ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جون تياريون ڀلي ڪريو

هر، سال وانگر، هن سال به ثقافتي ڏهاڙي ملهائڻ جون تياريون زور شور سان شروع ڪيون ويون آهن. هر سال ڊسمبر مهيني جي پهرئين آچر تي اهو ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي. هن سال به سنڌي قوم اوسيئڙي ۾ ويٺل نظر اچي پئي ته اهو ڏينهن پُرجوش نموني سان عيد جي خوشين وانگر ملهايون. ان سلسلي ۾ هن وقت چر پر عروج تي پهچي وئي آهي. اسڪولن ۾ ثقافتي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. سڄي سنڌ جا تعليمي ادارا ڀرپور نموني سان تياريون ڪري رهيا آهن. شهدادپور، سيٺارجا، جي اسڪول ۾ به ثقافتي پروگرام ڪيو ويو آهي. هائير سيڪنڊري اسڪول اصغر آباد جا شاگرد به تياريون ڪن پيا. سڪرنڊ، مجيد ڪيريو، نوابشاهه، جمال شاهه، ٺارو شاهه ۽ قاضي احمد ۾ به هينئر سان ئي پروگرام ڪيا پيا وڃن. سنڌ جي تقريبن سڀني اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ اهي سرگرميون ڏسڻ ۾ اچن پيون. تنهن کان سواءِ، هن وقت سنڌي ٽوپين جي خريداري به عروج تي آهي. دوڪاندارن وٽ رش ٿيندي پئي وڃي. ٽوپيون به مهانگيون ٿي ويون آهن. ٽوپين جي دوڪاندارن جا ٻئي هٿ گيهه ۾ پئجي ويا آهن. ڪيترائي ماڻهو جيڪي سنڌي ٽوپي پائڻ جا شوقين آهن، تن ٽوپيون ٺهرائڻ لاءِ اسپيشل آرڊر پڻ ڏنا آهن.

