سياست، زراعت ۽ رياست کي بچايو

 

پاڪستان هڪ اهڙي وحدانيت جو نالو آھي جتي چار صوبا ان جي نشاني آهن. ملڪي سياست جا محور سياسي اڳواڻ هاڻي پنهنجي پنهنجي سياسي بيانيي ۾ صوبائي سطح تي اچي بيٺا آھن. جيڪڏهن مجموعي طور پاڪستان پيپلز پارٽي، نواز ليگ، پي ٽي آءِ کان ويندي جي يو آء فضل الرحمان جو سياسي جائزو ورتو وڃي ته هو هاڻي طاقت طور صوبائي طاقتون وڃي رهيا آھن. اقتداري جوڙجڪ مان هميشه نظر اهو پيو اچي ته ڄڻ ته پيپلز پارٽي کي اقتدار کپي ته فقط سنڌ جو، نواز ليگ کي سياسي ۽ اقتداري طاقت کپي ته پنجاب جي، ايئن پي ٽي آءِ جو سياسي اقتداري ٽارگيٽ ڪي پي ڪي ۽ پنجاب رهيو آھي، جميعت العلماء اسلام ايف جو سياسي ۽ اقتداري ٽارگيٽ بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي هوندو آھي. باقي سڀني جي جوڙ ٽوڙ اها هوندي آھي ته هنن حالتن ۾ صوبن ۾ سياسي ۽ اقتداري ڪنٽرول مڪمل طور هنن وٽ هجي ۽ وفاق گريبي ۾ ملي وڃي ته واھ واھ.!! هاڻي هنن حالتن ۾ سياست ته هنن جي زنده رهي ٿي ۽ اقتداري بک به پوري ٿئي ٿي. ڪٿي ڪٿي ڪجھ سالن لاءِ وٿي اچي ٿي پر جوڙ ٽوڙ ۽ ڳانڍاپي وارو اقتدار وري وري ساڳي سياسي سرڪل ۾ گهمي ٿو. پي ٽي آءِ هجي، نواز ليگ هجي يا کڻي پيپلز پارٽي ۽ ڀاڱي ڀائيواري ۾ ڪٿي ڪٿي جي يو آء ايف به. هن سموري سياسي ۽ اقتداري راند ۾ نقصان وڏا پيا ٿين جنهن جو ڪو تدارڪ پري پري تائين ڏسڻ ۾ ڪونه پيو اچي. هاڻي سوال اهو آھي ته اهي نقصان اتي اچي بيٺا آھن ته هن رياستي ڍانچي ۾ مجموعي طور صوبائي اسم متاثر ٿين ٿا ۽ اتي اڳي اقتداري ڪاريڊور کان ٻاهر اپوزيشن جي سياست ڪندڙ سياسي قوتون رياست جي زيادتين جي ۽ اقتدار واسين جي لالچن ۽ زيادتين جي ڳالھ ڪنديون هيون، پر جي اقتدار ۾ ھوندي صوبائي حڪومتن جا سربراھ رياستي ڏاڍ ۽ حڪومتي زيادتين جي ڳالھ ڪن ته؟! مثال طور ڪي پي ڪي جو وزير اعلي امين گنڊاپور جا مختلف بيان ايتري تائين جو هو پنهنجي پارٽي جلسي لاءِ چوي ٿو ته جلسي جي اجازت وٺڻ جي ڪا ضرورت ناهي، ايپيڪس ڪاميٽي اجلاس ۾ عمران اسٽيبلشمنٽ ڇڪتاڻ تي ڳالھائي ٿو. اهڙي طرح بلوچستان جي سياسي، انتظامي ۽ صوبائي صورتحال آھي. جنهن تي وزير اعلي سرفراز بگٽي چوي ٿو ته رياست خوفزده نٿي ڪري ان جو ڪردار