اسان جي ثقافت‎

 

دنيا ۾ ھر قوم پنھنجا پنھنجا مذھبي قومي ۽ ثقافتي ڏھاڙا وڏي ڌام ڌوم سان ملھائيندي آھي. ڊسمبر جي مھيني ۾ ثقافتي ڏھاڙو ملڪ توڙي سڄي دنيا ۾  رھندڙ سنڌي وڏي جوش ۽ جذبي سان ملھائيندا آھن. ھن ثقافتي ڏينھن جو ثبوت موهين جي دڙي جي 5000 سال جي قديمي تاريخ مان ملي ٿو. سنڌي ماڻھو ھن ڏينھن تي سنڌي ٽوپيون ۽ اجرڪ پائي سنڌ سان محبت ھـئڻ جو ثبوت ڏين ٿا. اسان کي گھرجي ته اسان اسڪولن، شھرن ۾ پنھنجي ٻارن ۽ ايندڙ نسل کي فنڪشن ۽ ريلين جي صورت ۾ ان ڏھاڙي جي اھميت بابت آگاھ ڪيون. انھن کي سمجھايون ته اسان کي پاڻ ۾ پيار محبت سان رھڻ کپي. پاڻ ۾ ٻڌي ھجڻ گھرجي ڇو ته ڪڏھن به سنڌ تي ڏکيو وقت اچي ته اسان سڀ ملي ڪري ان جومقابلو ڪري سگھون. اسان کي پاڻ ۾ ايڪو، ٻڌي ۽ اتحاد پيدا ڪرڻ کپي. ڇو ته جنھن قوم ۾ ٻڌي ۽  اتحاد نه ھوندو آھي ته اھا قوم دنيا جي نقشي تان مٽجي ويندي آھي. ھي ڏينھن اسان کي ايڪي ۽ اتحاد جو درس ڏئي ٿو. اسان  کي ثقافتي ورثن جي مالڪي ڪرڻ گھرجي. ان کان علاوا ڌاريـن جي آباد ڪاري سـڌ جي وسيلن تي قابض ڌارين خلاف آواز اٿارڻ سان گڏ پنھنجي ڌرتي جي حفاظت ڪرڻ جي ضرورت آھي.

 

مير وسيم عباس

ھڪڙي چٺي پي پي ايم پي اي سيد امير علي شاھ ڏانهن

 

