سنڌ جا وسيلا آخرڪار ڇو کپايا وڃن ٿا؟
سنڌ تاريخي، ثقافتي ۽ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، اڄڪلهه پنهنجي وسيلن جي چوري ۽ استعمال ۾ بي حد نقصان ۾ مبتلا آهي. سنڌو ندي، جيڪا سنڌ جي زندگيءَ جو مرڪز آهي، ان مان 6 ڪينال ڪڍيا پيا وڃن، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي زمينن جي بنجر بڻجڻ جو خطرو وڌي ويو آهي. سنڌ جي فصلن لاءِ ضروري پاڻي، جيڪو سنڌو ندي مان اچي ٿو، هاڻ ٻين علائقن ۾ منتقل ڪيو پيو وڃي جنهن سان سنڌ جا زرعي علائقا متاثر ٿي رهيا آهن. ٻئي طرف، ڪاڇي ۽ جوهي تعلقي ۾ زرعي زمينن کي گرين انيشيٽو جي نالي تي ڪمپنين حوالي ڪيو پيو وڃي جنهن جي نتيجي ۾ 43 هزار ايڪڙ زمين جون مالڪ مخصوص ڪمپنيون بڻجي ويون آهن. اها زمين، جيڪا ڪنهن زماني ۾ مقامي ماڻهن جي زندگي جو حصو هئي، هاڻ ڪمپنيون ان تي قابض ٿي رهيون آهن، جنهن سان مقامي ماڻهو پنهنجن گهرن ۽ زمينن کان محروم ٿي رهيا آهن. ڪاڇي ۾، جتي ڳوٺن ۽ ماڻهن جي زندگي هئي، اتي هاڻ ڪيترن ئي ماڻهن جا گهر ڇڏي وڃڻ جو خطرو آهي. ڇا اهو انصاف آهي؟ ڇا اهڙي قسم جي وسيلن جي تقسيم کي تسليم ڪيو وڃي؟ سنڌ جي ماڻهن کي ڪڏهن به انصاف نه ملندو، جڏهن ته ملڪ ۾ ٻين علائقن کي ترقي ۽ وسائل ڏنا وڃن ٿا، جڏهن ته سنڌ کي هر وقت “ڪارو ٻڪر” بڻايو ويندو آهي. جيئن پراڻي زماني ۾ ماڻهن کي درگاھن تي ڪارو ٻڪر ڏيڻ جي روايت هئي، تيئن هاڻ حاڪم سنڌ کي “ڪارو ٻڪر” سمجھي، ان جي وسيلن تي قبضو ڪري رهيا آهن. وسيلن جي ڦرلٽ ۽ ان جا اثر سنڌ جي عوام تي ان وقت تائين جاري رهندا، جيستائين انهن جي حقن لاءِ آواز بلند نٿو ڪيو وڃي. سنڌ کي ان جي حقن کان محروم ڪرڻ جو عمل بند ٿيڻ گهرجي، ۽ سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي وسيلن تي مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جو حق ملڻ گهرجي.
