بوتل مان نڪتل مھانگائي جو جن ۽ جيئڻ جا جتن !

 

ملڪ مان مهانگائي گهٽ ٿيڻ جون وفاقي حڪومت پاران مسلسل دعوائون ته سامهون اچي رهيون آھن پر خبر ناهي ته حڪومتي ڌرين پاران ٻڌايل مهانگائي گهٽ ٿيڻ واريون خوشخبريون ڪھڙين رپورٽن جي آڌار تي ڏنيون پيون وڃن. سمجھه ۾ اهو به نٿو اچي ته مهانگائي گهٽ ٿيڻ واري ڳالھه ڪيتري سچ آھي. قوم کي رڳو اهو ٻڌايو وڃي ته اها مهانگائي ڪٿي ۽ ڪيئن گهٽ ٿي آھي جتان خريداري ڪجي، ڇو ته جيڪڌهن ڪنهن به مارڪيٽ جو جائزو وٺون ٿا ته اتي هر شيءِ ڪالھه کان اڄ وڌيڪ ريٽ تي ملي رهي آھي. ڪنهن به شيءِ جو ريٽ گهٽ ٿيڻ بجاءِ وڌيڪ ٿيو آھي ته پوءِ مهانگائي گهٽ ٿيڻ جون حڪومتي دعوائون ڪنهن کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ ٿي رهيون آھن؟ هونئن به هن ملڪ جي عوام جي قسمت ئي ڪا اهڙي آھي جو سدائين ان سان ڪوڙا واعدا ڪري ووٽ ورتا وڃن ٿا پر واعدا وفا ناهن ٿيندا. اقتدار جي سونهري گهوڙي تي سوار ٿيڻ کان پوءِ ملڪ جو عوام ڪنهن کي به ياد ناهي ايندو. ها باقي سواءِ روز نوان بيانيا ٺاهڻ جي عملي ڪم ۽ ترقي جو ڪٿي به نالو نشان نظر ناهي ايندو. ڇو ته حڪمرانن کي شايد اهو اندازو چڱي طرح ٿي ويو آھي ته هن ملڪ جي عوام کي صرف سهانا خواب ڏسڻ جي عادت پئجي وئي آھي. سو صرف اهي ئي خواب ڏيکاري اقتدار جي منزل کي ماڻيو وڃي ٿو جنهن کان پوءِ جوڳي نه ڪنهن جا مٽ واري ڳالهه هوندي آھي. بنيادي طور پاڪستان هڪ غريب ملڪ آھي جنهن جو عوام انتهائي محنتي آھي. پنهنجي ملڪ سان وفادار ۽ ملڪ جو خير خواھ آهي. پر عوام جي بدتر حالت جيڪا گذريل 77 سالن کان تبديل نه ٿي سگهي آھي ان ۾ به وڏو هٿ اهڙن ئي مفادي حڪمرانن جو آھي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته حڪمرانن جون بهتر پاليسيون ته سٺا نتيجا ڏينديون آھن پر هتي جيڪي پاليسيون ٺھنديون آھن انهن مان صاف ظاهر نظر ايندو آھي ته يا اهي انهن حڪمرانن جون پنهنجي مستقبل بهتر ڪرڻ لاءِ هونديون آھن يا وري چند اشرافيا کي راضي ڪرڻ جون ڪوششون لڳنديون آھن. جنهن جو وڏو ثبوت گذريل 77 سالن ۾ عوام جي ٿيندڙ ڏينهون ڏينهن بدتر حالت آھي. ملڪ جو جفاڪش ۽ محنتي طبقو سدائين سورن ۾ آھي پر ان جي ڀيٽ ۾ چند خاندان يا اشرافيا سدائين عياشين ۾ ھوندي آھي. ملڪ جو غريب ۽ پيڙھيل طبقو جيڪا محنت ڪري ٿو ان مان هو ٻن ويلن جي ماني به انتھائي مشڪل سان کائي ٿو سگهي. مهانگائي جو جن عوام جي اميدنم آسن ۽ مستقبل جي روشنين کي به ڳڙڪائي رهيو آھي. انهن مسڪينن جون حالتون عملي طور بدلائڻ بجاءِ حڪمران اڄ به صرف پنهنجي مقصدن لاءِ اسيمبلين جا اجلاس گهرائي ان وسيلي بل به پاس ڪرائي رهيا آھن ۽ قانون سازيون به ٿي رهيون آھن پر لڳي ائين رهيو آھي ته هن جهموري حڪومت ۾ مهانگائي سٽيل خلق جو حال پڇڻ وارو ڪوبه ناهي جيڪو انتهائي ڏکوئيندڙ عمل آھي. ڪجھه ڏينهن اڳ ملڪ جي وزيراعظم ميان شھباز شريف ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح گهٽ ٿيڻ جي ڳالھه ڪئي پر ان جي برعڪس کاڌي پيتي کان ويندي پائڻ چوڙڻ سميت زندگي جي ضرورت جي هر شيءِ جا اگھه آسمان سان ڳالھيون ڪري رهيا آھن جڏهن ته سون تي سهاڳو اهو به آھي ته سرڪاري اسپتالن ۾ ته عام ماڻھو جو ڪو خاص علاج نٿو ٿئي پر مسڪين پورهيت ماڻھو جيڪي انساني زندگي جيئڻ جو هڪ سهارو سمجهي جيڪي عام دوائون خريد ڪندا آهن عام بخار، کنگھه وغيره جي دوائن جون قيمتون پڻ عرش تي پهچي ويون آھن. جنهن جي ڪري مسڪين پورهيت طبقو هڪ پاسي ٻه وقت پيٽ پالڻ لاءِ اڳئي پريشان آھي ته مٿان وري بيماري جي حالت ۾ انهن لاءِ صرف معمولي دوا وٺڻ به محال بنجي ويو آھي. حڪمرانن جي اها دعويٰ آھي ته مهانگائي گهٽ ٿي وئي آھي پر ائين بلڪل ناهي هر شيءِ جا اگھه وڌي ويا آھن. ملڪ ۾ مسلسل مهانگائي جي شرح هر روز وڌي رهي آھي جنهن کي روڪڻ حڪمرانن جو فرض آھي. عام ماڻھو کي مهانگائي جي جن کان آزاد ڪرائڻ لاءِ عملي قدم کنيا وڃن. پگهاردار طبقي سان گڏ پورهيتن کي رليف ڏيڻ جا ترت قدم کنيا وڃن ته جيئن هن ڏکئي دؤر ۾ جيئڻ جا جتن ڪندڙ هيءَ مسڪين قوم پنهنجي زندگي ۾ آسانيون پسي سگهي. هن مهانگائي جي ڦاٿل ڌٻڻ مان نڪري سگهي ۽ پنهنجي محنت جفاڪشي سان اڳتي وڌي پنهنجي مستقبل کي به محفوظ رکي سگهي.

