ڪوڙي جا ڀاڻ وٽان بچاءُ بند جي مرمتي ڪم ۾ ڪوتاهيون ڇو؟
ثقافتي ڏهاڙي مٺياڻي لڳ ڳوٺ ڪوڙي جا ڀاڻ ۾ رت جي عطيي جي ڪئمپ لڳائڻ بهاني وڃڻ ٿيو. فرصت ملندي ئي درياهه بادشاهه جو چڪر لڳائڻ وياسين. جتي درياهه جي سِير ۾ ڪجهه پاڻي ضرور هو پر پري کان واري اڏامندي ڏسجي رهي هئي. مست درياهه پنهنجي موج ته وڃائي ويٺو آهي پر افسوس ان ڳالهه تي ٿيو ته درياهه جو پاڻي ايس ايم بند کي 41 ميل کان ٻه فرلانگ مٿي ۽ هيٺ تيزيءَ سان کائي رهيو هو. ڳوٺ ڪوڙي جا ڀاڻ بند کان لڳ ڀڳ هڪ سؤ فوٽن جي فاصلي تي هو. درياهه جي بند سان متصل درياهه جي اونهائي 70 فوٽ آهي. جتان بند جي مٽي جي ڀيڙ ڪري ٿي اتي ٽي چار پٿر جون ٽرڪون اڇلائن ٿا. پر خبر ئي نه ٿي پوي ته پٿر ڪيڏانهن ٿو وڃي. سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ واڌ ٿيڻ کانپوءِ نوشهروفيروز ضلعي جي حدن مان گذرندڙ سنڌو درياهه جي حساس ترين پوائنٽ ڪوڙي جا ڀاڻ آهي جنهن ۾ درياهه جو پاڻي ٽڪرائجي ويندو آهي. درياهه جي ڪمزور بندن تي نظرداري ڪرڻ ۽ بچاءُ بند جي مضبوط طريقي سان مرمت ڪرائڻ سنڌ سرڪار ۽ آبپاشي عملي جو ڪم هجي ٿو. آبپاشي کاتي پاران هڪ ڪرين ۽ هڪ رورل ڪيترن ئي ڏينهن کان بند تي بيٺل آهي جنهن تي مٽي جا تهه چڙهي ويا آهن پر ڪوبه ملازم يا عملدار ڏسڻ ۾ ڪونه آيو جنهن تي افسوس به ٿيو ته آبپاشي کاتي ايس ايم بچاءُ بند ميل 41 کي ائين نڌڻڪو ڇو ڇڏي ڏنو آهي جو درياهه تيزيَء سان بند ڏانهن وڌي رھيو آهي پر سنڌ حڪومت ۽ ٺيڪيدار سڪون جي ننڊ ستل آهن. بچاءُ بند تي پٿرن جون ڪجهه ٽرڪون لهرائي بند جو ڪم بلڪل سست رفتاري سان ڪري رھيا آهن جنهن ڪري هر وقت علائقي واسي خطري ۾ هن ٿا. آبپاشي کاتي وارا درياهه مٿان بند تي بيهي رڳو موجودگي جو احساس ڏيارين ته به چڱو ٿي پوي پر کانئن اهو به نه ٿو پڄي. جڏهن درياهه موج ۾ اچي کين گجگوڙ ڪري ٻڌائي ٿو ته جاڳو ۽ منهنجي حفاظت جو انتظام ڪيو ته چيف انجنيئر دريا جي پوزيشن ڏسي ماتحت آفيسرن جي سخت سرزنش ڪري کانئن موڪلائي هليو وڃي ٿو ۽ وري منهن ئي نه ٿو ڪري. علائقي واسي انجنيئر سميت اعليٰ عملدارن کي امڪاني نه پر يقيني خطري کان آگاهه ڪندي نظر اچي ٿو پر ”رڍن اڳيان رباب، وڄائيندي ورهيه ٿيا“ وانگي سڀ ٻڌي اڻ ٻڌي ڪريو ڇڏين ۽ عوام ساڳيا سور سيني ۾ سانڍي رات جون ننڊون ڦٽائي درياهه بادشاهه کي منٿون ڪندي نظر اچن ٿو. موجوده صورتحال ۾ ايس ايم بند ڪوڙي جا ڀاڻ جو ڪم تمام سستي ۽ لاپرواهيءَ سان هلندي ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو ته ڇا سرڪار ۽ آبپاشي کاتو نقصان ٿيڻ کانپوءِ سستي ختم ڪندو. جڏهن ته درياهه تمام تيزي سان چڙھي رهيو آھي ۽ هن وقت بند جي پوزيشن تمام ڪمزور آھي اگر اهڙي سستي سان ڪم هليو ته بند جو ٽٽڻ اڻٽر آهي ۽ تقريبن اڌ ضلعو درياهه جي لپيٽ ۾ اچي ويندو پوءِ درياهه به انهن علائقن جي مٿان وهندو رهندو جيڪي ٿوري مفاصلي تي بند کي سهي نٿا ڪري سگهن پوءِ نقصان کي ڏسي رهجي ويندا. هن وقت پاڻي جي وارابندي به آهي. ايڪسيئن روهڙي ڊويزن مورو پاران خريف سيزن 25-2024 لاءِ وارابندي پروگرام جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنھن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ مين روهڙي ڪئنال ۾ پاڻي جي وھڪري ۾ گھٽتائي سبب ان مان نڪرندڙ واھن جي وارابندي ڪئي وئي آھي. جيڪڏهن ان وارابندي دوران هن خطرناڪ بچاءُ بند جو مرمتي ڪم مڪمل ڪيو وڃي ته هن علائقي واسين کي محفوظ ڪري سگهجي ٿو.
اعجاز ممنائي
سنڌ صوبي سان زيادتيون بند ڪيو
سنڌ صوبو صوفين جي ڌرتي آهي. سنڌ معدنيات سان گڏ پيٽرول، ڊيزل، قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي سنڌ مان گيس نڪري رهي آهي. خوشحال سنڌ جا ماڻهو بک ڪٽڻ تي مجبور آهن. سنڌ صوبي سان وفاقي حڪومت زيادتي ڪري رهي آهي. هر سال سنڌو درياهه مان هزارين ڪيوسڪ پاڻي سنڌ جو پنجاب چوري ٿو ڪري. سنڌ جا نااهل چونڊيل نمائندا اسيمبلي خاموش ويٺل آهن. سنڌ جا اختيار سڀ پنجاب حوالي آهن. سنڌ جي هزارين ايڪڙ زمين بنجر بڻجندي پئي وڃي. بدين ۽ ٺٽي ضلعي ۾ هزارين ايڪڙ زمين غيرآباد ٿيل آهي. پنجاب ڪو احتجاج ڪيو آهي. سنڌ سان ظلم ٿي رهيو آهي. فوج به پنجاب جي آهي. سنڌ جا چونڊيل نمائندا به پنجاب جا آهن. ان معاملي جو عالمي برادري کي نوٽيس وٺڻ گهرجي. سنڌ صوبي سان ظلم بند ڪيو وڃي. سنڌ کي پنهنجو حق ڏنو وڃي.
سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي ڪاڇو
ڪينال سمورا نامنظور
سنڌي جي پاڻي تي ڌاڙو ڪا نئين ڳالھ ناھي. مگر ڪجھ شيون سواليا نشان بڻيل آھن. سنڌ جي حقن ۽ وسيلن تي وفاق ھميشه قابض ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. سڀ کان وڌيڪ زراعت پيدا ڪندڙ، سنڌ وفاق ۾ ويٺل پنجاب سرمائيدار جي اک ۾ ھري ٿي. ھر نئين ڍنگ ۽ پلاننگ سان ان تي قابض ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي. ڪڏھن ٿل ڪينال ته ڪڏھن ڪالاباغ ڊيم جي نالي سان سنڌو تي ڌاڙو ھڻي سنڌ کي مِٽائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي آهي. جنھن جو مقابلو ڪري سنڌ جي حلالي پٽن ان کي رد ڪري ڇڏيو آهي. مگر پوءِ به انھن کي آرام نه آيو ۽ نئون سنڌو تي ڪارو نانگ ويھارڻ جي ڪوشش ڇھ ڪينال جي نالي سان ڪئي وئي آهي. ھاڻ سوال اھو ٿو پيدا ٿئي، پنجاب ۾ پاڻي آھي ڪونه، 91 واري معاھدي مطابق اڄ تائين سنڌ کي حصي جو پورو پاڻي ناھي مليو، سنڌ جي پڇڙي ٺٽو، بدين ھر سال سوڪھڙي جي ور چڙھي وڃن ٿا. ته پوءِ اوھان نون ڪينالن کي ڪيئن پيا جنم ڏيو؟ ھي منصوبو ڪالاباغ ۽ ٿل ڪينال کان به وڌيڪ خطرناڪ آھي. ان جي ايوريج لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو؟ پھرين اوھان سنڌ جي پاڻي تي قابض آھي، ڪنھن کي بيوقوف پيا ڪيو ۽ اوھان کي ڪنھن حق ڏنو آھي ھڪ زمين کي بنجر ڪري ٻي آباد ڪيو؟ اھو به ڪنھن جي حقن تي ڌاڙو ھڻي. وري وڏو الميو اھو ته سنڌي صدر ايوان صدر ۾ ويھي پاڻي جو سودو ٿو ڪري، خاموشي سان اقتدار جي لالچ ۾ صحيح ڪئي وڃي ٿي، ٻئي ڏينھن تي ڪراچي ۾ جهولي ڇنڊي چئو ٿا پاڻي جو ڍڪ به کڻڻ نه ڏينداسين، ڪنھن کي پيا سرمو پارايو؟ عوام ايترو به بيوقوف ناھي. سڀ سمجھون ٿا، اوھان کي سنڌ نه ڪرسي پياري آھي. ھاڻ ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته انھي ڪاري نانگ ڪينالن جو مٿو ڪچلڻ لاءِ ضروري آھي ته پوري سنڌي قوم کي متحد ٿيڻو پوندو. الڳ ديڳڙين جي رڌ پچاءُ سان ڪجھ ڪونه ٿيندو. اھي سڀ انھي جدوجھد لاءِ جس لھن ۽ ھن مھل تائين ڪيل جدوجھد ساراھ جوڳي آھي، جيڪي به پارٽيون، سماجي ادارا، مختلف اتحاد پنھنجي حال آھر سنڌو جي بقا جي جنگ وڙھن پيا، انھي لاءِ انھن کي سرخ سلام، مگر شاھ صاحب جي سٽن جيان .
” روزا نمازون، ايءُ پڻ چڱو ڪم
او ڪو ٻيو فهم، جنھن سان پسين پرين کي.
