قبائلي تڪرارن ۽ بدامني جي باهه ۾ ٻرندڙ ضلعو ڪشمور!
پوري دنيا جي اندر سرمائيدارانا نظام جي ڏيوالپڻي جي ڪري مختلف ملڪ مسلسل مسئلن جي ور چڙھيل آھن پر انھن ملڪن ۾ رياست جي رٽ ۽ عام ماڻھو جي زندگي قانون مطابق ڪجھه نه ڪجھه محفوظ آھي پر پاڪستان جھڙي ٽئين دنيا جي ملڪن ۾ جتي اڄ به ڪلاسيڪل جاگيرداري نظام پنھنجي آخري پساھن ۾ پنھنجي باقيات رکندي ٿي اچي، اتي ڪشمور جھڙو ضلعو ھڪ اڻ کٽندڙ جنگ طرف وڌي رھيو آھي جنھن ۾ قبيلائي تڪرارن کان وٺي ڪاروڪاري ۽ بدامني جي لھر آھي جتي عام ماڻھو جو گذر سفر انتھائي ڏکيو ٿي پيو آھي ان سموري پس منظر پٺيان رياستي پشت پناھي آھي، ھٿرادو بدامني پيدا ڪري اغوا ۽ ڌاڙي جي رقم ۽ ھٿيارن جي منافعي بخش ڪاروبار کان سيراب ٿي رھيو آھي ته ٻئي طرف وڏيرن طرفان قبيلائي دھشتگردي پيدا ڪري ھر مھيني ڏهه کان وڌيڪ انسانن جو رت وھايو وڃي ٿو، ڪشمور جي سڀني تعلقن ۾ مختلف ذاتين جو جھڙوڪ: جعفري- نندواڻي، چولياڻي،گاڏھي،ملڪ، چولياڻي، باجڪاڻي،بھلڪاڻي سميت مختلف ڌرين جا خوني تڪرار ھلندڙ آھن جنھن جي نتيجي ۾ روز ماڻھو مرن ٿا. تنگواڻي ۾ ڪورٽ حاضري تان واپسي ۾ ملڪ برادري جا 2 نوجوان واٽ ويندي گولين جو کاڄ بڻجي ويا آھن جنھن جي قتل خلاف پوليس ڪو به تحرڪ نه ورتو.
مختيار علي بلوچ/ تنگواڻي
خودڪشي جي وڌندڙ انگ کي ڪئين روڪجي ؟
سنڌ جي پوئتي پيل علائقن ۾ جتي تعليم ۽ شعور جي کوٽ آھي اڃان تائين اتي سماجي تبديلي جي اوسر نه ٿي سگھي آھي اتي قائم ادارا به ڪو ٻوٽو ٻاري نه سگھيا آھن اتي اڪثر ڏٺو ويو آھي ته خودڪشي جا واقعا تمام گھڻي تعداد ۾ رونما ٿين ٿا جن ۾ گھڻو انگ عورتن جو ھوندو آھي جيڪي معاشري ۽ مائٽن جي روين کان دلبرداشته ٿي ڪري آخري حل خودڪشي جو اختيار ڪن ٿيون جنھن سان پورو خاندان پاڙو ڳوٺ متاثر ٿئي ٿو.ان کان علاوه نوجوان ڇوڪرن ۾ به خودڪشي جو رجحان نظر آيو آھي ان ۾ اھو به ڏٺو ويو آھي ته خودڪشي ڪندڙن جو تعلق خوشحال اعليٰ تعليم يافته سياسي سماجي گھراڻن سان رھيو آھي اسان جي معاشري ۾ اھڙا تمام گھڻا نالا سامھون اچن ٿا جيڪي سياسي سماجي اڳواڻ رھيا آھن تازو عوامي تحريڪ جي اڳواڻ علي احمد جوکيو جو به واقعو اسان جي سامھون آھي ان کان علاوهه ٿر جي علائقي ۾ به اھڙا تمام گھڻا واقعا رونما ٿيا آھن.