زندگيءَ جي باغ مان ٽٽل گل
زندگي ھڪ باغ وانگر آھي جنھن ۾ڪڏهن ڪڏھن خوشبوءِ محسوس ٿيندي آھي، اھا خوشبوءِ اڪثر تڏھن محسوس ٿيندي آھي جڏھن انسان پنھنجون تمنائون پوريون ٿيندي ڏسندو آ ۽ پوءِ زندگيءَ جي باغ ۾ گل ئي گل نظر ايندا آھن. پر باغ ۾ صرف گل ناھن ھوندا گلن سان گڏ باغ ۾ ڪنڊا بھ ھوندا آھن ۽ اھي ڪنڊا تڏھن شدت سان محسوس ٿيندا آھن، جڏھن تمنائون اسان جي اکين اڳيان مرنديون آھن. اسان پنھنجا اڻپورا خواب اکين ۾ سجائيندا آھيون ۽ انھن کي پورو نھ ڪري سگھندا آھيون ۽ اھي خواب ڪنھن مئل مزار جيان ھوندا آھن. ان مھل زندگي جي باغن جا ڪنڊا اسان جي پيرن کي زخمي ڪندا آھن، ۽ اھي زخمي پير زندگيءَ ۾ اڳتي وڌڻ ۾ ڏاڍي تڪليف ڏيندا آھن. ۽ ان مھل اسان جي ڊائريءَ ۾ اللھ سان شڪايتون وڌي وينديون آھن. ان وقت اسان پنھنجون ئي تڪليفون ڏسي سگھندا آھيون، ائين سمجھندا آھيون ڄڻ اسان جي زندگيءَ جي باغ ۾ فقط ڪنڊا آھن، اسان جي زندگيءَ جي باري ۾ فقط ٽٽل گل آھن. اسان اللھ سان شڪايت ڪندا آھيون تھ صرف مان ئي ڇو؟ مون سان ئي ائين ڇو پيو ٿئي. پر حقيقت ائين نه آھي ھر ھڪ انسان جي زندگيءَ جو باغ الڳ آھي ان باغ ۾ گلن سان گڏ ڪنڊا بھ ھوندا آھن، گل ٽٽندا بھ آھن تھ ٽڙندا به آھن. اھو اللّه جيڪو ستر مائرن کان وڌيڪ پيار ڪندو آھي اھو اسان کي اڪيلو ناھي ڇڏيندو، ۽ اھو اسان جو پيارو رب انھن ڪنڊن کي گلن ۾ ٻيھر تبديل ڪندو آھي. اھو نھ سمجھو تھ فقط توھان جي زندگي ڏکي آهي ھرھڪ جي زندگيءَ جو الڳ داستان آهي. ھرھڪ جي زندگيءَ جا پنهنجا مسئلا آهن پنهنجي طور طريقا ۽ انداز. زندگي ھميشه ھڪ جھڙي ناھي ھوندي، ائين ئي ھڪ شئي ھميشه لاءِ نٿي ٿي سگھي. جيئن ڏکن پويان سک، گرميءَ پٺيان سردي، ائين ئي جواني پٺيان پوڙھائپ، اھو ھرگز نھ سوچيو ته زندگي ھميشه حسين ئي ھوندي اگر توھان اھو سوچيو ٿا تھ توھان غلط آھيو. ڇو تھ زندگي مستقل ناھي ھوندي. اگر زندگي ۾ تڪليفون توھان کي شدت سان محسوس ٿين تھ توھان سمجهو ته هاڻي اسين مضبوط آھيون ھڪ پھاڙ جيان . بس پوءِ ھمت نھ ھاريو انھن مشڪلاتن کي منھن ڏيڻ سکو. اگر اھو سڀ توھان سکي ٿا وڃو تھ توھان ڪامياب آھيو. ياد رکو تھ اللّه سائين ڪنھن به انسان کي ان جي طاقت کان وڌيڪ ناھي آزمائيندو.
