هندو برادري جو خوشين ڀريو وڏو ڏڻ ڏِياري
سناتن ڌرم ۾ ”ڏياري“ جو تهوار، تهوارن جو بادشاهه ليکيو ويندو آهي. ڏِياري جي معنيٰ آهي ڏيئن واري خوشي، ان لاءِ هِن ڏڻ کي ”روشنين جو تهوار“ پڻ سڏيو ويندو آهي. ڏياري، ديوالي يا ديپاولي جو ڏڻ يا تهوار اسان لاءِ خوشين ۽ مسرتن جو تهوار آهي. هي تهوار هر سال اَسومهيني جي آخري هفتي ۾ ملهايو ويندو آهي. اماوس کي پونم سان ختم ڪرڻ ئي ڏياري جو اصل مفهوم آهي. ڏياري کان ڪجهه ڏينهن اڳ گهرن کي گند ڪچري کان صاف ڪري رنگَ روغن ۽ پوچو ليپو ڪبو آهي، گهرن مان پُراڻا ڀڳل ٽُٽل بَرتن ۽ ٻيو گهريلو سامان ڪڍي نئون سامان ۽ برتن خريد ڪري گهر جي رونق وڌائي ويندي آهي. هِن ڏِڻ کي موسم جي حوالي سان پڻ وڏي اهميت حاصل آهي ته هيءُ ڏڻ سياري جي مُند شروع ٿيڻ جو پيغام ڏئي ٿو. انهيءَ موسم ۾ هاري ناري پوکن، فصلن ۽ لابارن کان واندا ٿي خوشيون ملهائڻ جي موج ۾ هوندا آهن. ڏياري جو اصل مقصد خوشيون ملهاين، نتِ نوان وستر (ويس وڳا) پائڻ، کائڻ پيئڻ ۽ مٺائي ورهائڻ ئي ناهي پر حق ۽ سچ جي راهه تي هلڻ، ڏکوئلن ۽ ڪمزورانسانيت جي مدد ڪرڻ، هر ڪنهن سان احترام سان پيش اَچڻ، غريب پاڙيسرين جي مدد ڪرڻ، مجبور ماڻهن جي ڏُک، سور ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ انهن مڙني ڳالهين جو وچن ڪرڻ ئي ڏياري جو اصل مفهوم آهي. زندگي جو مقصد پاڻ کي خوش رکڻ نه پر ٻين کي پنهنجي خوشين ۾ شريڪ ڪرڻ آهي. ڏياري ملهائڻ جو اصل پسمنظر ڪجهه هِن ريت آهي ته ايوڌيا نگري جي راجا دشرٿ کي 3 راڻيون هيون جن مان 4 راجڪمار پيدا ٿيا. وڏي راڻي ماتا ڪوشليا مان شِري رام، ماتا سمترا مان لڪشمڻ ۽ شتروگهن ۽ ننڍي راڻي ماتا ڪيڪئي مان ڀَرَت جنم ورتو. شِري رام ننڍپڻ کان ئي اَنيڪ ليلايون ڏيکاري، ماتا پتا توڙي پِرجا کي سُک ڏيڻ لاءِ جَتن ڪندو رهندو هو، سندس وهانوَ جنڪ پور جي راجا جَنڪ جي پُتري سِيتا سان ٿيو. مهاراجا دشرٿ پنهنجي وڏي راجڪمار شِري رام کي راج گدي حوالي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته اَيوڌيا نگر جي عوام (پرجا) ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي پر ننڍي راڻي ماتا ڪيڪئي کي اِها ڳالهه نه وڻي، ڇو ته هوءَ ڀَرت کي مستقبل جو راجا ڏسڻ جي خواهشمند هئي ۽ اها صرف سندس ئي تمنا هئي پر ڀرت ان باري ۾ اڻڄاڻ هو. راجا دشرٿ راڻي ماتا ڪيڪئي کان پڇيو ته جڏهن پوري ايوڌيا نگري ۾ جشن جهڙو ماحول آهي ته تون خوش نه آهين سو ڇاڪاڻ؟ راڻي ماتا ڪيڪئي چيو ته توهان کي پنهنجو وچن ياد ڏيارڻ چاهيان ٿي جيڪو توهان مون کي اُن وقت ڏنو هو جڏهن هڪ دفعي توهان زخمي ٿي پيا هئا ۽ مون اوهان جي جان بچائي هئي، جنهن جي بدلي ۾ توهان مون کي انعام ڏيڻ چاهيو ته مون ان وقت توهان کان هڪ وچن ورتو هو ۽ چيو هيم ته وقت اچڻ تي اِهو وچن پورو ڪرائينديس ۽ هاڻي اهو وقت اچي ويو آهي. پنهنجي وچن کي ورجائيندي ماتا گُھرڪئي ته ڀَرت کي راج گدي تي ويهاريو وڃي ۽ شِري رام کي 14 سال بنواس موڪليو وڃي. راجا دشرٿ ننڍي راڻي جا مطالبا ٻڌي رنجيده ٿي ويو پر هُن مطالبا مڃيندي چيو ته رگهوڪل جي رِيت سدا هلندي اچي ته “ پِراڻ وڃي پر وچن نه وڃي” شري رام کي جڏهن ان ڳالهه جي سُڌ پئي ته هن بنواس وڃڻ جي تياري ڪئي ڇو ته وڏو پُٽ هئڻ جي ناتي پنهنجي پتا جي وچن کي نڀائڻ سندس فرض هو. شري رام جي پَتني ماتا سِيتا ۽ ڀاءُ لڪشمڻ پڻ بنواس وڃڻ لاءِ روانا ٿيا پر ڀَرت راج گدي قبول نه ڪئي. شِري رام جي ويندي ئي مهاراجا دشرٿ اهڙو بيمار ٿي پيو جو هُو پرلوڪ پڌاري ويو. جڏهن شِري رام، سِيتا ۽ لڪشمڻ سان گڏ بَنواس جا 14 سال پورا ڪري اَيوڌيا نگري موٽي آيو ته اَيوڌيا وارن سندس آجيان ڪرڻ لاءِ مِٽي جي ڏيئن سان اُماوس جي رات کي روشن ڪيو ته ڄَڻ ڏينهن ٿي پيو. اِها رسم اَڄ تائين هلندي پئي اچي. ڀرت راج تِلڪ ڏئي شِري رام کي گدي ٿي ويهاريو ته ايوڌيا نگري واسي خوشيءَ وچان رقص ڪندا رهيا. ڏياريءَ جي موقعي تي رات جو بَتيون اُجهايون (وسايون) وينديون آهن، رات جو گيهه جا ڏيئا ٻاري ماتا لڪشمي جي پُوڄا ڪبي آهي. روايت آهي ته اُن رات لڇمي ماتا دولت جي ديوي هر گهر ۾ چمتڪار ڏيکاريندي آهي. ڏياري جي ٻئي ڏينهن مندرن ۽ عبادتگاهن ۾ پُوڄاپاٺ ڪري نئين دور جو آغاز ڪيو ويندو آهي ۽ تمام هندو برادري پاران پرماتما (پروردگار) آڏو پنهنجي گناهن جي معافي گُهرڻ سان گڏ پاڪستان جي سلامتي ۽ خوشحاليءَ لاءِ پڻ خصوصي دعائون گُهريون وينديون آهن. ڏياري جي خوشين کي سيلبريٽ ڪرڻ لاءِ ڏياري جي ٻئي يا ٽئين ڏهاڙي ملڪ توڙي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هندو پنچاءئتن جي سهڪار سان مختلف ”ڌرمي ناٽڪ اسٽيج ڪلچرل شوز “ ۽ ”ڏياري مِلن گڏجاڻيون“ پڻ رٿيون وينديون آهن جن ۾ هندو برادري پنهنجي فيمليز سميت شرڪت ڪري لطف اندوز ٿينديون آهن. آخر ۾ ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ رهندڙ سموري هِندو برادري کي ”ڏياري“ جي شڀ موقعي تي لک لک واڌايون هجن.