جناب اعليٰ عمرڪوٽ واسين توھان جي والد محترم مرحوم سيد علي مردان شاھ جيان اوھان کي به ھر اليڪشن ۾  سٺا ووٽ ڏي سوڀارو ڪيو آھي پر بدقمستي سان توھان عمرڪوٽ واسين کي وساري وڃي ڪراچي وسائي ويھي رھيا آھيو. توھان کي عمرڪوٽ واسين جي تڪليفن جو اندازو ناھي. ھتي شھري بس اسٽاپ کان وٺي ڪنري روڊ ۽ ڪنري روڊ کان ڇور روڊ تائين ٽريفڪ جي بگڙيل نظام، گندگي جي آزار ۽ حددخلين سبب عوام مصيبتن ۾ ڦاٿل آھي. توھان ھڪ ڀيرو به شھرين جي انھن دردن جي دوا ناھي ڪئي نه ئي ڪڏھن نوٽيس ورتو آھي. ميونسپل عمرڪوٽ ۾ مقرر اسان جا ۽ اوھان جا ماڻھو ڪم بجاءِ ننڊون پيا ڪن. باقي ميونسپل جي چيئرمين صاحب جي لاچاري جي سڄي عمرڪوٽ کي خبر آھي.! توھان اليڪشن ۾ عمرڪوٽ ۾ پيادل ورڪ ڪري سگھو ٿا پر عوام جي انھن تڪليفن کي ڏسڻ لاءِ پيدل وزٽ نٿا ڪري سگھو؟ عمرڪوٽ جي ھر گلي اوھان کي ناجائز بريڪرن ۽ پاڻي دٻن سان ڀريل ملندي. اسان مڃون ٿا ميونسپل انتظاميا سان گڏ شھري به ڪجهه مسئلن جا ذميوار آھن پر ميونسپل انتظاميا کي مال پڙي ۽ پٽ پڙين جي ٽيڪس وصولي جيان صفائي سٿرائي وارو ڪم ڪير ياد ڏياريندو؟ سائين منھنجا اوھان جي سستي ۽ لاپرواهي عمرڪوٽ جي مختلف کاتن ۾ مقرر ڪامورن کي ڪرپشن جي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آھي. پاپوليشن کاتي کان وٺي بلڊنگ، ايجوڪيشن ورڪس، ميونسپل، ٽريزري، اينٽي ڪرپشن، ايگريڪلچر، ايريگيشن، مارڪيٽ ڪاميٽي، ووڪيشنل سينٽرس، روينيو، آر ٽي اي، ماحوليات ۽ انوائرمنٽ کان وٺي ڊسٽرڪٽ روڊس ھاءِ وي ۽ ڊي ايف او تائين سمورن کاتن کي ڪامورن عوامي ڀلائي بجاءِ ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آھي. رڳو بلن تي بل نڪرن ٿا ڪم زيرو آھي ۽ توھان انھن سمورن کاتن جي ڪارڪردگي کان لاتعلق بڻيل آھيو. سائين منھنجا گھڻو لکڻ کان بھتر آھي ٿورو لکون جيڪو اوھان کي سمجھه ۾ به اچي. جلد نوٽيس وٺي پاڻ شھر جو پيادل وزٽ ڪري ماھوار بجيٽ ڳڙڪائيندڙ ميونسپل عملدارن کان پڇاڻو ڪري عمرڪوٽ کي گٽرستان ۽ کنڊرستان بڻائڻ کان بچايو. باقي عمرڪوٽ جو عوام ته اوھان جو اڳئي قرضي آھي بنا پڇاڻي جي ووٽ ڏئي ڇڏيندو توھان ڪم ڪيو يا ستا پيو ھجو ھتي  سڀ  خير لڳو پيو آهي.

 

مشتاق ڪنڀر/ عمرڪوٽ

 

قانون جي ڊگري ڇو ضروري آهي؟‎

 

قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ ڪيترن ئي سببن جي ڪري اهم آهي. جيڪي قانوني شعور، پيشه ورانه موقعن ۽ سماجي انصاف سان جڙيل آهن.

پهريون: قانون جي ڊگري هڪ مضبوط بنياد مهيا ڪري ٿي، جيڪو قانوني نظام جي سمجهاڻي ۾ مدد ڪري ٿو. قانون جي اصولن، ضابطن ۽ طريقيڪار جي ڄاڻ سان، هڪ فرد قانوني مسئلن کي بهتر طريقي سان سمجهي سگهي ٿو ۽ ان جو حل ڳولي سگهي ٿو.

ٻيو: قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ سان مختلف پيشه ورانه موقعا کلي سگهن ٿا. وڪالت، جج، قانوني مشير ۽ سرڪاري عهديدار جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ جا موقعا موجود آهن. ان کان علاوه، قانون جي ڊگري ٻين شعبن ۾ به مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي، جيئن ڪاروبار، صحافت ۽ سياست

ٽيون: قانون جي ڊگري سماجي انصاف جي ترويج ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. قانوني تعليم سان، فرد سماجي مسئلن بابت وڌيڪ حساس ٿي سگهي ٿو ۽ ان جي حل لاءِ سرگرم ٿي سگهي ٿو. ان سان گڏ، قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ سان فرد کي ان جي حقن ۽ ذميوارين جي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي، جيڪو هڪ جماعت ۾ مثبت تبديلي آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.

آخر ۾، قانون جي ڊگري هڪ فرد کي فڪري صلاحيتون، تنقيدي سوچ ۽ مسئلن جي حل ڪرڻ جي صلاحيتون مهيا ڪري ٿي، جيڪي هر شعبي ۾ اهم آهن. ان ڪري، قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ هڪ اهم قدم آهي جيڪو فرد جي ذاتي ۽ پيشه ورانه ترقي ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.