انساني رويا ايڏا ته خطرناڪ ٿين ٿا جو انسان کي ٻي ڪا واهه نظر ڪونه ٿي اچي ۽ ھو مجبورن خودڪشي جو رستو اختيار ڪري ٿو.ان عمل تي اڃان تائين ڪنھن سنجيدگي سان نه سوچيو آھي ته اھڙن واقعن کي ڪيئن ۽ ڪھڙي طريقي سان روڪجي .اھو عمل ته روز جو معمول بڻجي چڪو آھي انھن خودڪشي جي واقعن جي پس منظر کي جانچي ڏسبو ته انھن ۾ ڪو وڏو اھم اشو ڪونه ھوندو آھي صرف معمولي ڳالهه تان ناراضگي جي ڪري وڃي ڪري خودڪشي ڪري پنھنجو انت آندو.ھڪ تازي سروي مطابق ملير جو بچل خاصخيلي ڳوٺ جيڪو ورھاڱي کان اڳ جو قديم ڳوٺ آھي تعليم اڃان تائين گھٽ آھي ،اتي ھڪ لوئر سيڪنڊري اسڪول آھي شعور جي به کوٽ آھي ان ڳوٺ ۾ صرف ھڪ خاندان ۾ خاص طور تي عورتن ۾ گذريل پندرنھن سالن کان خودڪشي جا واقعا رونما ٿين پيا ايستائين ڏھن کان مٿي عورتون خودڪشي ڪري چڪيون آھن.ان جا ڪارڻ معلوم ڪيا ويا ته خبر پئي ته گھريلو اڻبڻت ۽ معمولي ڳالهه تان ناراض ٿي ڪري نوجوان ڇوڪرين خودڪشيون ڪري ڇڏيون.جن ۾ شادي شده عورتون به شامل آھن.اسان جو معاشرو ھن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي دور ۾ به ايڏو پوئتي ڇو آھي اڄوڪو نوجوان جلدي دلبرداشته ٿي ڪري اھو عمل ڪرڻ تي مجبور ٿيو وڃي ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ سياسي سماجي شعور به گھڻو آھي، علمي ادبي رجحان به آھي ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ ۽ سوشل ميڊيا تي به متحرڪ آھن ان ھوندي به اھو عمل جاري آھي، سنڌ ۾ ڪو اھڙو ادارو يا تنظيم وجود ۾ نٿي اچي جيڪا ان جو تدارڪ ڪري ۽ معاشري ۾ وڌندڙ خودڪشي جي عمل کي روڪڻ لاءِ ڪي جوڳا اپاءَ وٺي جيئن ھن وڌندڙ عمل کي ٻنجو اچي سگھي. معاشري ۾ وڌندڙ خودڪشي جي واقعن کي ڏسي ڪري لڳي ٿو ته اسان کي ٻيھر پوئتي وڃڻو پوندو.انھن پراڻين ريتن رسمن کي ٻيھر ھن جديد ماحول ۾ لاڳو ڪرڻو پوندو جن ۾ خاص طور تي پاڙي ۽ خاندان جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪنھن ھڪ وڏي ميانجي جي چونڊ ڪرڻي پوندي ته جيئن وڌندڙ اختلاف ۽ گھريلو مسئلن کي نبيري سگھي.جيئن گذريل دور ۾ ٿيندو ھو.