پارومل پريمي/ميرپورخاص
” ڏياري روشنين جو تهوار، خوشين جو پيغام ”
ڏياري جيڪو “ديپاولي” يا “ديپاوالي” جي نالي سان پڻ مشهور آهي، هڪ اهم هندو تهوار آهي، جيڪو هر سال آڪٽوبر يا نومبر ۾ ملهايو ويندو آهي. تهوار روشني، خوشي، ۽ نئين شروعات جي علامت آهي. ڏياري جو جشن مختلف ثقافتن، خاص طور تي هندو، سِک ۽ جين مذهبن ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. چراغ، ميڻ بتيون ۽ رنگ برنگي سجاوٽون ان کي خاص بڻائين ٿيون. ڏياري جي تاريخ ويد دور ۾ موجوده مذهبي رسمن سان جڙيل آهي. ويد دور ۾ انسان مختلف فصلن جي پوڻ ۽ خوشحالي کي ملهائڻ لاءِ مخصوص ڏينهن مقرر ڪندا هئا. ان دور ۾ روحانيت ۽ مختلف مذهبي رسمون شروع ٿيون، جيڪي بعد ۾ ڏياري جي جشن ۾ تبديل ٿيون. ان دوران، هندو مذهب ۾ مختلف ديوتا ۽ ديويون خاص معنائون رکن ٿيون، جن جي پوجا خاص موقعن تي ڪئي ويندي هئي. رامائڻ ۾ بادشاهه رام جي واپسي جو داستان هڪ اهم نقطو آهي. جڏهن بادشاهه رام، سيتا سان گڏ 14 سالن جي جلاوطني کان پوءِ واپس آيا، تڏهن ڳوٺاڻن انهن جي خوش آمديد ڪرڻ لاءِ چراغ روشن ڪيا، ان لحاظ سان، ڏياري جو جشن روشني، خوشي، ۽ نيڪي جي فتح جي نمائندگي ڪري ٿو. موجوده دور ۾، ڏياري جو جشن هڪ ثقافتي، مذهبي، ۽ سماجي واقعو بڻجي چڪو آهي، مختلف قومن ۽ ملڪن ۾، جتي هندو آبادي موجود آهي، ان جشن کي وڏي محبت ۽ جوش سان ملهايو ويندو آهي، خاص طور تي، ڀارت ۾ مختلف ثقافتي رنگن ۾ ڏياري جو جشن ملهائڻ وارا ماڻهو ملن ٿا. ان دوران، هر هڪ علائقي جون خاص رسمون ۽ ريتون موجود آهن، جيڪي ان جي ثقافتي ورثي کي اجاگر ڪن ٿيون. هي اهو موقعو پڻ آهي جتي خاندان جا ماڻهو گڏجي ڪم ڪن ٿا ۽ هڪٻئي سان وقت گذاريندا آهن. شهر ۽ ڳوٺن جي رستن تي به خاص سجاوٽ ڪئي ويندي آهي. مختلف ثقافتي پروگرام، ميلا ۽ محفلون منعقد ڪيون وينديون آهن، جن ۾ رقص، موسيقي، ۽ ثقافتي سرگرميون شامل هونديون آهن، ان دوران، نوجوان ۽ بزرگ هڪٻئي سان گڏجي خوشيون ملهائيندا آهن ۽ جشن ۾ شامل ٿيندا آهن. اڪثر شاندار آتشبازي به ڪئي ويندي آهي. اڄ ڪلهه سماجي آگاھي ۾ واڌ سبب ماحولياتي تحفظ جي ضرورت محسوس ڪئي ويندي آهي، ڪيترائي ماڻهون ماحول دوست مواد جي استعمال کي ترجيح ڏين ٿا، آلودگي کي گهٽائڻ لاءِ، چنڊل جاچر، ميڻ بتيون ۽ رنگين سجاوٽ جا سامان استعمال ڪيا ويندا آهن. سنڌ ۾ ڏياري کي مختلف ثقافتي رنگن ۾ ملهايو ويندو آهي، مختلف علائقن ۾، ان جون مخصوص رسمون ۽ روايتون موجود آهن. ديپاولي جو جشن صرف پاڪستان ڀارت ۽ نيبال ۾ ئي نه پر انڊونيشيا، ملائيشيا، ۽ فجي ۾ به ملهايو ويندو آهي. ارن ڪمار ميگھواڙ ٻڌايو تہ ڏياري جو جشن انسانيت کي گڏ ڪرڻ ۽ اختلافات کي مٽائڻ جو هڪ موقعو آهي. ڏياري نه صرف هڪ تهوار آهي، پر ان جي پويان هڪ گهري ۽ معنيٰ خيز ثقافت موجود آهي، جيڪا اسان کي ٻڌائي ٿي ته روشني هميشه ظلمت تي فتح حاصل ڪري سگهي ٿي.