 

ارسلان جاويد شر /ٺري ميرواھ

ڊرگھه بالا شھر جي يوسي آفيس کي فعال بڻايو

 

ڪاڇي جي تاريخي شهر ڊرگھه بالا جي يونين ڪائونسل جي عمارت جيڪا ٺھڻ کانپوءِ  فعال نه ٿي سگهي آهي. جنرل مشرف پاران ناظم ۽ نائب ناظم نظام وقت به هن آفيس ۾ انتظاميه کي  ڊيوٽين تي اچڻ  ۽ ڪاروهنوار هلائڻ جو پابند نه بڻايو ويو ۽ هن وقت يوسي جي سيڪريٽري ۽ ٻئي هيٺئين عملي سميت ڏهه کان وڌيڪ سرڪاري ملازم هن آفيس تي مقرر ٿيل آھن ۽ پگهارون  به کڻي رهيا آهن پر شھر  جي ڪنهن به ماڻھون  کي  اڄ تائين ڪا خبر ڪانهي ته  ملازم ڪٿان جا ۽ ڪير آھن ۽ سيڪريٽري  ڪير ۽  ڪٿان جو آهي. هن وقت سيڪريٽري  پنهنجي ذاتي آفيس  تعلقي جوهي شهر ۾ کولي ويٺل  آھي ۽ يوسي آفيس جي  انهن سرڪاري ملازمن کانپوءِ هن وقت پ پ جي منتخب  چيئرمين سميت ٻيا ڪائونسلر هن يوسي تان چونڊيل آھن پر لکين رپين جي ماليت سان ٺھرايل يوسي آفيس کي فعال نه پيو بڻايو وڃي. اڳئين دور جي  چيئرمين چار پنج لک رپيا مرمت تي خرچ ڪيا پر فعال نه ٿي سگهي ۽ موجوده چيئرمين به چار پنج لک خرچ  ڏيکاريا ۽ رنگ روپ ڪرايو پر مين گيٽ به نه هڻايو ويو آهي. نه وري آفيس ۾ سيڪريٽري ۽ چيئرمين ويهڻ  لاءِ  تيار آھن. عمارت ويران حالت ۾  هجڻ سبب يوسي جي ويھارو کن ڳوٺن  جا رهواسي معمولي سرٽيفڪيٽن تي دستخط لاءِ چيئرمين ۽ سيڪريٽري کي جوهي شهر ۾ ڳوليندا رهن ٿا. جتي انهن غريبن کان پنج  سئو کان هڪ هزار تائين  فيس ورتي  پئي  وڃي. فيس نه ڏيندڙ  ماڻھن کي رلايو وڃي  ٿو. ڀاڙا  ڀري ڀري  غريب تنگ ٿي پون ٿا پر  افسوس جو تڪ جي  چونڊيل  نمائندن توڙي ڊي سي دادو هن آفيس کي  فعال بڻائڻ لاءِ ڪي  هدايتون جاري  ڪيون  هجن. آفيس فعال نه هئڻ سبب غريب ماڻھون پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آھن جڏهن سيڪريٽري ۽ چيئرمين ماهوار بجيٽ مان آفيس جي مرمت جي آڙ ۾ ڪرپشن ڪن پيا پ پ ۽ ملازمن ۽ ڪائونسلرن جي پگهارن مان پڻ ڪٽوتي ڪن ٿا. چيئرمين  بلاول  ڀٽو ۽ وزير  اعليٰ سنڌ کي گذارش ٿي ڪجي ته يوسي آفيس جي سيڪريٽري ۽ ٻين ملازمن ۽ چيئرمين کي سختي سان هدايتون ڪن ته هو يوسي آفيس جي عمارت کي فعال بڻائي علائقي واسين جا مسئلا هتي ئي حل ڪن.

