽائي رهيا آھن جنهن جو بنيادي مقصد صرف ئي صرف منافعو آھي ۽ ليبر گهٽائڻ سان نه صرف ڪارخانن مان نيڪالي ڏنل پورهيتن جي گهرن جون زندگيون اجڙڻ شروع ٿين ٿين پر انهي سان گڏوگڏ بچيل مزدورن جي روزانه ڪم ڪار جو وقت انتهائي درجي تائين وڌي وڃڻ ڪري ۽ اجورو گهٽ ملڻ ڪري اهي نه رڳو نفسياتي توڙي ذھني مريض بنجي ويندا آھن پر ٻين مختلف قابل علاج بيمارين ۾ وٺجي ويندا آھن ۽ ايئن ئي تڙپندي تڙپندي پنهنجي زندگين تان هٿ ڌوئي وجهندا آھن يا وري آپگهات ڪري هميشه لاءِ سورن مان جان آجي ڪرائيندا آھن. مالڪ طرفان نوڪري مان نيڪالي ملڻ کانپوءِ اهو مزدور پنهنجو پاڻ کي سماج جو هڪ ناڪام ترين انسان تصور ڪندو آھي. پنهنجي گهر ۽ پاڙي وارن جي نظرن ۾ ۽ اڄ ڪلھ جي وڃايل انساني روين ۾ هن جي لاءِ ڪا همدردي هجڻ بدران انهي انسان کي نڪمو سمجهي انهي جي نيڪالي جي لائق ئي سمجهيو ويندو آھي ۽ ايئن انهي شخص جي زندگي هڪ بند گهٽي ڏانهن وڃڻ شروع ٿيندي آھي، جتي صرف ۽ صرف مايوسي هوندي آھي، جتي صرف ۽ صرف انڌيرو هوندو آھي جتي صرف نشو هوندو آھي ۽ اهو انسان نشي ۾ پناھ وٺڻ جي ڪوشش ڪندو آھي ۽ جڏهن سندس وجود کي اهو انڌيرو، اهو نشو ۽ اها مايوسي کائي چٽ ڪندا آھن تڏهن انهي شخص کي پنهنجو وجود زهر لڳندو آھي ۽ انهي جي وجود مان نفرت جي باھ ڀٽڪڻ شروع ڪندي آھي پر اها باھ پنهنجي ئي وجود کي ساڙي ختم ڪندي آھي يا پوءِ هو يا ته چريو ٿي ويندو آھي يا پوءِ ڪجھ ڏينهن ذلت جي زندگي سهي سهي آخرڪار ٿڪجي پوندو آھي ۽ ايئن ئي پنهنجي زندگي جو انت خودڪشي جي ذريعي آڻيندو آھي.
جهامن ميگھواڙ