سجاد علي شيخ
تاريخي ماڳ دائود ڪوٽ ڏانهن حڪومت کي ڌيان ڏيڻ گهرجي
دائود ڪوٽ هڪ تاريخي دڙو آهي. هي دادو شهر کان ڏکڻ طرف 13 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي ٿيندو ۽ امير پير کان اُتر تي تقريبن 3 ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي بچاءُ بند ۽ دادو ڪينال جي وچ تي آهي. هن دڙي تي ڪابه ٽيم ڪو به ادارو اڃا تائين ڪو ڪم ڪري نه سگهيو آهي. ان ڳالهه جي ضرورت آهي. هن دڙي جي چوڌاري لينڊ مافيا جي قبضي سبب گهڻو دڙو تباھ ۽ ختم ٿيندو پيو وڃي. جيڪڏهن وقت سر حڪومتي ادارن هن جي مالڪي نه ڪئي ته دڙو پنهنجو وجود وڃائي ويهندو. دائود ڪوٽ تي نالو هن جي آس پاس ٻنيون ٻارا ڪندڙ هارين رکيو آهي، نہ ته هن جي ته ڪا خبر ئي ناهي ڪڏهن کان ڪيستائين آباد رهيو. ڪهڙي قوم قبيلي سان تعلق رکندڙ ماڻهو هتي موجود هئا. هتي هن دڙي مان هارين کي ڪي ٺڪر جا ٿانو، ڳھ ڳٺا ته ڪن کي پايل ته ڪن کي دوهري به هٿ آئي آهي. ڪجھ سال پهرين هن دائود ڪوٽ کان ٻن يا ٽن اٺاسن جي فاصلي تي جڏهن هر ڏنو ويو هو ته اتان انساني کوپڙيون، انساني هڏا پڻ دريافت ٿيا هئا، جنهن جي اندازي مطابق ته هتي ڪا تاريخ ۾ چڱي خاصي انساني آبادي موجود هئي. جيڪي پنهنجي رنگ، نسل ۽ ثقافت سان شعور يافتا قوم هئي، جيڪا ترقي جي راهن ڏانهن گامزن ھئي. هن جي تباهي جو ڪارڻ ڇا هو ڪنهن کي ڪا ڪل ئي ناهي؟ ڇو ته دائود ڪوٽ جي ڪنهن به اداري پرگهور ناهي لڌي نه ئي ڪا ٽيم هتي تحقيقي حوالي سان آئي آهي نه ئي ڪو ان حوالي سان مضمون شايع ڪيو ويو آهي. اسين اعليٰ اختيارين کان ويندي ڪلچر ڊپارٽمينٽ، آرڪيالاجي کاتي کي اپيل ٿا ڪريون ته دادو ڀرسان دائود ڪوٽ تي تحقيقي ڪم ڪرايو وڃي. ان سان گڏوگڏ هن جي کوٽائي ڪئي وڃي ته هي دڙو جيڪو هزارين راز سموئي مٽي جو ڍير ٿي ويو آهي، ان جي رازن کي منظر عام تي آندو وڃي، ان بابت تاريخي حوالي سان پرکيو وڃي.