 

محمد اسماعيل  لانگاھ/ ڊرگھه بالا  ڪاڇو

 

ملڪ جو پارلياماني نظام ڪمزور ۽ ملڪي سياسي صورتحال ٻڏتر جو شڪار

 

ملڪ جي تاريخ تي نظر وجھنداسين ته پارلياماني نظام ڪمزور رھيو آھي ۽ صدارتي نظام مضبوط رھيو آھي. صدارتي نظام کي رائج ڪرڻ يا مضبوط ڪرڻ جي شروعات ايوب خان ڪئي. جڏھن ته ملڪ جو پھريون آئين 23 مارچ 1956ع تي مس ٺھيو جو ان آئين کي ٽوڙي ملڪ ۾ 7 آڪٽوبر 1958ع تي مارشل لا نافذ ڪري جمھوري نظام کي ڪمزور ڪري ڇڏيو . جيڪڏھن اسان 1947ع کان 1958ع تائين ٿيل وزيراعظمن جي لسٽ تي نظر ڪنداسين ته لڳندو ته جيڪي به وزيراعظم ٿيا آھي دوستي جي بنياد تي ٿيا . پھرين اسمبلي 1954ع تي ختم ڪري وزيراعظم چوڌري محمد علي ختم ڪري ون يونٽ 1955ع ۾ لڳايو ويو صوبن جا اختيار ختم ڪيا ويا. پھريون وزيراعظم لياقت علي خان 15-8-1947 کان 16-10-1951 تائين رهيو. 2.  خواجه ناظم الدين (19-10-1951 کان 16-4-1953) 3. محمد علي بوگرا (17-4-1953 کان 23-10-1954) 4  چوڌري محمد علي (11-8-1955 کان 11-9-1956)5. مسٽر حسين شھيد سھروردي (12-9-1956 کان 17-10-1957) 6 اسماعيل ابراهيم چندريگر (18-10-1957 کان 15-12-1957). 7. ملڪ فيروز خان نون  (16-12-1957 کان 27-10-1958) 8 مسٽر ذوالفقار علي ڀٽو (14-8-1973 کان 5-7-1977). 9 . محمد خان جوڻيجو (23-3-1985 کان 29-5-1985) 10 محترمه بينظير ڀٽو ( 2-12-1988 کان 5-8-1990)11 غلام مصفطيٰ جتوئي ڪيئر ٽيڪر (6-8-1990 کان 5-11-1990) 12 محمد نوازشريف 6-11-1990 کان 17-7-1993) 13 مسٽر بلخ شير مزاري (18-4-1993 کان 26-5-1993) 14 معين قريشي  ڪيئر ٽيڪر (18-7-1993 کان 18-10-1993) 15 محترمه بينظير ڀٽو  (19-10-1993 کان 4-11-1996) 16 ملڪ معراج خالد ڪيئر ٽيڪر (5-11-1996 کان 16-2-1997). 17 محمد نوازشريف (17-2-1997 کان 11-10-1999) 18 مير ظفرالله جمالي (12-10-1999 کان 22-11-2002).  19 چوڌري شجاعت حسين (23-11-2002 کان 26-4-2004) 20 شوڪت عزيز (30-6-2004 کان 27-8-2004)21 محمد ميان سومرو ڪيئر ٽيڪر (28-8-2004 کان 15-11-2007) 22 سيد يوسف رضاگيلاني (16-11-2007 کان 24-3-2008)23 راجا پرويز اشرف (25-3-2008 کان 9-6-2012). 24 جسٽس رٽائرڊ مير ھزار خان کوسو ڪيئر ٽيڪر (22-6-2012 کان 24-3-2013). 25 محمد نوازشريف 5-6-2013 کان 28-7-2017) 26 شاھد خاقان عباسي (1-8-2017 کان 31-5-2018) 27 رٽائرڊ جسٽس نصير 1-6-2018 کان 18-8-2018) 28 .عمران خان (18-8-2018 کان 10-4-2022) ۽  29. شھباز شريف11-4-2022 کان اڄ تائين. ڪو به  چونڊيل وزيراعظم حڪومت جا آئيني 5 سال پورا ڪري نه سگھيو آھي. ملڪ ۾ صدارتي نظام قابض رھيو آھي. جنھن جو مثال ايوب خان 8 سال ، آمر ضياءُ الحق 11 سال  ۽ پرويز مشرف 8 سال  حڪومت ڪئي.  ھن وقت مھانگائي عروج تي آھي. پر جڏھن کان 18هين ترميم آئي آهي ته پارلياماني نظام حڪومت مضبوط ھجڻ گھرجي ھا ۽ عوام جا مسئلا حل ڪري ھا. پر مھانگائي جي ڪري عوام پريشان آھي. ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال به بھتر نه آھي. پارا چنار ۾ ٻارڙن، عورتن ۽ مردن کي نشانو بڻائي ماريو وڃي ٿو. تيل، گئس ۽ بجلي جي بلن ۽ ڊڊڪش عوام جي چيلھه چٻي ڪري ڇڏي آھي. ملڪ ۾ اھي سڀ مسئلا ان ڪري آھن جو چيڪ بئلنس نه آهي ۽ حڪومت جي نااهلي آھي. ان ڪري عوام غربت واري زندگي گھارڻ تي مجبور آھي ۽ پريشان حال آھي. ھن وقت پارلياماني نظام حڪومت ته آھي پر مونجھاري ۽ مسئلن ۾ جڪڙيل آھي. اسان ملڪ جي واڳ ڌڻين کي عرض ٿا ڪريون ته عوام تي رحم ڪري مھانگائي کي ختم ڪري عوام کي جيئڻ ڏنو وڃي. حقيقي جمھوريت کي بحال ڪيو وڃي.