سو اسان کي ڪجھ ٻيو ڪرڻو پوندو. 8 ڊسمبر تي ايس ٽي پي ڪراچي ۾ سنڌو جي جنگ وڙھندي، 22 تاريخ سکر ۾ عوامي تحريڪ ميدان ۾ لھندي، جي ڊي اي جي مختلف شھرن ۾ للڪار جاري آھي، قومي عوامي تحريڪ، اياز لطيف پليجو سنڌ، پاڪستان ۽ ٻاھرين ملڪن ۾ سنڌو جي دشمنن جي منھن تان رھڙي نقاب لاھي پيو. اھو سڀ ساراهه جوڳو آهي مگر ھن وقت ضرورت آھي، رسول بخش پليجو صاحب واري جدوجھد جي، جنھن ڪالاباغ ڊيم، ٿل ڪينال خلاف جنگ جو بگل وڄايو. ھڪ سئو ويھ صفحن تي پاڻي جو ڪيس رکي، سڄي سنڌ جي عوام، سڀني پارٽين کي گڏ کڻي، ڪنڌڪوٽ کان ڪراچي تائين ٻه ٻه مھينا لانگ مارچون ڪري سنڌ جي راڄڌاني شھر ڪراچي ۾ لکين ماڻھو گڏ ڪري وفاق جون وايون بتال ڪري ڇڏيون. موجوده وقت ۾ ان جدوجھد ۽ پلاننگ جي سخت ضرورت آھي. رسول بخش پليجو تڏھن سڀ اختلاف ٿڏي سڀني کي ھڪ صف ۾ کڻي آيو، جنھن جا ڪمال ڪامياب نتيجا پوري سنڌ جي سامھون آھن. موجوده وقت ۾ به پليجو ميدان ۾ آھي، دعوت پيو ڏئي، سڀني قوم پرستن، اتحادن ۽ سوشلزم کي ته اچو ته قومي مفاد لاءِ ٽڪي جا مفاد ڇڏي ڏيون. سنڌ امڙ خاطر گڏجون. سو ھاڻ ضرورت به ان ڳالھ جي آھي پاڻ ھڪ نعري ھيٺ گڏجون. ڪينال سموران نامنظور. سنڌو تي ڌاڙو نامظور. سنڌ اسان جي جند. جي سري ھيٺ گڏجڻ جي ضرورت آھي. سڀئي قوم پرست تنظيمون، قومي عوامي تحريڪ سميت جي ڊي اي جي يارنھن اتحادي تنظيمن سان گڏجي عوامي تحريڪ، ايس ٽي پي، عوامي پورھيت تحريڪ، عوامي جمھوري پارٽي کي گڏيل جدوجھد جو حصو ٿيڻ کپي، سنڌو خاطر، سنڌ خاطر، انا جو ڪجھ وقت جنازو پڙھي اڳتي وڌجي. اسان سامراجي قوتن ۽ ٻاھرين لوڌ سان تڏھن وڙھي سگھون ٿا، جڏھن اسان ھڪ صف ۾ بيھنداسين. اجتماعي فائدي لاءِ ڌرتي جي بقا لاءِ، ٽولن ۾ رھي ڌرتي جو دفاع منھنجي خيال ۾ وينٽيليٽر تي پيل مريض لاءِ علاج بجاءِ دعا گهرڻ برابر آھي. مگر موجوده حالتوم دعا سان گڏ علاج جون طلبگار آھن ۽ اھو تڏھن ٿيندو جڏھن اسان متحد ٿينداسين. سنڌو مان ڪينال سنڌ جو ڪرنگهو ڀڃڻ مثل آھي. جڏھن ڪرنگهو ڀڄي پئي انسان زندھ ھوندي به مئل ھوندو آھي، انھي ڪري سنڌ جي سچن سپاھين، قومي ليڊرن کي متحد ٿي گڏيل طور سڄي سنڌ ۾ 3 ڏينھن سڀني شھرن ڳوٺن واھڻ وستين ۾ احتجاج ڪري سنڌي قوم کي بيدار ڪرڻ کان پوءِ ڪنڌ ڪوٽ کان ڪراچي نه بلڪه، ڪراچي کان ڪشمور، سنڌ پنجاب بارڊر تائين لانگ مارچ ڪري ڌرڻو ھڻڻ جو اعلان ڪرڻ کپي ۽ اھو ڌرڻو تيستائين جاري رھي، جيستائين فيصلو واپس نه ٿو ورتو وڃي. سنڌ جي سڀني پارٽين جو ھڪ گڏيل احتجاج ھجي، ڪنھن به جھنڊي اتحاد يا پارٽي نالي جو فرق جو وھم باقي نه ھجي، وقتي طور مضبوط جدوجھد جي تقاضا اھا آھي ته اسان سنڌو جي وارثي لاءِ انا جي وقتي خودڪشي ڪري اڳتي وڌون، تڏھن ئي اسان پنھنجا حق وٺي سگھون ٿا، پنھنجا وسيلا ۽ درياھ بچائي سگھون ٿا. تاريخ گواھ آھي، جڏھن جڏھن به سنڌ تي ڏکيو وقت آيو آھي، اھو عربن، ارغونن، ترخانن يا انگريزن جو دور ھجي سنڌ جي ارڏي پٽن ھميشه ميدان ملھايو آھي، ھوشو ھيمون ڪالاڻي، انگريزن کي للڪاري نعرو ڏنو: مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون. راجا ڏاھر، دودو سومرو، روپلو ڪولھي جا زندھ مثال اسان جي سامھون آھن.
