قومي ايئر لائين جي نيلامي ڇا قومي وقار تي وار ناهي؟

 

دنيا تيزي سان سڌارن ڏانهن پئي وڃي، دنيا تيز رفتار سان ادارتي ترقي ڪندي جدت سان ادارن کي سنواريندي اڳتي پئي وڌي. پر اسان وٽ اجايون مداخلتون، نااهليت جي بنياد تي، ڪرپشن جي بنياد تي، ذاتي مفادن جي گڏيل دلچسپي جي بنياد تي رياست جي ادارن جي نجڪاري ڪئي پئي وڃي. ڪنهن سٺي، سچي، ايماندار ۽ کري حڪمران ۽ ذميوار جون نشانيون ناهن ته ادارا نيلام ڪجن! جيئن جيئن وقت گذرندو پيو وڃي اسان جا قومي توڙي  رياستي ادارا بجاءِ بهتر ٿيڻ جي وڃن پيا نيلام ٿيندا يا ناڪارا ٿيندا يا مورڳو بند. ملڪ جا بهترين ادارا پاڪستان اسٽيل ملز، پاڪستان ريلويز، پاڪستان پوسٽ آفيس، پاڪ پي ڊبليو ڊي مطلب ته ڪهڙن قومي اداران جا نالا کڻي ڪهڙن جا کڻجن. سڀني ادارن جي ڀينگ ڪئي وئي، ڪي انهن مٿي ڄاڻايل ادارن مان بند ٿي ويايلويز جو به ڪافي حصو مسافر ٽرينن وارو پرائيويٽ ٿي چڪو آھي.! هاڻ پي آءِ اي جي نجڪاري ڪئي پئي وڃي جنهن لاءِ 10 ارب روپين جي ٻولي ڏني وئي آھي. افسوس سان ٿو چوڻو پئي اهي اختيار ڌڻي ۽ اداري جا ذميوار توڻي خود حڪمران قومي ادارن جي نيلامي ۾ ڪيتري نه بي حسي جو شڪار ٿيا آھن جو هنن کي پنهنجي قومي ۽ رياستي اداري جن جي بين الاقوامي پڻ شھرت هئي يا آھي جيڪا هنن خراب ڪارڪردگي ڏيکاريندي اداري کي هن حالت ۾ پهچايو آھي جو هڪ ڪمپني 10 ارب روپين جو واڪ ٿي ڏئي. هي قومي ادارا يا ڪي صوبائي اسم اهڙي نموني نجڪاري ڪميشن جي معرفت ڏيڻ ۽ انهن جو وجود اها سرزمين ڀڳڙن مٺ تي قوم ۽ رياست سان ڀلائي ناهي!! قطعي به اهو ڪڌو قومي ادارن جي نيلامي وارو عمل سواءِ رياست کي ڪمزور ڪرڻ جي ٻيو ڪو ڪم ڪونه ڪندو. هي ساڳيا ئي حڪمران آھن جيڪي واري واري سان مختلف نمونن سان حڪومتن جو حصو بڻيا آھن ۽ هنن ئي حڪمرانن هڪ ٻئي تي قوم جو چور هجڻ جا الزام هنيا آھن. پر افسوس جو هنن حڪمرانن کان بهترين قسم جي رياست جيڪا وسيلن سان مالامال آھي سنڀالجي نٿي سگهي. هن وقت پي آئي اي جي نيلامي گهٽ ٻولي ڏيڻ سبب وقتي طور ڪنهن ٽيڪنيڪل انداز ۾ روڪي وئي آھي. ممڪن آ ته وري ڪنهن ٻي بڊ جي اوپننگ ۾ 10 ارب جي ٻولي کان مٿي 20 ارب کان 25 ارب ٻولي ڏيندڙ ڪمپني کي سامهون آڻي رياست جي هڪ اهم پلر کي نيلام ڪيو وڃي. جيڪو عمل به پڻ قومي ڏوھ برابر سمجهيو ويندو. پي آءِ اي جي زمينن يعني ايئرپورٽس کان ويندي مڪمل اثاثا سامهون آندا وڃن ته انهن جي ڀيٽ ۾ پي آءِ اي جي نيلامي جي ٽوٽل رقم ڪراچي انٽرنيشنل ايئرپرٽ يا اسلام آباد ايئر پورٽ جي اثاثن برابر به ڪونه ٿيندي ته پوءِ ڇو ڪونه ٿا اسان جي ملڪ جا سياسي اڳواڻ انهن اشوز کي کڻي روڊن رستن ۽ اسيمبلي فلور تي اچن. ملڪ جي احساس رکندڙ قومي سياسي قيادت، رياست جي سار سنڀال رکندڙ اسٽيبلشمنٽ کان ويندي قومي توڙي صوبائي اسيمبلين ۾ عوامي نمائندگي ڪندڙ قيادتن کي کپي ته رياست جي بچاءُ لاءِ رياستي اسمن جي نيلامي خلاف سامهون اچڻو پوندو. انهن ادارن جي بچاءُ لاءِ ڪا تحريڪ هلائڻي پوي ته ان کان به گريز قطعي نه ڪيو وڃي. هن وقت خود وفاقي حڪومت جي نمائندگي ڪندڙ نواز ليگ قيادت، پيپلز پارٽي جي قيادت، جي يو آءِ جي قيادت، جماعتي اسلامي جي قيات، ق ليگ جي قيادت مطلب ته مجموعي قومي توڻي صوبائي قيادت کي قومي ادارن جي نيلام خلاف ۽ قومي ادارن جي بحالي لاءِ ڪردار ادا رڻ لاءِ سامهون ٿي اچڻو پوندو. سڀاڻي ڪنهن ناهي ڏٺو، اڄ جيڪو قومي ڪردار ادا ڪندو سڀاڻي تاريخ ان کي سونهري لفظن ۾ ياد ڪندي. باقي جيڪڏهن ايئن نجڪاري عمل ٿيندو رهيو ته هي قومي ادارن کي نيلام ڪرڻ ۾ دير ڪونه ڪندا.