رحمان حڪيم رستماڻي/ واھي پانڌي دادو
سائين نبي بخش ميرجت
ڪي ماڻھو تاريخ ٿين ٿا جيڪي پاڻ کي ارپي قوم جيارين ٿا. نه رڳو پنھجي نوڪري ڪن ٿا پر پنھنجو وجود وساري قومن جو وجود سامهون رکن ٿا انھن جفاڪش انسانن مان سائين نبي بخش ميرجت به ھڪ آھي. پاڻ ضلعي ٽنڊوالهيار جو مشھور استاد سماج سڌارڪ آھي ھي نه رڳو ھڪ عظيم استاد پر ھڪ محنت ڪندڙ شخصيت جو مالڪ آھي. ھن ۾ ڪڏھن به وڏائي نظر نه ايندي. سندن جنم 1940ع ۾ خوبصورت زمينن ۽ باغن واري ڳوٺ بھارخان ميرجت ۾ ٿيو. ان وقت انگريزن جو دؤر ھو. ڳوٺ ۾ هندو به رھندا ھئا سندن پيءُ ۽ چاچا انهن هندن جون ٻنيون پوکيندا ھئا. سندس پيءُ ھن جي ننڍي عمر ۾ وفات ڪري ويو سندس ماء ٻي شادي ڪئي جنھن ڪري کيس چاچن سنڀاليو. ھي به ساڻن ٻني ٻاري ۾ ھٿ ونڊائيندو ھو. ان وقت تعليم جو رواج گھٽ ھو ڳوٺ ۾ پرائمري اسڪول ھو جنھن ۾ سنڌي فائنل ست درجا تعليم ڏني ويندي ھئي. ھن ست درجا سنڌي پڙھيا پر کيس انگريزي پڙھڻ جو شوق ھو. سندس ھم ڪلاسي ست درجا پڙھي ويھي رھيا ڇو جو انگريزي تعليم لاءِ ٽنڊوالهيار وڃڻو پيو پئي. اسان جي ڳوٺ کان ٽنڊوالهيار 8 ميل پري ھو ان وقت نه روڊ ھو نه بسون. ان ڪري سائين تعليم لاءِ ھڪ پرائيويٽ ھاء اسڪول جيڪو ھڪ مخير مؤمن حاجي محمد صادق ميمڻ مفت ۾ ھلائيندو ھو ان جون زمينون به بھار خان ميرجت ۽ ٽنڊو سومرو وٽ ھيون. ان جي ھاسٽل به ھئي جيڪو اسڪول پوءِ سنڌ حڪومت جو حصو بنيو جنھن کي ايس ايم ھاء اسڪول سڏجي ٿو. اسٽيشن وٽ اڄ به موجود آھي ان ۾ داخلا وٺي ھاسٽل ۾ رھي پڙھيو. ڳوٺان مھيني يا پندرھين ڏينھن گڏھہ يا گھوڙي تي سندس چاچو بھارخان ڇڏي ويندو ھو. ان وقت ڪچو رستو ھوندو ھو. جيڪو پوءِ سرن سان پڪو ٿيو. ھاسٽل ۾ سندس ڪافي دوست ٿي ويا جن ۾ عبدالرحمان ڪالرو به ھو جيڪو به استاد ٿيو. پاڻ مئٽرڪ سنڌ يونيورسٽي مان نمايان حيثيت ۾ پاس ڪيائين. اڳتي ريگيولر تعليم لاءِ خرچ نہ ھئڻ ڪري پرائيويٽ انٽر بي اي بي ٽي پاس ڪيائين. ان دوران ھڪ ٺيڪيدار وٽ منشي طور نوڪري ڪيائين جنھن جي نگراني ۾ حيدرآباد جي سرفراز چاڙھي وارو رستو ٺھيو. ان کان سواءِ سرڪاري نوڪري ملڻ تائين ٻين ھنڌن تي به نوڪري ڪندو رھيو. .1962ع ۾ کيس پرائمري ٽيچر جي نوڪري ملي پھرين پوسٽنگ گورنمينٽ پرائمري اسڪول محراب چانڍيو ٽنڊو باگو ۾ ٿي ان کان پوءِ دران خان مسرڪ ٽنڊو الهيار، مال خان ٿيٻو ۽ ادريس سينھڙو ۾ ٿي. پاڻ ادريس سينھڙو اسڪول ۾ ڪافي عرصو رھيا. ان دوران سرڪاري طور کين پرائمري ٽيچرس ٽريننگ لاء ايليمينٽري ڪاليج سڪرنڊ نواب شاہ موڪليو ويو جتي ھڪ سال جي ٽريننگ ھاسٽل ۾ رھي مڪمل ڪيائين سندن اتي به ڪافي دوستن جو حلقو ھو.