ان کان علاوه اجرڪون به گھڻيون وڪرو ٿين پيون. اهي به مهانگيون ٿينديون پيون وڃن. اجرڪن جي دوڪانن تي به گراهڪن جي رش ڏسڻ ۾ اچي پئي. دوڪاندارن جي الله ٻڌي آهي. ڀرت جو ڪم به ٿئي پيو. پر، اهو انتهائي مهانگو آهي. ثقافتي شين جي خريد وفروخت جي ڪري ڪاروبار وڌيو آهي. ثقافتي ڏينهن ملهائڻ لاءِ تياريون زور سان جاري آهن. غريب غربو، هاري ناري ۽ پوڙهو پڪو ان ڏينهن جي اچڻ جي انتظار ۾ آهي. ظاهر آهي ته، اهو ڏينهن عيد جيان ملهايو ويندو. جشن ڪيا ويندا ۽ خوشيون ملهائيون وينديون. ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ هڪ سٺو سنوڻ ۽ عمل آهي. ان ڏينهن تي سڀ ماڻهو سنڌي ثقافتي لباس ۾ ملبوس ٿي پنهنجي ڪلچر کي اجاگر ڪندا آهن.  وڏيون ريليون ۽ جلوس ڪڍيا ويندا آهن. جلسا ڪيا ويندا آهن. وڏا ميڙاڪا ٿين ٿا. سنڌ واسين کي هڪ پليٽ فارم تي ڏسي خوشي ٿئي ٿي. ٻڌي ۽ محبت جو پيغام دنيا کي ڏنو ويندو آهي. دنيا کي اهو ٻڌايو ويندو آهي ته، اسان جي هڪ پراڻي تهذيب آهي جنهن جا پيرا کڻبا ته اها موهن جي دڙي کان به اڳ جي محسوس ٿئي ٿي جنهن جو اسان کي قدر آهي. هميشه سڄاڻ قومون پنهنجي تهذيب کي زنده رکڻ لاءِ ڪوششون ڪنديون رهن ٿيون. پنهنجي تهذيب کي ترقي وٺرائڻ لاءِ محنت ڪنديون آهن. تهذيب ئي قومن جي سڃاڻپ آهي. قومون تهذيب جي ڪري دنيا ۾ مشهور ٿين ٿيون. سنڌي قوم جي تهذيب به اسان جي سڃاڻپ آهي. جنهن کي دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ اسان جي ذميواري آهي. جنهن ڪري تهذيب جو ڏينهن ڀرپور نموني سان ملهائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ان کان ڪير به انڪار ڪري ڪونه سگھندو ۽ نه وري اهو ڏينهن ملهائڻ جي مخالفت ڪندو. پر، تهذيب ڏهاڙي ملهائڻ سان گڏوگڏ، سنڌ جي ٻين مسئلن ڏانهن به ڌيان ڏيڻ ضروري آهي. هن وقت منشيات عام ٿيندي پئي وڃي. هر، شهر ۽ ڳوٺ ۾ منشيات جا اڏا لڳا پيا آهن. اسان جو نوجوان نشي جو عادي ٿيندو پيو وڃي. سنڌ ۾ نشو تيزي سان وڌي رهيو آهي. اسان سڀني کي منشيات روڪڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ گھرجن ته جيئن نوجوان ٽهي ان کان بچي سگهي. حالت اها آهي جو گٽڪو، زيڊ ايڪيهه، سوپاريون، پان، شراب، ڀنگ وغيره جو نشو وڌندو پيو وڃي. خاص ڪري زيڊ ايڪيهه کائيندڙن جو تعداد تمام گھڻو آهي. جنهن ڪري سندن ڏند خراب ٿيو وڃن. ان مان گلي جون مختلف بيماريون پيدا ٿي رهيون آهن. ڪينسر جي بيماري به پيدا ٿي رهي آهي. ان ۾ واڌ به ٿئي پئي. کوڙ ماڻهو ان مرض ۾ ورتل آهن. هاڻ ثقافت جي ڏهاڙي تي اهو وچن ڪرڻ گھرجي ته قوم جي نشي مان جان ڇڏائبي. ان سلسلي ۾ هر ماڻهو پنهنجو ڪردار نڀائي ۽ ڪوشش ڪري نشي جي روڪٿام لاءِ هر هڪ کي پنهنجي وس آهر ڪم ڪرڻ گھرجي. جيڪڏهن نشي تي ضابطو نه آندو ويو ته اسان هرگز ترقي ڪري نه ٿا سگھون. نشو ترقي جي راهن ۾ رنڊڪ آهي. نشو سڌاري جي طرف وٺي ڪونه ٿو وڃي. پر، اهو تباهي جي طرف وٺي وڃڻ جو هڪ کليل رستو آهي. ڀٽڪي وڃڻ جي راهه آهي. تازو، هڪ رپورٽ پڙهيم. جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته، سنڌ جا لکين ٻار اسڪول ڪونه ٿا وڃن. اهي اسڪولن کان ٻاهر آهن پر رلندا نظر اچن ٿا. ڪن ٻارڙن کان جبري پورهيو به ڪرايو پيو وڃي. ڪي ٻارڙا وڏيرن جي بنگلن ۽ اوطاقن، انهن جي حويلين ۽ گھرن  ۾ نوڪر ٿيو پيا ڪم ڪن. ڪي وري پيرن ۽ مرشدن جي خدمت ڪرڻ ۾ لڳا پيا آهن. مطلب ته لکين ٻار اسڪولن ۾ ڪونه ٿا وڃن. اها ڳالهه سنڌي جي تعليم جي وزير به مڃي آهي. چوڻ جو مطلب ته حڪومت به تسليم ڪري رهي آهي ته، لکين ٻارڙن جو اسڪولن ڏانهن رخ ڪونه آهي. انهن جي هٿن ۾ ڪتاب ڪونه آهن. پر اهي اسڪولن جي بجاءِ ڪنهن ٻي واٽ تي هلي رهيا آهن. سندن والدين به انهن کي تعليم ڏيارڻ جي فريضي کان غافل آهن. ڪن ڳوٺن ۾ وڏيرا به، ڳوٺ جي ٻارن کي تعليم ڏيارڻ جا سخت مخالف آهن. اهي به ان سلسلي ۾ رڪاوٽ بنيل آهن. جنهن ڪري اسان جي معاشري تي ناڪاري ۽ منفي اثر پئجي رهيا آهن. اهو، قومي وڏو نقصان ٿي رهيو آهي. ان نقصان جو ازالو ڪرڻ تمام ضروري آهي. تعليم بنا انسان کي ڪابه منزل حاصل ٿي نه ٿي سگھي. ثقافتي ڏهاڙي تي اهو به وچن ڪرڻ گھرجي ته سنڌ ۾ تعليم عام ڪنداسون ۽ ٻارن کي اسڪولن ۾ موڪلي کين تعليم ڏيارڻ ۾ ڪابه غفلت يا سستي ڪونه ڪئي ويندي. هن طرف خاص ڌيان ڏنو ويندو. اها هڪ اهم ذميواري آهي جيڪا اسان سڀني کي نڀائڻ گھرجي.