 

قاسم خاصخيلي/ سڪرنڊ

 

چڪن گونيا ڪهڙي بيماري آهي

 

چڪن گونيا لفظ آفريڪا کنڊ  جي Makonde زبان جو آهي جتي پهريان هي بيماري ظاهر ٿي. چڪن گونيا لفظ جي معني آهي “جُهڪي هَلڻ” ڇو ته هن بيماريءَ جي تڪليف ڪري مريض کي چيلهه ۾ ۽ جسم جي سنڌن ۾ سور ٿئي ٿو. تنهن ڪري ان بيماريءَ جو نالو چڪن گونيا رکيو ويو آهي. هي بيماري هڪ وائرس (CHIKV) جي ڪري ٿئي ٿي. هي مرض گهميل آبهوا ۾ وڌيڪ ڦهلجي ٿو. چڪن گونيا جو پاڪستان ۾ پهريون ڪيس 2016ع ۾ ظاهر ٿيو هو. ٽيسٽن ڪرڻ کانپوءِ خبر پئي ته اهو مرض هڪ هزار مريضن کي متاثر ڪري  چڪو آهي. چڪن گونيا جو مرض مڇرن وسيلي ڦهلجي ٿو ۽ دنيا ۾ تقريبن 60 ملڪن ۾ دريافت ٿي چڪو آهي. هن بيماري ۾ موت جا امڪان بيحد گهٽ آهن پر هن مرض ۾ مريض کي  شديد تڪليف کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. هن بيماريءَ جون علامتون زهريلي مڇر جي چڪ هڻڻ کانپوءِ 3 کان 7 ڏينهن ۾ ظاهر ٿين ٿيون. جنهن ڪري متاثر مريض کي جسم ۾ سور، سنڌن ۾ سور، الٽيون ۽ جسم ۾ تمام گهڻي ساڻائي ۽ سستي ٿئي ٿي. چڪن گونيا جي ٽيسٽ وغيره رت مان ٿئي ٿي جنهن کانپوءِ ئي مرض جي خبر پئجي سگهي ٿي. هن مرض ۾ مبتلا مريض کي 101 ڊگريءَ فارن  هائيٽ  کان 104 ڊگري فارن هائيٽ تائين  بخار پڻ رهي سگهي  ٿو. ڪن مريضن ۾ وري خارش جو مسئلو پڻ نمودار ٿئي ٿو. آمريڪا جي ڊاڪٽرن موجب جسم ۾ سور هڪ مهيني تائين  به رهي سگهي ٿو ۽ آهستي آهستي ختم ٿئي ٿو. چڪن گونيا جو  خاص علاج يا ويڪسين موجود نه آهي يا هن جو خاص علاج موجود ناهي پر سور ۽ بخار کي ختم ڪندڙ دوائن جي استعمال سان مريض ست کان ڏهن ڏينهن جي اندر چڱو ڀلو ٿي وڃي ٿو. اڪثر ڊاڪٽر وري ڪافي مقدار ۾ پاڻي پيئڻ ۽ آرام ڪرڻ جو پڻ مشورو ڏين ٿا. ڪجھه مشهور ڊاڪٽر آرام سان گڏ هلڪي ڦلڪي ورزش جو پڻ مشورو ڏين ٿا ته جيئن جسم جي سور کان جلدي جان ڇڏائي سگهجي. ڪن حالتن ۾ سور ڪافي مهينن تائين رهي سگهي ٿو. هن مرض ۾ وٽامن سي، وٽامن ڊي، اميگا 3  واريون دوائون ۽ سايون ڀاڄيون پڻ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون. هي بيماري اڪثر برساتن جي موسم ۾ جام ٿئي ٿي ڇو ته برساتن جي موسم ۾ مڇرن جو تعداد وڌي ٿو. چوندا آهن ته احتياط اڌ علاج آهي ان ڪري ان مرض کان بچاءُ لازمي آهي، ان ڪري هن تڪيف ڏيندڙ مرض ۾ مبتلا مريض کي مصالحيدار کاڌا يا تمام مٺاڻ وارن کاڌن کان پڻ پرهيز ڪرڻ لازمي آهي. ڪوشش ڪجي ته مڇرن جي واڌ ويجھه کي روڪيو وڃي. مڇر مار دوائن جو استعمال ڪجي. جسم جي کليل حصن تي مڇرن کان بچاءُ وارو لوشن استعمال ڪجي. ڪپڙا اهڙا پائجن جن سان سڄو جسم ڍڪيل رهي. گندگي وارن جڳھين تي گاسليٽ يا ڪيڙي مار دوائن جو ڦوهارو وغيره ڪرائجي. گهرن ۾ موجود درين تي ڄارين جو استعمال ڪجي. ڪوشش ڪري گهٽين يا گهرن جي آسپاس پاڻي کي بيهڻ نه ڏجي.

 

سيد غلام مصطفيٰ شاھ

 

پي آءِ اي جي عروج ۽ زوال جي ڪهاڻي

 