مائده ماجد
سنڌو درياهھ اسان جو جياپو آهي سنڌوءَ ۾ ساھ
سنڌو درياهھ تي ڌارين کي ڪڏهن بھ قابض ٿيڻ نھ ڏينداسين سنڌو درياهه اسان جي پراڻي سنڌي تھذيب آهي. سنڌ جا وسيلا سنڌي ماڻهن جا جياپا آھن سنڌي ماڻهن ھميشه پنهنجي سنڌ جي تاريخ جي ڳالهه ڪئي آھي. پنجاب سنڌ حڪومت جي ذريعي درياهن جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي سنڌ جا وسيلا سنڌو درياهه، سنڌ جا ٻيٽ، ڪوئلو، موھن جو دڙو، ڪينجھر، ڪارونجهر، منڇر ڍنڍ سنڌ جي ھزارين سالن تائين پراڻي تهذيب جي اصل سونھن آهن. سنڌي ماڻھن سنڌ جي تاريخي ماڳن تي قبضا مافيا خلاف ۽ سنڌو درياهه جي لاءِ مسلسل جدوجهد ڪري پنهنجي ڌرتي ماءُ تي ڌارين خلاف ھميشه جنگ جوٽي ڌارين کي للڪاريو آهي. وطن جي خوشحالي سنڌو درياه آھي، ھي ندي اسان سنڌين جي ماءُ آھي. اڄ وري سنڌوءَ درياه مان ڪينال ڪڍڻ ذريعي پاڻي چوري ڪرڻ لاءِ تيارآھن. اھي رٿابنديون، سازشيون ڪڏهن بھ ڪرڻ نھ ڏينداسين. سنڌ اسان جو وطن آهي. سنڌ اسان جي قوم آھي. سنڌ مادر وطن آھي. سنڌ جي سونھن سنڌو درياهه سنڌ جا ٻيٽ ھزارين سالن جا وسيلا آھن. سنڌ حڪومت، ھميشھ سنڌ جي وسلين کي کپائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جڏهن بھ پنهنجي سنڌوءَ درياه تي ڌارين قابض ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آھي تھ ھميشه سنڌ جي ماڻهن پنهنجي سنڌ جي لاءِ آواز اٿاريو آھي. ھاڻ بھ ھي ڪئنال ڪڍڻ نھ ڏنا ويندا.
مختيار علي بلوچ/ تنگواڻي
سنڌ جا حڪمرانو سنڌو درياهه کي بچايو
سنڌو اسان جو هزارين سالن جو فطري ورثو ۽ تهذيبي سڃاڻپ آھي. ان کان زنده رهڻ جو حق کسڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي. سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏيو. اٿو سنڌو جا وارثو سنڌو کي بچايو. سنڌ صوبي سان ناانصافيون بند ڪيون وڃن. سنڌ صوبي جي لکين ايڪڙ زمين غير آباد ٿي وئي آهي. پنجاب ڪڏهن ڪو احتجاج ڪيو آهي تھ سنڌ سان ظلم ٿي رهيو آهي؟ وري به سنڌ سان ظلم ڪندي سنڌو درياهه مان نوان ڪينال ڪڍيا پيا وڃن . هر سال سنڌو درياهه مان هزارين ڪيوسڪ پاڻي پنجاب چوري ٿو ڪري پر سنڌ جا حڪمران اسيمبليءَ خاموش ويٺل آهن سنڌ سان ٿيندڙ ظلم جو عالمي برادري نوٽيس وٺي.
سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي ڪاڇو
سيوهڻ گرلز ڪاليج 16 سال گذرڻ باوجود مڪمل نھ ٿيو
سيوهڻ جو گرلز ڪاليج گذريل 16 سالن کان غيرفعال آهي، جنهن سبب 750 شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪرڻ ۾ شديد ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيون آهن. موجوده حالتن ۾، ڪاليج جون شاگردياڻيون گرلز هاءِ اسڪول جي ٽيڪنيڪل ۽ ليبارٽري هالن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن، جيڪا هڪ ناانصافي آهي. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته سنڌ حڪومت پاران مقرر ڪيل ٺيڪيدار 16 سالن جي عرصي دوران ڪاليج جي تعمير مڪمل نه ڪري سگهيو آهي. اهو لاپرواهيءَ ۽ بي ڌيانيءَ جو واضع ثبوت آهي. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ان خلاف تڪڙي ڪاروائي ڪندي ڪاليج جي تعمير مڪمل ڪري، شاگردياڻين کي سندن حق مطابق تعليمي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. هن مسئلي کي جلد حل ڪيو وڃي ته جيئن شاگردياڻيون تعليم جھڙي زيور جي محرومي کان بچي سگھن. اسان وزير اعلٰيٰ سنڌ کي اپيل ڪيون ٿا تھ پنھنجي تڪ جي نياڻين جي تعليم جي پاڻ مالڪي ڪري ۽ ھن مسئلي جو نوٽيس وٺي آفيسرن کي 16 سالن کان رھيل ڪم جلد مڪمل ڪرڻ جي ھدايت ڪري.
ڪامران عزيز
سنڌو درياهھ جي آبي ماڳن تي سياحت ۽ روزگار جا موقعا
سنڌو درياهھ جي ڪجهه ماڳن تي سياحت ذريعي متبادل معيشت جي گهربل صلاحيت موجود آهي. خاص ڪري سيوهڻ لڳ المنصور هوٽل جي سامهون N55 قومي شاهراهه کان وک کن پنڌ تي دريا گذري ٿو، هر سال هزارين ماڻهو جيڪي زيارت تي سيوهڻ اچن ٿا اهي روڊ تي گاڏي بيهاري به ٻيڙي تي درياھ جو سير ڪري سگهن ٿا، ٻئي نمبر تي موئن جي دڙي لڳ، بلڪه موئن جي دڙي جي مکيه بائونڊري وال جي حد اندر امام بخش ملاح جي ڳوٺ وٽ جٿي هينئر به ڪافي ٻيڙيون بيڪار بيٺل آهن. ٻهراڙي جي آبادين خاص طور تي ملاحن کي ان مان گهڻو فائدو ٿي سگهي ٿو. موسمياتي تبديلي ۽ بئراجن جي ٺهڻ سان درياھھ جي مڇي مسلسل نسل ڪشي ۾ آھي. گڏوگڏ سندن گذر سفر جي ذريعي ۾ هٿ سان ٺهيل ٽوڪرا/کارا ، پنڊيون ۽ ٻين شين جي کپت به گهڻو تڻو گهٽجي وئي آھي، بلڪه ختم ٿيڻ تي آهي. ڪجهه سال اڳ هڪ سماجي تنظيم ۾ ڊيوٽي دوران مون لاءِ اهو موضوع ان وقت اهم ٿيو جڏهن پروجيڪٽ جي سلسلي ۾ گڏيل زورگار لاءِ مالي مدد جي تجويزن دوران ادي بينظير