سنڌ جو ٻيلو کاتو به مورڳو ختم ٿيندو پيو وڃي. گھڻا تڻا ٻيلا وڍجي ويا آهن. باقي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا بچيا آهن. تن جي واڍي به شروع آهي. وڻن وڍڻ جو اهو سلسلو ائين برقرار رهيو ته باقي بيٺل ٻيلا به وڍجي ويندا. ٻين ٻيلن جي زمينن وانگر هنن ٻيلن جون زمينون به بااثرن جي هٿ اچي وينديون. ٻئي طرف پوليس کي ڏسجي ٿو ته رشوت کان سواءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪونه ٿي ڪري. ڪوڙين ايف آ۽ آرز ڪاٽي رهي آهي. وڏيرن ۽ بااثرن جي ونگارو آهي. قانون نافذ ڪرڻ ۾ بلڪل ناڪامياب ٿيندي پئي وڃي. امن و امان برقرار رکي ڪونه سگھي آهي. بس، ڪاريون ورديون پايو غريب ماڻهن تي رعب ڪرڻ، هن وقت پوليس جو خاص مشغلو آهي. صحت کاتي تي نظر ڦيرائجي ٿي ته ڏهه ئي ڏوڪڙ لسا لڳا پيا آهن. ڪوبه ڊاڪٽر مريض ڏانهن توجه ڪونه ٿو ڏئي. مطلب ته سنڌ جا سمورا کاتا ۽ ادارا تنزلي جو شڪار آهن. اهي، هٿ وٺي تباهه ڪيا پيا وڃن. قانون موجب ڪوبه ڪم ڪار ڪونه ٿو ڪيو وڃي. آفيسر لڏو عياشين ۾ پورو آهي. ڪرسي جي نشي ۾ مست و مگن لڳو پيو آهي. انهن کي به حڪمرانن وانگر عوام جو لاچار ڪونه ٿو ٿئي. ادارا ڪمزور ٿيڻ ڪري سنڌ جي ترقي رڪجي وئي آهي. باقي ثقافتي ڏينهن تي مردن توڙي عورتن جي نچڻ مان ڪهڙو فائدو ٿيندو!؟ اچو ته ان ڏينهن تي عزم ڪريون ته پنهنجن ادارن جي مالڪي پاڻ ڪري سنڌ ڌرتي کي ترقي وٺرائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين.  ڪيتري وقت کان وٺي سنڌ تي ساڳيا وڏيرا حڪومت ڪري رهيا آهن جن جي معرفت سنڌ جي وحدت تي وار ڪيا پيا وڃن. سنڌ حڪومت، سنڌ دشمن منصوبن ۾ ٻٽ بنيل آهي. ڪڏهن ساحلي پٽي کي وڪرو ڪيو پيو وڃي ته ڪڏهن هتان جا جبل وڍي ٽڪي ختم ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي ته ڪڏهن سنڌ جون زمينون وڪرو ٿي رهيون آهن ۽ هاڻ وري سنڌو دريا مان نوان ڇهه ڪئنال ڪڍي سنڌ جي زمينن کي بنجر ۽ غيرآباد ڪرڻ جون تياريون شروع آهن. درياهه تي به حملا ڪيا پيا وڃن. سنڌ جي زراعت کي تباهه ڪرڻ لاءِ رٿابنديون هلن پيون. وفاق ۾ پ پ پ وارا مسلم ليگ (ن) سان گڏ ويهي حڪومت ڪري رهيا آهن. سندن اتحادي حڪومت آهي. ڇهه ڪئنالن جي منصوبي جي منظوري ڏيئي سنڌي ماڻهن کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي. سنڌي ماڻهن کان سمورا وسيلا ۽ ذريعا کسيا پيا وڃن. ڌاريا آباد ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. مطلب ته سنڌ تي ناپاڪ نگاهون رکيون پيون وڃن. سنڌ جي هر شهر ۽ ڳوٺ تي قبضا ٿي رهيا آهن. زمينن، ملڪيتن تان سنڌي ماڻهو بيدخل ٿي رهيا آهن. هتان جي رهواسين جا پير زمين تان کسڪندا پيا وڃن. ماڻهن جو جيئڻ جنجال آهي. ڏکيون حالتون اچن پيون. سنڌي ماڻهو خوشحالي واري زندگي ڪونه پيا گذارين. پر، بدحالي واري زندگي گذاري رهيا آهن.ثقافت جو ڏهاڙو ملهائڻ هڪ سٺي روايت آهي. اها برقرار رکڻ گھرجي. اهو، ڏينهن عزم ۽ عهد ڪرڻ جو ڏينهن آهي. مون، سنڌ جي صورتحال تي مختصر لفظن ۾ لکيو آهي. اچو ته ثقافت واري ڏينهن تي عزم ڪريون ته پنهنجن ادارن جي مالڪي ڪري سنڌ کي ترقي جي منزل تي گامزن ڪنداسين. هن وقت سنڌ تباهي جي ڪناري تي پهتل آهي. ان جي مالڪي ڪري تباهي کان بچايون. جيئن ثقافت جي ڏهاڙي تي سڀ نڪري پئون ٿا سڀ هڪ هنڌ گڏ ٿيون ٿا بلڪل اهڙي طرح ڇهن نون ڪئنالن ٺاهڻ جي خلاف به سڀ گڏجي پئون. هڪ سگھارو ۽ طاقتور آواز بلند ڪريون ته جيئن حڪومت ان فيصلي تان دستبردار ٿي وڃي. سنڌ جي حصي جو پاڻي سنڌو درياهه ۾ ڇڏيو وڃي. ان ڏهاڙي تي هنبوڇيون هڻڻ جي بدران سنڌ جي مسئلن تي غور ڪرڻ گھرجي. هن وقت سنڌ تي جيڪي ڏکيائيون آهن تن کي منهن ڏيڻ لاءِ حتي الامڪان ڪوششون ڪري، ڪاميابي ماڻي سک جو ساهه کڻجي.