ماءُ جهڙو آھي. بلوچستان ۾ بدامني جو هڪ وڏو سبب پروپيگنڊا آھي. هوڏانهن سنڌ حڪومت جو 16 سالن کان مٿي اقتدار تائين پهچ رکندڙ پاڪستان پيپلز پارٽيء جو اهم اڳواڻ بلاول ڀٽو زرداري وفاقي حڪومت بابت پنهنجا خدشا پيش ڪري چڪو آھي. جڏهن ته خود پيپلز پارٽي خاموش اتحادي آھي مرڪزي حڪومت جي. ان جي باوجود سنڌ جي درياهي پاڻيءَ تي لڳندڙ پنجاب پاران ڌاڙي خلاف آخرڪار سنڌ حڪومت جي ترجمان ارسلان شيخ به چيو آھي ته سنڌو درياه مان ڪئنال ڪڍڻ نه ڏينداسين، سي سي آء ۾ مسئلو حل نه ٿيو ته عالمي عدالت جو در کڙڪائينداسين. سنڌ کي هڪ درياھ آھي ۽ پنجاب وٽ 4 درياھ آھن. هوڏانهن انساني حقن جي ڪميشن چيو آھي ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جي سنگين کوٽ جو خطرو آھي، سنڌو درياھ مان ڪئنال ڪڍڻ تي سنڌ جي ماڻھن کي سخت اعتراض آھن. جڏهن ته سنڌ سان واڳيل ڪيترين ئي سياسي ڌرين جا روزانو جي بنياد تي لکين ماڻھن جي صورت ۾ هر هنڌ احتجاج ٿي رهيا آھن.گذريل ڏينهن سنڌياڻي تحريڪ، ايس يو پي ۽ مختلف ڌرين احتجاج ڪيا آھن. جڏهن ته سنڌ جي وڏي وير به ان تي ڳالهايو آهي. اقتدار کان ٻاهر ويٺل مخالف ڌر وارو ڳالهائي ته اوهان ان کي اجائي پروپيگنڊا چئي سگهو ٿا پر جي حڪومتن ۾ صوبائي اسمن جا ترجمان يا وڏا وزير اهي بيان ڏين ته اسان سان زيادتيون ٿين ٿيون ته وڏو اهميت وارو ۽ غور ۽ فڪر وارو سوال آھي. ان ڪري صوبائي حقن تي زيادتي صوبائي حڪومتون برداشت نه ڪن ته پوءِ اتان جا سڄاڻ سياسي، سماجي ۽ زرعي توڙي ڪاروباري حلقا ڪيئن برداشت ڪندا. درياھي پاڻي اسان پاڪستانين جي جياپي جي نشاني آھي ۽ اها جياپي جي نشاني جڏهن ڦري ويندي ته لازمي آھي اتان جو سڄاڻ طبقو احتجاج ضرور ڪندو. ان لاءِ هو وڙھندو، هو جڏهن سمجهي ٿو ته منهنجي وسيلن تي لڳل ڌاڙو منهنجي موت جو خط آھي ته اهو خط هو وصول ڪونه ڪندو. ته هن وٽ ٻيو حل احتجاج، ڌرڻا، عدالتون ۽ قانوني ۽ آئيني فورم هوندا. هي صوبائي اعتراضن واري ۽ زيادتين واري ڳالھ جو انت آخرڪار ڪٿي بيهندو. آھي ڪو سوچڻ وارو فڪرمند ذھن جيڪو اڄ جي هنن زيادتين، احتجاجن ۽ انارڪين کي سمجهي رياستي بنياد تي ان جو آئيني، قانوني ۽ صوبائي حل ڪڍي.؟ ڳالھ اها آھي ته رياست جي رکوالن کي هنن سنجيده مسئلن تي سوچڻو پوندو ته آخرڪار هنن مسئلن جو حل ڪيئن ڪڍجي ۽ ڪهڙو هجڻ کپي؟ جنهن تي صوبا به راضي رهن ۽ صوبن جو عام ماڻھو به راضي رهي. جيڪڏهن ايئن نه ٿو ٿئي ته پوءِ هيءُ اقتداري ڪاريڊور تي ويٺل حڪومتي ترجمانن واري ٻولي سوچڻ تي مجبور ٿي ڪري ته اڳيان الائي ڇا ٿيڻ وارو آھي. ان ڪري سڀ کان پهريان اسان جي رياست جي اهم ذميوار قوتن کي گڏجي هڪ ٽيبل تي ويهڻو پوندو. ان لاءِ اقتداري ڌرين، سياسي ڌرين کي به ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان هڪ جاءِ تي گڏجڻو ۽ قومي ڊائلاگ واري انداز ۾ قومي مسئلن، صوبائي مسئلن، رياستي مسئلن ۽ ادارتي مسئلن جو ڳوري اڀياس جي بنياد تي حل ڏيڻو پوندو. ڇو ته هن وقت اسان جي صوبائي ادارن کان ويندي قومي ادارن حال ڏاڍو رحم جوڳو ٿي چڪو آھي. ان ڪري قومي ڊائلاگ لاءِ رياست جي اهم ذميوار قوتن کي اڳتي اچڻو پوندو. ڇو ته قومن تي زوال پذيري جا جڏهن اهڃاڻ سامهون اچن ته اتي قومي فڪر مند حلقن کان ويندي قومي رياستي ذميوارن کي به تحرڪ ۾ اچڻ ضروري ٿي پوندو آھي. اسان جي ملڪ جي قومي دشمن جا ٽارگيٽ قومي ادارا ۽ قومي ڪردار آھن، انهن ملڪ دشمن قوتن اسان جي قوم کي ڪنگال پڻي ۾ آڻڻ لاءِ اسان جي قومي ۽ ادارتي سربراهن کي استعمال ڪندي ڪندي اڄ هتي اچي بيهاريو آھي ته توهان اسٽيل ملز وڪڻو، توهان پي آء اي وڪڻو، توهان ريلوي پرائيويٽ ڪيو، توهان پوسٽ آفيس جهڙو بهترين قومي ادارو وڪڻو، پاڪ پي ڊبليو جهڙو قومي ادارو تباھ  ڪيو، توهان ڇا ڇا نه ڪيو آھي جنهن جو ذڪر نه ڪجي. هاڻي ته صورتحال اها آھي ته آء ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ جهڙن عالمي ٺڳن جي ٽولي قومي ادارن کانپوء صوبائي اسمن جي معاملن ۾ اچي ٽنگ اڙائي آھي.!! ان لاءِ اسان ضرورت ان ڳالھ جي محسوس ٿا ڪيون ته تمام تڪڙن بنيادن تي قومي ڊائلاگ ڪيو وڃي جنهن ۾ سڀ کان پهريان رياستي بچاء جو حل ڳولهيندي صوبائي معاملن کي ڳالهين ذريعي حل ڪيو وڃي. جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته پوءِ تاريخ اسان اوهان سڀني ذميوارن کي ڪڏهن به نه بخشيندي. سياست، زراعت ۽ رياست جو بچاء ان ۾ ئي آھي ته قومي ڊائلاگ ۾ قومي مسئلن ۽ صوبائي مسئلن سان گڏ ادارتي حل ڪڍيو وڃي.