اٽل ارادا، اڏول ڇاتيون، رڪي نه ڄاڻون، جهڪي نه ڄاڻون،
رڪاوٽن جي اياز هوندي، وڌي سگهون ٿا هٽي نه ڄاڻون
شيخ اياز جون اھي سٽون گواھي رھيون آھن ته سنڌ ڌرتي جي جوڌن جوانن، پوڙھن، ٻارن ۽ سنڌياڻين پاڻ ملھايو آھيو. ھي وقت به اھا تقاضا ڪري پيو، اچو ته متحد ٿي ھڪ ئي صف جا راھي ٿيون، درياھ بچايون سنڌ جو آجپو ۽ سنڌ جو اوچو ڳاٽ جھڪڻ نه ڏيون. ڇو ته ڪينال اڏڻ سنڌ سڪائڻ جي سازش آھي، سنڌ جي زراعت سان گڏ، پيئڻ جو پاڻي به نه ملندو ۽ پوءِ ائين نه ٿئي.
الا ائين م ھوءِ، ته ڪتابن ۾ پڙھجي
ته ھئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي. نارائڻ شيام
منور برھماڻي
ڪاڇي ۾ ساڳ جي موسم
سياري جي موسم اچي ۽ ڪاڇي ۾ ساڳ نه لهي ايئن ٿي نٿو سگھي. سياري جي سبزين جو بادشاهه ساڳ سرنھن جي ساڳ کي چيو ويندو آھي. جنھن کي ماڻھو وڏي شوق سان کائن ٿا. ٻھراڙين ۾ چڙھندڙ ساڳ ٻن مختلف طريقن سان رڌيو ويندو آھي. ھڪ گيھ سان ڌاڳ ڏئي پچائڻ ۽ ٻيو پاڻي سان. جڏھن ته پاڻي واري رڌل ساڳ جو وري ذائقو الڳ آھي. ھن ۾ خرچ گھٽ ۽ ڪاٺي جو ٻارڻ ۽ وقت سوايو لڳي ٿو. ٻھراڙي جون عورتون ساڳ ديڳڙي ۾ وجھڻ وقت خاموش رھنديون آهن ۽ ڳالھائينديون ناھن. نه ته ساڳ مِٺو نه ٿيندو. ڪاڇي جا اڪثر ماڻھو ساڳ ٻني مان پٽي سج لھڻ کانپوءِ وڏن ديڳڙن ۾ چاڙھي باھ جي مچ تي رڌن ٿا. ٽي کان چار ڪلاڪن تائين ساڳ تيار ٿيڻ کان ڪجھ اڳ وري ٿڌو پاڻي به مڪس ڪيو ويندو آهي. پوءِ ٽانڊن مٿان دم ڏنو ويندو آهي جي ڪنھن گھر ڀاتي کي کائڻو ھوندو آھي ته رات جو به کائن نه ته صبح سوير جوئر جي ماني، چانورن جي ماني ته ڪي وري ڪڻڪ جي ماني سان کائيندا آهن. پوءِ اھو ساڳ گھر ڀاتين کان علاه مٽن مائٽن ۽ دوستن تائين وڃي رسائي ايندا آهن. ساڳ جي پاڻي سان به ماڻھو ماني کائيندا آھن. ٻھراڙي جون عورتون ننڍن ٻارن کي ساڳ جي پاڻي ۾ ماني ڪٽي پڻ کارائينديون آهن. ساڳ هاضمو صحيح ڪري ٿو. دستن جي بيماري ۾ فائدو ڏئي ٿو. کنگھ ۽ زڪام جي لاءِ ڀلو آھي ان ۾ به فائدو ڏئي ٿو. ڪاڇي جي ساڳ جي فرمائش دوست اڪثر ڪندا آھن. ھتان جو ساڳ ماڻھو سنڌ جي ٻين شھرن تائين سوکڙي طور پڻ موڪليندا آھن.