سائينم سدائين ڪرين سنڌ مٿي سڪار،

دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.

غلام حسين جوڻو/ ڳوٺ مجيد ڪيريو

 

ثقافت سان ئي قومن جو وجود ھوندو آھي !‎

جس آھي محترم علي قاضي کي جنھن ثقافتي ڏينھن ملھائڻ لاءِ سنڌي ماڻھن کي گڏ ڪيو ۽ ثقافت کي اجاگر ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي. ثقافت قومن جي سڃاڻپ ھوندي آھي دنيا ۾ تهذيب جي شروعات سنڌو ماٿري، نيل ۽ فرات دريا کان ٿي. جيئن جيئن درياهه جو وھڪرو ٿيو ته ماڻھن جي آبادي ٿيڻ لڳي. زراعت سان گڏ تھذيب Civilization جي شروعات ٿي.  اسان موئن جي دڙي جو مثال وٺون ته سنڌ جي تھذيب 5000 ھزار سالن کان به وڌيڪ پراڻي آھي. سنڌ جا تاريخي ماڳ، ٻولي، ريتون رسمون، مھمانوازي، رانديون ونڊيون، فن، خطاطي، اوطاقون  سڀ ثقافت ۾ اچي وڃن ٿا. جس آھي محترم علي قاضي کي جنھن سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪيو ۽ سنڌ جي ڪلچر کي ملايو. ڇو ته ڪي ئي قومون ھن ڌرتي جي گولي تي آيون ويون پر انھن جو نالو نشان نه رھيو ڇاڪاڻ ته انھن جي ڪا به ثقافت نه ھئي پر سنڌي ٻولي ھڪ شاھوڪار ۽ قديمي ٻولي آھي جنھن جي ٻولي کي انگريزن جي دور ۾ قومي ٻوليءَ درجو مليو ۽ دفترن م لکي ويندي ھئي. ان تي مشھور وڪيل رام ڄيٺملاڻي سنڌي ٻولي تي ڪم ڪيو. شاھ لطيف، سچل، سامي، اياز جھڙا عظيم شاعر پيدا ڪيا جنھن سنڌي ثقافت کي زندھ رکڻ لاءِ سنڌي ٻولي ۾ شاعري ڪئي. ھڪ سنڌ  آھي ثقافت به ھڪ آھي ٻولي به ھڪ آھي. جنھن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي. لوڪ ادب ۽ تاريخي ماڳن جي حوالي سان مشاعرا، محفلون ۽ پروگرام ٿيڻ گھرجن. جنھن سان ٻارڙن کي پنھنجي ماڳن ۽ ھيرن جي متعلق ڄاڻ ملي. سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي جو درجو ڏياريو وڃي. ثقافتي ميلا ٿيڻ گھرجن. ملھ ملاکڙو، دوھيڙا، ڏور بيت ۽ سگھڙ ۽ مچ ڪچھريون ٿيڻ گھرجن. سنڌ جي ثقافت شھڪار آھي امير ترين ثقافت آھي. مھذب ماڻھو سنڌ جا ھئا جن زراعت ۽ ڏاند گاڏي ۽ ڦيٿو ايجاد ڪري دنيا جي ماڻھن کي رھڻ جو ڍنگ سيکاريو ۽ زراعت کي آباد ڪيو. ھاڻي اهي ثقافتي شيون ميوزيمن م به نه آھن  ميوزيم  Musieum کي آباد ڪيو وڃي. سنڌ جي ڪوٽن قلعن جي شين کي ميوزيم ۾ رکرايو وڃي. ٽوپي اجرڪ ۽ لوئيون کٿيون، ڀرت، رليون ۽ سڳيون ۽ ٻيون شيون ٺھرايون ۽ انھن کي مارڪيٽ تائين پھچايو  وڃي. سنڌي ماڻھن کي پنھنجي ثقافت کي زنده رکڻ گھرجي. تعليم تي وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏنو ۽ سنڌي ٻولي تي ڪم ڪيو وڃي. سنڌ حڪومت کي به گذارش آهي ته سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي جو درجو ڏياريو وڃي.

شفيق وساڻ/ڳوٺ جھنگو وساڻ

 

جوھي تعلقي ۾ ڳوٺ هر بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل ؟

جوھي ايم پي اي سميت ست کان وڌيڪ عهديدارن جو علائقو آهي پر ان جي باوجود هتي نه بجلي نه تعليم نه ڪا سٺي اسپتال نه  روڊن رستن جي ڪا سهولت مليل آهي. حاجي خان شهر جو روڊ گذريل 15سالن کان کنڊر بڻيل آھي ساڳئي ڳوٺ سان ھڪ يوسي چيئرمين ۽ ٻيو ميونسپل چيئرمين پوءِ به پنھنجو شهر بنيادي سهولتن کان محروم آهي. مخصوص سيٽن تي ايم پي اي سجيلا لغاري چوٿون ڀيرو اقتدار جا مزا ماڻي پئي يعني چوٿون ڀيرو اقتدار ۾ اچڻ باوجود روڊ نه ٺهرائي سگھي آهي. يوسي ڊرگھ بالا چيئرمين امير فهد لغاري ۽ ميونسپل چيئرمين جوھي علڻ خان لغاري به پنھنجي ڳوٺ لاءِ ٽڪي جو ڪم نه ڪري سگھيا آهن.

