سنڌ ۾ بدامني جي باھ آخر ڪڏهن وسامبي؟

 

سنڌ ۾ بدامني جو مسئلو ڏينهون ڏينهن گهٽجڻ بدران وڌنڌو پيو وڃي، هر آئي ڏينهن چوري، ڦر، ڌاڙو، اغوا ڪاري ڄڻ سنڌ جو مقدر بڻجي ويون آهن. انهن مسئلن تي رياست جي خاموشي سواليا نشان آهي. منهنجي خيال ۾ بدامني، چوري، ڦر، اغوا ڪاري سميت جيڪي به غلط ۽ ڪڌا ڪم ٿين ٿا انهن ۾ طاقتور ڌرين جو پورو پورو هٿ ۽ سرپرستي آهي، نه ته چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ڌاڙيلن جي ڪهڙي مجال آهي جو ڏوهه ڪن. سنڌ ۾ ڌاڙيل هر ڏوھ ڪرڻ سان گڏوگڏ پوليس اهلڪارن کي به اغوا ڪن ٿا، ايتري قدر جو معموم ٻارڙن کي به بخش نه پيو ڪيو وڃي انهن کي به اغوا ڪري زنجيرن سان وڪوڙي وڊيو جاري ڪري سرعام لکين رپيا ڀنگ گهري رياست کي للڪارين ٿا، پر پوءِ به رياست انڌي، ٻوڙي ۽ گونگي بڻيل آهي. رياست هر عام ماڻهو کي بنيادي حق نه پئي ڏئي پر عام ماڻهو لاءِ امن امان به هڪ خواب بڻجي ويو آهي. عام ماڻهو خوف ۾ مبتلا آهي، گهران ٻاهر نه ٿو نڪري سگهي، ھر وقت انهي فڪر ۾ آهي ته الله نه ڪري ڪو حادثو، سانحو ۽ الميو نه ٿئي، هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا رياست امن امان ڪرائيندي يا عوام ائين ئي عذاب کي ڀوڳيندو رهندو؟

 

عامرجوڳي/ مرزاپور

 

1919ع  جو جليانوالا باغ سانحو

 

