ڪوڙن ماڻهن جي هٿ چڙهي ويل سوشل ميڊيا
سوشل ميڊيا خراب ناهي پر ھِن سائنسي دؤر جي ھڪ نئين ۽ جديد ٽيڪنڪ آهي.هر نئين ايجاد وانگر سوشل ميڊيا پنھنجي شروعات کان ئي ڪوڙن جي هٿ چڙھي وئي آهي، جنهن سبب ان جي ساک خراب ٿيندي پئي وڃي. اولھ جي دنيا شروع کان ئي ان کي “گٽر ميڊيا” سڏڻ شروع ڪري ڇڏيو ھو، پر حقيقت ۾ ھر نئين ايجاد يا ڪنھن نئين شيءَ ۾ خرابي نہ ھوندي آھي. ان جي غلط استعمال ۾ خرابي آهي. ھر شيءَ جا فائدا نقصان ضرور ھوندا آھن اھڙي طرح جيئن سوشل ميڊيا جا فائدا سامھون ضرور ايندا ھوندا تہ نقصان بہ ضرور سامھون ايندا رھن ٿا. خاص ڪري اڄ ڪلھ جي حالتن ۾ سوشل ميڊيا جا نقصان وڌيڪ سامھون اچي رھيا آھن. مطلب تہ ھر پاسي ڪوڙا بيان، غلط ۽ بنا تحقيق جي پوسٽون شيئر ڪرڻ، فيڪ آئڊيز ٺاھي ماڻھن کي بليڪ ميل ڪرڻ، ڪوڙيون خبرون ڪاپي پيسٽ جو اڻ کٽ استعمال معاشري سميت ملڪ کي وڏو نقصان ڏئي رھيو آھي. خاص ڪري ماضي قريب ۾ عمر ڪوٽ ۾ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر واقعو جيڪو ٿيو ان جي مارجڻ يا ان کان پوءِ سنڌ سونھاري ۾ امن امان جي جيڪا نازڪ صورتحال ھلي رھي ھئي ان ۾ سوشل ميڊيا جو غلط ۽ ڪوڙو استعمال ڪرڻ وارا برابر جا شريڪ آھن. ان کان علاوہ ڪجھ ڏينھن سوشل ميڊيا تي لاهور جي ھڪ واقعي جي وڏي ڌوم متل ھئي تہ ھڪ ڪاليج ۾ ھڪ شاگردياڻي کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو آھي. ان کي بيهوشي جي حالت ۾ ڇڏيو ويو، ھُو مري وئي آھي. ڳجھ ڳوھ ۾ لاش کي لڪايو ويو آھي. ان کان علاوہ گذريل ڪجھ ڏينھن کان صرف سوشل ميڊيا تي ڊي چوڪ واقعي متعلق تمام گهڻو ڪجھ لکيو پڙھيو ٻڌايو پيو وڃي تہ پي ٽي آءِ جي ڊي چوڪ ڌرڻي ۾ وقت جي حڪومت پاران سوين لاش ڪيرايا ويا آھن جنھن ۾ تحريڪ انصاف جي مرڪزي قيادت پاران مختلف انگ اکر پيش ڪري شھيدن جو تعداد بيان ڪري رھيا آھن تہ اسان جي هيترن ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو آھي. تعداد ۾ تضاد اچي رھيو آھي ڪير ھڪ سؤ ٻڌائي رھيو آھي تہ ڪو اڳواڻ 2 سؤ جي لڳ ڀڳ تعداد بيان ڪري رھيو آھي مطلب تہ پاڻ ۾ متفق ٿي ڪري ڪو تعداد ٻڌائڻ کان لاچاري ظاھري ڪري رھيا آھن. جنھن مان ثابت ٿئي ٿو تہ صرف ڪوڙي پروپئگنڊا آھي جيڪڏھن واقعي وقت جي حڪومت ايڏي وڏي