ٻئي طرف يوسي ٽوڙ جو چيئرمين جبار خان لغاري جو به علائقو سهولتن کان محروم بڻيل آھي. جڏھن ته يوسي واھي پانڌي جو چيئرمين علي غلام لغاري به پنھنجي يوسي لاءِ ڪو ڪم نه ڪري ڏيکاريو آهي. يوسي پٽ گل محمد چيئرمين اسلم خان لغاري به پنھنجي شهر لاءِ ڏيئو نه ٻاريو آهي.

سوال اھو ٿو پيدا ٿي ته لغاري برادري جا ماڻهو وڏن عهدن ۾ ھئڻ باوجود پنھنجن علائقن کي ترقي ڇو نٿا ڏيارين.

ڪٿي پارٽي ڪجھ نه پئي ڏئي يا پارٽي طرفان ملندڙ بجيٽ پاڻ ھڙپ ڪيو وڃن. ڪاڇي واسي لغاري برادري جا ماڻهو اھو به بحث ڪن پيا ته جيڪڏھن علائقن کي سهولتون نٿا ڏئي سگهن ته پوءِ اھڙي سياست کان بهتر آهي ته استعيفا ڏئي ڇڏين.

برڪت علي لغاري/ ڪاڇو هيروخان

 

افغانين کي اسلام آباد خالي ڪرڻ واري حڪم تي عمل ٿيندو؟

گذريل ڏينهن وزير داخلا محسن نقوي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته افغان شهرين کي 31 ڊسمبر تائين اسلام آباد خالي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي، ڏنل تاريخ بعد افغان شهري اسلام آباد جي حدن ۾ رهي نه سگهندا، اين او سي کانسواءِ ڪنهن به افغان شهري کي اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ويندو، ٻئي پاسي پي ٽي آئي جي احتجاج مان پڪڙيل افغان شهرين جي سڃاڻپ سامهون آڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.  عظميٰ بخاري موجب 9 مئي هجي يا 24 نومبر، پي ٽي آئي جو احتجاج ناڪام ٿيو، پي ٽي آءِ 5 ڀيرا احتجاج جي ڪال ڏني پر ناڪام وئي، علي امين ڪارڪنن جي تنقيد کي منهن ڏئي رهيو هو، گاڏيءَ کي ڪارڪنن باهه ڏني. چيو ويو ته بشريٰ بي بي جو سياست سان واسطو ناهي پر ڪالهه مڙس جي آزاديءَ لاءِ ضد تي هئي، وري رات جو ڀڄي وئي. احتجاج ۾ پڪڙيل افغان شهرين جو رڪارڊ جلد سامهون ايندو۔ سرڪار طرفان اهڙا اعلان اڳ به ٿيندا رهيا آهن خاص طور تي جڏهن به ڪو سانحو ٿيندو آهي ته ان جا پيرا افغانستان ڏانهن ويندا آهن ۽ افغانين خلاف واويلا ٿيندي آهي پر ڪجهه ڏينهن بعد انهن افغانين جا ڪٽڪ وري پاڪستان ۾ داخل ٿيندا آهن. هن وقت به پوري پاڪستان ۾ انهن پنهنجا شناختي ڪارڊ ۽ ڊوميسائل ٺهرائي غيرقانوني طور پاڪستان جي شهريت حاصل ڪري ورتي آهي۔ هن وقت تائين پاڪستتان افغانين جون ڪيتريون ئي ناانصافيون سَٺيون آهن. چوندا آهن ته ڪنهن ملڪ يا قوم جي زنده ھجڻ لاءِ اُن قوم جي ٻولي، ثقافت وسيلن جي حقِ حاڪميت لاءِ انسان جي ضمير جو زنده ھجڻ ضروري ھوندو آھي. جيڪي ماڻھو وقت سان گڏ پنھنجي ڌرتي، ٻولي، ثقافت ۽ وسيلن کي بچائي ناھن سگھندا، اُھي تاريخ جي بابن ۾ ھميشه لاءِ ندست نابود ٿي ويندا آهن. جنهن ڪري ڌاريون قوتون اچي سندس ڌرتيءَ تي قابض ٿي پنھنجو پاڻ مڃرائينديون آهن، جنھن جو مثال دنيا جي ڪيترن ئي مُلڪن ۾ نظر اچي ٿو، جيڪي وقت سان گڏ پنهنجي ڌرتي ۽ وسيلن جي مالڪي نه ڪري سگهيا. فرانس به اُن دور مان گذري رھيو آھي اُن جا اصلي رھواسي جن ڌرتي ۽ وسيلن جي مالڪي نه ڪرڻ تي پاڻ کي تاريخ ۾ پوئتي ڌڪي ڇڏيو ۽ اڄ اُھي ٻيھر پنهنجي بقا جي لاءِ جدوجھد ڪري رھيا آھن. جتي وسيلن جي گھڻائي ھجي، وسيلن جا حقيقي وارث ننڌڻڪا ھجن. اُتي ڌاريا اُنھيءَ ڌرتيءَ جي وسيلن جي ورهاست تي ھڪٻئي سان ويڙهه ڪندا رھن ٿا. اھڙو ئي حشر اسان جي ملڪ جو ٿي رھيو آھي.