ملاح ٻڌايو ته سندن ٻيڙيون ڪافي وقت دريا ڪناري بيٺل رهن ٿيون. وڏيون ٻيـڙيون ڏينهن ۾ ڪجهه ڀيرا پار ته مسافر کڻڻ وڃن ٿيو نه ته باقي عرصو بيٺل ئي آهن. ساڳيو حشر مڇي مارڻ جي ڪتب ايندڙ ٻيڙين جو به آهي. سو اگر موئن جي دڙي تي ايندڙ سياحن لاءِ دريا جي سير جو بندوبست ٿئي ته مقامي آباديون سٺو روزگار حاصل ڪري سگهنديون. ادي جي درخواست بلڪل ڌيان طلب لڳي سو ان سلسلي ۾ سندن ڳوٺاڻي تنظيم سان گڏجاڻي ڪري وڌيڪ سروي به ڪئي ته جيئن ان پروپوزل جو جائزو وٺجي. اهم ڳالھھ ايريگيشن ڊپارٽمينٽ جي اجازت هئي جنهن تي اهو طئي ڪيو ته ڳوٺاڻي تنظيم ڊي سي لاڙڪاڻو وٽ لکت ۾ درخواست داخل ڪندي، مالي مدد جي محدود ۽ تجربي نه هجڻ سبب ننڍي پئماني تي ڪم شروع ڪرڻ لاءِ گهربل سامان خاص ڪري سياحن لاءِ سيفٽي جيڪٽ، درياھھ ڪناري ڪجهھ بئنچون ۽ سياحن جي ريفريشمينٽ لاءِ عارضي جهوپڙا هوٽل ۽ ماحولياتي گدلاڻ کي نظر ۾ رکندي ڪجهھ ڪچري جي دٻن جي بندوبست جو ڪاٿو لڳائي 30 ماڻهن لاءِ روزگار جو پروپوزل فائنل ڪيو، ڪجهھ ذميواريون ملاحن حوالي ڪيون، خاص ڪري ٻيڙين جو بندوبست جيڪي هنن وٽ اڳ ئي موجود هيون، ۽ ماڳ جي چوڪيداري به. گهربل اجازت لاءِ جڏهن مٿي لکيم ته هيڊ آفيس کان جيڪو اهم اعتراض آيو اهو ايريگيشن ڊپارٽمينٽ جو اجازت نامو ۽ موئن جو دڙو کان سنڌو پوائنٽ وارو اڌ ڪلوميٽر جو رستو هو جيڪو ڪچو هجڻ سبب ڪار سوارن لاءِ ڏکيو پئي لڳو. ادي بينظير جي والد حامي ڀري ته مقامي سياسي قيادت کان ان اڌ ڪلوميٽر روڊ جي منظوري لاءِ هو ڪوشش وٺندو. پر ايريگيشن ۽ ڊي سي آفيس جي چڪرن اسان کي ڪافي مايوس ڪيو ۽ نيٺ پروجيڪٽ جو گهربل وقت به پورو ٿي ويو. صوبائي يا اگر ضلعي انتظاميا هن طرف ڌيان ڏئي ته ڪافي بهتر انداز ۾ هي ڪم ٿي سگهي ٿو. ايتري بجٽ موئن جو دڙو انتظاميا وٽ به هوندي، موئن جي دڙي کي سمجهڻ لاءِ درياھھ ۽ ٻيڙي کي به سمجهڻ ضروري آهي.
يوسف عزيز ڇٽو
پوليس اداري جي ڪارڪردگي
ڪنهن به ملڪ جي بهتر حڪمراني ۽ مثالي سياست کي سمجھڻ لاءِ ان ملڪ اندر قانون جي حڪمراني ۽ انصاف جي تقاضائن کي سامهون رکي پرکبو آهي ته اتي انصاف وهندڙ نديءَ وانگر صاف ۽ شفاف آهي ۽ هر ڪنهن کي سيراب ڪندو رهي ٿو، منجھس ڪابه رنڊڪ بند ٻڌي قبضو نه ٿو ڪري سگھجي ۽ ڪوبه قانون جي نظر ۾ ادنيٰ ۽ اعليٰ ناهي هوندو. ملڪ جو قانوني ڍانچو ڪيترو اثرائتو آهي، اهو ته هر روز ٿيندڙ غيرانساني واقعن مان پسي