 

رحمت الله ٻرڙو

گھوٽڪي ۾صوفي فقير سخي نماڻو جي درگاھ ۽ ان ڏانهن ويندڙ روڊ جي حالت

 

سنڌ ڌرتي ولين، بزرگن، درويشن، فقيرن جي ڌرتي طور سڃاتي وڃي ٿي. هن ڌرتيءَ عظيم هستين کي جنم ڏنو آهي ۽ گھوٽڪي ضلعي ۾ گهڻن صوفين فقيرن جون درگاھون آهن. صوفي فقير سيد انور سائين جي درگاھ آهي جن مان ڪافي ماڻهن فيض حاصل ڪيو. گھوٽڪي ۾ درگاھ عاليہ صوفي فقير سخي نماڻو جا لکين مريد آهن جن کي صوفي فقير سخي نماڻو سائين پنهنجي مريدن ۽ ايندڙ ماڻهن کي محبت امن ۽ ڀائيچارو جو درس ڏنو ۽ اڄ به ان درگاھ تي محبت امن ڀيچارو جو درس ڏنو ويندو آهي ۽ ساليانو عرس مبارڪ هرسال جوش جذبي سان ملهايو ويندو آهي. ڪافي درگاهن جا گادي نشين عرس مبارڪ ۾ حاضري ڀريندا آهن. جتي صوفياڻي راڳ ويراڳ ذريعي امن محبت ڀيچارو جو پيغام ڏيندا آهن  درگاھ عاليہ صوفي فقير سخي نماڻو سائين جي درگاھ ڏانهن ويندڙ  روڊ جي حالت تمام خراب آهي. روڊ مڪمل طور تباہ ٿي چڪو آهي حادثا روز جو معمول بڻيل آهن. درگاھ عاليہ صوفي فقير سخي نماڻو جي مريدن سوشل ميڊيا تي ڪافي آواز اٿاريو آهي پر گھوٽڪي انتظاميہ جي ڪنن جي جونءَ به نہ چري آهي. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل ويڊيو تي هڪ مريد اهو چئي رهيو آهي ته اليڪشن جي دور ۾ چونڊيل نمائندي محمد بخش مهر چيو هو هي روڊ منظور ٿيل جلد هن روڊ جو ڪم مڪمل ڪرايو ويندو پر افسوس هن مهل تائين  روڊ جو تعميراتي ڪم شروع ناهي ٿيو. اگر ڏٺو وڃي ته گھوٽڪي ضلعي ۾ ترقياتي ڪم انهن جا ٿي رهيا آهن جيڪي انهن جا ويجھا ساٿي آهن باقي غريبن جا ڪم ناهن ٿيا. هن چٺيء ذريعي گھوٽڪي انتظاميہ ۽چونڊيل نمائندن کي اهو پيغام مان ڏيندس اوهان سان ملڻ تمام ڏکيو آهي ڪو غريب اوهان سان ملي نہ ٿو سگهي ڇو جو اوهان جا نوڪر غريب ماڻهن کي چوندا آهن سائين جن آرام ۾آهن يا وري اهو چوندا آهن ته سائين جن ڪم سان ٻاهر ويل آهن. غريب مسڪين ماڻهو مايوس ٿي اوهان جي ملڻ جي بغير واپس موٽي ايندا آهن اليڪشن جي دوران جيڪي اوهان غريبن سان پيار ۾ ملڻ جو ڏيکاء ڪندا آهيو اهو تڏهن ڪوڙو ثابت ٿيندو آهي جڏهن اوهان اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهيو. انهن درگاھن جو خيال ڪيو جتي امن محبت ڀيچارو جي پيغام جو درس هلي رهيو آهي. گهٽ ۾ گهٽ انهن جي روڊ رستن جو، خيال ڪيو. هن ٽائيم درگاھ عاليہ صوفي فقير سخي نماڻو جي درگاھ ڏانهن ويندڙ روڊ جو مڪمل ڪم ڪرائي درگاھ جي مريدن جي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

فرمان علي لغاري /گھوٽڪي

 

هڪڙي چٽي گهرو وزير سنڌ ڏانهن‎

 

سڀ کان پهرين اسلام عليڪم اميد ته خوش هوندا. سائين اسان جي شهر واهي پانڌي ڪاڇي ۾ لاقانونيت وڌي وئي آهي. واهي پانڌي ڪاڇي ۾ هٿيار  سرعام ماڻهو کڻي گهمي رهيا آهن. واهي پانڌي پوليس خاموش آهي واهي پانڌي ۾ ڪجهه اهڙا شخص آهن جيڪي  غيرقانوني هٿيار کڻي رهيا آهن واهي پانڌي جو امن خراب ڪري رهيا آهن. واهي پانڌي پوليس ڪٿي گم آهي  واهي پانڌي شهر ۾ ٽريفڪ جو آزار وڌي ويو آهي. پوليس انتظاميا گم آهي. سائين گهرو وزير کي واهي پانڌي واسي عرض ٿا ڪن واهي پانڌي ۾ هٿيار کڻندڙ خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. نياڻيون اسڪول وڃڻ لاءِ سخت پريشان آهن. ننڌڙا اسڪول نه وڃي رهيا آهن. واهي پانڌي معاملي جو نوٽيس وٺي  امن ڪرايو وڃي.