 

رحمت الله ٻرڙو

نامياتي زراعت ڇا آهي؟

 

نامياتي زراعت، زراعت جو هڪ طريقيڪار آهي جيڪو قدرتي وسيلن ۽ ماحول دوست اصولن تي مشتمل آهي. ان ۾ زمين، پاڻي ۽ فصلن جي قدرتي صحت کي برقرار رکڻ تي زور ڏنو وڃي ٿو، ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جي مصنوعي ڪيميائي زهرن، يا جينياتي طور تي ترميم ٿيل مواد جو استعمال نه ٿو ڪيو وڃي.

نامياتي زراعت جي تاريخ

نامياتي زراعت جو تصور هڪ قديم روايت تي ٻڌل آهي، پر ان جو موجوده صورت ۾ اڀار 20هين صدي جي شروعات ۾ ٿيو. هيٺ نامياتي زراعت جي مختصر تاريخ جا اهم مرحلا بيان ڪجن ٿا:

قديم دور

زراعت جي شروعات کان پوءِ، انسان قدرتي وسيلن، جهڙوڪ جڙي ٻوٽين ۽ حياتياتي طريقن جو استعمال ڪندي زراعت ڪندو رهيو. آڳاٽين تهذيبن مصر، هند ۽ چين ۾ زراعت جي لاءِ قدرتي طريقيڪار استعمال ڪيا ويندا هئا.

19هين صدي

ماحولياتي تبديلي: هن دور ۾ زراعت ۾ ڪيميائي زهرن ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي شروعات ٿي، جنهن سان زراعت ۾ هڪ نئون دور شروع ٿيو. جنهن سان فصلن جي پيداوار ۾ تمام گهڻي واڌ ته ٿي، هڪ ايڪڙ مان ٻن ايڪڙن جي پيداوار ملڻ لڳي. پر ٻئي طرف زرعي زهرن جي استعمال ٿيڻ۾ پڻ واڌ ٿيڻ لڳي.