برڪت علي لغاري/ ڪاڇو هيروخان
سنڌ اسيمبلي جو تاريخي ريڪارڊ ۽ ڪجھ صلاحون
حصو پهريون
سنڌ اسيمبلي جو تاريخي ريڪارڊ نهايت اهميت جو حامل آهي، ڇو جو اهو پاڪستان ۽ برصغير جي قانون سازي، سياسي جدوجهد، ۽ سماجي تبديلين جي تاريخ سان جُڙيل آهي. سنڌ اسيمبلي برصغير ۾ مسلم اڪثريتي علائقن ۾ پهرين چونڊيل اسيمبلي هئي ۽ 1937ع ۾ قائم ٿي. هيٺيان تفصيل ان اسيمبلي جي تاريخي ڪردار بابت آهن.
سنڌ جو بمبئي کان ڌار ٿيڻ (1936ع):
سنڌ اسيمبلي ۾ پهريون وڏو سوال 1936ع ۾ بمبئي کان ڌار ٿيڻ جو هو. برطانوي حڪومت ان لاءِ قانوني حيثيت ڏني، ۽ سنڌ کي آزاد صوبو بڻايو ويو. هي هڪ اهم قانوني فيصلو هو جنهن سنڌ جي سڃاڻپ کي نئين معنيٰ ڏني.
سنڌ اسيمبلي جا اهم اجلاس ۽ قانون سازي:
قرارداد پاڪستان (1943ع): سنڌ اسيمبلي پهريون قانون ساز ادارو هئي جنهن پاڪستان جي حمايت ۾ قرارداد پاس ڪئي. هي قرارداد 23 مارچ 1943ع تي پيش ڪئي وئي، جيڪا جناح جي قيادت ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي جدوجهد جو اهم حصو هئي.
زراعت ۽ آبادگارن جا قانون: سنڌ اسيمبلي ۾ زراعت سان لاڳاپيل ڪيترن ئي قانونن تي بحث ٿيو، جيئن ته “سنڌ ٽيننسي ايڪٽ” ۽ آبادگارن جي حقن جي تحفظ جا ٻيا قانون. اھي قانون سنڌ جي زرعي سماج ۾ انقلاب آڻڻ لاءِ اهم رهيا.
تعليمي ۽ ثقافتي پاليسيون: سنڌ اسيمبلي ۾ تعليمي ادارن جي بنياد ۽ سنڌي ٻولي کي سرڪاري حيثيت ڏيڻ بابت ڪافي قانون سازي ٿي.
تاريخي تقريرون:
ڪجهه اهم تقريرون جيڪي سنڌ اسيمبلي ۾ ٿيون، انهن ۾ شامل آهن:
سائين جي.ايم سيد جون تقريرون: سنڌي قومپرستي ۽ ثقافتي خودمختياري تي جي. ايم. سيد جون تقريرون انتهائي اثرائتيون هيون، خاص طور تي 1940ع جي ڏهاڪي ۾.
محمد علي جناح جو خطاب: جڏهن جناح سنڌ اسيمبلي ۾ آيو ته هن پنهنجي تقريرن ۾ مسلم اتحاد ۽ آزاديءَ لاءِ مضبوط موقف اختيار ڪيو.
سر شاهنواز ڀٽو جون تقريرون: شاهنواز ڀٽو سنڌ جي بمبئي کان ڌار ٿيڻ ۽ زميندارن جي حقن لاءِ ڪيترائي اهم بحث ڪيا.
موجوده وقت ۾ ريڪارڊ تائين رسائي: سنڌ اسيمبلي جي ريڪارڊ کي مختلف ميڊيا آرڪائيوز ۽ لائبريرين ذريعي محفوظ ڪيو ويو آهي. ڪجهه اهم ذريعا شامل آهن.
سنڌ اسيمبلي لائبريري ۽ آرڪائيوز: جتي اجلاس جا تفصيل، قانون سازي جا بل ۽ تقريرون موجود آهن.
قومي آرڪائيوز آف پاڪستان: سنڌ جي تاريخي دستاويزن تائين رسائي لاءِ بهترين ذريعا.
آن لائن ڊجيٽل آرڪائيوز: ڪيترائي ريڪارڊ ڊجيٽلائز ٿي چڪا آهن، جيئن ته سنڌ اسيمبلي جي سرڪاري ويب سائيٽ يا ٻين تحقيقاتي ادارن جا پورٽل.