خاصخيلي لطيف راولاڻي
پاڪستان ۾ھوائي گدلاڻ جا انسان ذات جي صحت تي اثر
صاف پاڻي ۽هوا انساني صحت لاءِ ضروري آهن اهو تڏهن ئي ممڪن ٿيندو جڏهن اسان جو ماحول صاف سرسبز ھوندو ھوائي گدلاڻ به هڪ اهڙو اهم مسئلو آهي، جيڪو دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڌندڙ ۽ سنگين مسئلو بڻجي رهيو آهي. هي گدلاڻ مختلف ذريعن جهڙوڪ گاڏين،ڪارخانن مان نڪرندڙ دونھون، زرعي سرگرميون، ۽ گھريلو ٻرندڙ مواد ذريعي پيدا ٿئي ٿي. پاڪستان ۾ ھوائي گدلاڻ خاص ڪري وڏن شهرن ۾ جھڙوڪ ڪراچي لاھور ۾ هڪ اهم مسئلو بڻجي وئي آهي، رپورٽ موجب ڪراچي به دنيا جي گدلي شهرن ۾ ٽين نمبر تي آهي جنهن جي هوا ۾ گدلاڻ جي ذرن جو مقدار 197 پرٽيڪوليٽ ميٽرز رڪارڊ ڪيو ويو آهي ۽ ان جا انسانن جي صحت تي گهڻا اثرات پيا آهن، ھوائي گدلاڻ جي ڪري انسانن ۾ ڪافي بيماريون ڦھلجي رهيون آهن صحت ۽ موسميات تي (لينسٽڪانڊائون) جي 2019 رپورٽ موجب ھوائي گدلاڻ جيڪا بنيادي طور تي فوسل فيول ٻارڻ سبب ٿئي ٿي. ھوائي گدلاڻ سبب انسانن ۾ بيمارين جي واڌ ٿي آهي، گدلاڻ سان ڀريل هوا ۾ موجود خطرناڪ ذرڙا، انسان جي ڦڦڙن ۾ داخل ٿي سگهن ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ دم ۽ ڦڦڙن جي ڪينسر ۽ مٿي ۽ڳچيءَ جي ڪينسر جهڙيون بيماريون وڌي سگهن ٿيون.دل جي بيمارين جو خطرو: ھوائي گدلاڻ دل جي دوري ۽ هارٽ فيليوئر جهڙن مسئلن جي خطري ۾ اضافو ڪندي آهي، گدلاڻ ۾ شامل زهر جي ڪري دماغي صحت متاثر ٿئي ٿي، جنهن جو نتيجو ذهني دٻاءُ، بيچيني، ۽ ڊپريشن جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو.ھوائي گدلاڻ رڳو انسانن جي صحت تي ئي نه، پر ماحول تي پڻ خطرناڪ اثر ڇڏي ٿي. گدلاڻ جي ڪري گلوبل وارمنگ وڌي ٿي، جنهن سبب موسم ۾ غير معمولي تبديليون اچن ٿيون. ان جو اثر زراعت، پاڻي جي کوٽ، ۽ ننڍين ننڍين ٻوڏين جو خطرو ۽قدرتي وسيلن تي ۽ سڌو سنئون انسانن تي پڻ ٿئي ٿو، دنيا جي موسم تبديل ٿي رهي آهي. ٻوڏ ۽ طوفان وڌيڪ سخت ٿي رهيا آهن. زراعت بُري طرح متاثر ٿي رهي آهي ۽ ان شعبي سان وابسته آباديءَ لاءِ ڏکيائيون ٿي رهيون آهن. پاڪستان انهن ملڪن مان هڪ آهي، جيڪي موسمياتي تبديليءَ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي سگهن ٿا. گلوبل وارمنگ سبب قطبن تي موجود برف ڳري رهي آهي ۽ سمنڊ جي سطح بلند ٿي رهي آهي. سمنڊ جي سطح وڌڻ سبب ننڍا ننڍاڳوٺ پاڻيءَ ۾ ٻڏي وڃڻ ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن جي مسلسل طوفانن جي زد ۾ اچڻ جو امڪان وڌي رهيو آهي، اهو عمل تازو پاڻي جي ذخيرن کي گهٽائي رهيو آهي. پاڪستان جي وڏن شهرن جھڙوڪ ڪراچي، لاھور، راولپنڊي جي سطح تي تمام بلند آھي، 2023 جي عالمي ھوائي معيار(آئي ڪيون ايئر) پاران شايع ٿيل رپورٽ موجب ، پاڪستان دنيا جو ٻيو نمبر آلودگي وارو ملڪ آهي.(يونيورسٽي آف شڪاگو جي انرجي پاليسي انسٽيٽيوٽ جي تازي رپورٽ ۾ اشارو ڏنو ويو آھي ته ھوائي گدلاڻ سبب پاڪستان ۾سراسري عمر 3.8 سال گهٽجي وئي آهي، ھوا ۾ موجود آلودگي وارن ذرڙن جي ڪري موت جي شرح ۾ واڌ جو وڏو سبب نظر اچي رهيو آهي، خراب هوا نه رڳو انساني جسم کي متاثر ڪري ٿي پر ٻين بيمارين سان وڙهڻ جي صلاحيت کي به متاثر ڪري ٿي پاڪستان ۾ھوائي گدلاڻ ھڪ عوامي صحت جي ايمرجنسي آھي، اھو اندازو لڳايو ويو آهي ته 128000 کان وڌيڪ موت ھوائي گدلاڻ جي بيمارين جي ڪري ٿين ٿيون انهن مان اڪثر موت ھوا ۾ موجود ذرڙن(پي ايم 10 ۽ پي ايم 2.5)جي ڪري ٿين ٿيون.