تعداد ۾ لاش ڪيرايا آھن ڊي چوڪ، چائنا چوڪ، بليو ايريا وٽ ڪا وڏي خونريزي دھشتگردي ٿي آھي، ڪا رت جي ھولي کيڏي وئي آهي ته ثابتي جي لاءِ ڪا تہ ويڊيو ظاھ ڪئي وڃي! پر حقيقت ۾ اھڙو ڪجھ ناھي بس سوشل ميڊيا تي ڪوڙي پروپئگنڊا آھي. بدقسمتيءَ سان سوشل ميڊيا شروع کان ئي بنا تحقيق پڇا ڳاڇا جي پنھنجي مرضيءَ سان ھلي رھي آھي. جنھن کي ڪير بہ روڪڻ يا پڇڻ وارو ناھي. اڄ جي دؤر ۾ يوٽيوبر صحافي برادري سميت ھر پڙهيل لکيل سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ کي خبر آھي تہ ڪوڙ جي رفتار به تيز آهي ۽ سچ ويچارو تہ ڪِيڙي وِک ھوندو آھي ۽ ڪوڙ (سيھڙ) جيان اچي ۽ وڃي ٿو، وري غائب ٿي وڃي ٿو. حقيقت ۾ سچ جي ٿڦڙ ڪوڙ جي چُمي کان بھتر آھي. پر جيئن ته ڪوڙ جي چُمي چڱي لڳندي آهي، تنهن ڪري توهان سئو دليل ڏيو ٻڌايو تہ گوليون ڪنھن ھلايون؟ ڪٿي آهي ڪو ثبوت؟ ڪا ايف آءِ آر، ڪو فوٽيج، ڪو اکين ڏٺو شاهد؟ تہ جواب ملندو تہ ڪجهه نہ ڪجھ تہ آھي!! ڪوڙ جا عادي اسان پاڪستاني ان وبا مان خوراڪ کائي رھيا آھيون. پر ڪوڙ جا پير نہ ھوندا آھن. ڪوڙ جو خواب ٽٽي پوندو. ڇو ته مشهور چوڻي آهي ته ڪوڙ جي رفتار تيز هوندي آهي پر سچ هميشه ئي منزل تي پهچندو آهي. اڄ جي دنيا جو وڏو مسئلو پروپيگنڊا، فيڪ نيوز ۽ ڪوڙ بڻجي چڪو آهي. هونئن ته تاريخ ۾ ڪيترن ئي ٺڳن، ڪوڙن ۽ ڪيترن ئي وڳوڙين جو ذڪر ملي ٿو. پر اڄ ڪلھ جي حالتن ۾ ڊي چوڪ واقعي تي جيڪو ڪوڙ جو سھارو ورتو پيو وڃي ان جو ڪو مثال نٿو ملي. ھڪ ڪوڙي واقعي کي رونما ڪرڻ لاءِ ڪيترن ڪوڙن جو سھارو ورتو پيو وڃي. افسوس اِھو آھي تہ ملڪ جا فائر وال انٽيليجنس ادارا مختلف نامور ايجنسيون انھن ڪوڙن کي روڪڻ ۾ ڪامياب ڇو نہ ٿي رھيا آھن نہ وري ملڪ جو قانون ان وڳوڙ ڪندڙ شرپسندن کي روڪڻ ۾ ڪامياب ٿي رھيو آھي آخر پاڪستان ائين ڇو نٿو ڪري سگھي؟ جيڪڏهن ڪوڙ جو اهو سلسلو جاري رهيو، سوشل ميڊيا تي فيڪ نيوز پکڙجندي رھي ۽ ڪاپي پيسٽ جو سلسلو وڌندو رھيو تہ پوءِ هڪ ڏينهن ڪو وڏو حادثو ٿي سگھي ٿو. ھاڻي وقت اچي ويو آهي ته سنجيده سوچ رکندڙ طبقن ۽ سموريون سياسي پارٽيون گڏجي ويهي ڪري ڪو اھڙو لائحه عمل جوڙين جو سوشل ميڊيا جو اھو منفي ڪردار ختم ٿي سگھي.
مير ذوالفقار چانڊيو/ سڪرنڊ
وطن پيو پنهنجي وس مان وڃي!