اصغر جمالي /دادو
ھڪ چٺي ڊي سي شھيد بينظير آباد جي نانءُ
انتھائي افسوس سان چوڻو ٿو پوي تہ ڊي سي شھيد بينظير آباد بہ فقط حڪومتي ڌر جي جي حضوري ۾ ئي مشغول رھندي رواجي ڪامورن مان ھڪ ثابت ٿيو آھي. ھن وقت تائين سائين جن ڪو بہ اھڙو ڪارنامو سرانجام نہ ڏئي سگھيا آھن جنھن مان اھو اندازو لڳائي سگهجي تہ ڊي سي شھيد بينظيرآباد غريب عوام کي رليف ڏيارڻ لاءِ ڪوششون ڪري رھيو آھي. عوام جا مسئلا جيئن جو تيئن موجود آھن. مسئلن زرعي ڀاڻ جا هٿرادو وڌايل اگھ نقلي ٻج، نقلي ڀاڻ، نقلي دوائون ۽ سيٺين پاران زرعي جنسن جا ھٿرادو گھٽايل اگھ، کاڌ خوراڪ جي شين جا ھٿرادو وڌايل اگھ وغيره. تازوئي ڊي سي شھيد بينظيرآباد پاران درجا اول سرن جو اگھ 25000 ٽرالي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو ان به عمل نه ٿيو ۽ اعلان ئي رهجي ويو. ھاڻي ان تي عمل ڪير ڪرائيندو ۽ ڪڏهن ڪرائيندو؟
امام دين مھر
بيسٽ ٽيچر ايوارڊ ۽ ماحوليات تي ليڪچر
سنڌ پيپلز آرگنائيزيشن حيدرآباد جي پليٽ فارم تان 26 آڪٽوبر تي سنڌي ٻولي جي اداري ۾ قائم “ڊاڪٽر نبي بخش ھال” ۾ “بيسٽ ٽيچر ايوارڊ تقريب ۽ ليڪچر” جو شاندار ۽ يادگار پروگرام ٿيو. تقريب ۾ خاص مھمان وائيس چانسلر ميرپور خاص يونيورسٽي ڪيمپس پروفيسر ڊاڪٽر رفيق ميمڻ ۽ صدارت سنڌ پيپلز آرگنائيزيشن جي سرپرست اعليٰ پروفيسر ڊاڪٽر سيد فرمان علي شاهه ڪئي اعزازي خاص مھمانن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر قاسم آباد حطف سيال، پروفيسر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه، پروفيسر ڊاڪٽر سردار علي شاهه لڪياري، سرپرست ڄام نظام الدين ڀاڳت ۽ تنظيم جو صدر پروفيسر محبوب علي سومرو جن ھئا. پروفيسر ڊاڪٽر ڀائي خان سولنگي ۽ ساجده قاضي اسٽيج سيڪريٽريءَ جا فرائض سر انجام ڏنا. تعليمدان زوار نقوي، ڪذبانو درس، نيلوفر ڀٽو، رضيه شهوڪ، مقبول سنڌي، پروفيسر دودا خان، سليم چنا، مقبول سنڌي، فاروق احمد نائچ، پروفيسر گل نرگس زھري، ليکڪ شاھ نواز مھيسر، منظور احمد ميمڻ ۽ ٻين استادن ۽ اديبن جي شرڪت سان پروگرام يادگار بڻجي ڪاميابي ماڻي. خاص مهمانن کي خوبصورت اجرڪون اوڍايون ويون. تلاوتِ ڪلام پاڪ ساجده قاضي ڪئي. پيپلز آرگنائيزيشن جي ھن بيسٽ ٽيچر ايوارڊ تقريب ۾ تجربيڪار ۽ قابليت رکندڙ تعليم دوست استادن جي قدرداني ڪندي 34 ايوارڊ پيش ڪيا ويا. ان کانسواء 2 ايوارڊ علم ۽ فن جي مناسبت سان مثالي خدمتون سرانجام ڏيندڙن کي پيش ڪيا ويا. پروگرام جي ھڪ حصي ۾ بيروزگاريءَ ۽ موسمياتي تبديليءَ تي ليڪچر پڻ ڏنا ويا. جنهن لاءِ تعليمدان نيلوفر ڀٽو، پروفيسر محمد اسماعيل ڪنڀر، ڊاڪٽر محمد امين قريشي، عبدالرزاق عمراڻي پنهنجي وسيع مشاهدن سان چونڊ ڪيل موضوعن تي بهتر آنداز ۾ ڳالهايو، جن کي حاضرين خوب تاڙين سان داد ڏيندا رھيا. حيدرآباد جي تاريخ ۾ ھي پروگرام يادگار ليکيو ويندو.