حمير علي وڌو
هٿرادو مهانگي جي ور چڙيل نيو ڇور
مهانگائي جو جن ته هونئن به پوري ملڪ اندر بوتل کان ٻاهر نڪتل آهي پر نيو ڇور ۾ هٿرادو مهانگائي ڪنٽرول کان نڪري چڪي آهي، جتي واپاري عام عوام کي ٻنهي هٿن سان لٽڻ جون تياريون ڪري مارڪيٽ ۾ لٿا آهن، چار ڳالهيون حڪومت جي نالي ٻڌائي عوام ويچاري کي لٽي رهيا آهن، اعليٰ انتظاميا کي گهرجي ته نيوڇور ۾ عام واهپي جي شين جي اگهن تي ڪنٽرول ڪري هنن ڦورو واپارين کان غريب عوام کي بچايو وڃي، سبزين، فروٽ ۽ عام واهپي جي ٻين شين جا ريٽ مقرر ڪيل قيمت تي وڪرو ڪرڻ جو پابند ڪيو وڃي، ريٽ لسٽون پڻ لڳايون وڃن جيئن عوام هر شيءِ مقرر ڪيل اگهن تي خريد ڪري سگهي
ڪاشف ڪنڀر/ نيوڇور
هڪ چٺي ڊي سي ٿرپارڪر ۽ ڊي سي بدين ڏانهن!
مٺي ۽ ڏيپلو کان ويندڙ ننڍيون اي سي وينون حيدرآباد وينديون آهن جنهن ۾ ناڪاره قسم جا اي سي آهن جنهن ڪري گاڏي بند هجڻ سبب سخت گرمي ۽ ٻوسٽ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو جنهن ۾ مريض ۽ ٻيا پوڙها ماڻهو تمام پريشان حال ٿي حيدرآباد پهچن ٿا، ٻيو ته وري تمام ڳرا ڀاڙا مقرر ڪيا ويا آهن. ڀاڙو نه ڏيڻ جي صورت ۾ بدمست ڪنڊيڪٽر ۽ ڊرائيور سخت مار ڪٽ ڪن ٿا، ڪيترن ئي مسافرن شڪايتون ڪيون آهن، پر هن روٽ تي هلندڙ گاڏين کي ڪير به چوڻ وارو نه آهي سفر ڪندڙ سڀئي ماڻهو ٿر جا آهن جيڪي ويچارا غريب آهن، انهن غريب ٿرين کي هراسمينٽ ڪري ٻيڻو ڀاڙو وٺن ٿا، هيٺ گاڏي اندر سيٽون نه هجڻ ڪري لالچ ۾ اچي ماڻهن کي ڇت مٿي به ويهارين ٿا، افسوس جي اها ڳالهه آهي ته ايڏي وڏي خطرناڪ روڊ تي گاڏين جا مالڪ قانون جا ليڪا لتاڙي ڊبل ڀاڙا وٺي پنهنجي من مستي تي قائم آهن، اسان هن چٺي وسيلي ٿرپارڪر ۽ بدين جي ڊسيز کي پر زور اپيل ڪريون ٿا ته سخت نوٽيس وٺي گاڏين وارن کي ڀاڙي جو شيڊول ٺاهي ڏين.