 

شفيق وساڻ/ڳوٺ جھنگو وساڻ

دادو ضلعي ۾ پوليس جي لاپرواھي، ماڻهو غيرمحفوظ بڻيل

 

دادو ضلعي ۾ روڊن رستن تان پوليس نفري ھٽائڻ سبب ڏوھاري ماڻهو سرعام ڏوھ ڪرڻ ۾ مشغول آھن. ڪاڇي جي ٿاڻي پٽ گل محمد جي حد ۾ عرب شڪارين لاءِ قائم ٿيل ڪئمپ تي ھٿياربندن چڙھائي ڪري لائسنس واري بندوق سميت روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا. اهڙي طرح اھو ڏينهن خالي ناھي جنهن ڏينهن ضلعي اندر ڪا ڏوھ جي واردات نه ٿي هجي. پر اڄ ڏينهن تائين جوابدارن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪئي وئي آهي. دادو ضلعي جي عوام جو چوڻ آھي ته پوليس اختيارين کي ڏوھاري حصو پتي پهچائي رھيا آھن جنهن ڪري ھو ڪنهن خلاف ڪاروائي نٿا ڪن. جيڪو جوابدار حصو نٿو پهچائي ان خلاف ڪاروائيون تيز آهن ايتري قدر جو جعلي پوليس مقابلا به ڪيا ويندا آھن. ضلعي جا رهواسي آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي حيدرآباد کان مطالبو ڪن ٿا ته ايس ايس پي کي بدلي ڪري دادو سميت ڪاڇي اندر وڌندڙ بدامني جو خاتمو آندو وڃي.

 

برڪت علي لغاري/ ڪاڇو هيروخان

 

يورپ جا روشن ڏينھن ۽ راتيون

 