سنڌ اسيمبلي جو پهريون اسپيڪر ۽ سيڪريٽري ٻئي پنهنجي وقت جون نامور شخصيتون هيون. انهن جو تعارف هن ريت آهي:
پهريون اسپيڪر: الله بخش گبول.
الله بخش گبول سنڌ اسيمبلي جو پهريون چونڊيل اسپيڪر هو، جيڪو 1937ع ۾ اسيمبلي جي قيام کانپوءِ چونڊيو ويو. هو هڪ مشهور سياستدان ۽ سماجي اڳواڻ هو، جنهن جي شخصيت سنڌ جي سياسي، سماجي، ۽ ثقافتي تبديلين ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. الله بخش گبول زميندارن، پورهيتن ۽ غريب ماڻهن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي. سنڌ بمبئي کان ڌار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جيڪو 1936ع ۾ مڪمل ٿيو.
رحمت الله ٻرڙو
سنڌ سدائين آباد رھي
تمام آڳاٽن سالن تي محيط سنڌ ڌرتي جي ثقافت شاندار روايتن سان ڀريل رھي آھي. موھن جي دڙي کان وٺي ھڙاپا تائين تمام عرصو ھاڪڙو ھاڪ تي ھو. اڄ جڏھن ايڪويھين صدي چنڊ تي چهل قدمين کان وٺي جديد ٽيڪنالوجي سان ڳنڍيل زمانو آھي، اُتي سنڌ بہ پنهنجا پير جديديت سان کڻندي نظر اچي ٿي. سنڌ جيڪا قديم باشندن جو سُرمئي امبر وطن آھي، پکين جي اُڏام وانگي نياري آھي، جنهن جل اول ڌارا سنڌو درياھ سان ناتو لاتو آھي تہ ڪڏھن رني ڪوٽ جهڙي قلعي سان پنهنجي تاريخ ڏيکاري ٿي. اڳي جڏھن سنڌ ۾ گاڏيون ڪونہ ھُونديون تڏھن سنڌي ماڻهو اُٺن جي قافلن ۾ قطارن سان سوڌاسُود پرڏيھ ويندا ھئا، اُھي پنهنجو ڪمايل ناڻو سنڌ جي ترقي لئہ ڏيندا ھئا. ائين سنڌ محبتن جو وطن بہ رھي آھي، اُنهي زماني جي وارثي، سندس ثقافتي ريتن ۽ سنئوڻ ساٺن سان ڀري پئي آھي. سنڌ ماضي جي رستن تي جتي واپارڪي شين سان ملڪان ملڪ مشهور آھي تہ سندس سُهڻن بندرن تي بيٺل جهازن سان سٿيل بہ رھندي ھُئي. اڄ اسان کي اُنهي تاريخ تي سوچيندي محسوس ٿئي ٿو تہ اسين واقعي ئي سنڌ وطن جا اصلي وارث آھيون. سنڌ ڌرتي جي ھر خطي ۾ اسان جون امن پسند روايتون گونجنديون رھن، شل اسان سنڌُو درياھ کي بچائي وري پنهنجي سنڌ وطن جا ويڙھيچا ھُجڻ جو احساس جتايون. جيئن اسان اڳ ۾ بہ ايڪتا ڏھاڙو ملهائي سنڌ جي مختلف حصن ۾ ماضي جا ورق اُجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ڳوٺ ڳوٺ، ڳلي ڳلي، وسندي وسندي ايڪتا ڏھاڙو ملهائي، اسان سنڌ کي پنهنجي ساھ برابر سمجهندي، جيڪي قربانيون ڏنيون آھن اِھي بہ زنده جاويد آھن. سنڌ جي تاريخي طور جهوني خطي ٿر ۾، مارئي جي ديس جي دلربائن سان تمام ڏُور وسندي ۾، مُون سميت چند دوستن ايڪتا ڏھاڙي ملهائڻ جو احتمام ڪيو، اسان چاھيون ٿا تہ سنڌ سدائين آباد رھي.
ڪيلاش ميگهہ/ٿرپارڪر