ان بعد واپس اچي ڳوٺ مٺو خان ميرجت ۽ بھارخان ميرجت ۾ نوڪري ڪيائين.1967ع ڌاري ھن جي سئوٽ حاجي خان ستابو ميرجت معرفت سنڌ جي ڏاھي دانشور يگاني ليکڪ سائين رسول بخش پليجي سان ملاقات ٿي جنھن جي صحبت ۾ جان جان ھئي جيئري ورچي نه ويٺي جي واٽ تحت ڳوٺ جي تقدير تبديل ڪرڻ جو وچن ڪري پنھجي ساٿين بھاول خان، حاجي خان، جمع خان سان گڏجي ڳوٺ ۾ انگريزي تعليم لاءِ سرڪار کان مڊل اسڪول منظور ڪرايائون. جڏھن اسڪول جو ڪم ھليو ته ٺيڪيدارن توڙي مزدورن جي ماني رهائش جو انتظام ڪندا ھئا. وري مڊل اسڪول شروع ٿيو ته ڪو انگريزي جو مقامي استاد نه ھو ته تعليم کاتي کيس پرائمري مان عارضي بنياد ته مڊل ۾ مقرر ڪري اسڪول ۾ انگريزي تعليم شروع ڪئي. ان کان پوءِ اسٽاف ملڻ بعد پاڻ پرائمري اسڪول واپس ويا. کين سماج جي خدمت جو جذبو سک سان سمھڻ نه ڏيندو ھو ھن ڇوڪرين جي تعليم لاءِ گرلز پرائمري اسڪول قائم ڪرايو. سندس ساٿين جي مدد سان سرڪاري اسپتال قائم ٿي. ان بعد ڳوٺ جو لنڪ روڊ، بجلي جيڪا 1970ع ۾ ملي. مطلب ته سرڪاري ادارن سان لکپڙه ڳوٺاڻن جا وفد ٺاھي آفيسرن سان ملڻ جا ڪم ڪرڻ، اسڪول ۾ انگريزي تعليم لاءِ ڀر پاسي جي ڳوٺن جي ٻارن کي داخل ڪرڻ لاء اتي ڳوٺن ۾ وڃڻ سندن ڪرت هئي جنھن جي نتيجي ۾ پسگردائي جي ماڻھن جا ٻار پڙھي نوڪرين تي لڳا. پاڻ پرائمري استاد مان جي ايس ٽي ٿيا. پنھجي مڊل اسڪول ۾ مقرر ٿيا. وري ھاء اسڪول ٽيچر طور مسڻ وڏي ھاء اسڪول، پيارو لنڊ ھاء اسڪول ۾ مقرر ٿيا جتان پوءِ پنھجي اسڪول ۾ ھيڊ ماستر ٿيا. اتي ڪوششون وٺي مڊل اسڪول کي 1987ع ۾ ھاء اسڪول ڪايائون. اتي ٻاھران ايندڙ استادن کي رھائش ماني وغيره جو بندوبست ڪندا ھئا. ڪجھہ عرصي بعد ھاء اسڪول کي ھاير سيڪنڊري ڪرائڻ لاءِ ان وقت جي ميمبر صوبائي اسيمبلي سيد اميد علي شاه کي گذارش ڪئي. جنھن اسڪول کي ھاير سيڪنڊري ڪرايو. جنھن جا پاڻ پھريان انچارج پرنسپل ٿيا. ڳوٺ ۾ گرلز اسڪول کي ھاء اسڪول ڪرائڻ ۾ سندن وڏي ڪوشش ھئي. ڳوٺ ۾ ڇوڪرين کي پڙھائڻ جو رواج نه ھو پر پاڻ ۽ سندن ساٿين جن ۾ سائين جمع خان جعفري، حاجي خان شتابي، بھاول خان ڇوڪرن جي اسڪول ۾ ڇوڪريون پڙھيون. جنھن جي نتيجي ۾ علم جي روشني ڳوٺ ۽ پسگردائي ۾ پکڙي. سندس پنھنجيون 6ڇوڪريون پڙھي تعليم کاتي ۾ ٽيچر ۽ آفيسر آھن. تہ سندس پٽ پروفيسر . پرنسيپل جي عھدن تي پھچي ساڳي جذبي سان ڪم ڪن پيا ته سندس پوٽا پوٽيون ڏوھٽا ڏوھٽيون به ڊاڪٽر انجيئر بڻيا. پاڻ تعليم کاتي مان 23 سال پهرين رٽائر ٿيا. پنھنجي ٻني ٻاري جي ڪم سان گڏ اڄ به سماج لاء مشعل راھ آھن سموري علائقي ۾ سون جي تعداد ۾ شاگرد اٿن. ايمانداري سچائي جو مثال آھن.