13 اپريل 1919ع تي پيش ايندڙ هن ڏکوئيندڙ واقعي جنگِ آزاديءَ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو پر ڪافي جانين جي قرباني ڏني وئي تنهن کانپوءِ ڪجھه حاصل ٿيو.21 مارچ 1919ع تي انگريز حڪومت هڪ ايڪٽ  پاس ڪيو هو جنهن جو مقصد آزاديءَ جي جدوجهد کي روڪڻ هو. ان ڪري هندوستان ۾ احتجاج شروع ٿيا ۽ اڳواڻن کي قيد ڪرڻ شروع ڪيو ويو. ان وقت جي تحريڪي ڪارڪنن امرتسر ۾ جلسو ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو پر انگريز حڪومت انهيءَ جلسي ٿيڻ کان ٽي ڏينهن پهريان جلسن جلوسن ۽ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي پابندي لڳائي هئي. امرتسر ۾ 13 اپريل 1919ع تي سکن ۽ مسلمانن جي مقامي رهنمائن  ڊاڪٽر سيف الدين ڪچلو ۽ ڊاڪٽر ستياپال کي گرفتار ڪيو ويو، انهن ٻنهي رهنمائن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ جليانوالا باغ (امرتسر) ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو ويو جتي شام جو مقامي وقت مطابق چار وڳي ماڻهو گڏ ٿيڻ شروع ٿيا. اهو ميدان تقريبن ٻه سئو گز ڊگهو ۽ هڪ سئو گز ويڪرو هو ۽ هن کي  چئني طرفن کا وڏي ديوار هئي، اندر اچڻ لاءِ صرف هڪ وڏو دروازو هو جتان احتجاج ڪندڙ ماڻهو  داخل ٿيا ۽ ماڻهن جو تعداد تقريبن پندرنهن کان ويههه هزار  انهيءَ ميدان يعني جليانوالا باغ ۾ موجود هو. اتان جي مقامي رهنمائن اتي جلسو شروع ڪيو. تقريرن جو سلسلو پڻ جاري هو ۽ اهو جلسو هڪ پر امن  جلسو هو. شام جو تقريبن پنج لڳي پندرنهن منٽن تي انگريز جنرل ڊائر پنجاھ فوجين سان گڏ ٻه آرمرڊ گاڏين سان گڏ اتي پهتو، ڪجھه منٽ هو بلڪل خاموش رهيو ۽ اچانڪ جلسي گاھ ۾ فائرنگ جو حڪم ڏنو. اها فائرنگ تقريبن ويههه منٽ جاري رهي. فائرنگ جي ڪري ماڻهن ۾ افراتفري شروع ٿي وئي ۽ ماڻهن جانيون بچائڻ لاءِ باغ ۾ موجود کوھ ۾ ٽپ ڏيڻ لڳا ته پنهنجون جانيون بچائي سگهن پر فوجين ان کوھ جي اندر به گوليون هلايون جنهن سان ڪافي جاني نقصان ٿيو. تنهن وقت جي انگريز سرڪار جي رپورٽ مطابق کوھ مان هڪ سئو ويهه لاش ڪڍيا ويا ۽ ڪافي لاشن کي ڪڍيو ئي نه ويو هو. ويهه منٽن جي انڌا ڌنڌ فائرنگ کانپوءِ جنرل ڊائر پنهنجن سپاهين سان واپس ويو. ان وقت جي رپورٽ مطابق ٿري ناٽ ٿري رائيفل جا سورنهن سئو پنجاھ رائونڊ فائر ڪيا ويا جنهن مطابق ڇھن گولين مان هڪ گولي موتمار ثابت ٿي. مقامي ماڻهن جو چوڻ هو ته کوھ مان ئي رڳو ٽي سئو لاش ڪڍيا ويا، ۽ ميدان تي جانيون وڃائيندڙن جو تعداد پڻ سوَن ۾ هو. هڪ تنظيم جي اڳواڻ پنڊت مدن موهن مالويه جيڪو پهريون اڳواڻ هو جيڪو سڀ کان پهريان جليانوالا باغ پهتو هو  جنهن پنهنجي ڪارڪنن سان جيڪي اعداد و  شمار گڏ ڪيا ان جو چوڻ هو ته فوت ٿيندڙن جو تعداد هڪ هزار کان به وڌيڪ هو. ايترن بيگناھ آزاديءَ جي متوالن کي ماريندڙ جنرل ڊائر کي به هڪ سِکَ ڪواڊ دهم سنگهه   1940ع ۾ لنڊن ۾ حملو ڪري ماري ڇڏيو. 1920ع ۾ جليانوالا باغ کي پنج لک سٺ هزار چار سئو ٻائيتاليھه روپين ۾ خريد ڪيو ويو هو. 1947ع ۾ پاڪستان ۽ هندوستان جي الڳ ٿيڻ کانپوءِ آزاديءَ جي ياد ۾ هڪ يادگار تعمير ڪئي وئي جيڪا 1961ع ۾ مڪمل ٿي.

 

سيد غلام مصطفيٰ شاھ

 

ٽرمپ جي واپسي جا سبب ۽ دنيا جو ردِ عمل

 