سگھجي ٿو، ڪارو ڪاري، اغوا ۽ ملڪيتن جي معاملن تي ٿيندڙ قتل و غارت گري هاڻي معمول بڻجي ويا آهن. ڪنڌڪوٽ شھر ۾ بدامني جي باھ ۽ رت جي راند بند نه ٿي سگهي آهي. ڪنڌڪوٽ ويجهو تنگواڻي ٿاڻي جي حد حبيب الله باجڪاڻي لاڙو ويجھو ڌاڙيلن سر عام گوليون ھڻي ٽرئفڪ کي بيھاري ڇڏيو. فائرنگ جي نتيجي ۾ ڌاڙيلن جي ھٿان الطاف لاشاري جو 7 سالا نينگر جميل احمد لاشاري شھيد ٿي ويو. شھيد نيگر جي خون سان انصاف ڪرڻ لاءِ وارثن ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري انڊس هاءِ وي روڊ بلاڪ ڪيو ويو پر پوليس جي ڏٽن ۽ ڪوڙن واعدن تي روڊ کوليو ويو. ڪشمور ضلعي ۾ بدامني ۽ ڌاڙيلن جو راڄ ۽ حالات خراب ھجڻ ڪري ڪشمور مان لڏپلاڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي جنھن ۾ ڪيترائي ھندو واپاري شهر ڇڏي ويا آهن. تازو چار ھندو خاندان انڊيا روانا ٿي ويا آھن
جنهن ۾ ساگر ڪمار پٽ اندر لعل، راجو پٽ رام چند، ديپڪ ڪمار پٽ لعل چند پوري فيملي سان گڏ ڪشمور کان انڊيا ھليا ويا آھن افسوس جو ٽيڪنالاجي جي عام ٿيڻ سان جنسي ڏوهن تي آسانيءَ سان قابو پائي سگھجي ٿو ته اتي ساڳي وقت ڏوهاري پڻ ان مان ڀرپور فائدو وٺندي پنهنجي ڏوهن کي اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آسان بڻائي ڇڏيو آهي ۽ هو قانون جي ڪمزورين ۽ ان تي عمل ڪرائڻ واري فورس جي ڪوتاهين جي ڪري مضبوط نيٽ ورڪ تحت ڪارروايون ڪن ٿا ۽ ڪٿي ته پوليس خود ڏوهارين کي فري هينڊ ڏئي قانون جي سنگين پائمالي ڪري پئي.
سنڌ جا وڏا شهر ته وڏي عرصي کان دهشتگردن جي نشاني تي رهيا آهن، اتي پوليس جي رٽ قائم نه ٿيڻ جو سبب خود پوليس ڊپارٽمينٽ رهيو آهي، جنهن ۾ اڪثريت اهڙن وردي پوشن جي رهي آهي، جيڪي محافظن جي شڪل ۾ ڏوهاري گينگ هلائيندڙ ۽ ڀتي خور مافيا جا مهندار بڻيل رهيا آهن. سنڌ جون ٻهراڙيون غيرمحفوظ هجڻ جي وڏي تاريخ رکن ٿيون، هتي جھنگ جو قانون ڊگھي عرصي کان هلندو اچي. اتي پوليس ۽ ڌاڙيلن جي روش ۾ ڪو خاص فرق نظر نه ايندو، پهرين ڌاڙيل ڳوٺ وارن ۽ رستن وارن کي ڦريندا آهن ۽ بعد ۾ بچيل ڪسر وري پوليس پوري ڪندي آهي، ته توهان جي ڳوٺ جو فلاڻو ماڻهو ڌاڙيلن سان مليل آهي، ان ڪري ڏوهه ۾ توهان به برابر جا شريڪ آهيو. پوءِ ويچارا ڳوٺاڻا پوليس ۽ ڌاڙيلن جي وچ ۾ سرنهن جي داڻن وانگر پيسبا رهندا آهن، ڪوئي انهن جي دادرسي ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي.