صوفي محمد حسن نهڙيو/ٿرپارڪر
شادِين جي ڪاڄَن جِي موسَم
شاديءَ جي معنيٰ خوشي آهي، سماجي طور تي اهو هڪ مڃيل، پائيدار ۽ مستحڪم لاڳاپو آهي، جيڪو ٻن فردن (مرد ۽ عورت) جي وچ ۾ جڙي ٿو، ان کي شادي چئجي ٿو، شاديءَ ۾ اڪثر تحريري ۽ روايتي معاهدو هوندو آهي، جنهن ۾ جوڙي جي حقن ۽ فرضن جو تعين ڪيو ويندو آهي. شاديءَ کي ٻن فردن جي ذاتي تعلق سان گڏ معاشري ۾ به بنيادي اهميت حاصل آهي، جن معاشرن ۾ دولت ۽ جائداد موروثي طور نسل در نسل منتقل ٿيندي رهندي آهي، اتي فرد جي پيدائش ۽ شادي تمام اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، پر صنعتي معاشرن ۾ شادي هڪ سماجي دستور گهٽ، پر ٻن ڄڻن جي وچ ۾ ازدواجي تعلق جو هڪ معاهدو آهي، شادي مخالف جنس جي ٻن فردن يعني عورت ۽ مرد (مڙس ۽ زال) جي شراڪت جو نالو آهي،ڪو دور هو جو ڳوٺن ۾ ٿيندڙ شادين ۾ ڪيترائي ڏينهن تياريون هلنديون هيون، ويجهن ويجهن ڳوٺن مان کٽون ۽ هنڌ وٺي وڏو ڇنو ٺاهي سڄي ڳوٺ وارا گڏجي خوشيون ملهائيندا هئا، مڱڻي کان وٺي شاديءَ جون تاريخون مائٽ ۽ ويجها عزيز طئي ڪندا هئا، ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جو ان ۾ ڪو عمل دخل ۽ مرضي شامل نه هوندي هئي، ائين پيو محسوس ٿيندو هو ته ڄڻ سڄو ڳوٺ پيو پرڻجي، وڏيون فنڊرون ڪسنديون هيون، برادري توڙي ٻاهران آيل ٻن ويلن جي ماني کائيندا هئا،ٻاهر دهلاري يا مڱڻهار فقير ڪيترن ئي ڏينهن تائين واڄو پيا ڪندا هئا ۽ ننڍا وڏا شرناين جي ڌنن تي رقص ۾ مشغول هوندا هئا، جڏهن ته شاديءَ کان ڪيترائي ڏينهن اڳ روزانو رات جو گيتڪار عورتون شاديءَ واري گهر گڏ ٿي گيت ڳائينديون هيون، شاديءَ ۾ نڪاح وقت کارڪون ورهايون وينديون هيون، اها شادي جي خوشي محبت جي علامت هوندي هئي، اگر ڪو پاڙيسري رٺل هوندو هو ته سڄي برادري وڃي ان کي پرچائي هر صورت ۾ ڀت کارائيندي هئي ۽ بيحد نيچ نوڙت هئي، ڳوٺ جو وڏو ڪاڄ جو وڏو هوندو هو ۽ جيڪو حڪم ڪندو هو ان تي فوري عمل ٿي ويندو هو،جيڪڏهن ڳوٺ کان ٻاهر ڪنوار هوندي هئي ته ڄڃ تيار ڪري پنهنجي سوارين ۾ گڏجي ويندا هئا ۽ ننڍا وڏا جهمريون پائي نچندا ڪڏندا گهوٽ پرڻائي ايندا هئا ڇوته شاديءَ جي رخصتي ڪنواريتن جي گهر کان ٿيندي هئي پر وقت تيزي سان تبديل ٿي ويو چند سالن ۾ ائين تبديلي اچي وئي جيئن ڪپڙا تبديل ڪبا آهن، هڪ ڏينهن شادي جي تاريخ ٿي ٻڌجي ۽ رات