الائي! ڇو ھيلوڪي پن ڇڻ جي شروع ٿيڻ کان ٿورو اڳ مون پنهنجي احساسن کي آٿتن جي زنجيرن ۾ ايئن قابو ڪري ڇڏيو ھو…!، جيئن ڳوٺ ۾ واري سان ايندڙ بخار کي ڊڀن (گاھ) جي نوڙي سان ٻڌو ويندو آهي، پوءِ خبر ناهي ته اھو سنوڻ بخار کي قابو ڪندو به آهي يا رڳو عقيدن جي اجگر دنيا ۾ انساني عقل کي قابو ڪرڻ لاءِ اھڙا سنوڻ ساٺ ڪيا ويندا آهن. مون اھو ڀلي ڀت ڄاتو ٿي ته ھي نومبر جي شروعات کان وٺي ڊسمبر جي پڄاڻي تائين جا ڏينهن اڪثر وڇوڙن جي ورلاپ جا ڏينهن ھوندا آهن، ۽ وڇوڙو ڪنھن به روپ ۾ ھجي پر اھو احساسن جي دنيا کي ائين تھس نھس ڪريو ڇڏي، جيئن ٻاهرين حملي آورن سدائين ھن ساڻيھ سنڌ کي بارود جي بڇڙي بوءِ سان ويران ڪيو آهي! آئون انھن محبوب ماڻھن سان لھه وچڙ ان ڪري به ناھيان وڌائي سگھندو ته ڪٿي انهن سان خوبصورت خيالن جي ڏي وٺ دوران وڇوڙو اتر جي واھوندن جيان بي رحم بڻجي احساسن کي پٽ تي ڪريل وڻن جي سڪل پنن جيان اڏاري ڏور اجنبيت جي دنيا ۾ ڌڪي نه ڇڏي. ھن سرد موسم ۾ ٿڌ رڳو پنهنجي جسم ۽ ظاھري وجود کي پنهنجي لپيٽ ۾ ناهي آڻيندي پر سڄو ماحول ويندي انساني رويا ۽ لفظ به سرد موسم جو احساس ڏياريندي سخت لھجن جو لباس اوڍڻ لڳندا آهن!
مون سوچيو ته ڪٿي ھي سرد ماحول پنهنجي مزاج کي پڻ گهڻو حساس نه بڻائي وجھي…!
۽ انهيَ کان اڳ جو ھي بي چئي دل بي مندو ڪنهن جي يادن جو داستان کولي ڇڏي…!
اکيون ڪنهن عڪس کي پسڻ جون التجائون ڪن….!
۽ ذھن ڪنهن جي گفتار سان زرخيز ٿيڻ لاءِ اجايو ضد ڪري..!
انهي کان اڳ پاڻ پنهنجي سموري توجهه، توانائي ۽ ڌيان ۽ ھن موسم جون سموريون چاھتون ڪتابن کي ارپي پنهنجي صلاحيتن کي وطن ۽ وطن جي ويڙهيچن تي وري ماروئڙن جي مرڪن جا گلاب مھڪائڻ ڪارڻ ارپي، جڳ مشهور ليکڪ آسڪروائلڊ جي جڳ مشهور ناول “تصوير جو خون” The Picture of Dorian Gray کي پڙهڻندي ۽ شاعري جي شرميلين آٿتن سان ذھن کي سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن مٿان مرڪوز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. پر ھاڻ ته رڳو پنهنجي وطن سان منسوب مسئلا ٻرندڙ ناھن رھيا پر ڳالهه ڳاٽي کان چڙهي چڪي آهي..!. سڄي سنڌ ٻري رھي آهي، ڪٿي پريا ڪماري جي ماءُ جو من مغوي بڻيل آهي! جنهن معصوم جي بازيابي لاءِ ھاڻ ته ڪو سکڻو بيان به ٻڌڻ لاءِ نٿو ملي..! ته ڪٿي ڪا حسين زندگي اڄ به ذلالتن جي پھري ھيٺ پنهنجي ضمير کي بي ضميري جو زنگ لڳڻ کان بچائڻ جا اڃا پئي جتن ڪري…!. نه رڳو ايترو! پر ائين پيو لڳي ته ھاڻ ڄڻ پنهنجو