ڏوهه جو ٿيڻ ۽ ڏوهارين تائين پوليس جي انصاف ۽ قانون موجب رسائي ڪيتري بهترين آهي؟ اهو درد جيڪڏهن ڪنهن ڳوٺاڻي کان معلوم ڪجي ته هُو ان جي ظلمن جا داستان کولي ڇڏيندو. ڇوته سنڌ جي ٻهراڙين مان گذريل اڍائي ڏهاڪن ۾ جيڪا لڏپلاڻ ٿي آهي ۽ حسين منظر رکندڙ ڳوٺ ويران وسنديون بڻجي ويا آهن ۽ زرخيز زمينون ٻوڙن ۽ ٻيلن ۾ تبديل ٿي ويون آهن، انهن جو درد تمام ڊگھو آهي. اڄ انهن وسندڙ ديرن تي دونهي دکائي سوجھرو ڪندڙ ماروئڙا ماڳ مٽي شهر جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ گمنام زندگي گذارين پيا. پر پوليس جي ڪارروائي حسبِ معمول اڃا به اها ئي آهي. ڪشمور ڪنڌڪوٽ شڪارپور ۽ گھوٽڪي جي ڪچي ۾ پوليس طرفان ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ڪا نئين ڳالهه ناهي، ماضيءَ ۾ پوليس جيڪي به ڪارروايون ڪيون آهن، انهن جو رڪارڊ شاهد آهي ته پوليس ڪچي ۾ وڏي فورس گھرائي پڪي تي ڪئمپون قائم ڪري ڪچي مان شهرن ڏانهن خريداري يا علاج لاءِ ايندڙ ماڻهن سان جيڪي جٺيون ڪندي آهي، انهن کي واڙي ڌاڙيلن جو مائٽ هجڻ جي سزا بدترين تشدد جو نشانو بڻائي ۽ عورتن جي تذليل ڪري کين نئون ڏوهاري ٺاهيو ويندو آهي. جيڪڏهن پوليس پڪي جي ويجهو ڪنهن ڪچي جي ڳوٺ ۾ جديد هٿيارن ۽ پوليس گاڏين سان پهچي به وئي ته پهرين گهر جي ڀتين کي پنهنجي گولين جي نشاني تي آڻي، ان ۾ موجود مڏي کي لڪائي چوپائي مال کي تازن ڄاول ڦرن سميت ڪاهي ڪارناما سرانجام ڏيندي آهي. شڪارپور پوليس جاري آپريشن ۾ چئن ڌاڙيلن جي مارجڻ جي دعويٰ ته ڪئي آهي پر انهن مارجي ويل ڌاڙيلن کي پنهنجا چند ساٿي کڻائي ويا. سَون جي تعداد ۾ جديد هٿيارن سان پوليس فورس انهن جيئرن ڌاڙيلن کي ته ٺهيو پر مُئلن کي به نه پڪڙي سگهي. ڪچي ۾ آپريشن دوران شهيد پوليس اهلڪار جي مارجي وڃڻ جي ڪهاڻي ۾ اهو به ٻُڌايو پيو وڃي ته پوليس اهلڪار به پوليس جي غفلت سبب حياتي وڃائي ويهندا آهن. گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان ڪچي ۾ موجود پوليس بيگناهه ماڻهن جون ملڪيتون وڪڻي ڪمائي ڪرڻ ۾ پوري آهي.سائنس جي اصول مطابق سڀ کان پهرين ڏوهن جي سبب کي جاچڻ ۽ ان کي ختم ڪرڻ حڪومتن جي ذميواري هوندي آهي پر هتي هڪ ڏوهه ۽ ڏوهاريءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي نون ڏوهارين ڄڻيو وڃي ٿو. اسان وٽ ڏوهارين کي قانون جي پڪڙ هيٺ آڻڻ لاءِ ايتريون ته قانون جون سنگين ڀڃڪڙيون ڪيون وڃن ٿيون، جو ڏوهارين جي پيدا ٿيڻ جا ڪيترائي جواز ٺهي پون ٿا.
