پاراچنار جي رهواسين کي دھشتگردن کان تحفظ ڏنو وڃي
پاڪستان جي وڌ کان وڌ خبرن ۾ (سياسي توڙي بدامني جي حوالي سان) ذڪر ھيٺ ايندڙ صوبي خيبر پختون خواھ جي پاراچنار علائقي ۾ فورسز جي تحفظ ھيٺ ويندڙ ڪانوائي دوران مسافرن جي گاڏين مٿان وحشتناڪ دھشتگردي ۾ مسافرن کي ڳولي ڳولي بيدردي سان گولين جو شڪار بڻائي جانورن جيان ماريو ويو. مسافرن کي پڪ ھئي ته پھري ۾ وڃڻ ڪري ھنن جون جانيون ۽ مال محفوظ ھوندا…. پر ايئن نه ٿيو. معصوم ٻارڙن، عورتن ۽ بزرگ مردن کي به بخش نه ڪندي بيگناھ انسان شهيد ڪري ڪربلا جي ظلمن جي ياد کي جھڙوڪر تازو ڪيو ويو آھي. ھن خوني ڪاروائي ۾ شروعاتي طور 38 انسانن جون زندگيون ضايع ٿيڻ جون خبرون رپورٽ ٿيون آھن. ھن تازي وحشياڻي دھشتگردي تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن پاران روايتي مذمتي بيان جاري ڪيا ويا آھن. ھن ڏکوئيندڙ واقعي کان اڳ پارا چنار ۾ لاڳيتو قتل عام وارن واقعن جي سببن کي ڳولي ڪنهن ٺاھ لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن ھا، ته ھن حملي جي ڪري انسانن جون جانيون بچي وڃن ھا. ھن خوني ڪاروائي تي حڪومتن کي پنهنجي ناڪامي ۽ بيوسي تي قوم کان معافي وٺي پنهنجي نااهلي کي تسليم ڪندي مذمتي بيانن کان اڳتي وڌندي گهٽ ۾ گهٽ ھاڻ حفاظتي انتظامن لاءِ ظالمن خلاف مقامي سطح تي جرڳا سسٽم تحت جوڳا قدم کڻڻ کي اوليت ڏيڻ گهرجي. جيئن پاراچنار مان موڪلائي ويل امن ڀريون خوشيون واپس موٽي اچن ۽ سموري ملڪ ۾ بيچيني واري صورتحال ۾ ڪمي اچي سگهي.
منظور ڪالرو/حيدراباد
ثقافتي ڏينهن
ثقافت زندگيءَ جي سڀني طريقن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ فنون، عقيدا ۽ ادارا شامل آهن، جيڪي نسل در نسل منتقل ٿين ٿا. اسان سنڌي قوم پنهنجي ثقافت سان مالا مال آهيون. ٽوپي ۽ اجرڪ پائڻ سان هر ڪو سنڌي کي پري کان سڃاڻي سگهي ٿو. اسان وٽ مهمان نوازي، امن ۽ محبت ۾ جڙيل ثقافت آهي. اسان هر ثقافت جي عزت ۽ احترام ڪندا آهيون. هن سرزمين تي سرائيڪي، بلوچي، پشتون، پنجابي سڀني نسلن جي ماڻهن کي گڏ رهندي ڏسي اسان کي فخر ٿئي ٿو. ان جي برعڪس اڄوڪي دور جي واقعن کي ڏسي ڏاڍو ڏک ٿئي ٿو. چوڌاري نظر وجهون ٿا ته نفرتون، جهيڙا، غيرت جي نالي تي قتل، بک، عدم تحفظ، جبري گمشدگيون ۽ ماورائي عدالت قتل نظر اچن ٿا. اسان اُها سرزمين وڃائي ويٺا آهيون جتي هر ڪو محفوظ محسوس ڪندو هو ۽ ڀرپور زندگي گذاريندو هو. هڪ اهڙي سرزمين جنهن هڪ ڀيرو سڄي دنيا جي ماڻهن کي پنهنجي خوبصورتي ۽ تاريخ جي گواهي ڏيڻ ۽ دستاويز ڪرڻ لاءِ راغب ڪيو. ڪيترائي ماڻهو دعويٰ ڪن ٿا ته هن ڌرتي سان اسان جو تعلق صرف جذباتي آهي. انهن کي ڪيئن خبر پئي ته اسان هن ڌرتي کي رڳو پنهنجي ڌرتي نه پر پنهنجي پياري ماءُ وانگر ڏسندا آهيون! اسان ان کي پاڻ کان وڌيڪ پيار ڪريون ٿا ۽ ان جي ماڻهن کي خوشي ۽ امن سان زندگي گذارڻ جا خواب ڏسي رهيا آهيون، انهن کي سڀني بنيادي حقن مان لطف اندوز ٿيندي ڏسڻ چاھيون ٿا. اسان خانداني سياسي نظام، جاگيرداري ۽ جبر کي