20هين صدي

سائنس ۽ نامياتي زراعت: 1920 واري ڏهاڪي ۾، “نامياتي زراعت” جو اصطلاح پهريون ڀيرو استعمال ٿيو ۽  مشهور انگريز زرعي سائنسدان
رابرٽ هارل جنهن نامياتي زراعت جي اصولن کي وڌيڪ واضح ڪيو ۽ زراعت ۾ قدرتي مواد جي استعمال بابت تحقيقي ڪم  جي شروعات پڻ ڪئي.

نئون نامياتي معيار: نامياتي زراعت ۾ معيار جي سرٽيفڪيشن جي شروعات ٿي.

1980 واري ڏهاڪي کان پوءِ

سرٽيفڪيشن: 1990 واري ڏهاڪي ۾، آمريڪا ۾ “نئون نامياتي زراعت جو قانون” لاڳو ٿيو، جنهن نامياتي زراعت جي سرٽيفڪيشن جي هڪ نئين طريقيڪار کي جنم ڏنو. 20هين صدي ۾ جديد صورت ۾ تبديل ٿيو. موجوده دور ۾، نامياتي زراعت صرف زراعت جو هڪ طريقيڪار نه، پر هڪ ثقافتي ۽ ماحولياتي فلسفو بڻجي چڪو آهي، جيڪو صحت، ماحول ۽ پائيداري جي لحاظ کان تمام گهڻي اهميت رکي ٿو.

نامياتي زراعت جون خصوصيتون

  1. قدرتي شين جو استعمال: نامياتي زراعت ۾ صرف ۽ صرف قدرتي طور تي ملندڙ شين جو استعمال ڪيو وڃي ٿو ، جنھن ۾ جڙي ٻوٽين ۽ وٿاڻ جي ڀاڻ، جو استعمال شامل آهي.
  2. زمين جي صحت: زمين جي زرخيزي کي برقرار رکڻ لاءِ فصلن، ڀاڄين ۽ ميون جي بچيل حصن کي زمين ۾ اندر پوريو وڃي ٿو جنهن سان زمين جي قدرتي طرح سان زرخيزي ۾ واڌ ٿئي ٿي.
  3. مختلف جيتن ۽ بيمارين جي روڪٿام: نامياتي زراعت ۾ بيمارين ۽ جيتن جي روڪٿام لاءِ قدرتي طريقيڪار جهڙوڪ انٽيگريٽيڊ پيسٽ مينيجمينٽ (IPM) جو استعمال ڪيو ويندو آهي.
    جنھن ۾ ڪو به زهر شامل ڪونه ڪيو ويندو آهي. مختلف جڙي ٻوٽين ۽ مختلف قسمن جي وڻن جي پنن مان رس ڪڍي انهيءَ جو استعمال ڪيو ويندو آهي.

فائدا

صحت مند خوراڪ: نامياتي طور تي پيدا ڪيل  فصلن ۾ ڪيميائي زهرن جو مقدار گهٽ هوندو آهي، جيڪي صحت لاءِ فائديمند آهن. جنهن سان انسان جي ذهني نشونما، قوت مدافعت وڌي ٿي ۽ بيمارين کان محفوظ رهجي ٿو.

ماحول دوست: هن وقت جهڙي طرح گلوبل وارمنگ جي ڪري موسم جي تبديلي دنيا لاءِ هڪ وڏو مسئلو بڻجي چڪو آهي، نامياتي زراعت ان کي ڪنهن حد تائين گهٽائڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿي، زهرن جي استعمال کان پري رهي سگهجي ٿو.

زمين جي زرخيزي جي بحالي: قدرتي طريقيڪار زمين جي صحت کي بهتر بنائڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا.

درپيش ايندڙ مسئلا

پيداوار ۾ گهٽتائي: نامياتي زراعت ۾ فصلن جي پيداوار عام طور تي رواجي زراعت جي مقابلي ۾ گهٽ ٿئي ٿي.

مارڪيٽنگ: نامياتي فصلن جي مارڪيٽنگ ۽ تشهير ۾ وڌيڪ محنت ۽ وسيلن جي ضرورت پئجي سگهي ٿي.