پي آءِ اي دنيا جي پهرين ڪمپني آهي جنهن شيڊول مطابق سڀني کان پهريان هيليڪاپٽر سروس جي شروعات ڪئي. 1970 کان پوءِ پاڙيسري ملڪن ۾ جيڪي هوائي ڪمپنين جي شروعات ٿي اهي اڄ ڪلهه گهڻي ترقي ڪري عروج تي پهتل آهن. افسوس اسان جي ملڪ جي وڏي ۾ وڏي ايئر سروس جنهن جو جيڪو حشر ڪيو ويو اهو سڀني جي سامهون آهي. گذريل ڪجهه سالن کان پي آءِ اي کي وڪرو ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ٿينديون رهيون پر هاڻي موجوده حڪومت انهن ڳالهين کي عملي جامو پهرائي ڪابينا مان منظوري وٺي مختلف ڪمپنين جي طرفان نمائشي ٻولي لڳرائي ڇڏي. جنهن ۾ وفاقي ڪابينا طرفان پي آءِ اي سروس جنهن ۾ 33 جهاز 16 آپريشنل جهاز 10323 ملازم شامل آهن پي آءِ اي وٽ 200 ارب جون بقايائون آهن پر پٺتي پيل سروس کي وڪرو ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت پاران ٻولي لڳائي وئي جنهن ۾ وفاق طرفان 85 ارب 30 لک اگهه مقرر ڪيو ويو جنهن ۾ 06 ڪمپنين مان صرف هڪ ڪمپني ٻولي ۾ حصو ورتو جنهن صرف 10 ارب جي ٻولي لڳائي. پي آءِ اي جي خانگي شعبي حوالي ٿيڻ ۽ خساري ۾ وڃڻ جا خاص سبب سياسي ڀرتيون، ڦر لٽ ، ڪرپشن مختلف حڪومتي دورن ۾ جن ۾ پي آءِ اي مسلسل خساري ۾ رهندي آئي. آخرڪار جنهن لاءِ خانگي شعبي طرف وڃڻ جو رستو ڏينهون ڏينهن سڌو ٿيندو ويو. هي اهي سبب هئا جن جي ڪري پي آءِ اي جي خانگي شعبي جي حوالي ٿيڻ ممڪن بڻجي ويو. تازو حڪومت وقت جنهن جي ٻولي هڻائي ڇڏي اها ئي ڳالهه آهي ته ملڪ جا گهڻا ادارا ڪرپشن ڦر لٽ ۽ هميشه خساري هيٺ هجڻ سبب انهن لاءِ به پرائيويٽ ٿيڻ جون ڳالهيون ٿينديون رهيون آهن. اگر ڳالهه ڪجي ريلوي جي ته جيڪا عام ۽ غريب ماڻهن جي لاءِ بهترين آرامده محفوظ سواري آهي جنهن سان به اهڙي ئي قسم جي خساري وارو معاملو رهندو آيو آهي. جنهن جي به گهڻين گاڏين جون خانگي شعبي وارن وٽ ٻوليون لڳنديون رهيون آهن ۽ گهڻيون ريل گاڏيون خانگي شعبي حوالي ڪيون به ويون آهن. پر في الحال ريلوي کي حڪومت وقت طرفان سنڀاليو ويو آهي ۽ جيڪو پنهنجي ترقي واري سفر طرف گامزن آهي. پوءِ پي آءِ اي کي ڇو نٿو سنڀالي سگهجي؟

 

محمد اسلم ماڪو/ پنوعاقل

 

پنهنجي وجود جي ڳولا!

 

انسان ڪڏهن ڪڏهن ڀريل دنيا ۾ به پاڻ کي ائين اڪيلو محسوس ڪندو آهي جيئن تتل ريگستان ۾ بيٺل وڻ جنهن جي آس پاس ۽ پري پري تائين ڪنهن جو نانءُ نشان به نه هوندو آهي. اهو وڻ سالن جا سال انتظار ڪندي گذاريندو آهي ته آخر ڪو ته ايندو جيڪو منهنجي درد کي محسوس ڪندو ۽ مون کي ڳلي لڳي منهنجون سموريون تڪليفون دور ڪندو، منهنجو وجود به انهيءَ وڻ جي مثل آهي. ظاهري طور تي نظر ايندڙ منهنجا ٽهڪ صرف ظالم دنيا لاءِ ڏيکاءُ هوندا آهن پر منهنجو اندر انهيءَ سڪل سمنڊ وانگر آهي جنهن ۾ صدين کان وٺي پاڻي جو هڪ ٽيپو به ناهي آيو. هي سڪل اندر صدين کان اهڙي برسات جي انتظار ۾ آهي جنهن ۾ ڪوئي پنهنجي مٺڙن چپن سان منهنجي وجود جي هر هنڌ کي پيار جي پاڻي سان سيراب ڪري ۽ پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري سيني سان لڳائي سڪون جي ننڊ ڪرائي ۽ رات ۾ منهنجي وجود تي چپن سان گلن جو ٻج لگائي جيئن ايندڙ صبح جو پوپٽ اچي منهنجي وجود جي تنهائي جا زخم ڀري. جنھن پل انسان اڪيلو محسوس ڪندو آهي ائين لڳندو آهي جيئن اسان جو وجود ڪنهن ڪاري ڪال ڪوٺي ۾ بند آهي ۽ اميد جي آخري روشني جي طور اهو شخص ياد ايندو آهي جنهن جي آس پاس هجڻ سان دلي سڪون ملندو آهي پر جڏھن اھو شخص اسان جي ضرورت کي نه سمجهي سگهي ۽ صحيح وقت تي اسان جي دردن جو علاج نه ڪري ته انسان انهيءَ ڪال ڪوٺي ۾ تڙپندي تڙپندي روشني کان نااميد ٿي ڪاري اونداهي ۾ گم ٿي ويندو آهي.