جو رات ۾ چند سنگتي ۽ ڪجهه برادري جي ماڻهن کي فون تي دعوت ڏئي يا ڪارڊ واٽس اپ ڪيو ٿو وڃي ٻئي ڏينهن شاميانه لڳائي پڪوان واري کان پنج ديڳيون پچرائي مهمانن کي ماني کارائي وڃي ٿي، مهمان ميزبان جو سڄڻ ٿي نه ايندو آهي هو پنهنجن پئسن کي ڏسندو آهي انڪري پاڻ سان ٽي چار دوست گڏ وٺي ويندو آهي ۽ ضرورت کان وڌيڪ ماني کڻندا آھيون،بي ايماني ڪري ٻوٽين سان پليٽ ڀريندا آھيون جڏهن ته اسان کي خبر ھوندي آهي ته ايتري ماني اسين کائي به نه سگھنداسين پوءِ به رعايت ناهي ڪرڻي، اھو نه سوچيندا آھيون ته ھڪ پي پنهنجي پٽ يا ڌيءُ جي شادي جو انتظام ڪيتري مشڪل سان ڪيو هوندو، مالڪ جو ڏنل رزق ضايع ڪرڻ سان توهان کي ئي گناهه ملندو، جڏهن اسين پنھنجي پئسن سان ڪا کاڌي پيتي جي شيءِ وٺون ٿا مثال طور هڪ برياني جي پليٽ وٺون ٿا ان ۾ چانور جو هڪ داڻو چمچي سان ميڙي ٿا کائون ڇوته اسان ان جا ٿورا پئسا ڀريا آھن پوءِ ڪنهن دوست يا برادري جي ڀاءَ جي ماني ضايع ڇو ٿا ڪريو؟ ان بعد ڏسون ٿا ته شامياني جي گيٽ تي همراهه ڪتاب کڻي ويهي ٿو جيڪو منهه(ڇنو) لکڻ تي هوندو آهي جيڪڏهن پئسا گهٽ ڏنائين ته ساڻس جهيڙو ڪبو ته هينئر پنج سؤ يا هزار جو دور ڪونهي انڪري ٻه هزار کان مٿي لکرايو، يعني شادي پئسو ڪمائڻ ۽ هڪ قسم جو ڪاروبار بڻجي ويو آهي ايتري تائين جو ڪيترن ئي علائقن ۾ شادين جا ٺيڪا کنيا وڃن ٿا جنهنڪري شادين مان خوشين جو خاتمو اچي ويو آهي، جڏهن ته شادي هڪ اهڙو موقعو آهي، جنهن لاءِ گهوٽ ڪنوار سميت انهن جا گهر ڀاتي ڪجهه مهينا اڳ ئي تياري شروع ڪري ڇڏيندا آهن ۽ تقريب ۾ مٽن مائٽن سميت دوستن ۽ ٻين ويجهن ماڻهن کي به دعوت ڏني ويندي آهي.شادي تقريبن ۾ وڏي انگ ۾ مهمان شرڪت ڪندا آهن پر ڇا توهان ڪڏهن بنا مهمانن جي شادي تصور ڪئي آهي؟ اهڙو ئي اڻ وڻندڙ واقعو آمريڪي رياست اوريگن سان واسطو رکندڙ ٽڪ ٽاڪر سان پيش آيو، جنهن پنهنجي شادي جي موقعي تي اهڙي اڻ وڻندڙ تجربي کي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو. ٽڪ ٽاڪر ڪالينا ميري پنهنجي شادي جي هڪ وڊيو شيئر ڪئي، جيڪا ڪجهه لمحن ۾ ئي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. وائرل وڊيو ۾ ٽڪ ٽاڪر کي پنهنجي مڙس شين ۽ پٽ سان گڏ هڪ اهڙي شاندار شادي هال ۾ انٽري ڏيندي ڏسي سگهجي ٿو، جيڪو تقريبن خالي آهي. ٽڪ ٽاڪر ڪيپشن لکيو ته اها اسان جي پنهنجي شادي تقريب ۾ انٽري جي وڊيو آهي، جنهن ۾ رڳو 5 مهمانن شرڪت ڪئي، منهنجو خواب هو ته جڏهن منهنجي شادي هال ۾ انٽري ٿئي ته ماڻهن جو هڪ هجوم اسان جي آجيان ڪري پر ان جي ابتڙ شادي تقريب ۾ رڳو 5 ماڻهو هئا.