وطن پيو پنهنجي وس مان وڃي ۽ پنهنجي ئي ڌرتي، پنهنجي ئي ڌن ۽ ست ڪروڙ سنڌي ماڻهن جي اڪيلي دادلي درياهه، سنڌو درياهه مٿان لڳندڙ ڌاڙن جي انھيءَ اڀاڳي سيريز جي نئين قسط فلمائڻ جا سانباھا ڪيا پيا وڃن. ھو سنڌو سڀيتا جي اوچي ڳاٽ ڪارونجھر جي ڪور مٿان اڀا ٿيل ڪاتن جا ڪلور به اڃا بند ناھن ٿيا. ٻئي طرف ساڳي ئي سنڌ جا شاھوڪار ڌرتي ڌڻي اڄ اھي نااھل، بدنيت، اقتدار جا پوڄاري، بي حس حڪمرانن جي ڊگهي بيڪار حڪمراني ڪارڻ ٻن ويلن جي ڳڀي جي ڳولا ۾ دنيا جھان جي ذلالتن، گٿن لفظن ۽ بڇڙن روين کي ھر گھڙي پنهنجو مقدر سمجھندڙ انهن سنڌ جي مسڪين ماروئڙن جي بي پناھ بيوسين جي وھندڙ ريلي کي به ڪو بند ٻڌي روڪي ناهي سگهيو. او سنڌ جا خوبصورت نوجوانو! اچو ته علم، عقل، فھم ۽ شعور جي مالھائن سان ھڪ طرفي محبت جي اذيت ڀوگيندڙ وجود جيان چڪنا چور ٿيل سنڌ ڌرتيءَ جي سيني تي ھڪ روشن صبح جو سج اڀارڻ لاءِ پنهنجي پنھنجي علائقن، واھڻن ۽ وستين ۾ علمي، عقلي، فڪري توڙي ثقافتي گڏجاڻين جي ڪا جوت جلايون ۽ پنھنجي سنڌ کي اھا سرزمين بڻايون، جنهن ۾ ڪا شام اداس نه ھجي ڪا ندي اڃاري نه ھجي، ڪو پيءُ پنهنجي معصوم ٻچڙن جي التجائن آڏو بيوس بڻجي لڙڪ نه لاڙي. ھا! ھڪ اھڙي روشن ۽ نئين صبح جي شروعات ڪريون جنھن ۾ پاڻ پنهنجي محبوبائن سان گڏجي زندگي جھڙو عاليشان ۽ ڪنھن خاموش ناري جي خوبصورت، سمنڊ جھڙين گھرين اکين جھڙو ھڪ حسين ٽھڪ ڏيڻ جي جرئت ڪري سگھون. ھڪ اھڙي نئين سنڌ اڏڻ لاءِ وکون وڌائيندي پاڻ سڄي سنڌ ۾ تعليمي جاگرتا پيدا ڪري پنهنجي ايندڙ نسل کي موبائيل فون جي غلط ۽ ناڪاري واھپي کان بچايون ۽ کين ھٿن ۾ ڪتاب ڏئي اھو ٻڌايون ته خدارا! پنهنجي پاڻ سان محبت ڪريو. پنهنجي پاڻ کي وقت ڏيو، پنهنجي زندگيءَ، آدرشن، مقصد، تخليقي صلاحيتن ۽ پنهنجي ڏکن، اڌمن، لڙڪن کي محبوبہ بڻايو پنھنجي پاڻ جا پاڻ عاشق بڻجي پنھنجي پاڻ کي سڌارڻ لاءِ آئيني جو ڪردار ادا ڪريو، پنھنجي ۽ پنهنجي والدين جي خوبصورت خوابن جي ساڀيان لاءِ محنت ڪريو ته جيئن وقت اوهان سان مستقبل ۾ چڱو ورتاءُ ڪري ۽ اوھان ۽ اسان کي وقت پنهنجي بي رحمين کان ڇوٽ ڏئي سگهي ۽ اوھان ۽ اسان سڀ شال! پنهنجي وطن، قوم، ماروئڙن لاءِ ڪنهن لاڀ جو ذريعو بڻجي سگهون، ڪا شعوري لاٽ ٻارڻ ۾ پنهنجو ڪو حصو وجھي سگھون، پر انهي لاءِ پاڻ کي ھر صورت علم ڏانهن، ڪتابن ڏانهن ۽ درسگاھن ڏانهن موٽ کائڻي پوندي ۽ پنهنجي زندگيءَ جي ھر پل کي سکيا لاءِ وقف ڪرڻو پوندو تڏهن ئي سڀڪجهه ممڪن بڻائي سگھبو.