 

عظيم حسن ميتلو/ خيرپور ميرس

 

سنڌ جي پاڻي تي پنجاب جي ڌاڙي جي ڪوشش

 

ھن وقت پنجاب ۾ سنڌو دريا مٿان ٺھندڙ امڪاني 6 ڪينالن خلاف پوري سنڌ جو عوام ھڪ آواز بڻيل آھي. نه صرف قومپرست تنظيمون پر سنڌ جو ھر ماڻھو پنجاب ۾ ٺھندڙ انھن سنڌ دشمن ڪينالن خلاف آھي. سنڌ اسميبلي مان ان خلاف قرارداد پاس ٿي چڪي آھي. پ پ پ سنڌ توڙي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ان خلاف چٽو موقف ڏنو آھي باقي ھن وقت مخالفت براء مخالفت ڪرڻ جو موقعو نه آھي سڀني کي گڏجي جدوجھد ڪرڻ گھرجي ۽ انھن ڪينالن کي ٺاھڻ وارو فيصلو واپس ڪرائڻ گھرجي. ان لاءِ وفاق پاران ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جون تياريون ٿي رھيون آھن. ارسا ايڪٽ جي ترميم سان ھڪ اھڙو شخص ارسا چيئرمين مقرر ٿيندو جيڪو ڪجھه نه ڄاڻ ھجڻ باوجود ارسا جا اھم فيصلا ڪري سگھي ٿو. مثال طور تي ھن کي سنڌو درياهه جو پاڻي پنجاب کي ڏيڻ جو مڪمل اختيار ملي ويندو جنھن سان ھو سنڌو درياهه تي ٺاھيل تونسا جھلم لنڪ ڪئنالن سميت ٻيا ڪئنال پڻ ٺاھڻ جي اجازت ڏئي سگھي ٿو. ان کان علاوه صوبن پاران مقرر ڪيل ميمبرن کي ٻڌائڻ بنا صوبن جو پاڻي گھٽ وڌ ڪري سگھي ٿو. جنھن ورڇ تي صوبا راضي آھن ان مطابق ورڇ نه ڪري تـ ان کان ڪير به پڇا نٿو ڪري سگھي. ان ترميم سان سنڌ سوڪھڙي جو شڪار ٿي ويندي. سنڌ جون زمينون بنجر بڻجي ڪلراٺيون ٿي وينديون. ان جي ڪري ئي پ پ پ جيڪا عوامي پارٽي آھي جنھن کي سنڌ جي ھارين آبادگارن ھميشا جيءُ ۾ جاءِ ڏئي ووٽ ڏنو آھي. ھاري آبادگار پ پ پ جو سچائي سان ساٿ ڏين پيا. هن صورتحال ۾ پ پ تي اجائي تنقيد نه ڪئي وڃي ته بهتر آهي.

 

عبدالمجيدبروھي /ٺٽو

 

ٻارن تي ذهني تشدد کان پاسو ڪريو

 