آمريڪي اسٽيبلشمينٽ جي ڪيترين ئي ڪو ششن ۽ خواهشن خلاف ڊونلڊ ٽرمپ ٻيو ڀيرو ۽ آمريڪا جو مجموعي طور 47 هون صدر بڻجڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪو آهي. آمريڪي ڪنوينشنل توڙي سماجي ميڊيا آخري گھڙيءَ تائين اهو چئي رهي هئي ته ڪملا هيرس ۽ ٽرمپ وچ ۾ مقابلو سخت آهي ۽ ان ۾ ڪملا هيرس کي ٿوري گهڻي سرسي حاصل آهي. پر نتيجا ان جي بلڪل ابتڙ نڪتا، ڊونلڊ ٽرمپ لڳ ڀڳ هر ميدان تي ڊيموڪريٽس پارٽي جي اميدوار کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. هن به فقط گذريل ڀيري وانگر ڊيموڪريٽس اميدوار کي اليڪٽورل ڪاليج ذريعي شڪست ڏني پر پاپولر ووٽ پڻ وڌيڪ کنيا. ٽرمپ جي کٽڻ تي آمريڪي ميڊيا  گھڻي حيران آهي ڇاڪاڻ ته گذريل ويهن سالن ۾ پهريون ڀيرو ريپبلڪن پارٽيءَ پاپولر ووٽ توڙي اليڪٽورل ڪاليج ۾ برتري حاصل ڪئي آهي. ٽرمپ جي اليڪشن کٽڻ جا ڪجهه سبب هي آهن ته، آمريڪي گورا شهري ٻاهران قانوني توڙي غيرقانوني طور ايندڙ ماڻهن کان خوفزده آهن. سندن خيال آهي ته دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آمريڪا ايندڙ  ”غير“ ماڻهو سندن روزگار ۽ وسيلن تي ڌاڙو هڻڻ اچن ٿا. خاص طور تي ميڪسيڪو مان غيرقانوني طور آمريڪا ۾ داخل ٿيندڙ ماڻهن جو وڏو تعداد اتان جي ماڻهن ۽ حڪومت لاءِ وڏو مسئلو رهيو آهي. ڊونلڊ ٽرمپ جي ان معاملي تي پهريان به پاليسي واضح رهي آهي ته سندن ترجيح ”پنهنجو“  ملڪ ۽ ”پنهنجا“ماڻهو آهن. ٽرمپ جي ڪاميابيءَ جو ٻيو سبب ڊيموڪريٽس جي سماجي لبرل پاليسين تحت LGBTQ جي حقن جي آزاديءَ لاءِ کنيل قدمن تي روايت پسند آمريڪين جي مخالفت آهي. آمريڪا ۽ سندس اتحادي نه فقط پنهنجي ملڪن ۾ پر آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪجي اسٽرڪچرل ايڊجسٽمينٽ پروگرام(SAPs) ذريعي ٻين ملڪن ۾ پڻ معاشي ۽ سياسي پاليسين سان گڏوگڏ سماجي پاليسين جهڙوڪه انساني حقن جي آزادي جن ۾ عورتن، ۽ ٻارڙن سميت LGBTQ جي حقن جي تحفظ لاءِ قانونسازيءَ تي زور ڀريندا آهن. ڊيموڪريٽس جي حڪومت ۾ هم جنس پرستيءَ جي کليل اظهار ۽ شادين وغيره اتان جي روايت پسند شهرين ۾ ڪاوڙ کي جنم ڏنو. ان معاملي تي ٽرمپ جي راءِ روايت پسند آمريڪين واري ئي هئڻ ڪري ان حلقي جي حمايت به سندس حصي ۾ آئي.  هڪ ٻيو معاملو جيڪو ٽرمپ جي فتح جو سبب بڻيو سو آهي آمريڪا ۾ وڌندڙ مهانگائي. آمريڪا جي تحقيقي اداري ”پيو (PEW)  رسرچ سينٽر“ پاران هڪ تحقيقي مضمون ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪورونا وبا کانپوءِ آمريڪي معيشت کي تمام گھڻو ڌچڪو رسيو آهي. گذريل مهيني تائين 74 سيڪڙو آمريڪين جو خيال آهي ته کاڌ خوراڪ ۽ گھريلو استعمال ۾ ايندڙ شين جي اگهن ۾ تمام گھڻي واڌ آئي آهي. جڏهن ته 69 سيڪڙو ماڻهن مطابق رهائش جي قيمتن ۾ سڀ کان وڌيڪ واڌ آئي. جيتوڻيڪ آمريڪا جي 46 هين صدر جو بائيڊن پنهنجي دور ۾ رڪارڊ نوڪريون ڏنيون پر مهانگائي ۾ مسلسل واڌ اتان جي ماڻهن ۾ وڌندڙ ڪاوڙ کي روڪي نه سگھي. تنهن کان علاوه، يوڪرين جنگ پڻ ڊيموڪريٽس لاءِ ناڪاميءَ جو هڪ وڌيڪ اهم سبب آهي. يوڪرين جنگ کي روڪرائڻ ۾ ناڪاميءَ جو سبب پيو رسرچ سينٽر جي رپورٽ مطابق اڌ کان وڌيڪ شهرين ڊيموڪريٽس کي ڄاڻايو. آمريڪا جي دفاعي وزارت جي انگن اکرن موجب جنگي امداد جي مد ۾ هينئر تائين لڳ ڀڳ 65 ارب ڊالر يوڪرين کي ڏنا ويا آهن ۽ ٽرمپ جي حلف برداري کان پهريان پينٽاگان وڌيڪ 6 ارب ڊالر يوڪرين کي ڏيڻ جي تيارين ۾ آهي. جنهن تي آمريڪي شهري سمجهن ٿا ته سندن پاران ڏنل ٽيڪس جو پئسو ٻاهرين جنگين تي خرچ ٿي رهيو آهي. ان سان گڏوگڏ، ڪجهه عالمي تجزئي نگارن موجب يوڪرين جو صدر زلنسڪي جنگ بنديءَ جي حق ۾ بائيڊن انتظاميه سان ڳالهه ٻول ڪري چڪو هو ۽ روس به يوڪرين جي نيٽو ۾ شامل نه ٿيڻ جي اعلان شرط ڪرائيميا سميت ڪجهه علائقن کي ڇڏي باقي ٻين علائقن تان قبضو ختم ڪرڻ تي راضي هو. پر جو بائيڊن جو خيال هو ته روس کي يوڪرين ۾ به افغانستان وانگر شڪست کانپوءِ ئي جنگ بندي طرف وڌجي. بائيڊن جي اها خواهش سندس پارٽيءَ کي شڪست ڏيارڻ ۾ هڪ اهم سبب ثابت ٿي.  ٽرمپ جي فتح جو هڪ ٻيو سبب عرب ۽ ٻيا مسلمان آمريڪي ووٽر  پڻ سمجهيا پيا وڃن. آمريڪا ۾ مسلمانن جي هڪ اداري ”ڪائونسل آن آمريڪن اسلامڪ رليشنز (CAIR)“مطابق 2020ع وارين چونڊن ۾ لڳ ڀڳ ستر سيڪڙو مسلمانن جو بائيڊن يعني ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ کي ووٽ ڏنا. هينئر گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ پهريون ڀيرو  پنسلوينيا ۽ مِشيگن جي عرب آباديءَ وڏي پئماني تي ڊيموڪريٽ اميدوار کي ووٽ نه ڏنو. جن مان گھڻن گرين پارٽيءَ جي جِل اسٽين کي ووٽ ڏنا، ٻئي نمبر تي ٽرمپ ۽ ٽئين نمبر تي ڪملا هيرس کي ووٽ ڏنا. جيتوڻيڪ، آمريڪا ۾ مسلمانن جي ووٽ جو تعداد ايترو نه آهي جو اهو اتان جي اليڪشن تي ڪي وڏا اثر ڇڏي پر هڪ اهو ته عربن جا ووٽ گھڻا پينسلوينيا ۽ مشيگن ۾ هئڻ ڪري اهميت رکندڙ هئا، ڇاڪاڻ ته ٻنهي جا ترتيبوار 19 ۽ 15 ووٽ هئا ۽ ٻيو ڊيموڪريٽس جي مخالفت ۾ ووٽ ڏيڻ جو مطلب آهي وچ اوڀر ۾ اسرائيل پاران جاري قتل عام ۾ مدد ڪرڻ تي سندن پاران احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ. ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪاميابيءَ  آمريڪي اسٽيبلشمينٽ جي لاءِ بري ثابت ٿي آهي. ڇاڪاڻ ته بقول ناليواري تجزئي نگار حامد مير جي ته لڳ ڀڳ سموري ميڊيا کي خريد ڪرڻ باوجو د ٽرمپ خلاف عام ماڻهن جي راءِ تبديل ڪرڻ ۾ اصل ڌڻي ڪامياب وڃي نه سگهيا آهن. ڇاڪاڻ ته ميڊيا پاران 2016ع واري اليڪشن وانگر هن ڀيري به ڊيموڪريٽس اميدوار جو پلڙو ڀاري ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. چند تبديليون ڊونلڊ ٽرمپ جي آمريڪا جي صدر ٿيڻ سان دنيا ۾ يقيني طور ايندي نظر اچن ٿيون تن ۾ هڪ اها به آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر ساڄي ڌر جي ”پاپيولسٽ“ ليڊرن جو اڀار وڌ کان وڌ ڏسڻ ۾ ايندو. دنيا ٿي سگهي هڪ ڀيرو ٻيهر برطانيه جي بورس جانسن، پاڪستان جي عمران خان جهڙن چهرن کي اڳيان ايندي ڏسي ۽ ٿي سگهي ٿو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي، هنگري جو وڪٽر اوربن ۽ اهڙا ٻين ملڪن جا سربراه پنهنجي اقتدار کي وڌيڪ مضبوط ڪن.