غلام محمد ميرجت/ٽنڊو الهيار
ڪاڇي ۾ منشيات عام وکر جيان ڪئبنن دوڪانن تي وڪرو ٿيڻ لڳي
ھونئن ته پوري ڪاڇي جي علائقن اندر منشيات جوا سرعام ھلي پيو پر ڪاڇي جي تاريخي شهر ھيروخان ۾ سڀني کان وڌيڪ منشيات نشي آوار سوپاريون ھلي رھيون آھن. حد جي پوليس ڪارروائي ڪرڻ بدران ٿاڻي تائين محدود آھي. پوليس جي نااھلي سبب علائقي ۾ منشيات جوا جا اڏا سرعام ھلي رھيا آھن جنهن ڪري ننڍو نسل تباھ ٿي رھيو آھي. اسين ڪاڇي واسي ڊي آئي جي حيدرآباد کان مطالبو ٿا ڪريون ته ڪاڇي اندر ھلندڙ منشيات ۽ جوا جي اڏن جو نوٽيس وٺي علائقي مان منشيات سميت جوا جو ناسور ختم ڪرايو وڃي.
برڪت علي ڪاڇو
ھي رسمن رواجن جي پابند دنيا
حصو آخري
ھن جو ڳاڙھو جوڙو
ھن ڳاڙھو جوڙو به تڏھن پاتو جڏھن منھنجو جنازو ھن جي سامھون آيو. آئون ھن کي ھر روز پنھنجي خوابن ۾ انھي جوڙي ۾ ڏسندو ھئس پر ڪڏھن به ھو منھنجي سامھون انھي جوڙي ۾ ڪونه آئي. مون چيو راڻي ٻڌ ڪڏھن ڳاڙھو جوڙو پائي تون مون سامھون ايندين ۽ مان تنھنجو ھٿ جٓھلي ھِن دنيا اڳيان چوندس ته ھي ڏسو واعدا ائين وفا ڪيا ويندا آھن پر افسوس پنھنجي ڪھاڻي به تاريخ جي پنن جيان اڌوري رھي جيئن پاڻ پڙھيو ھو ته ڪڏھن به ھِن سماج ۾ محبت جي جيت ڪونه ٿيندي. ائين ئي ٿيو آئون ھن سماج جي اڳيان مجبور ٿي ويس ۽ اڄ تو ڳاڙھو جوڙو پاتو پر افسوس ڏسڻ لاءِ منھنجيون اکيون بند ھيون. جڏھن آئون تنھنجي ڀرسان گذرڻ لڳو ھئس تڏھن منھنجو ھي جسم ٻين ماڻھن جي ڪلھن تي ھو پر ھا منھنجو روح توکي ڏسي خوش ٿي رھيو ھو ته آخرڪار مون توکي ڳاڙھي جوڙي ۾ ڏسي ورتو توکي اڃا تائين منھنجي مرڻ جي خبر نه ملي ھئي نه ته اھو تنھنجو ڳاڙھو جوڙو ڪارن ڪپڙن ۾ تبديل ٿي وڃي ھا پوءِ تون انھي دنيا جي بلڪل قدر نه ڪرين ھا تون بيوس ٿي وڃين ھا ۽ اچي منھنجي جنازي اڳيان بيھي دنيا کي ٻڌائين ھا ته ڏسو ھي منھنجو عاشق جنھن کي آئون بيوفا سمجھي رھي ھئس اُھو اصل ۾ بيوفا نه بلڪه وفا جو اصلي حقدار ھو. جنھن پنھنجي محبوب جي عزت کي داغ لڳڻ نه ڏنو ۽ پنھنجي ھُن خوشين ڀري زندگي کي ختم ڪري ڇڏيو. اڄ منھنجو ھي عاشق مون کي ھن ڳاڙھي جوڙي ۾ به ڏسي نه سگھيو گھٽ ۾ گھٽ ھي مون کي ھن جوڙي ۾ ھڪ ڀيرو ڏسي ته وٺي ھا. ھن جي اھا خواھش پوري ٿي نه سگھي مون کي معاف ڪجان منھنجا سائين آئون به مجبور ھئس
رسمن رواجن جي پابند دنيا