 

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي ڪاڇو

 

شڪارپور ضلعي ۾ لائبريرين جي صورتحال

 

شڪارپور ضلعي اندر خانپور، لکي غلام شاھ، رستم، رحيم آباد ۽ محمودآباغ شھر واسي اڄ به اھم تعليمي اداري لائبريري کان محروم آھن. جتي ٻڌايو وڃي ٿو ته ڪيترائي سال پھريان خانپور ۾ لائبريري قائم ٿيل ھئي جيڪا انتظاميا جي لاپرواھي سبب ھن وقت ناھي رھي. نه وري ان لائبريري جو ڪوئي بنياد بچي سگھيو آھي. ھونئن ته محمودآباغ يوسي جو درجو رکندڙ ننڍڙو شھر آھي پر ان ننڍڙي شھر ۾ ايل ايل بي جي شاگرد يوسف سومري محنت ڪري لائبريري قائم ڪئي ھئي، جيڪا لائبريري ڪجھ وقت ھلڻ بعد انتظاميا جي سھڪار نه ٿيڻ سبب غيرفعال بڻجي وئي آھي. ڳڙھي ياسين، مدئجي ۽ چڪ شھر ۾ به نالي ماتر لائبريريون قائم آھن پر غيرفعال ھجڻ واري لسٽ ۾ آھن. ڪجھ نه ڪجھ مدئجي لائبريري ۾ اسٽڊي ڪندڙ نوجوانن کي سھولت فراھم ٿئي ٿي باقي ته ڳڙھي ياسين ۽ چڪ شھر ۾ قائم لائبريري ڄڻ ته انتظاميا جي فوٽو سيشن لاءِ قائم ٿيل ھجي جتي نه اخبار نه وري ڪتاب مڪمل مليل آھن. نه وري نوجوانن کي ضرورت مطابق سھولت ميسر ٿئي ٿي. ڳڙھي ياسين واري لائبريري مان رکيل رڪارڊ به چوري ٿي رھيو آھي، جيڪو رڪارڊ ڪير چوري ڪري ٿو ملوث ڪير آھي، ڪائي خبر نه ٿي پوي پر ايتري ڄاڻ ضرور ملي ٿي ته لائبريري جو رڪارڊ منتقل ڪري ڪٻاڙ خانن ۾ وڪرو ڪيو وڃي ٿو، جنھن سبب نالي ماتر قائم لائبريري ھڪ خالي بلڊنگ بڻجي وئي آھي. شڪارپور شھر اندر قائم قادر بخش بيدل لائبريري جيڪا پڻ سٺي لائبريري آھي، پر اتي به اسٽڊي ڪندڙ نوجوان سھولتن جي کوٽ سبب ھڪ طرف پريشان آھن ته ٻئي طرف بدامني ۽ غير حفاظت جي ڪري مشڪل وقت مان گذري رھيا آھن، شڪايت آھي ته شڪارپور شھر جي قادر بخش بيدل لائبريري ۾ ڪمپيوٽر ليب سسٽم ته ڪيترن ئي ورھين کان غير فعال آھي، پر اسٽڊي ڪرڻ لاءِ ايندڙ شاگردن کي ايڊميشن ڪارڊ به سفارش کانسواء نٿو ڏنو وڃي. ھر وقت سومر جي ڏينھن اچڻ جو ٽائيم ڏنو ويندو آھي، ان کان علاوه لائبريري جي کلڻ جو وقت ته صبج جو 09 آھي، پر بڪ سيشن جو انچارج دير سان پھچي ٿو جنھن ڪري ٻھراڙي جي علائقن کان سوير لائبريري ايندڙ شاگرد انتظار ڪندا رھن ٿا، شڪارپور لائبريري ڪجھ نه ڪجھ شاگردن کي سھولت فراھم ڪرڻ واري لائبريري ثابت ٿي آھي، جنھن ڪري خانپور، لکي غلام شاھ، سلطان ڪوٽ، رستم ۽ ڳڙھي ياسين وارن علائقن کان شاگرد ۽ نوجوان اسٽڊي ڪرڻ لاءِ شڪارپور لائبريري ۾ پھچي وڃن ٿا، پر کين ضرورت مطابق سھولت فراھم نه ٿي ٿئي. جنھن ڪري نوجوان مشڪلاتن جو شڪار آھن، لائبريري مان ڪيترا ئي دفعا نوجوانن جون موٽرسائيڪلون ۽ ٻيو سامان پڻ چوري ٿي چڪو آھي. سموري شڪارپور ضلعي اندر ھڪ ئي قادر بخش بيدل لائبريري آھي، جتي ننڍن وڏن شھرن توڙي ڳوٺن مان ڪيترائي نوجوان ۽ شاگرد پنڌ ڪري پھچن ٿا. ھاڻي ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته انتظاميا ڪڏھن تحرڪ ۾ ايندي جو شاگردن ۽ نوجوانن کي حفاظت ۽ سھولت فراھم ٿيندي.