آفتاب سليمان لغاري
سنڌوء تي ڌاڙو نامنظور
ھن وقت سنڌ ۾ سنڌو مٿان لڳندڙ ڌاڙي خلاف سنڌ جا ماڻھون ھاري ناري سنڌ جون تمام سياسي سماجي مذھبي ڪاروباري ماڻھون سراپا احتجاج آھن. سڀني جو ھڪ ئي مطالبو آھي ته اسان کي سنڌوء مٿان ٺھندڙ ڪو به ڪينال منظور نه آھي ڀلي اھي ڪٿي به ٺھن. سنڌ ۾ ٺھن پنجاب ۾ ٺھن يا بلوچستان ۾ ٺھن اسان اھي ڪينال سنڌ سڪائڻ جي سازش سمجھون ٿا. سنڌو مٿان گڊو ۽ چولستان ڀرسان ٺھندڙ ڪينالن سان سنڌو جو رخ تبديل ڪري سنڌو جي ماڻھن کي معاشي طور تي تباھ ڪرڻ جي سازش آهي. سنڌ جو ھر ننڍو وڏو ناري پوڙھو جوان ان خلاف آھي پر پوءِ به وفاقي حڪومت انھن ڪينالن کي ٺاھڻ لاءِ ضد تي آھي. وفاقي حڪومت کي سوچڻ گھرجي ته ھن وقت ملڪي حالتون انتھائي خراب آھن. سڀني صوبن جا ماڻھو ھڪ ٻئي کان پري ٿي رھيا آھن صوبن جا ماڻھ احساس محرومي جو شڪار آھن. بلوچستان ۽ سنڌ بعد ھاڻي ڪي پي ڪي ۾ پڻ ماڻهو پنجاب خلاف ٿي پيا آھن. وڌيڪ ڪجھ به ٿيڻ سان سنڌ ۽ بلوچستان جا ماڻھو رياست کان باغي ٿي ويندا. ان جي ڪري وفاقي حڪومت کي اھو احساس ھجڻ گھرجي ته انھن ڪينالن جي ٺھڻ سان پاڪستان ۽ وفاق کي ڪجهه ڪو نه ملندو. رياست مضبوط ٿيڻ بدران ڪمزور ٿيڻ جو انديشوآھي. ڪينال ٺاھڻ جو ڪم فوري طور تي بند ڪري اھو اعلان ڪيو وڃي ته اسان کي پاڪستان کان وڌيڪ ڪجھ به نه آھي. صوبن مان نفرت ختم ڪرڻ لاءِ ڪينالن جو ڪم بند ڪيو وڃي. ان جي لاءِ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڏنل راءِ تي ھلڻ گھرجي جنھن پڻ صاف چيو آھي ته ڪينال جيڪڏنھن اتفاق راءِ سان ٺھندا ته ڀلو ڪم آھي جيڪڏھن زور زبردستي سان اھي ڪينال ٺاھيا ويندا ته اسين ھر گذ قبول نه ڪنداسين ۽ پ پ پ انھن ڪينالن کي سنڌ دشمن سمجھي ٿي. نه صرف قومپرست جماعتن جي ڪارڪنن کي ان سان گڏ پ پ پ، ن ليگ سنڌ، پي ٽي آءِ سنڌ، جي يو آءِ سنڌ، ايم ڪيو ايم پاڪستان مطلب سمورين سياسي سماجي پارٽين جا اڳواڻ ان رٿا کي رد ڪري چڪا آھن پر پوءِ به وفاقي حڪومت انھن ڪينالن تان ھٿ کڻڻ لاءِ تيار نه آھي. ھن وقت انھن سنڌ دشمن ڪينالن خلاف ھڪ موثر ۽ جامع پاليسي جوڙڻ جي سخت ضرورت آھي. ان جي لاءِ 90 جي دور وانگر ھڪ اھڙو اتحاد جڙڻ گھرجي جنھن ۾ سنڌ دوست سڀ پارٽيون شامل ھجن. سڀ ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي ڪري اتحاد سان ھلن جيئن نواز شريف جي 98 واري حڪومت پاران ھر صورت ۾ ڪالاباغ ڊيم ٺاھڻ جو اعلان ٿيو ھو ان وقت شھيد راڻي ان رٿا خلاف آواز بلند ڪري تمام سياسي سماجي مذھبي ڪاروباري جماعتن کي گڏ ڪري اينٽي ڪالاباغ ٿل ڪينال اتحاد ٺاھيو ھو جنھن ۾ بشيرخان قريشي، رسول بخش پليجو، قادرمگسي سميت تمام قومپرست جماعتن کي نمائندگي ڏني وئي ھئي.