 

علي رضا جلباڻي

 

سائين عبدالستار، ھڪ شانائتو املھ استاد ۽ انسان

 

استادن ۽ انسانن  جو وجود ايترو ئي پراڻو آھي جيتري ھي ڌرتي پراڻي آھي. ھر ماڻھو ڪردار رکي ٿو انھن مان انسانيت جو ڪردار ڪو ڪو نڀائيندو آھي.  سائين عبدالستار به انھن انسانن ۽ استادن مان ھڪ محبتي ۽ شفيق استاد ھو جنھن جو ڪردار ۽ زندگي وطن، ڌرتي ۽ انسانن توڙي پکي پکڻ سان جڙيل ھو. سائين عبدالستار جو جنم 10 آڪٽوبر 1968ع تي ڳوٺ حاجي خان کوسو اڳوڻي تعلقي ڪوٽڙي ضلعي دادو ۽ ھاڻوڪي تعلقي مانجھند ضلعي ڄامشورو ۾ محمد سومار کوسو جي گھر ٿيو. سندس ننڍپڻ جي زندگي جا حوالا ڪيترائي دلچسپ ۽ کلائيندڙ آھن. سائين عبدالستار پنھنجي ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ انڙپور مان حاصل ڪئي. ميٽرڪ ۽ انٽر نوان جتوئي ھاءِ اسڪول مان ڪئي. جڏھن تعليم حاصل ڪري ڳوٺ پھتو ته تنھن وقت سنڌ ۾ سياست جا ٻه مرڪز ھئا ھڪ سن ۽ ٻيو لاڙڪاڻو. سن جي سياست سنڌ لاءِ ھئي جتي سنڌ جي حقن جي ڳالھه ٿيندي آھي. سائين عبدالستار کوسو سن جي سياست ڪندڙ شخصيت سائين جي ايم سيد سان ڪچھرين لاءِ خاص پنھنجي والد سان گڏجي ويندو ھو. سائين جي ايم سيد سان اڪثر ڪچھريون ڪندو ھو. 1986ع ۾ ماستري جي نوڪري جو آرڊر مليو.  عبدالستار کوسي جو استاد ٿيڻ وارو سفر شروع ٿي ويو. انھي سفر کانپوءِ سائين عبدالستار مٿان  ھڪڙي قسم جا خدائي فرض پئجي ويا انھي فرض کي نڀائيندي قوم جا ٻچا پڙھاڻن لڳو. نوڪري ملڻ کانپوءِ سن جي عام جام واري سفر مان مختصر سفر ٿي ويو پر سائين جي ايم سيد جي سالگراھ واري ڏينھن تي صبح جو سوير سن پھچندو ھو.  ھڪ دفعي سائين جي ايم سيد،  سائين عبدالستار جي والد کي اڪيلي سر ويٺل ڏسي  تنھن تي سائين سوال ڪيو ته ھاڻي نوجوان نٿو اچي‌؟؟  تنھن تي سائين عبدالستار جي والد صاحب جواب ڏنو ته سائين نوجوان ماستر ٿي ويو آھي تنھن تي سائين جي ايم سيد وراڻيو منھنجي طرفان ھدايت ڪجوس ته قوم کي تعليم جي ميدان ۾ بھترين تحفا ڏئي پنھنجو اھو مورچو مضبوط ڪري پوءِ سائين عبدالستار جا ڪيترائي شاگرد ڪيترين ئي وڏن عھدن تي فائز آھن ڪيترائي جج، وڪيل،  استاد ء انجنيئر ٿيا آھن. سائين عبدالستار کوسي لاءِ سنڌ اتم ھئي جڏھن بشير خان قريشي لاپتا قومي ڪارڪن لاءِ لانگ مارچ ڪيو ته تنھن ۾ ٽنڊي محمد خان مان شامل ٿيو. ڪراچي آخري جلسي تائين گڏ ھو. سائين عبدالستار پير پٿون ڪري جڏھن ڳوٺ موٽيو ته سندس ڌرتي لاءِ تيار ڪيل شاگردن سائين جا پير چميا. ڪيترائي ڀيرا وطن پرستي جي عشق ۾ گرفتار ٿيو انھي سان گڏوگڏ جڏھن پ پ جي پھرين حڪومت شروع ٿي تنھن وقت ٻڍاپور ٿاڻي تي دھشتگردي جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي ان ڪيس ۾ 4 سال سنواين بعد عدالتن مان باعزت بري ٿيا. سائين عبدالستار جي شاگردن جا اکر به سائين جي اکرن جيان موتي ھوندا ھئا. اکرن جي ڪٽ سائين جي اکرن جيان  ھوندي ھئي.