پوليس سان عام ماڻهن جو رويو نفرت وارو ئي آهي. عام ماڻهو جي انساني حقن کي ٿاڻيدار جي ٽيبل هيٺان پيل ڪچري جي دٻي ۾ ڦِٽو ڪيو ويندو آهي، ٿاڻن تي موجود صوبيدار اڪثر ڪري پنهنجي اها لاچاري ۽ لالچ ڏيکاري هر ڪيس جا پئسا گهرندا آهن ته اسان کي اسٽيشنري کان ويندي گشت جي تيل ۽ آفيسن جي فٽيگ تائين سڀ ڪجهه پنهنجي کيسي مان ئي ڪرڻو پوي ٿو ته پوءِ اسان کان انصاف جي تقاضا ۽ ڏوهارين خلاف موثر ڪارروائي جي طلب ڪرڻ جي توقع رکڻ خود ناانصافي آهي. هتي پهرين ڏوهاري پيدا ڪيو، پوءِ ڏوهن کي جنم ڏيو ۽ بعد ۾ ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قانون کان مٿانهان قدم کڻي انصاف ۽ قانون جي سنگين پائمالي ڪري پوليس اداري جي ڀوائتي شڪل ٺاهي وئي آهي، جنهن سان معاشري جي عام ماڻهوءَ کي ڊيڄاريندي رهي ٿي، اهڙي عمل سبب پوليس لاءِ عام ماڻهوءَ جو رويو احترام جهڙو ناهي رهيو. پوليس ٿاڻن ٻاهران ڀتين تي لڳل انساني حقن جي بورڊ تي جيڪڏهن اضافو ڪري هي لکيو وڃي ته “اسان وٽ انساني حقن سان روزانو جُٺ ۽ مذاق ڪئي ويندي آهي”، ته اهو غلط نه هوندو. جيستائين پوليس جي اعليٰ آفيسرن ۾ پئسي ڪَٺي ڪرڻ جي حوس جو خاتمو نٿو اچي، تيستائين قانون جي حڪمراني ۽ انصاف ڀريو معاشرو ممڪن نه آهي ۽ نه وري معاشري اندر پوليس خلاف موجود اڻ وڻندڙ روش کي ختم ڪري سگهجي ٿو ۽ پوليس خلاف ٺهيل پهاڪو ته “پوليس نه دوست، ڦڦڙ نه گوشت” کي حقيقي عوامي دوستيءَ جي مثالي محاوري ۾ تبديل ڪري عوام اندر مضبوط تعلق کي جوڙي سگهجي ٿو.
نور حسن سبزوئي
چين جي فائر وال کانپوءِ حڪومت جا قدم
منهنجي خيال ۾ پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا پليٽفارمز تي پابندي جي فيصلن سان يقينا حڪومت کي فائدو ٿيو آھي. پاڪستان ۾ ھي ٽرم ته ھاڻي مذاق ۽ مزاح ۾ استعمال ٿيڻ لڳو آھي ته “فلاڻي جو سافٽ ويئر اپ ڊيٽ ٿي ويو آھي” اھو مذاق ته انفرادي سطح تي يا سوشل ميڊيا تي ماڻھو مزي وٺڻ خاطر ھڪٻئي سان ڪن ٿا پر جڏھن کان چائنه جي مھربانين سان حڪومت کي فائر وال سافٽ ويئر نصيب ٿيو آھي تڏھن کان حڪومت ته پوري قوم جو سافٽ ويئر اپ ڊيٽ ڪري ڇڏيو آھي. ان تمام مھربانين ۾ پي ٽي آءِ وارن جو به حصو شامل آھي. حڪومت جنھن طرح ٽوئٽر کي نپوڙي گھر ويھاريو آھي ان جو لاڀ حڪومت کي ضرور مليو آھي. ٽوئٽر جهڙو پليٽفارم اڪثر سياسي بيانن، خبرن ۽ راءِ عامه کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي، جيڪو حڪومت لاءِ حساس ٿي سگهي ٿو. ان جي ابتڙ، فيس بڪ ۽ انسٽاگرام گهڻو ڪري ذاتي رابطن، وندر ۽ ڪاروباري سرگرمين لاءِ استعمال ٿين ٿا، تنهن ڪري انهن تي پابندي لڳائڻ سان يقينن معاشي نقصان جو خطرو وڌيڪ ٿي سگهي ٿو. ممڪن آهي ته حڪومت انهن پليٽفارمز جي اثرن ۽ ڪردار کي ڏسي فيصلو ڪري ته ڪنهن کي محدود ڪيو وڃي ۽ ڪنهن کي آزاد ڇڏيو وڃي. هي منهنجي ذاتي راءِ آهي، جيڪا موجوده حالتن جي مشاهدي تي ٻڌل آهي. دلچسپ ڳالھھ اھا آھي ته حڪومت اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي استعمال ڪري وي پي اين جي ذريعي ٽوئٽر جي ٻاڙ پوري ڪندڙن کي وري شريعت جي دائري ۾ کڻي آئي آھي.
علي رضا سومرو/ ڪراچي