ھن وقت ڪينال ٺاھڻ جو اعلان ڪري سنڌ جي عوام کي ڪاوڙايو ويو آھي جيڪي شديد غم ۽ غصي جو اظھار ڪري ڌرڻا ھڻي احتجاج ڪري ان انھن ڪينالن کي رد ڪري ڇڏيو آھي ان صورتحال ۾ پ پ پ لاءِ پڻ امتحان جي گھڙي ھئي انھن مٿان اھي الزام ھئا ته اھي وفاقي حڪومت سان انھن ڪينالن جي حوالي سان گڏ آھن پر جڏھن شروع ۾ انھن ڪينالن جي ٺاھڻ جي ڳالھ ٿي ته سڀ کان پھريان سنڌ اسيمبلي مان انھن ڪينالن خلاف قرارداد پاس ڪري پ پ پ انھن ڪينالن جي ٺاھڻ کي رد ڪري ڇڏيو. پ پ پ سنڌ جي قيادت پاران صوبي جي ھر ضلعي ۾ پريس ڪانفرنس ڪري ان رٿا جي سرعام مخالفت ڪئي. جي يوآءِ سنڌ پاران انھن سنڌ دشمن ڪينالن خلاف آل پارٽيزڪانفرنس ڪوٺائي وئي جنھن ۾ پ پ پ سنڌ جو صدر نثاراحمد کھڙو، سنڌ جو وڏو وزير سيد مرادعلي شاھ شريڪ ٿيا ۽ اي پي سي ۾ اھو اعلان ڪيائون ته اسين سنڌ دشمن ان منصوبي خلاف ھر اتحاد ۾ شامل ٿي ان خلاف ھر احتجاج ۾ گڏ بيھنداسين. ھن وقت تمام ڌرين کي گڏجڻ گھرجي ھڪ ٻئي کي غدار ۽ سنڌ دشمن جا سرٽيفڪيٽ ورھائڻ وارو راڳ بند ڪري سنڌ خاطر سنڌوءَ خاطر گڏجي ھڪ طاقتور اتحاد جوڙي انھن ڪينالن خلاف احتجاجي تحريڪ ھلائي ھڪ ڀيرو ٻيھر ڪمون شھيد وٽ ڌرڻو ھڻي ان رٿا خلاف آواز بلند ڪري ان کي رد ڪرائجي. لکين ماڻھن جي احتجاج بعد ورلڊ بئنڪ وارا پاڻمرادو انھن ڪينالن لاءِ فنڊ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندا. بس ھاڻي سياسي اختلاف ھڪ طرف رکي ھڪ ٿي ڪري احتجاج ڪيو وڃي ته بھتر رھندو. باقي الڳ الڳ اتحاد ٺاھڻ سان ڪو به فرق نه پوندو.