گھوڙن ۽ گھوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا

ڪڏهن منجھه ڪوٽن ڪڏهن راهي رڻ جا.

آخر سائين عبدالستار کي به پنھنجن جي بيوفائين ۽ محبوبن شخصن جي وڇوڙن بيمار ڪري وڌو. زندگي جي آخري گھڙي تائين ڊاڪٽر جي علاج ھيٺ رھيو.  13 نومبر 2023 تي مخدوم بلاولي (ساھڙ سوالي) جي وارياسي ڌرتي اوڍي ھميشه لاءِ سمھي پيو تنھن کي خبر ھئي دل جي سڪون ڏيندڙ  مرھم ھتي نه ملي سگھندو. ھزارين تمنائون کڻي پنھنجي حقيقي مالڪ سان وڃي مليو. سندس اولاد ۾ ھڪ پٽ، بيواھ گھر واري ۽ سندس جيجل امڙ کي بي يارو مددگار ڪري ويو آھي. ساھ جي سڳي ٽٽڻ وقت سائين عبدالستار الوداعي سلام ڪري ھميشه لاءِ موڪلائي ويو.

 

صوفي طارق علي کوسو

 

نيوڇور مان منشيات جو خاتمو ڪرايو وڃي‎

 

نيوڇور ۾ اڳي ته لڪ ڇپ ۾ منشيات هلندي هئي پر گذريل پنجn ميهنن کان منشيات سرعام وکر وانگي وڪامجڻ لڳي آهي. پوليس توڙي انتظاميا منشيات جي وڪري تي ڪا به روڪٿام ناهي ڪئي. نيوڇور ۾ ڪچو شراب، چرس، وسڪي، آفيم، نشي واريون سوپاريون، آئيس کان ويندي نشي واريون گوريون به اسٽورن تي وڪامجڻ لڳيون آهن. پوليس ۽ لاڳاپيل ادارن ڪو به ٻوٽو نه ٻاريو آهي. موالي شراب پي شهرين ۽ دڪاندارن کي پريشان ڪري رهيا آهن. اسان ايس ايس پي عمرڪوٽ کي گذارش ٿا ڪريون ته اسان جي شهر مان منشيات جو خاتمو ڪيو وڃي جيئن ايندڙ نسل تباهي کان بچي سگهي. هي منشيات جي شڪل ۾ زهر انساني جانين لاءِ خطرناڪ آهي. اهو نوجوان نسلن جو خاتمو آهي. منشيات تي ڪنٽرول ڪيو وڃي.