ختم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. ٿي سگهي ٿو ته ڪيترن ئي ماڻهن کي اهو تجربو نه هجي، پر مون چڱي طرح سان پنهنجن پيارن ماڻھن کي وڏيون سختيون برداشت ڪندي ڏٺو آ. مون ٽٽل دلين ۽ ڳوڙهن ڀريل اکين سان مائرن کي ڏٺو آهي، جيڪي پنهنجن پيارن جي واپسيءَ جو انتظار ڪنديون آهن، جڏهن ته باقي دنيا جشن ملهائيندي آ. مون ڀينرن کي پنهنجن اڪيلي ڀائرن کي وڃائيندي ڏٺو آهي، انهن جون مسڪراهٽون ختم ٿي وينديون آهن ۽ زندگي جدوجهد بڻجي ويندي آهي. مون ڌيئرن کي پنهنجي پيءُ جي حفاظتي پاڇي کي وڃائيندي ڏٺو آهي. اسان دنيا جي معيارن موجب زنده رهڻ ۽ جيئڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا، پر اندر ئي اندر اسان ٽٽل ۽ ڏکايل آھيون. پر اڃا تائين، هن درد جي وچ ۾، اميد آهي. سنڌ جو شاهوڪار ورثو ۽ قدر اسان کي ان طاقت ۽ لچڪ جي ياد ڏياري ٿو، جيڪا اسان جي رڳن ۾ وهي ٿي. اسان جي ثقافت وقت جي امتحان کي برداشت ڪيو آهي، ۽ اهڙي طرح اسان جي خوابن کي بهتر مستقبل لاءِ گڏجي ھڪ ٿيندي، پنهنجي سڃاڻپ کي هٿ رکندي ۽ انصاف لاءِ جدوجهد ڪندي، اسان هن سرزمين کي ٻيهر تعمير ڪري سگهون ٿا، جنهن جو مقصد هو- مهمان نوازي، پيار ۽ امن جي سرزمين سڀني لاءِ جيڪي ان کي گهر سڏين ٿا.
سٻاجهي رمضان/ نوشھرو فيروز
ايچ آر سي پي پاران ايڪٽ 1997ع جي مخالفت ڇو؟
تازو دهشتگردي بابت گڏيل قومن جي نئين رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته پاڪستان اندر دهشتگردي جو خطرو وڌي ويو آهي. رپورٽ موجب پاڪستان کي افغانستان ۾ پناهه وٺندڙ ٽي ٽي پي ۽ ٻين ويڙهاڪن کان خطرو آهي، جڏهن ته ٽي ٽي پي پاڪستان ۾ پنهنجا حملا به تيز ڪري ڇڏيا آهن. گڏيل قومن جي رپورٽ ۾ طالبان، القاعده سان ٽي ٽي پي جو سهڪار وڌڻ جو خدشو به ظاهر ڪيو ويو آهي۔ آءِ ايس پي آر موجب هندستان ۽ افغانستان پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪري رهيا آهن، جنهن جون پڪيون شاهديون موجود آهن ته ٽي ٽي پي پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ افغان ڌرتي استعمال ڪري رهي آهي، پاڪستان دهشتگرديءَ جي جواب ۾ افغانستان ۾ دهشتگردن جي محفوظ پناهگاهن خلاف ڪارروائي ڪئي. دهشتگردن ۽ سندن مددگارن کي چٿڻ تائين هو هر حد تائين ويندا، پاڪستان پنهنجا فوجي اڏا نه ڪنهن کي ڏنا آهن نه ئي ڏيندو. فوج جي پهرين ترجيح ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته بشام ۾ چيني انجنيئرن تي آپگهاتي حملي جو ڪڙيون به سرحد پار سان ملن ٿيون، ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪري رهيو آهي، ڀارتي ايجنسيون پاڪستان ۾ ٻن شهرين کي قتل ڪيو، پاڪستان دهشتگردي جو نيٽ ورڪ ختم ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندو، ڀارتي فوج ايل او سي تي معصوم شهرين کي نشانو بڻائي ٿي، ان جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. جڏهن ته هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايچ آر سي پي) اينٽي ٽيررازم ايڪٽ 1997 ۾ تجويز ڪيل ترميم جي مخالفت ڪندي ملڪ ۾ انساني حقن ۽ جمهوريت کي درپيش خطرن تي فوري ڌيان ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. HRCP جي جنرل باڊي جو 38 هون سالياني جنرل اجلاس منعقد ٿيو ۽ اجلاس جي پڄاڻي تي انساني حقن جي بگڙيل صورتحال ۽ جمهوريت کي درپيش خطرن تي فوري توجه ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته حڪومت دهشت گردي ايڪٽ 1997ع ۾ تجويز ڪيل ترميم جي سخت مخالفت ڪري ٿي. هڪ بيان ۾، ايچ آر سي پي چيو ته رياست کي قانون جي حڪمراني کي برقرار رکڻ گهرجي. عورتن ، ٻارن ۽ خاص طور خواجہ سرائن تي تشدد گهٽائڻ، مزدورن جي حقن جي تحفظ ۽ صحت ۽ تعليم جا حق ڏيڻ تي ڌيان هئڻ گهرجي، پر رياست جمهوري اصولن ۽ عوام جي بنيادي حقن بدران پاڻ تي توجه ڏيڻ کي ترجيح ڏنو آهي. ايچ آر سي پي چيو ته سمورين سياسي پارٽين کان مطالبو آهي ته سولين بالادستي ۽ وفاقي نظام جي تحفظ تي اتفاق راءِ پيدا ڪن. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت ٽريڊ يونين کي مضبوط ڪرڻ تي ڌيان ڏئي ۽ باوقار معيار جي زندگي لاءِ گهربل اجرت کي مقرر ڪرڻ تي سنجيدگي سان غور ڪري. ايچ آر سي پي جو اهو به خيال آهي ته صحت ۽ تعليم جي فراهمي رياست جو اولين فرض آهي، شاگرد يونينون بحال ڪيون وڃن ۽ جيل ۾ قيد مهاڻن، بي وطن ماڻهن ۽ غربت سبب وڌندڙ خودڪشين تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. ڪميشن جو خيال آهي ته ماحولياتي صورتحال هن وقت ملڪ جي وجود لاءِ خطرو بڻجي وئي آهي، جنهن ۾ خطرناڪ فضائي گدلاڻ پنجاب ۾ صحت لاءِ سنگين خطرا پيدا ڪري رهي آهي ۽ پاڻي جي کوٽ سبب خاص ڪري لاڙ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ سنگين مسئلا آهن گرين پاڪستان انيشيئيٽو تحت سنڌو درياهه تي واهه ٺاهڻ تي ننڍن آبادگارن ۽ هارين اعتراض اٿاريا آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايچ آر سي پي گلگت بلتستان لينڊ ريفارمز بل 2024 جي سخت مخالفت ڪري ٿي، جنهن ۾ ”ترقياتي سڌارن“ جي نالي تي ماڻهن کان ذاتي، اجتماعي ۽ اباڻيون زمينون کسي قبضا ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو پيو وڃي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته HRCP مختصر مدي لاءِ جبري گمشدگين جي وڌندڙ استعمال جي مذمت ڪري ٿي، خاص طور تي سياسي مخالفن جي خلاف استعمال ڪرڻ جي مذمت ڪري ٿي ۽ مطالبو ڪري ٿي ته انڪوائري ڪميشن آف انڪوائري آن انفورسڊ ڊس اپيئرنس جي سربراهه کي سندس نااهلي لاءِ برطرف ڪيو وڃي. ايچ آر سي پي کي ان ڳالهه جو به خدشو آهي ته ان جي چيئرمين کي پوليس پڇا ڳاڇا لاءِ حراست ۾ ورتو آهي ۽ ڪميشن جي ميمبرن خلاف 4 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، اهي سڀ انساني حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ سبب آهن. ايچ آر سي پي جو چوڻ هو ته انساني حقن لاءِ سرگرم ڪارڪن ادريس خٽڪ جي نظربنديءَ تي خاص ڌيان ڏيڻ چاهين ٿا، جيڪو فوجي عدالت ۾ 5 سالن کان ڪوڙن الزامن ۾ قيد آهي، کيس فوري ۽ غير مشروط آزاد ڪيو وڃي.