هن پنهنجي پوسٽ جي آخر ۾ لکيو ته هيءَ اهڙي شادي جي تقريب نه هئي، جهڙي مون سوچي هئي.ڪالينا ۽ شين گذريل 9 سالن کان گڏ آهن ۽ انهن جو هڪ پٽ به آهي، ان جوڙي هڪ شاندار تقريب ۾ پنهنجي مٽن مائٽن ۽ دوستن جي موجودگي ۾ شادي ڪرڻ جو خواب ڏٺو هو.جوڙي تقريب ۾ شرڪت لاءِ 75 ماڻهن کي ڊجيٽل دعوت ناما ۽ 25 ماڻهن کي ميل موڪلي هئي پر تقريب ۾ رڳو 5 ماڻهن شرڪت ڪئي. اسان وٽ به جهڙي صورتحال هلي رهي آهي ته جلد اهڙيون انوکيون شاديون ٿينديون جو ميزبان شادي جون مڪمل تياريون ڪري مهمانن جو اوسيئڙو ڪندو رهندو ۽ مهمان اچڻ کان لنوائيندو رهندو، ڇوته ملڪ اندر غربت ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي هڪ سروي موجب هڪ ماڻهو مهيني ۾ برادري ۽ دوستن جي شادين تي 50هزار روپيا خرچ ڪري ٿو جڏهن ته سندس ماهانه آمدني به فقط 50هزار آهي ان آمدنيء مان هو گهر جو سيڌو سامان اٽو ڀاڄي ڪپڙا ۽ ٻيون ضرورت واريون شيون ڪيئن پوريون ڪندو۔
برڪت علي لغاري ڪاڇو هئيروخان
نيوڇور کي گندگي جي ڍير کان ٻاهر ڪڍيو وڃي:-
صفائي هر ڪنهن جو حق آهي پر افسوس سان لکڻ پئي ٿو اسان ڪافي حقن کان محروم رهيا آهيون اهو انهي ڪري جو اسان جو آواز ڪڍڻ وارو جزبو ناهي اج کان پهرين ڪڏهن نيوڇور واسين پنهنجي حقن جي لاءِ آواز ناهي اٿاريو يوسي نيوڇور ۾ ڪٿي به صفائي ناهي ٿيل يوسي ايراضي اندر ايندڙ ڳوٺ آهي جيڪو پنهنجي مدد پاڻ تحت پنهنجي ڳوٺ کي صاف ڪن ٿا پر افسوس يوسي جي مرڪز نيوڇور جي به انتظاميا صفائي نٿو ڪرائي وجھ آهي نيوڇور واسين جي خاموشي نيوڇور جي سڀني رستن تان پانچا مٿي ڪري هلڻو ٿو پئي جتي هڪ هلڪي برسات به نيوڇور جي انتهائي بري حالت ڪري ڇڏي ٿي وجھ آهي گٽر نالن ۾ ڀريل گند جيڪو نڪري نٿو سگهي نڪري به وڃي پر انهي کي ڪڍڻ جي انتظاميا ڪڏهن ڪوشش ناهي ڪئي يونين ڪائونسل جي اڳيان به هن وقت گندي پاڻي جو هڪ تلاءِ ٺهيو پيو آهي بس اسٽاف ڏانهن ايندڙ ڪو به رستو صاف ناهي هن وقت پريشانين جي سمنڊ ۾ پيل نيوڇور واسي پنهنجي واهر ڪرڻ لاءِ رستن تي نظر ڄمائي ويٺي آهي پر افسوس هنن جو اهيو انتظار فضول آهي
آسن داس ميگهواڙ نيوڇور