مطالعو روح جي غذا ھوندو آھي جنھن مان ڪڏھن به پيٽ نٿو ڀرجي سگھي. ھلندڙ ھفتي حماد الله خياروي جي لکيل ڪتاب يورپ جا روشن ڏينھن ۽ راتيون يورپ جو سفر نامو مطالعي ھيٺ رھيو. سندس لکيل ڪتاب کي ڏسي ڪجهه دير جي لاءِ سوچ ۾ پئجي ويس ته ھڪ پير ۽ گادي نشين يورپ جو سفر نامو ڪيئن لکيو ھوندو؟ سندس ڪتاب کي پڙھڻ ۽ ساڻس ڪجهه گھڙين جي ملاقات ڪرڻ کان پوءِ محسوس ٿيو ته پاڻ روايتي پيرن ڌاڳي ڦيڻي تعويذ ڏن وٺندڙن کان مختلف روشن خيال آهي. سندس لکيل ڪتاب ھڪ اوطاقي ڪچھري جيان محسوس ٿيو جنھن ۾ سفر جو تفصيلي ۽ مڪمل احوال بيان ڪري يورپ ويندڙن لاءِ ھڪ قسم جو گائيڊ بُڪ آندو آهي. جنھن سان يورپ جو سفر ڪندڙ ماڻھو بنا ڪنھن پڇڻ جي آسانيءَ سان گھمي ڦري سگھي ٿو. يورپ جي جن ملڪن جو سفر ڪيو آھي اُن ۾ انگلينڊ، جرمني، ڊينمارڪ، ليٽويا، اسٽونيا، فن لينڊ، ناروي ۽ آئس لينڊ شامل آهن. هن انهن ملڪن ۾ گھاريل گھڙين کي محفوظ ڪندي ھڪ بھترين ڪتاب تيار ڪيو آھي. سندس ڪتاب جي مهاڳ ۾ نامور سفرناما ليکڪ الطاف شيخ لکي ٿو ته پاڻ پھريون سنڌي نوجوان آھي جيڪو دنيا جي اُتر قطب ۾ پھتو جتي اترين علائقن جي روءِ زمين جي آخري ڇيڙي جي ننڍڙي ڳوٺ نارٿ ڪيپ “اسڪارس ويگ” جي آخري ڇيڙي تي پھچي وڏو مثال قائم ڪري ورتو آھي. جنھن کان پوءِ رڳو سمنڊ آھي. ان کان پوءِ صرف سوالبرڊ جا ٻيٽ آھن جتي انساني آبادي نه ھجڻ جي برابر آھي. جيڪا دنيا کان لڳ ڀڳ ڪٽيل ئي آھي.  يورپ ۾ ڪنھن سياح کي پنھنجي ڪيميرا يا موبائل ڏئي توھان پنھنجي تصوير ڪڍڻ لاءِ چوندئو ته خوشي خوشي تصوير ڪڍندا آھن يا وري ڪنھن ماڻھو کي اڪيلو ڏسندا آھن ته پاڻ چوندا آهن ته توھان جي تصوير ڪڍون؟ اهڙي ريت هن ڪتاب ۾ اهڙا ڪيترائي دلچسپ قصا آهن جيڪي پڙهڻ وٽان آهن.

 

مير ذوالفقار چانڊيو/ سڪرنڊ

ايڪس (ٽوئيٽر) بمقابله بليواسڪاءِ

 