عبدالمجيدبروھي
مهانگائي جو آيل نئون طوفان ۽ غريب عوام جو ڇا ٿيندو
دنيا جي ٻين ملڪن ڏانهن نظر ڦيرائجي ٿي ته ايتري لاقانونيت جبر بربريت ظلم ڏاڍ ڪٿي به نظر نه پئي اچي. جيتري اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ ٿي آهي پر گذريل 76 ورهين کان عوام مهانگائي جي طوفان ۾ ڦاٿل آھي. اسان جي ملڪ جي 76 سالن جي حڪمراني ۾ اسين ترقي بجاءِ تباهي طرف وڃي رهيا آھيون. ملڪ جي سياسي پارٽين جو منشور ملڪ کي بهتر ڪرڻ نه پر عوام جي حقن جي پائمالي ڪرپشن ڪرڻ ملڪي ناڻو لٽڻ ۾ پورو آھي. جنهن جو سياسي پارٽين قسم کڻي ورتو آھي ملڪ جو ناڻو لٽي بيروني ملڪن جائدادون ٺاهي هليا وڃن ٿا ۽ ملڪ جي ڪمزور معاشي ۽ مالي حالتن سبب غريب عوام لوڙيندي پئي اچي. هن وقت ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ نئين سياسي ڇڪتاڻ سان گڏ مهانگائي جو نئون طوفان اڀاريو ويو آهي. مهانگائي ته ڄڻ هن ملڪ ۽ غريب عوام جي مقدر ۾ لکيل آھي جيڪا ڪڏهن به ختم نه ٿي سگهندي. هاڻي هن تازي سياسي ڇڪتاڻ ۾ اوچتو کاڌ خوراڪ جي شين جهڙي طرح کنڊ، گيهه، چانور، اٽو، دال ۽ ٻين شين ۾ اضافي سان مسڪين عوام جو دانهون نڪري ويون آهن. اسان جي ملڪ ۾ هميشه جڏهن به سياسي ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيو آ ته ان جا ناڪاري اثر صرف غريب مسڪين ۽ مزدور طبقي مٿان پوندا آهن. افسوس جو قانون نالي ڪا شي نظر نه پئي اچي. منافعي خورن هٿرادو مهانگائي ڪري غريب ماڻھن جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي. تازو مهانگائي جي اڀرندڙ نئين لهر سان روز مرهه جي شين سميت خاص طور سبزين جي اگهن کي به باهه لڳي وئي آھي. ايڏي وڏي واڌ کان پوءِ به مارڪيٽ ڪاميٽين جي عملدارن جي ڪنن تي جونءِ به ڪانه چري آهي. آخرڪار غريب عوام هن حڪمراني ٽولي جو ڏوهه ڪهڙو ڪيو آهي. نه حڪمراني قانون کي فعال ڪيو ٿو وڃي ۽ نه ئي وري مهانگائي تي ڪنٽرول ڪيو ٿو وڃي. سبزيون جيڪي عام طور هن وقت هر ضلعي ۽ تعلقي جي شهري توڙي ٻھراڙي وارين زرعي زمينن ۾ پوکيون وڃن ٿيون. هڪ پاسي هن وقت ملڪ اندر غريبن جي روزگار جا سمورا وسيلا بند ڪيا ويا آھن. مثال طور انڊسٽريز ۽ زراعت بلڪل تباهه ڪئي وئي آهي. سوين انڊسٽريز ڪارخانا بند ڪري لکين ماڻھن کي بيروزگار ڪيو ويو آھي ۽ انهن بيروزگار ماڻھن پيٽ جي بک ختم ڪرڻ لاءِ زمينن جو پاسو ورتو ته وري سازش تحت زرعي وسيلن يعني ٻج ڀاڻ دوائن جي ڪمپنين اگهه وڌايا ويا. غريبن کان اهو روزگار جو وسيلو به کسيو ويو. حڪومت هڪ طرف مهانگائي تي قابو نه پئي ڪري ته ٻئي طرف روزگار جي وسيلن کي به ڪا اهميت نه ٿي ڏئي سگهي. جيئن غريب عوام روزگار سان لڳي رهي خدارا غريبن جي دانهن جي داد رسي ڪيو ۽ هن هٿرادو وڌندڙ مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري غريب مسڪين ماڻهن کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.
محمد عمر رند