افغانستان ۾ روس جي  جنگ دوران لکين افغاني پناھگير سيلاب جيان پاڪستان ۾ طورخم بارڊر ذريعي داخل ٿيا ۽ 40 ورهين کان پاڪستان ۾ پنهنجو گهر ڪري ويهي رهيا آهن۔ جڏهن ته پاڪستان هڪ انتهائي غريب ملڪ آهي، گهڻي آبادي ۽ وسيلن جي اڻهوند ۽ موجوده وسيلن جي بهتر طريقي سان استعمال نه ڪرڻ ڪري پاڪستان خود ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي. اقوامِ متحده جي انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ 2 لک افغاني رهائش پذير آهن. اُنهن جي پاڪستان ۾ رهائش جي ڪري مقامي ماڻهو تمام گهڻن مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته افغاني شهرن اندر وڌندڙ چوريون، ڌاڙن، اسٽريٽ ڪرائم ۽ دهشتگرديءَ ۾ ملوث رهيا آهن جن جا ثبوت پڻ مليا آهن. ان کان سواءِ هيروئن ۽ چرس جهڙيون موت مار نشيدار شيون پڻ افغانين جي معرفت پاڪستان ۾ اچي رهيون آهن۔  پاڪستان مان افغانين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ ڀرپور آپريشن ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. جيڪڏهن حڪومت واقعي ان معاملي تي سنجيده آهي ته رڳو اسلام آباد نه پر سموري ملڪ ۾ انهن افغانين خلاف بي رحم آپريشن ڪرڻ گهرجي ۽ ڪنهن به قسم جي رعايت نه ٿيڻ گهرجي. پاڪستان جون حالتون ۽ تمام محدود وسيلا آهن ۽ پاڪستان جون سيڪيورٽي حالتون اهڙيون ناهن جو اسان وڌيڪ ڪنهن قوم جي ايڏي وڏي تعداد کي سنڀالي سگهون ۽ وقت بوقت انهن جي دهشتگرديءَ واري نقصان کي برداشت ڪري سگهون. ڇوته افغانين جي ڪري ئي اسان پنهنجو قومي سرمايو وڃائي چڪا آهيون۔ جيڪڏهن سرڪار جي ڪيل اعلان تي عمل نه ٿيو ته اڃا وڌيڪ نقصان ٿي سگهي ٿو۔

اعجاز ممنائي