ھي ذاتين جون ڪاتيون اسان لاءِ اميري ۾ ته ذاتين جو ڍڪ ٿي ويندو آھي غريبي ۾ ته اسان جي ذاتين تي ڍڪيل ڪپڙن کي به چير چير ڪيو ويندو آھي. اوھان جا اھي رسمون رواج اوھان کي مبارڪ منھنجي محبوب جو صرف ديدار مون کي ڪرڻ ڏيو ھن جو ھٿ بس منھنجي ھٿ ۾ ڏيو نه مون کي اوھان جو سون کپي ٿو نه مون کي اوھان جو ڏاج کپي ٿو مون کي بس منھنجو پيار کپي ٿو. اوھان جي رواجن مطابق شادي غير ذات ۾ ڪونه ٿيندي پر اوھان جي انھن رواجن جي ڪري ڪيترن ئي انساني جانين جا نقصان ٿين ٿا جنھن کي اوھان جو ھي سماج جيئڻ نٿو ڏي. ھنن کي ملڻ نٿو ڏي جنھن ڪري مجبورن ھنن کي خودڪشي ڪرڻي ٿي پئي. پوءِ اوھان جون اھي رسمون ڪھڙي ڪم جون جن رسمن سان ڪنھن انسان جي زندگي وڃي جن رواجن جي ڪري اوھان جي رھيل زندگي تيل ٿي وڃي. پنھنجن جي وڇڙڻ جو صدمو اوھان کي کائي وڃي. راتين جون ننڊون حرام ٿيو. وڃن اکين سامھون بس اُنھن معصومن جو رت ھجي جيڪو رت اوھان جي انھن رسمن رواجن وھايو ھجي. ھي جيڪي ٺيڪيدار ھوندا آھن رواجن جا ذاتين جا ھنن کي شايد اولاد ڪونه ھوندو آھي جيڪي اولاد جي خوشين کان واقف ڪونه ھوندا آھن ته اولاد جي جسم تي ذرو تڪليف به اچي ٿي اھو به مائٽ ڏسي ڪونه سگھندا آھن پر انھن ٺيڪيدارن جي ڪري ماڻھن جي ڳالھين جي ڪري ته الاڻو ڇا چوندو ڦلاڻو ڇا چوندو بس انھن سوچن جي ڪري انھي مائٽن کي پنھنجي اولاد جو جواني ۾ موت ڏسڻو پوي ٿو جيڪو اولاد اوھان جو سھارو ھوندو آھي انھي اولاد جي جنازي کي اوھان کي ڪلھو ڏيڻو ٿو پئي. ان کان ته اھو بھتر ھوندو جيڪڏھن اوھان ذاتين کي ڇڏي ڪري پنھنجي اولاد جي ڳالھه تي غور ڪندا ۽ انھن جي ڳالهه رکندا اولاد کان وڌيڪ ٻيو ڇا ھوندو آھي اھي سڀئي ڳالھيون اولاد کان پوءِ ھونديون آھن ماڻھو ڇا سوچيندا اھو ڇڏي ڏيو اُنھن تي اوھان پنھنجي اولاد جي ڪيو ماڻھن جي ڪري انھن پراڻن رواجن رسمن جي ڪري پنھنجي اولاد ۽ پنھنجي زندگي کي برباد نه ڪيو
جيتيش گوسوامي
فالج کان بچاءُ ممڪن آهي
حصو پهريون
فالج يا “اڌ رنگو” هڪ دماغي بيماري آهي، جنهن کي انگريزي ۾ “اسٽروڪ” چئبو آهي. تمام آسان لفظن ۾ سمجهائجي ته جهڙي طرح دل جو اٽيڪ (دل جو دورو) ٿيندو آهي، بلڪل اهڙي طرح فالج هڪ “دماغ جو اٽيڪ” آهي. فالج هڪ تمام عام بيماري آهي، ان جو اندازو هن مان لڳائي سگهجي ٿو ته سڄي دنيا ۾ هر چئن ماڻهن مان هڪ ماڻهو کي فالج ٿئي ٿو. هر سال سڄي دنيا ۾ لڳ ڀڳ ڏيڍ ڪروڙ ماڻهو فالج جو شڪار ٿين ٿا، جن مان 50 لک زندگي جي جنگ هارائي وڃن ٿا ۽ 50 لک سڄي زندگي لاءِ معذور ٿي وڃن ٿا, هي هڪ تمام وڏو ۽ خطرناڪ انگ آهي. فالج سڄي دنيا ۾ معذوري جو سڀ کان وڏو سبب پڻ آهي. ٿوري دير لاءِ تصور ڪيو ته هڪ نوجوان جيڪو گھر جو اڳواڻ آهي ۽ پنهنجي خاندان جو وارث آهي، اوچتو ئي فالج جو شڪار ٿي وڃي ٿو ۽ بلڪل معذور ٿي