لائسنسنگ: نامياتي زراعت لاءِ مخصوص سرٽيفڪيشن ۽ لائسنسنگ جا اصول آهن، جيڪي وقت ۽ لاڳت ۾ اضافو ڪري سگهن ٿا.

نامياتي زراعت هڪ پائيدار ۽ ماحول دوست طريقيڪار آهي جيڪو زراعت ۾ قدرتي وسيلن کي استعمال ڪرڻ تي زور ڏئي ٿو. ان جي استعمال سان صحتمند خوراڪ، ماحول جي حفاظت ۽ زمين جي زرخيزي کي برقرار رکڻ ۾ مدد ملندي آهي، جيتوڻيڪ ان ۾ ڪجهه چئلينجز به موجود آهن. پر انسانن جي صحت لاءِ ضروري آهي ته نامياتي زراعت کي هٿي وٺرائجي، جنهن سان ماڻهو ڪافي حد تائين بيمارين کان محفوظ رهي سگهي ٿو. وڌنڌڙ موسمي ڦيري کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو، زهرن جي استعمال کي گهٽائي سگهجي ٿو.

 

ڊاڪٽر مصور گاڏهي

 

ڪاڇي ۾ تعليم جي تباهي تي ڌيان ڏيڻ وارو ڪو آهي!

 

ڪاڇي ۾ تعليم کاتي جي نااھلي سبب سوين اسڪول بند پيل آھن. تعليم کاتي نااھل آفيسر مقرر ڪري بـ تعليم جو ٻيڙو اونڌو ڪري ڇڏيو آھي. ٻارڙن جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي جديد دور ۾ به ڪاڇي جا ٻارڙا تعليم جهڙي زيور کان محروم آھن.  ڳوٺ ڦلو قمبراڻي، راڄوديرو، ٽوڙ، جڙيو ٻٻر، شادڻ، ٽٻائي لنڊ ۽ يوسي پٽ گل محمد جي مين شهر ھيروخان جو گرلز اسڪول سميت ڪيترن ئي ڳوٺ جا گورنمينٽ پرائمري سالن کان بند آھن تعليم کاتي جي ملي ڀڳت سان استاد گھر ويٺي پگهارون کڻي رهيا آھن. تعليم کاتي ۾ بايوميٽرڪ ۽ ڊجيٽل ايپ به ناڪاره بڻيل آھن جنھن سبب بـ استاد اسڪول نٿا اچن. ايس ڊي اي او ليول جا آفيسر منٿلي وٺن ٿا جنھن سبب معصوم ٻارڙا تعليم پرائڻ بدران چوپايو مال چارڻ تي مجبور آھن. جنهن جو ذميوار تعليم کاتو، ڊائريڪٽر، ڊي اي اوز ۽ ٽي اي اوز آھن. سنڌ حڪومت سميت تعليم کاتي جي وزير کان مطالبو ٿو ڪجي ته نوٽيس وٺي ڪاڇي ۾ بند پيل اسڪول کولرائي ٻارڙن جي تعليم تباھ ٿيڻ کان بچائي وڃي.

 

برڪت علي لغاري/ ڪاڇو هيروخان

 