پنھنجي سماج ۾ ٻار جسماني تشدد کان وڌيڪ ذهني تشدد ڀوڳن ٿا جيڪو تمام خطرناڪ ۽  نقصانڪار آهي. والدين پنهنجا سمورا فرض ته گهڻي ڀاڱي نڀائن ٿا مگر هو پنهنجي ٻار جي بهتر کان بهتر تربيت ڪرڻ جي چڪر ۾ هر گھڙي داٻا ۽ ڪاوڙ سان ڀريل گفتا چئي اهو سمجهندا آهن ته اسان پنهنجي اولاد کي پنھنجي وس ۾ رکيو آھي. هاڻ هو اسان جي اڳيان ڪنڌ  کڻي به نٿو ڳالهائي. ڳالهائيندو ڇا هو ذهني دٻاءُ ۾ ھوندو آھي سو اهڙا نتيجا حاصل ٿيڻ کانپوءِ ويتر پنھنجي ذهني دٻاءُ  ڪاوڙ سان پيش اچڻ جو رويو هر روز پيا دهرائيندا آهن. سو مان اهڙن والدين کي هٿ ٻڌي عرض ٿو ڪريان ته خدارا پنھنجن ٻارن تي ايڏا ظلم نه ڪريو.  توهان کي خبر آھي ته ٻار  جسماني تشدد ته گهڙي کن ۾ وساري ڇڏيندا آهن. مگر توھان والدين طرفان ڏنل ذهني دٻاءُ ۽ ڪاوڙ سان پيش اچڻ جهڙا رويا ٻار کي ذهني معذور بڻائي ڇڏيندا آهن ۽ اهي زندگي ڀر پنھنجو اثر ڏيکاريندا رهندا آهن. ذهني تشدد جي ڪري ٻار موڳا ٿي پون ٿا. انهن مان خوش مزاجي، خواھشون، پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ جي سگهه ۽ جذبات وغيره گهڻي ڀاڱي ختم ٿي وڃن ٿا. سو توهان ذهني دٻاءُ وارو مزاج رکندڙ  والدين کي اهوئي چوندس ته مهرباني ڪري انهي ذهني تشدد کان پاسو ڪريو ته جيئن گلن جهڙا معصوم ٻار اڳتي هلي بهادر، صحتمند ۽ آزاد خيال انسان بڻجن.

 

بادل ڀيل/ڳوٺ الهياري  تعلقه اسلام ڪوٽ

 

ڪھڙي ڊپارٽمينٽ جو اسڪوپ آھي ۽ ڪھڙي يونيورسٽي بھترين آھي؟‎

 

ڪافي شاگردن جو انٽر کانپوءِ سوال ھوندو آھي ته ڪھڙي ڊپارٽمينٽ جو اسڪوپ آھي ۽ ڪھڙي يونيورسٽي بھترين آھي. ڇا سڀاڻي اسان کي پاس آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ نوڪري يا روزگار ملندو. آءٌ بس ھڪ ئي ڳالھ ڪندس اسڪوپ انسان جو آھي اسڪوپ ان جي محنت جو آھي اسڪوپ ان جي لگن جو آھي ھو ڪيترو سچو آھي پنھنجي ڊپارٽمينٽ سان پنھنجي ڪم سان پنھنجا پڙھائي سان ۽ پنھنجن ڪلاسن سان.

ھڪ شاگرد چار سال يونيورسٽي ۾ ننڊون ڪري رولاڪيون ڪري ۽ پاس آئوٽ کانپوءِ ھٿ خالي ئي رھندا.

ھڪڙا چار سال يونيورسٽي جا پنھنجي پاڻ سان سچا ٿيو پوءِ ڏسو اھي سچائي وارا ڏينھن توھانکي ڪٿي ٿا وٺي وڃن.

توھانجي تقدير بدلجي ويندي توھانجو مستقبل سنوارجي ويندو. ھر ھڪ ڊپارٽمينٽ جو پنھنجو پنھنجو اسڪوپ آھي ڇو جو انھن ادارن ۾ ڪم ڪندڙ انسان ئي آھن مطلب اسڪوپ انسان جو آھي.

 

ارسلان جاويد شر / ٺري ميرواھ

 

ميهڙ مان بدامني ختم ڪرايو

 