اعجاز ممنائي
سنڌو درياھ سنڌين جو حق آھي!
تاريخ گواهه آھي ته سنڌوندي Indus River سنڌ جي غير آباد پيل زمينن کي ساوڪ ۽ شادابي بخشيندي رهي آھي، جيڪا ڳالهه شايد ٻين صوبن خاص ڪري پنجاب کان هضم نه ٿي ٿئي. سنڌوندي جنهن کي لب مهراڻ، مهراڻ جي نديءَ جي نالي سان به ڪوٺيو وڃي ٿو، اُن تي لڳندڙ ڌاڙو سنڌوءَ جي وهڪرن کي روڪڻ ۽ سنڌ جي آباد زمينن کي بنجر ڪرڻ جو هڪ نمونو آھي، جنهن سان سنڌوءَ جي موجن کي ڌڪ رسڻ سان گڏ سنڌ جون زمينون ويرانين ۾ تبديل ٿي وينديون. وفاقي حڪومت هن مهل لڳاتار اُنهن ڪوششن ۾ رڌل آھي ته ڪيئن به ڪري سنڌوءَ مان ڇهه ڪئنال ڪڍيا وڃن، جيڪو سنڌين جي حقن جي لتاڙ سان گڏ، سنڌين جي بربادي جو به سبب ٿيندو. سنڌوندي جيڪا صدين کان پنهنجي ڀريل وهڪرن جي ڪري پوري دنيا ۾ سُڃاتي وڃي ٿي، جنهن جي ڪري سنڌوءَ کي درياھ بادشاهه به چيو ويندو آهي، درياھ بادشاهه جيڪو سنڌين جو وڏي ۾ وڏو حق آھي، اُن تي وفاق سرڪار جو لڳندڙ ناجائز ڌاڙو سنڌين لاءِ ڪاپاري ڌڪ آھي. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي زراعت سان گڏ سنڌ جي جيوت جو ذريعو به سنڌو درياھ ئي آھي، جنهن جي ڪري ڪچي ۽ پڪي سميت مختلف درياهي پاسن کان ٿيندڙ ٻيلا، ناياب نسل جا پکي ۽ جانور جيڪي اڳ ۾ ئي پاڻي جي کوٽ جو شڪار آھن، اُن صورت ۾ به جيڪڏهن ڇهن ڪئنالن جو واڌارو سنڌو درياھ مان ٿيو ته شايد اُهي زنده رهي نه سگهندا. وفاق حڪومت کي گهرجي ته اونهاري ۾ تپندڙ سنڌ جي زمينن تي پيرين اُگهاڙي اچي گهمي ڏسي ته اُنهن کي خبر پئجي ويندي ته سنڌ جي زمين ڪيتري پياسي ۽ سُڪل ٺوٺ آھي، ۽ ٻيو ته سنڌو درياھ مان ڪئنال ڏيون به ته ڇو ڏيون؟ سنڌو درياھ سنڌين جو حق آھي، جنهن تي لڳندڙ ڌاڙو سنڌ جي حقن جي کليل لتاڙ آھي جيڪا ڳالهه اقوامي متحدہ ۾ به اٿڻ گهرجي جو ھڪ ملڪ پنهنجي پٺتي پيل صوبي کي اڃا به وڌيڪ پٺتي موڪلڻ چاهي ٿو.