 

ڪاشف ڪنڀر/ نيوڇور

آمريڪي صدارتي اليڪشن

 

آمريڪي صدارتي اليڪشن 2024 خير سان ٿي وئي جنهن ۾ ريپبليڪن پارٽي جو صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ swing states مان وڏي اڪثريت سان ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي آمريڪا جو 47 صدر چونڊجي ويو آهي. ڊيموڪريٽڪ جي اميدوار ڪمالا هيرس جنهن پنهنجي شڪست وڏي دل سان قبول ڪري ٽرمپ کي مبارڪ ڏني. پاڪستاني سياستدانن کي انهيءَ عمل مان سکڻ گهرجي ته سياست ۾ هار جيت هلندي رهندي آهي ۽ هار تي هر دفعي ڌانڌلي جا نعرا هڻي سڄي ملڪ کي يرغمال نه بڻائجي. ٽرمپ جي ڪاميابي کان پوءِ اڪثر پاڪستانين کي ٽرمپ مان گهڻيون ئي اجايون اميدون آهن. ڪجهه جو چوڻ آهي ته صدر ٽرمپ جي اچڻ سان پاڪستاني سياست ۾ وڏو شفٽ نظر ايندو. خيالي دنيا ۾ رهندڙ ڪجهه ماڻهن جي سوچ آهي ته پاڪستان جي ڪجهه مشهور سياسي شخصيتن کي پينٽاگون ڏانھن ٿڌي هوا نصيب ٿيندي. پاڪستان جي معيشت ته مثبت اثر نظر ايندا، دنيا ۾ هلندڙ مسلمانن جا مسئلا ۽ خاص ڪري فلسطين ۾ ٿيندڙ ظلم ختم ٿي ويندو مگر سياست جو شاگرد ھجڻ جي ناتي مون کي نٿو لڳي ته آمريڪا جو صدر جنھن جي سامهون دنيا جا هزارين مسئلا آهن ۽ سندس پليٽ الڳ الڳ فائدو ڏيندڙ ميون سان ڀريل آهي سو پاڪستان جي ڪنهن هڪ سياسي قيدي جي ڪري خاص هدايتون جاري ڪندو. ٻيو ته صدر ٽرمپ جي سوچ مطابق آمريڪا جو وڏو دشمن هن وقت چين آهي ۽ هو انڊيا سان ملي معيشت جي دنيا ۾ چين کي پوئتي ڪرڻ چاهيندو نه ڪي پاڪستان جي سياسي استحڪام لا۽ ڪوششون ڪندو جنهن جو سڌو فائدو چين کي پوي. ڇو جو چين جا تمام  گهڻا معاشي منصوبا پاڪستان ۾ هلي رهيا آهن. ان سان گڏوگڏ صدر ٽرمپ اليڪشن جي تقريرن ۾ ٻين ملڪن کي آمريڪي عوام جي ٽئڪس جا پئسا جنهن کي عام طور تي Foreign Aid  چيو ويندو آهي جي پڻ مخالفت ڪئي آهي، سوائي يهودي لابي جي جنهن جو تعلق اسرائيل سان آهي. صدر ٽرمپ گهڻن ئي ملڪن جي ايڊ يا ته مڪمل طور تي ختم ڪندو يا ان ۾ گهٽتائي ته ضرور آڻيندو. انهن سڀني ڳالهين کي نظر ۾ رکندي پاڪستان جي واڳ ڌڻين کي صلاح ڏجي ٿي ته ٻين جي آسري تي ويٺل هميشه بک مرندا آهن جيئن آمريڪي سياست دان Make America Great Again جهڙو نعرو هڻي ملڪ جي خدمت ڪرڻ جي نيت ظاهر ڪن ٿا تيئن پاڪستان جا سياستدان واڳ ڌڻين سان ملي سڀ ذاتي مسئلا پاسي رکي پنهنجي ملڪ جي ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪن ۽ Make Pakistan Great Again جهڙو نعرو هڻن ته عوام ۾ خوداعتمادي بحال ٿئي باقي ٻين جي آسري ويهڻ بيوقوفي کان وڌيڪ ڪجهه به ناهي.

 

عظيم حسن ميتلو/ خيرپور ميرس