ميهڙ ۾ بدامني جو ڀوت بي قابو ٿي ويو آهي. جنهن سبب ميهڙ ۽ آس پاس وارا علائقا ڏوهارين جي ور چڙهيل آهن. روڊ رستا غيرمحفوط ٿي ويا آهن. جنهن سبب شهري خوف واري صورتحال ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. ميهڙ ۾ گذريل ٻن مهينن دوران 170 کان وڌيڪ موٽر سائيڪلن جي ڦر جا واقعا، 10 کان وڌيڪ گهرن ۾ ڌاڙا لڳي چڪا آهن. هٿيار بند گهرن ۾ گهڙي ماڻهن کي يرغمال بڻائي ڦرون ڪندا رهن ٿا پر پوليس اڄ تائين ڪنهن به واقعي واري هنڌ پهچي ناهي سگهي. دڪاندار واپاري سر عام ڦرجندا رهن ٿا. بدامني سبب ميهڙ شهر ۾ روزانو سوين شهري ڦرجڻ لڳا آهن. گهرن ۾ ڌاڙا به معمول بڻجي ويا آهن. ڏوهه وڌڻ سبب روڊ رستا غيرمحفوظ آهن. ميهڙ ۾ 2 ٿاڻا، ڊي ايس پي آفيس، ون فائيو سينٽر هوندي به ڏوهاري بنا خوف جي ڪاروايون ڪرڻ لڳا آهن. هٿيار بند بنا خوف جي ون فائيو سينٽر ٻاهران به ڦرون ڪن ٿا پر پوليس ڏواهرين خلاف ڪاروائي کان آجي آهي. شهر ۾ وڌنڌڙ بدامني، گهرن ۾ ڌاڙن، ڦرن، چورين خلاف شهري مسلسل سراپا احتجاج آهن. شهري اتحاد جي سڏ تي سياسي سماجي، واپاري تنظيمن پاران گذريل هڪ هفتي کان احتجاجي تحريڪ هلائي پئي وڃي. شهري هڪ هفتي کان احتجاجي مظاهره ڪري ريليون ڪڍي، ڌرڻا هڻي ڏوهارين خلاف ڪاروائي، شهر مان منشيات جا اڏا ۽ پاٿارين خلاف قدم کڻڻ جي گهر ڪري رهيا آهن. پنهنجي تقريرن ۾ شهر ۾ هلندڙ منشيات جي اڏن، ڏوهارين ۽ پاٿاريدارن جي گينگ جا نالا کڻي انهن جي نشاندهي باوجود ميھڙ پوليس ڪاروائي نه پئي ڪري، ميهڙ شهر ۾ وڌنڌڙ بدامني، روزانو شهري ڦرجڻ باوجود چونڊيل نمائنده به خاموش آهن. جنهن سبب شهرين جو ڪو به دانهن ٻڌڻ وارو نه رهيو آهي، شهر ۾ به پاٿاريون کلي ويون آهن. پوليس تان اعتماد کڄڻ کان پوءِ ماڻهن ڏوهن جي واپسي لاءِ شهر ۾ موجواد پاٿارين جو رخ ڪرڻ لڳا آهن. ميهڙ شهر جي مختلف پاڙن ۾ بااثرن جون اوطاقون پاٿاري طور استعمال ٿيڻ لڳيون آهن. بدامني سان گڏوگڏ سماجي برايون به وڌي ويون آهن. شهر ۾ منشيات جو وڪرو به وڌي ويو آهي، جوا جا اڏا پڻ کلي ويا آهن. شھري گھر ڪندا رھيا آھن ته ڏوھن ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪري، ڏوھارين جا سھولتڪار بڻيل پوليس عملدارن خلاف ڪاروائي ڪري علائقي ۾ امن قائم ڪرايو وڃي.

 

دانش خان/ميهڙ

 

ايس ڊي او واپڊا سڪرنڊ کي وقت جي تبديليءَ لاءِ درخواست

 

ايس ڊي او واپڊا سڪرنڊ کي عرض ڪجي ٿو ته آھستي آھستي موسم تبديل ٿيندي پئي وڃي. سيارو شروع ٿيڻ وارو آھي. صبح جو سوير وھنجڻ لاءِ شاگردن توڙي ڪاروباري ۽ پورھيت ماڻھن کي سياري ۾ تڪليف کي منھن ڏيڻو ٿو پوي. ڇاڪاڻ ته ھر ڪنھن وٽ گيزر ناھن، ٻيو ته شھر ۾ ڪاٺين جي باھ ٻاري پاڻي گرم ڪرڻ جو به ڪو بندوبست ناھي ھوندو. گئس ته سياري ۾ مقرر وقت تي ئي ھلندي آھي. انھيءَ ڪري صبح جو 7.45 کان 9.45 تي ايندڙ لائيٽ کي 6.45 کان 8.45 تائين رکيو وڃي. جيئن شاگردن سان گڏوگڏ ڪاروباري ۽ پورھيت ماڻھن کي به فائدو پھچي سگھي. توھان جي تعاون جا منتظر رھنداسين.

 

طارق راڄپر/ سڪرنڊ