ناشاد شوڪت شنباڻي
سياسي ۽ روحاني پير سيد شاهه مردان شاهه ثاني
حرن جي روحاني پيشوا ۽ سنڌ جي معتبر ۽ وڏي سياستدان پير شاهه مردان شاهه ثاني جي حوالي سان ذڪر ڪجي ٿو ته سائين پير سائين پاڳارو جن جو جنم 22 نومبر 1928ع تي ضلع خيرپور پير جو ڳوٺ امام انقلاب شهيد سورهيه بادشاهه رحه جي گهر ٿيو. سندن پيدائش وقت نالو سيد سڪندر شاهه هو جن کي حر ۽ مريد پير سائين پاڳارو ۽ ”ڇٽ ڌڻي“ پڻ ڪوٺيندا آهن. 1943ع ۾ سندن والد سيد سورهيه بادشاهه کي انگريز سرڪار شهيد ڪري ڇڏيو ۽ سندن صاحبزادن شاهه مردان شاهه ۽ نادر شاهه کي عليڳڙهه ۽ پوءِ انگلينڊ جي حورپل شهر موڪليو ويو. پاڻ 1948 ۾ سنڌ واپس آيا ۽ 04 فيبروري 1952 ۾ ستين پاڳاري طور درگاهه جا گادي نشين بڻيا پير سائين پاڳارو جا حر ۽ مريد نه صرف پاڪستان بلڪه پوري سنڌ ۽ هندستان جيسلمير، اڙيسا، جوڌپور، بمبئي ۽ ٻين علائقن ۾ به آهن. جن جي مريدي جو بنيادي تعلق درگاهه پير ڳوٺ سان رهيو پير سائين پاڳاري جي شخصيت گهڻين خوبين، خصلتن، نيڪ نيتن، خيرخواهن، رهبري ۽ رهنمائي جي شاندار مثالن سان ڀريل هڪ مڪمل شخصيت رهي. پاڻ روحاني پير ۽ رهبر سياستدان هئا جن جو گادي سان وابسته حرن مريدن لاءِ مثالي روحاني قيادت سان گڏ سياسي ڪردار ڏيکارڻ واري شخصيت جو ماڻهن مٿان وڏو اثر رهيو. پير سائين پاڳارو جي سياست جي شروعات مسلم ليگ ۾ شموليت سان ٿي ڪجهه عرصو پاڪستان ۾ شيخ مجيب رحمان جي عوامي ليگ جو پڻ حصو رهيا. پاڪستان ۾ جيڪي به فوجي حڪومتون آيون پير سائين انهن جي حمايت ڪئي. گهڻا ماڻهو پير سائين کي جي ايچ ڪيو جو ماڻهو سڏيندا هئا. پير سائين پاڳاري جون سياسي پيشنگويون ملڪي سياست ۾ مشهور رهيون ۽ سچ ثابت ٿينديون رهيون. پير سائين 1965، 1971 وارين جنگين ۾ پنهنجي حرن کي حڪم ڏنو ته فوج سان گڏ ملڪ جي سرحدن جي حفاظت ڪريو. سائين جا حر فوج سان گڏ ملڪي دفاع لاءِ هميشه پنهنجو ڪردار ادا ڪري ڏيکاريندا رهيا آهن. پاڻ 1985۾ سينيٽ ايوان ۾ سينيٽر چونڊيا ويا. سندن ئي صلاح سان محمد خان جوڻيجو کي جنرل ضياءِ ملڪ جو وزيراعظم پڻ بڻايو هو. پاڻ 1990 ۾ مسلم ليگ فنڪشنل جو بنياد رکيائون ۽ جنهن پارٽي جا تاحيات سرواڻ رهيا. 10 جنوري 2012 تي لنڊن جي اسپتال ۾ سندن وصال ٿيو.
محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل
سارين جي امدادي اگهه ۾ اضافو ڪري هارين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي
هن وقت وفاقي حڪومت نه ڄاڻ ڪهڙن خيالن ۾ گم آهي هن کان هر شي وسري وئي آهي. هنن جيڪي هارين آبادگارن سان واعدا ڪيا هئا اهي وساري چڪا آھن. هنن جي حڪمراني مان عوام وٽ هنن جو گراف ڏينهون ڏينهن ڪرندو پيو وڃي. هن وقت تائين مختلف ادارن جا ملازم هنن خلاف روڊن تي نڪري چڪا آهن جيڪي ڪنهن به پارٽي ۽ سياسي اڳواڻ جي پٺڀرائي بنا پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي هنن حڪمرانن مان بيزاري نامو ڏيکاريندا پيا اچن. ن ليگ حڪومت پنهنجي منشور ۾ جيڪي واعدا ۽ جيڪو ڪجههه لکيو هو انهن سڀني تان ڦري ويا آهن. هنن ملڪ جي هارين ۽ آبادگارن کي خوشحال ڪندا سندن قرض معاف ڪندا زمينن تي لڳندڙ ٻيجاري ۽ يوريا ڀاڻ ۽ ڊي اي پي ڀاڻ تي ۽ زرعي دوائن تي کين سبسڊي ڏيندي هارين ۽ آبادگارن کي سستي اگههه تي زرعي آلات ٽريڪٽر ۽ مشينون ڏياريندا پر اهي سڀ واعدا وفا هن وقت تائين نـ ٿي سگھيا آھن. ويتر ئي يوريا ۽ ڊي اي پي ڀاڻ جي اگههن ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي. هن وقت ڪڻڪ جي پوکي شروع ٿيڻ واري آهي جنهن سبب ڪڻڪ جو ٻيجارو هن وقت تمام مهانگووڪرو ڪيو پيو وڃي. ان کان علاوه يوريا ۽ ڊي اي پي ڀاڻ پڻ مهانگي اگههن تي وڪرو ٿي رهيو آهي. هر طرف کان هارين کي لٽيو ۽ ڦريو پيو وڃي. ڪنهن کي ڪير به ڪجههه چوڻ لاءِ تيار نه آهي. يوريا ۽ ڊي اي پي ڀاڻ ۽ ڪڻڪ جو ٻج وڪرو ڪندڙن کي کليل ڇوٽ مليل آهي جنهن سبب اهي پنهنجي من پسند اگههن تي هارين کي لٽي ۽ ڦري رهيا آهن. هارين سان ظلم ڪيو پيو وڃي. هن وقت سارين جو فصل تيار آهي جنهن سبب هاري ۽ آبادگار اهو مطالبو ڪن ٿا هن وفاقي حڪومت کان ته اهي فوري طور تي سارين جو امدادي اگههه مقرر ڪن. ڇو ته هن وقت مقامي سارين جا ڊيلر ۽ واپاري هارين ۽ آبادگارن کان پنهنجي مرضي جو ريٽ مقرر ڪري کين لٽي رهيا آهن جنهن سبب هارين کي فائدي بجاءِ ڪافي نقصان پئجي رهيو آهي. هتان جا مقامي واپاري هڪ منظم سازش تحت هڪ هٽي قائم ڪندي پاڻ ۾ اتحاد قائم ڪري هر روز سارين جي اگههه کي گھٽ ڪري رهيا آهن. هاري آبادگار ٻڏتر جو شڪار آهن ته آخر هو ڪن ته ڇا ڪن. اگر ساريون وڪرو ڪن ٿا ته کين لکين روپين جو نقصان ٿئي ٿو اگر نٿا ڪن ته پوءِ قرضدار انهن جي درن تي اچي کين گهٽ وڌ ڳالهائي هليا ٿا وڃن. انهن سان به منهن ڏئي اگر اهي ساريون وڪرو ڪرڻ بجاءِ اسٽور ڪري رکن به ٿا ته کين ڪير پڪ ڏياري ته ڪجهه ڏينهن کانپوءِ اگههن ۾ اضافو ڪيو وڃي. ھن وقت جيڪو اگهه ھارين کي ڏنو پيو وڃي، اھو تمام گھٽ آھي. رائيس ملرز ايسوسيئيشن وارا سفيد هاٿي طور تي تمام ڪارخانيدارن کي مڪمل سپورٽ ڪري رهيا آهن جنهن سبب اهي واپاري هر روز اگهه ۾ ڦير ڦار ڪري غريب هارين سان ظلم ڪري رهيا آهن. سندن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.
عبدالمجيدبروهي