 

طيب انقلابي/ رستم

 

ڪاڇي ۾ پوليس پاران  غريبن سان ناانصافيون رڪجي نه سگھيون

 

ڪاڇي جي ڳوٺ مزاري مستوئي واسي مقتول صالح مستوئي واري قتل کي پوليس روزي روٽي ڪمائڻ جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي. حقيقي قاتل گرفتاري کان آجا آهن بيگناھ ڳوٺاڻا گرفتار ڪيا ويا آهن. ھڪ مهينو اڳ گهٽي جي معاملي تان مستوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ ڳوٺاڻو صالح مستوئي مارجي ويو ھو. جنهن واقعي جو پٽ گل محمد ٿاڻي تي چئن سڃاتل ۽ ٻه اڻڄاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو ھو. مقتول صالح مستوئي واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ کانپوء پٽ گل محمد ھڪ جوابدار امتياز مستوئي کي گرفتار ڪيو جڏھن ته باقي قاتل گرفتاري کان آجا آھن. پوليس پئسا ڪمائڻ جي چڪر ۾ مختلف طريقن جا جواز ڄاڻائي ڳوٺاڻن کي کنڀي ٽي ٽي ھفتا نامعلوم جاءِ تي رکڻ بعد لکين روپيه رشوت وٺي آزاد ڪرڻ ۾ مصروف آھي. گذريل ٽي ڏينهن اڳ ڳوٺ مزاري مستوئي ۾ پٽ گل محمد پوليس چڙھائي ڪري جوابدارن سان رابطي ۾ ھئڻ جي الزام ھيٺ نوجوان الطاف مستوئي کي گرفتار ڪري کڻي وئي. ٽي ڏينهن کان سندس گرفتاري شو نه ڪئي نه وري ڪو ڪيس داخل ڪيو ويو. وارث سخت پريشان آھن. ٻي پاسي ڳوٺ مزاري مستوئي ۾ اٺن ٿاڻن جي پوليس موبائيلن سميت ڪرين مشين سان جوابدارن جا گهر ڊاھي پٽ ڪيا ويا آھن. جنهن تي علائقي واسين پاران افسوس جو اظھار ڪيو ويو آھي. سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته پوليس حقيقي جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪرڻ بدران غريبن جو جيئڻ جنجال ڪري ڏنو آھي. ايس ايس پي دادو به ان ڪاروائي ۾ ملوث ھجڻ جا اطلاع آھن. اسين ڪاڇي واسي چيف جسٽس ھاء ڪورٽ حيدرآباد سميت آء جي سنڌ ڊي آء جي حيدرآباد کان مطالبو ٿا ڪريون ته ضلعي دادو واري علائقي ڪاڇي ۾ پوليس طرفان ٿيندڙ ناانصافين جو نوٽيس وٺي ڪاڇي ۾ امن امان بحال ڪرايو وڃي.

 

برڪت علي لغاري/ ڪاڇو هيروخان

 