وڃي ٿو. هاڻي هو مڪمل طور تي بستري تائين محدود آهي، هو ڪو به ڪم نه ٿو ڪري سگهي، هو غسل خاني ۾ به نه ٿو وڃي سگهي، هو ڳالهائي به نٿو سگهي، هن جي نڪ ۾ کاڌي لاءِ هڪ نلڪي وڌل آهي، هن جي پيشاب جي جاءِ تي به هڪ نلڪي وڌل آهي، ۽ هن کي هر ننڍي وڏي شي لاءِ ٻين جي مدد جي ضرورت آهي. تصور ڪيو ته اها حالت سندس سڄي زندگي رهي ته هن کي ۽ سندس گهروارن کي ڪيئن محسوس ٿيندو؟ تنهن ڪري فالج کي سمجهڻ ۽ روڪڻ جي سخت ضرورت آهي.
فالج ڇو ٿئي ٿو؟
انساني دل هڪ موٽر پمپ وانگر ڪم ڪري ٿي. دل رت کي پريشر سان دماغ سميت سمورن عضون ڏانهن موڪلي ٿي. جيڪڏهن رت دماغ تائين صحيح طرح نه پهچي ته فالج ٿئي ٿو. هاڻي سوال اهو آهي ته رت دماغ تائين ڇو نه ٿي پهچي؟ جواب آسان آهي. دماغ تائين رت نه پهچڻ جا ٻه بنيادي سبب ٿي سگهن ٿا. يا ته رت جون ناليون (رڳون يا شريانون) جن مان رت گذري ٿي، اهي بند ٿي وڃن ٿيون، انهن ۾ ڪا رڪاوٽ اچي وڃي ٿي، ان ڪري رت دماغ تائين نه ٿي پهچي سگهي، يا ٻيو سبب اهو آهي ته رت جو پريشر، جنهن کي بلڊ پريشر چئبو آهي، اهو ايترو ته وڌي وڃي ٿو جو دماغ جي اندر رت جون ننڍڙيون ناليون ڦاٽي پون ٿيون. هن وقت، هڪ اهم نقطو واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته فالج جا ٻه بنيادي قسم آهن. پهرين قسم جي فالج ۾، رت بند ٿيڻ جي ڪري رت دماغ تائين پهچي نه ٿي سگهي. ۽ ٻئي قسم جي فالج ۾ رت جون ناليون ڦاٽي پون ٿيون. هاڻي اهو ياد رکجي ته اهي ٻئي قسم جا فالج مختلف آهن ۽ انهن جا مختلف علاج آهن. ڪو به ماڻهو، ڀلي ماهر ڊاڪٽر ڇو نه هجي، صرف مريض جي معائني کان پوءِ اهو يقين سان نه ٿو ٻڌائي سگهي ته اهو ڪهڙي قسم جو فالج آهي. ڊاڪٽر اهو ضرور ٻڌائي سگهي ٿو ته فالج ٿيو آهي، پر اهو ڄاڻڻ لاءِ ته ڪهڙي قسم جو فالج آهي، دماغ جي “سي ٽي اسڪين” يا “ايم آر آئي” جي ضرورت هوندي آهي. ان لاءِ، اهو ضروري آهي ته، دماغ جي اسڪين ڪرڻ کان اڳ فالج جي مريض کي رت کي ڇڊو ڪندڙ دوا (جهڙوڪ ڊسپرين) نه ڏني وڃي. ڪجهه ماڻهو دماغ جي اسڪين ڪرڻ کان اڳ ئي دوا شروع ڪري ڏيندا آهن، جيڪو غلط عمل آهي، ان سان نقصان ٿي سگهي ٿو ۽ ان کان پاسو ڪرڻ گهرجي. ھاڻي مان توھان کي اڳ ۾ ئي ٻڌائي چڪو آھيان ته رت جي نالين جي ڦاٽڻ جو وڏو سبب بلڊ پريشر جو تمام گھڻو وڌي وڃڻ آھي. پر رت جي نالين جي بند ٿيڻ جو سبب ڇا آهي؟ رت جي نالين جي بند ٿيڻ جا ڪيترائي سبب آهن جهڙوڪ شگر جي بيماري (ذیابيطس)، بلڊ پريشر جو وڌڻ، ڪوليسٽرول جو وڌڻ، جسماني ورزش نه ڪرڻ، سگريٽ نوشي، وزن جو وڌڻ, ۽ ڪجهه دل جون بيماريون آهن.