منظور ڪالرو/حيدرآباد
ڪاڇي مان سماجي برايون ختم ڪرايو
ڪاڇي جي شهر ھيروخان ۽ ڳوٺ مريد ديرو ۾ سماجي برايون سرعام ھلڻ وارو سلسلو رڪجي نه سگھيو آهي جنهن ڪري ننڍو نسل تباھي طرف وڌي رهيو آهي. پٽ گل محمد ۽ پي ايس نئين گاج ٿاڻي جي حدن م تاش پتي جوا جا اڏا پوليس جي نااھلي سبب سرعام ھلڻ وارو سلسلو سالن کان جاري ساري آھي. ٻارن جو مستقبل داءُ تي لڳل آھي. تعليم حاصل ڪرڻ بدران ٻارڙا جوا طرف وڇي رهيا آهن. پوليس پنھنجي منٿلي قائم ڪري ڇڏي آھي. ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ٿو ڪجي ته پٽ گل محمد ۽ پي ايس نئين گاج ٿاڻي جي حد ۾ ھلندڙ جوا جا اڏا بند ڪرائي ننڍو نسل تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي.
برڪت علي لغاري/ ڪاڇو هيروخان
هڪڙي چٽي پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڏانهن
سڀ کان پهرين اسلام عليڪم! بلاول ڀٽو زرداري صاحب اميد ته خوش هوندا. توهان نوجوان آهيو ﷲ پاڪ ٿوهان کي سلامت رکي. بلاول ڀٽو زرداري اوهان جو تعلق سنڌ جي ضلعي بينظيرآباد (نوابشاه) سان آهي. سنڌ سڄي تباھ آهي. امن امان جي صورتحال تمام گهڻي خراب آهي. سنڌ صوبي ۾ توهان جي حڪومت آهي. وفاق ۾ توهان جي حڪومت آهي. صدر پاڪستان اوهان جو بابا سائين آصف علي زرداري آهي. سنڌ پوليس ڇا پئي ڪري؟ ڪشمور، شڪارپور، ڪنڌڪوٽ مان هر روز معصوم ٻارڙا اغوا ٿي ٿا وڃن. سنڌ پوليس ۽ سنڌ حڪومت ڇا پيا ڪن؟ بلاول ڀٽو زرداري صاحب اوهان کي عرض ڪندس ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال تمام گهڻي خراب آهي سنڌ صوبي ۾ امن لاءِ رينجرس هر تعلقي ۾ مقرر ڪئي وڃي ته جيئن امن امان جي صورتحال بهتر ٿئي. بلاول ڀٽو زرداري صاحب اوهان هڪ نظر پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ حڪومت طرف ڪيو. ڪرپشن ختم ڪرايو. سنڌ ۾ ترقياتي ڪم ڪرايو سنڌ جا ماڻهو اوهان کي دعائون ڪندا.
سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي ڪاڇو
نئون امروٽ ۾ مسافر خانو ٺهرائي ڏيو
ضلعي شڪارپور جي تعلقي ڳڙهي ياسين جي ڳوٺ نئون امروٽ ۾ بس اسٽاپ تي قائم مسافر خانو زبون ٿي ڪري پٽ ٿي ويو آهي. جنهن ڪري مسافر عورتون، ٻارڙا، پوڙها، نوجوان سردي، گرمي ۾ روڊ تي پٽ تي ويهي گاڏين جو انتظار ڪن ٿا. ڪڏهن برسات پوي ٿي ته مسافر سخت تڪليفن کي منهن ڏين ٿا. تڪ جي چونڊيل نمائندن جي ڳالھ ڪجي ته جيڪي صرف اليڪشن جي ٽائيم ووٽ وٺڻ لاءِ ايندا آهن، وري پوءِ گم ٿي ويندا آهن. ڳوٺ جي ماڻهن پاران مسافر خاني لاءِ بار بار آواز اٿارڻ سان گڏ درخواستون ۽ نشاندهي ڪرائڻ باوجود چونڊيل نمائندن جي ڪن تي جونءِ به نٿي چري. چونڊيل نمائندن کي شايد انهي ڪري به احساس ڪونهي جو اهي ۽ سندن فيمليون ويگو، ڪارن ۽ وڏين گاڏين تي اچن وڃن ٿيون، انهن کي ڪهڙي خبر مسافرن جي درد جي. احساس ۽ درد صرف انهن کي آ جن جون امڙيون ڀينرون روڊ تي بيهي ڪري انتظار ڪن ٿيون، اسان هڪ ڀيرو ٻيهر چونڊيل نمائندن ۽ وس وارن کان مطالبو ڪريون ٿا ته نوٽيس وٺي مسافر خانو ٺهرائي ڏنو وڃي.
عامرجوڳي/ مرزاپور
ڪاڇي جي 50 کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ بجلي نه ملي
ڪاڇي ۾ گذريل يارنھن سالن کان وٺي پنجاھ کان مٿي ڳوٺ بجلي جي سھولت کان محروم بڻيل آھن. ڳوٺ حمل خان شاھاڻي، ھوت خان، حمزو خان، سچو بوزدار، ٽوڙي، ڳوٺ ماستر عيسو شاھاڻي، شاھ حسڻ، ٽنڊو رحيم خان، گاجي شاھ ۽ ٻين ڳوٺن ۾ سالن کان بجلي بند ھجڻ ڪري نامعلوم چور سوين پولن تان يارنھن ھزار وولٽيج جون تارون لاھي چوري ڪري ويا آھن. انتظاميه چورن جي ناني ٿي نشي واري ننڊ ستل آھي. رھواسين جي مسلسل احتجاجن بعد به انتظاميه نوٽيس ناھي ورتو. جڏھن ته سالن کان ڪاڇي ۾ بجلي نه ھجڻ باوجود مٿي ڄاڻايل ھر ھڪ ميٽر مالڪ شھرين توڙي ڳوٺاڻن تي سيپڪو پاران ڪوڙي ريڊنگ ڄاڻائي ھر مھيني ھزارين رپيا بل موڪليا وڃن ٿا جنھن سبب ڳوٺاڻه خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آھن. چونڊيل نمائنده ھر سال ھتان جي غريب اٻوجھ ڪاڇي واسين کي ڪوڙا ڏَٽا ڏئي ووٽ وٺي وري پنج سالن لاءِ گم ٿي وڃن ٿا. ايتري قدر جو ڪنھن جو قضيو ٿي وڃي عُذرخواھي ڪرڻ لاءِ به ان غريب جي در لڙي نه ايندا آھن. پنج سال جڏھن پورا ٿين ٿا پوءِ ته سائين ڪاڇي واسين لاءِ اچي اھڙو ته ھنن کي درد جاڳندو آھي جو ھڪ ڏينھن ۾ ٻه ٻه ڀيرا عُذر خواھي ڪرڻ لاءِ ايندا آھن ۽ ٻِٽا ڀاڪر پائي چوندا آھن بابا اسان توھان جا ھمدرد ۽ سڄڻ آھيون. اسين توھان کي نوڪريون ۽ ڳوٺ ۾ اسڪول، اسپتال، واٽر سپلاءِ، روڊ رستن سميت ٻيون بنيادي سھولتون ڏينداسين. اسان کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو ۽ اٻوجھ ماڻھو ٺڳ ڀوتار، وڏيرن جو ڀاڪر پائي ملڻ، مٺي ڳالھائڻ ۽ انھن جي ڪوڙن آسرن تي ووٽ ڏيئي سالن جا سال بنگلن جا چڪر ڪاٽڻ بعد مايوس ٿي کين پِٽون پاراتا ڏيندا رهندا آهن.
مزمل شاھاڻي/ ڇِني