ھن جديد دور ۾ ڪاڇو ھر سھولت کان محروم ڇو؟

ڪاڇي ۾ موبائل نيٽ ورڪ  سبب عوام  سخت پريشان آھي، ڪاڇي جي مختلف علائقن ۾ نيٽ ورڪ جو آزار وڌي ويو آھي. ھيروخان، قصبو ۽ ڊرگهه بالا جا ٽاور صرف نالي جا وڃي رھيا آھن. 20/20 ڪلاڪ نيٽ ورڪ ناھي. ماڻھن جا مھانگا پيڪيجز مفت ۾ ختم ٿيو وڃن، ايزي لوڊ جي ڳالهه ڪجي ته ايزي لوڊ گهٽ ۾ گهٽ 100 روپيا، بيلنس چيڪ جي به فيس، ھيلپ لائين تي ڳالهائڻ جي به فيس، صبح سان بيلنس موجود شام جو غائب ٿيو وڃي، پيڪيجن جا نمونا ھزارين ۽ جڏهن ڳالهائڻ لاءِ موبائل استعمال ڪيو وڃي ٿو ته نيٽ ورڪ ناھي، نيٽ ورڪ اچڻ کانپوءِ ڪال ڪنيڪٽ نٿي ٿئي، جي ڪنيڪٽ ٿي وئي ته به آواز نه ايندو آھي، انٽرنيٽ اھڙو جو واٽس اپ ئي نٿو ھلي، نه فيس بڪ جو ڪوبه پيج اوپن ٿئي ٿو، ٽيلينور، موبيلنڪ، يوفون ۽ زونگ  سڀني جو حال ساڳو آھي، ڪجھه ذريعن مان اھو به ٻڌايو وڃي ٿو ته ٽاورن جو تيل کپايو وڃي ٿو، جنھن ڪري ٽاور بند رھن ٿا. پاڪستان ٽيليڪميونيڪشن اٿارٽي عوام جو ھي مسئلو حل ڪري يا نيٽ ورڪ ڪمپنيون پنهنجا ٽاور پٽرائ وڃن گھٽ ۾ گھٽ عوام جي پيڪيجن جا پئسا ته ضايع ڪونه ٿيندا.

 

پرديسي اعجاز مستوئي/ ڪيٽي سجاول ڪاڇو

 

يتيم

 

بابا بابا ڪنھن کي چوان، دادلو تنھنجي ھئس مان امان

منحُوس چوي پيو ھِتي ھرڪو، تنھنجو ته آئون ڪُبير ھئس امان

گھرن جون رونقُون ته ٻارڙن سان آھن. ۽ ٻارڙن جون خوشيون ته ماءُ پيءُ سان آھن. گھرن ۾ ننڍڙن ٻارن جو روئڻ به مُرجھايل چھرن کي سُورج مُکي جي گُل جيان کلائيندو آھي. چوندا آھن ته ڪيتري به پريشاني ھجي گھر وڃي جڏھن اولاد پيءُ جي ڀاڪُر ۾ ايندو آھي ته سموريون پريشانيون ختم ٿي وينديون آھن. پر جيڪڏھن ٻار ته ھجن پر والدين نه ھجن پوءِ اُنھن معصومن جي زندگي ڪيئن ھوندي. ھُو ڪنھن جي ڀاڪُر ۾ وڃي ٽِپا ڏيندا. پنھنجو ضد پورو ڪرڻ لاءِ ڪنھن جي سامھون اُھي فرش تي بولاٽيون کائيندا. پيءُ جي ڪلھن تي چڙھي گھمڻ وارو معصوم گلڙن جھڙو يتيم ٿيڻ کانپوءِ ڪنڊن تي ھلڻ لاءِ مجبور ٿي ويندو آھي. بابا تون ته ھليو وئين مون کي ھِن بي رحم دنيا ۾ ڪنھن جي سھاري ڇڏي ويو آھين؟ تون ته منھنجي پسند جي ھر شي مون لاءِ خريد ڪري ايندو ھئين ھاڻ ته آئون پاروٿي روٽي کائڻ لاءِ به پريشان آھيان. تنھنجو خواب ھو ته آئون پڙھي لکي محنت ڪري ڊاڪٽر ٿيندس ۽ تنھنجي ھِن ھڪ چونري تي مشتمل گھر کي آئون پاڙي جي وڏين ماڙين کان به اُونچو ڪندس پر بابا تنھنجي وڃڻ کانپوءِ ته چاچي ھُن گھر کي به وڪڻي ڇڏيو ۽ تون ته پنھنجي آخري گھڙي ۾ چاچي کي منھنجي پارت ڪري ويو ھئين ته تنھنجا خواب پورا ڪرڻ ۾ چاچو منھنجي مدد ڪري پر بابا چاچي ته مون کي سيٺن جي گھر نوڪر ڪري ڇڏيو آھي. منھنجي ھٿن ۾ ڪتابن بدران ھُنن ٻھاري ڏئي ڇڏي آھي ۽ جڏھن 50 رپيا خرچي تي ڏينھن سڄو سيٺن وٽ ڪم ڪري جڏھن مان رات جو  ٿڪجي گھر ويندو آھيان ته ڪير مون کي ماني لاءِ به نٿو پڇي. آئون ڪمري جي ڪنڊ ۾ امان جي چُني کي منھن ۾ وجھي زارو زار روئيندو آھيان. بابا توکي ۽ امان کي مان ھر روز ياد ڪيان ٿو. چاچو پنھنجي چئن ٻارڙن لاءِ ڪپڙا جُوتا اسڪولي ڪتاب خريد ڪري اچي ٿو پر مون کي ھُن ڪڏھن به نِيلامِي جوڙو به ڪون وٺي ڏنو آھي. چاچِي پنھنجن پُٽن کي ھٿ سان مکڻ وجھي ماني کارائي ٿي منھنجي لاءِ ته ھو ٿڌي روٽي به پچائي نٿي رکي . منھنجي ھن زندگي جي ريگستان ۾ والدين جو پيار ٿڌي پاڻي جي جھرڻي جھڙو آھي.

جيڪو ڪڏھن به ڪونه ملڻو آھي. امان تون منھنجون اھي ڪُوڪُون ٻڌي رھي آھين نه؟ تون اچ نه واپس امان بابو به ڪونه آيو آھي اڃا. ھُن کي به چئو تنھنجو دادلو پٽ توکي ياد ڪري رھيو آھي. ھِن مطلبي سنسار ۾ ته بنا مطلب جي ڪير پُڇا به نٿو ڪري. امان جڏھن صبح جو سوير مان ڪم لاءِ ٻاھر نڪرندو آھيان ته مون جھڙن ٻين ٻارڙن کي اسڪولي ڊريس پاتل ھوندي آھي ڪلھن ۾ ٿيلھا کنيل پنھنجي ماءُ جو ھٿ جھلي اسڪول وڃي رھيا ھوندا آھن ۽ مان جنھن کي تون پنھنجي آنچل کان ھڪ منٽ لاءِ به پري ڪون ڪندي ھئين ھُو امان بنان تنھنجي سھاري جي سيٺن جي گھر ڪم ڪرڻ لاءِ وڃي رھيو ھوندو آھي. اي خدا تون ھيٺ لھي اچ پنھنجو جوڙيل ھي جھان ڏِس تو ڪنھن کي سڀ ڪجھه ڏئي مالا مال ڪيو آھي ۽ ڪنن جا وري تو جنت جا دروازا ئي بند ڪري ڇڏيا آھن. يتيم ٻار سمنڊ جي اُنھي مڇي وانگي ھوندا آھن. جيڪا پاڻ به سمنڊ ۾ کائي ٿي ۽ ٻين جو کاڌو به ٿئي ٿي. اِنھن سان حال احوال ڪرڻ وارو ڪير به ڪونه ھوندو آھي. جيڪا ماءُ پيءَ جي جيئري گھر ايندا ھئا اُنھن جي سامھون ڳلن تي چُميون ڏيندا ھئا پنھنجي ڀاڪُر ۾ جھلي چڪ ھڻندا ھئا. اڄ اُھي بابا اوھان جا دوست ڀائر جڏھن سامھون اچن ٿا ته مون ڏانھن ھڪ ڀيرو نھارين ئي نِٿا. مان اُنھن طرف آس ڀري اکڙين سان ڏسندو آھيان ته شايد ھُو پھرين وانگر منھنجو ھٿ جھلي ڀاڪُر پائن پر الائي ڇو ھاڻ ھُو مون کان اڻڄاڻ ٿي ويا آھن. ائين لڳي ٿو ڄڻ ھُو مون کي سڃاڻن ئي نٿا. امان پاڙي وارا مون کي منحُوس ڪري سڏيندا آھن. ھي پاڻ ۾ ڳالھيون ڪندا آھن ته ھِي ننڊپڻ ۾ ئي پنھنجي ماءُ پيءُ کي کائي ويو آھي. ھِن نڀاڳي جي پيدا ٿيڻ کانپوءِ ويچارا ھِن جا ماءُ پيءُ پنھنجي زندگي جي جنگ ھارائي ويٺا. امان ھي ڪھڙي دنيا آھي جتي يتيمن جو رھڻ ڏاڍو مشڪل آھي. يتيم آئون پنھنجي خوشي سان ته ڪونه ٿيو آھيان ھِن ۾ منھنجو ڪھڙو ڏوھ آھي؟ مان ڪيئن پنھنجي ماءُ پيءَ جو قتل ڪيو ھوندو؟ اوھان ته منھنجي جيئڻ جو سھارو ھئا. منھنجي خوشين جُون جھوليون اوھان جي ھئڻ سان ڀريل ھيون. اڄ انھي جھولي ۾ مايوسي ۽ اُداسي ڇانيل آھي ھاڻ ته خوشي لفظ مون لاءِ ڪنھن فقير جو ڏنل شراب ٿو لڳي. جيڪا ھاڻ ڪڏھن به منھنجي زندگي ۾ واپس موٽڻي نه آھي ۽ نه وري ڪڏھن مون بدنصيب کي ماءُ جو آنچل نصيب ٿيڻو آھي. بابا جي گارين لاءِ به آئون سِڪان پيو جڏھن ٻين جا بابا ھُنن کي دڙڪا ڏئي رھيا ھوندا آھن ته آئون پنھنجي اکين ۾ لُڙڪ لاڙيندو آھيان ته الله مون کي ڪڏھن اھي دڙڪا ڇو ڪونه مليا. مون کي مال ملڪيت نه صرف اما بابا جو پيار کپي ٿو. ھِن سموري جھان جُون خوشيون اوھان کي مبارڪ بس منھنجا اُھي جنت جا دروازا مون کي کولي ڏيو جيڪي منھنجي ھلڻ کان پھرين بند ٿي ويا آھن.

