اوٽاوا(انٽريسٽنگ نيوز) ڪيناڊا ۾ هڪ بينڊ پنهنجي موسيقي جا ساز هڪ کاڻ جي گهرائي ۾ کڻي وڃي زمين اندر گهرائي ۾ لائيو ڪنسرٽ ڪرڻ جو نئون رڪارڊ جوڙي ورتو آهي جنهن جو نالو گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊز س۾ شامل ڪيو ويو آهي. مائنز اينڊ سنز نالي بينڊ رڪارڊ ٽوڙڻ لاءِ ٽيمنز ۾ ڪڊمائن اندر سمنڊ جي سطح کان 8 هزار 86 فٽ ۽ 11.31 انچ گهرائي ۾ ڪنسرٽ منعقد ڪيو. بينڊ جي گٽار وڄائيندڙ نرام ڊوائر جو چوڻ هو ته 68 سالن تائين هن کاڻ مان پٿر ڪڍيا ويا ۽ پوءِ ان ۾ پٿر کڻي وڃڻ ۾ رڳو هڪ ڏينهن گذريو. ان کان اڳ جو رڪارڊ 6 زهار 213 فٽ 3.085 انچ هو جيڪو 2020 ۾ قائم ڪيو ويو جڪيو ڪيناڊا جي سڊبري ۾ ويلز ڪرائٽن مائن ۾ شافٽ باٽم بوائز نالي بينڊ قائم ڪيو هو.