وفا معشوق علي کوکر/ خيرپور ناٿن شاهه
ڀٽي ڪالوني شڪارپور جا مسئلا حل ڪريو
اسان ڀٽي ڪالوني شڪارپور جا رهواسي تمام اختيارن بشمول چيئرمين پپلزپارٽي بلاول ڀٽو، ڪو چيئرمين پاڪستان پپلزپارٽي پارليامينٽيرين صدر پاڪستان آصف علي زرداري کي استدعا ٿا ڪيون ته جيئن تمام سنڌ جي وسيلن کي مال غنيمت جيان پيا پاڪستان ۽ انهن جي ادارن ۾ پيا ورهايو تيئن پنهنجي سنڌ جي رهڻ وارن تي به عنايت ڪيو تمام ڪچين آبادين ۾ رهڻ وارن شهرين کي بنيادي سهولتن ساڻ مالڪاڻه حق ڏئي بلا خوف خطر پنهجن اجهن ۾ رهڻ جو حق ڏيو. اسان جي ڪالوني به سنڌ جي هزارين ڪچين آبادين مان هڪ آ جيڪا شهر جي وچ ۾ هوندي به هڪ ٻهراڙيء جيان پئي لڳي. نه نيڪال سسٽم نه ڪا صاف سٿري گهٽي نه بجلي نه گئس جي سهولت۔ تازو سنڌ حڪومت وفاقي ادارن کي لکين ايڪڙ زمين ڏئي سنڌ واسين کي ڄڻ ادارن جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو آ جيڪي لکين ايڪڙ زمين مال غنيمت جيان ورهائي وئي آ جيڪا ڪاغذن ۾ خالي پيل آ پر بدقسمتي سان ان زمين تي لکين نه پر ڪروڙين انسان آباد ٿي چڪا آهن جيڪي شهرن ۾ به ڪنهن واهڻ وسندين جيان بنا ڪنهن بنيادي سهولت جي پنهنجي زندگي پيا گذارين ان يقين تي ته شايد ڪڏهن سندن حال بد تي رياست پاڪستان سميت پنهنجي حڪومت سنڌ کي رحم ايندو ته بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪو جوڳو قدم کڻندا پر افسوس اسان جي پنهنجي حڪومت شاهي فرمان وسيلي پنهنجي شهرين سميت سنڌ سڄي مفت ۾ وفاق پاڪستان ۽ انهن جي ادارن کي ڏئي ڇڏي وري ستم اهو جو اهي پاڻ ئي پيا هر هنڌ ماتم ڪن ته سنڌ جي ادارن کي وفاق زبردستي پيو ڪنٽرول ڪري جڏهن ته ان عمل ۾ سندن جي رضا خوشي شامل آهي۔ اسان پاڪستان ۽ سنڌ جي اعلا ختيارين کي اپيل ڪنداسين ته پاڪستان سميت سنڌ جي هر ڪچي آباديءَ کي قانوني سند ڏئي انهن کي بنا خوف خطر پنهنجن اجهن ۾ رهڻ جو حق ڏنو وڃي ۽ آئين پاڪستان تحت تمام بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن جيئن بهتر تعليم ۽ صحت ۽ پاڪ صاف ماحول ۾ جي سگهن۔ اسان جي ڪالوني يا ڳوٺ ”ڀٽي“ کي پڻ مستقل رهائش جا حق ڏئي بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن۔
استاد جاويد هڪڙو/ شڪارپور