خيرپور شاھ عبداللطيف يونيورسٽيء جون ڪاليج جي استادن ء شاگردن سان ناانصافيون !‎

شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور غريب  ۽ بي پھچ ماڻھن جي لاءِ علمي تحفو آھي. جنھن کي گذريل ڏھن سالن کان تباھ ڪرڻ ۾ انتظاميه گھٽتائي ڪانه ڪئي آھي. ان سان گڏ سياسي مداخلت ان کي پورو ڪري ڇڏيو. ان ڪري ھي مادر علمي مالي مسئلن جي ور چڙھيل آھي پر يونيورسٽيء جي انتظاميه ڪاليج  سائيڊ جي استادن ۽ شاگردن سان ناانصافيون ڪرڻ ۾ به گھٽ ڪانه ڪئي آھي. خيرپور سان لاڳاپيل ڪاليجن مان ھر سال ڪروڙين روپيا ڪمايا وڃن ٿا. يونيورسٽيء سان لاڳاپيل اندازن 100 کان مٿي  ڪاليج آھن جيڪي اندازن  ڏيڍ ارب کان مٿي فيسن جي مد ۾ يونيورسٽيء کي ڏين ٿا. ان کان علاوه  ھر سال بي اي، بي ايس سي،  ايم ايس سي، ايم فل ۽ پي ايچ ڊي  جون ڳريون فيون وڌائي شاگردن کان پئسا وٺن ٿا. ان جي باوجود به شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ايترو پوئتي ٿي وئي آھي جو  ھن وقت تائين 2023 جو امتحان نه ڪرائي سگھي آھي، پر 2024  ۽ 2025 جون داخلائون ڪري شاگردن کان پئسا وٺي ڇڏيا آھن.
ڪاليج جي استادن سان ناانصافيون: يونيورسٽي سکر ۽ شڪارپور، گھوٽڪي ۽ لاڙڪاڻي کي پيپر چيڪنگ ۽ ڊيوٽين جا 2020، 2021 ۽ 2022 جا بل پاس نه ڪيا آھن. انھن کي صرف ٺلھا آسرا ڏنا ويا آھن، جيڪا ڪاليج جي استادن سان سراسر ناانصافيءَ آھي.  ڏيڍ ارب روينيو مان استادن جا بل لڳ ڀڳ 5 ڪروڙ ئي مس ٿين ٿا اھي پئسا به يونيورسٽي ڏيڻ کان لنوائي رھي آھي.  شاھ عبداللطيف يونيورسٽيء جو وي سي ھڪ ايماندار ، فرض شناس ۽ تعليم دوست آھي جنھن يونيورسٽيء سنڀالڻ کان پوء  بھتر ڪرڻ جون ڪوششون ورتيون آھن  پر ڪاليج جي استادن کي پيپر اسيسمنٽ جا پئسا ڏيڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو آھي تنھن باوجود به  نومبر جي 29 تاريخ تي امتحان  وٺڻ جو شيڊول ڏئي ڇڏيو آھي ۽ ڪنٽرولر شاگردن جون سلپون به جاري ڪري ڇڏيون آھن جنھن تي سڀني سپلا جي ميمبرن احتجاج ڪندي سھڪار ۽ امتحان وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي. انھن بي مھل امتحانن جي ڪري فرسٽ ايئر ۽ انٽر جي ھزارين شاگردن جا ڪلاس متاثر ٿين ٿا. انھي عمل سان پورو مھينو ڪلاس بند رھن ٿا جنھن ڪري شاگردن جا ڪورس اڻ پورا رھجي وڃن ٿا. ٿيڻ ته ائين گھرجي ته اھي امتحان سنڌ جي ٻين يونيورسٽين وانگر شام جو ورتا وڃن ته جيئن شاگردن سان تعليمي انصاف ٿي سگھي. ان کان علاوه  شاھ عبداللطيف يونيورسٽيء جي انتظاميه شاگردن کي ھٿ سان غيرحاضر ڄاڻائي انھن کي وري وري فارم فل ڪرائين ٿا يا وري رشوت وٺي پيپر ۽ پريڪٽيڪلن ۾ پاس ڪن ٿا. وي سي صاحب انھن سڀني شين کي بند ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ورتيون آھن پر انتظاميا انھن ڪوششن کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش  ڪري رھي آھي. ڪافي شاگرد امتحاني فارم فل ڪرڻ کان رھجي ويا آھن. شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جو وائيس چانسلر  نوٽيس وٺي ۽ ان سان گڏ اسان يونيورسٽي جي اختيارين کي گذارش ٿا ڪيون ته  بنا دير  ڪاليج جي استادن کي رميونشن جا رھيل  چيڪ ڏنا وڃن. امتحان ڊسمبر مهيني ۾ ورتا وڃن فيون گھٽايون وڃن. شاگردن کي حاضر ڪري انھن کي سرٽيفڪيٽ، مارڪشيٽون، پاس سرٽيفڪيٽ ۽ ڊگريون ڪاليجن ۾ موڪليون وڃن جيئن اڳ  ڊگريون ڪاليجن ۾ موڪليندا هئا. شاگردن کي وقت سر امتحان ۽ رزلٽ ڏنا وڃن ته جيئن شاگرد علمي لاڀ حاصل ڪري سگھن.

 

شفيق وساڻ /ڳوٺ جھنگو وساڻ