بليو اسڪاءِ هڪ نئون سوشل ميڊيا پليٽ فارم آهي جيڪو ايڪس (ٽوئيٽر) سان هڪجهڙائي رکي ٿو. بليو اسڪاءِ جو نشان (لوگو) به ايڪس (ٽوئيٽر) وانگر آهي جنهن ۾ پوپٽ جو نشان آهي، جڏهن ته ٽوئيٽر ۾ نيري رنگ جو پکي هوندو پر ايلون مسڪ جڏهن ٽوئيٽر کي خريد ڪيو ته ان جو نالو ٽوئيٽر بجاءِ ايڪس رکيو ويو ۽ نشان (لوگو) پڻ تبديل ڪيو ويو ۽ انگريزي ٻوليءَ جو لفظ “ايڪس ” لوگو جي جاءِ تي نشان طور ڏنو ويو. اڄڪلھه بليو اسڪاءِ نئون سوشل ميڊيا پليٽ فارم آهي ۽ ان جي مقبوليت ۾ اضافو تڏهن آيو جڏهن ڊونلڊ ٽرمپ ايلون مسڪ کي ڪابينا ۾ شامل ڪيو. ايڪس (ٽوئيٽر) جا ڪافي صارف هاڻي بليو اسڪاءِ کي اهميت ڏئي رهيا آهن ۽ پنهنجا اڪائونٽ بليو اسڪاءِ ۾ ٺاهي رهيا آهن. ٻه ڏينهن پهريان تائين بليو اسڪاءِ يوزرس جو تعداد 7.16 ملين تائين پهچي چڪو آهي. بليو اسڪاءِ ۾ جيڪي فيچرس ڏنا ويا آهن اهي هوم، سرچ، نوٽيفڪيشن، چيٽ ۽ لسٽ شامل آهن. بليو اسڪاءِ استعمال ڪندڙ هن پليٽ فارم تي تبصرا، ري پوسٽ ۽ لائيڪ پڻ ڪري سگهن ٿا. بليو اسڪاءِ ايپ کي 2019ع ۾ گوگل پلي اسٽور تي آندو ويو پر هن جي مقبوليت نه جي برابر هئي ڇا ڪاڻ ته بليو اسڪاءِ کان پهريان واٽس ايپ، فيس بڪ، ٽوئيٽر، انسٽاگرام جهڙيون مشهور ايپليڪيشنس پنهنجو ڌاڪو ڄمايو ويٺيون هيون. هي ايپليڪيشن استعمال ڪندڙن جو چوڻ آهي ته هي ايپليڪيشن ٽوئيٽر جو متبادل آهي ۽ ايڪس (ايڪس) سان اڄڪلهه  سندس مقابلو عروج تي آهي، ڇو ته ڊونلڊ ٽرمپ جا مخالف هن پليٽ فارم کي وڌيڪ ترجيح ڏئي رهيا آهن. بليو اسڪاءِ ۽ ايڪس ( ٽوئيٽر) ۾ هڪجهڙائي ان ڪري به آهي ته بليو اسڪاءِ جو بنياد جيڪ ڊورسي رکيو هو جيڪو ٽوئيٽر جو اڳوڻو سي اي او رهي چڪو آهي. پر اهو چيو پيو وڃي ته جيڪ ڊورسي مارچ 2024ع کان بليو اسڪاءِ جو ميمبر نه رهيو آهي. جڏهن ته اهو پڻ چيو پيو وڃي ته جيڪ ڊورسي سيپٽمبر 2023ع ۾ پنهنجو اڪائونٽ بليو اسڪاءِ تان ئي ختم ڪري ڇڏيو هو. هاڻي بليو اسڪاءِ جو انتظام جي گرابر وٽ آهي جيڪو هاڻي بليو اسڪاءِ ايپ جو سي اي او آهي. بليو اسڪاءِ ايپ پنهنجي ايپ کي بهتر بڻائڻ لاءِ ان ۾ ڏينهون ڏينهن تبديليون ڪري رهيو آهي. بليو اسڪاءِ جي هڪ خاصيت اها به آهي ته هن تي موڪليل ڊيٽا کي هو پاڻ وٽ محفوظ ڪري ٿو ۽ ٻئي ڪنهن سرور يا ايپ تائين ان جي رسائي ناممڪن آهي. ڪجهه ڏينھن کان اها ايپ وڌ کان وڌ ڊائون لوڊ ٿيندڙ ايپ پڻ آهي. مشهور ڳائڻي ليزو، گريگ ڊيوس، بين اسٽيلر، جمي لي ڪرٽس، اور پينن، اوسوالٽ سميت شوبز سان وابسته ٻيا ماڻهو پڻ هن پليٽ فارم طرف اچي رهيا آهن. سوچڻ جي ڳالهه آهي ۽ ماڻهن جي ذهنن ۾ اهو سوال به اڀرندو هوندو ته بليو اسڪاءِ جنهن ٽوئيٽر کي ايڏو وڏو ٽف ٽائيم ڏنو آهي ان جي ڪمائي يا سيڙپ جو ڪهڙو ذريعو آهي جو دنيا جي کرب پتي شخص سان مقابلو پيو ڪري. اصل ۾ ان جي سيڙپ ۾ ڪافي ماڻھن جي گڏيل سيڙپ هئي ۽ ڪمائي مان انهن جو حصو نڪرندو پئي ويو ۽ اڄڪلھه بليو اسڪاءِ اڃا ته ميدان ماريندي پئي وڃي، مستقبل ۾ ڏسجي ته اهو مقابلو ڪير ٿو کٽي.

 

سيد غلام مصطفيٰ شاھ