 

جيتيش گوسوامي

 

مرزاپور ۽ ڀرپاسي ۾ موبائل نيٽ ورڪ جو مسئلو حل ڪيو وڃي!

 

مرزاپور ۽ ڀرپاسي وارن شهرن ۾ موبائل نيٽ ورڪ جو مسئلو وڌي ويو آهي، مختلف نيٽ ورڪن جن مان زونگ، موبلنڪ، يوفون، ٽيلينار ڪمپنين جا نيٽ ورڪ تمام سلو هلي رهيا آهن جنهن ڪري شهرين کي نيٽ هلائڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن ۽ انٽر نيٽ تي هلندڙ ڪم پڻ متاثر ٿي ويو آهي، انٽر نيٽ ٺهيو پر ڪال تي ڳالهائڻ به مسئلو ٿي ويو آهي، شهرين طرفان هر مهيني هزارين رپين جا پيڪيج ڪرايا پيا وڃن پر نيٽ ورڪ نه هجڻ ڪري پيڪيج بنا هلائڻ جي ختم ٿي وڃن ٿا، ڪمپنين وارن هاڻي صرف ڪمائڻ جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي. اسان لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيون ٿا ته نوٽيس وٺي مسئلو حل ڪرايو وڃي.

 

عامرجوڳي/ مرزاپور

 

عمرڪوٽ جي ميڊيڪل اسٽورن تي نقلي دعوائن جو وڪرو روڪيو

 

عمرڪوٽ ميڊيڪل اسٽور مافيا غريب ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. عمرڪوٽ ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ اسسثنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ ٿر بازار عمرڪوٽ جي ميڊيڪل اسٽورن تي ڪارروائي ڪندي دوائن جي هٿرادو ريٽ واڌ ۽ بليڪ تي دوائون وڪرو ڪرڻ تي ڇاپا هنيا هئا. اڃا ڪجهه ڏينهن گذرڻ کان پوءِ ميڊيڪل اسٽور مافيا ڊرگ انسپيڪٽر جي ملي ڀڳت سان وري دوائون هٿرادو ريٽ ۾ بليڪ تي وڪرو ڪرڻ لڳا آهن. اسان وري اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ کان مطالبو ڪيون ٿا ته انهن مافيا جي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

 

علي شير ڪنڀر/عمرڪوٽ