پنج ججز متفق هئا ته سويلينز جو ملٽري ٽرائل نٿو ٿي سگهي: جسٽس مندوخيل

0
23
پنج ججز متفق هئا ته سويلينز جو ملٽري ٽرائل نٿو ٿي سگهي: جسٽس مندوخيل
پنج ججز متفق هئا ته سويلينز جو ملٽري ٽرائل نٿو ٿي سگهي: جسٽس مندوخيل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) فوجي عدالتن ۾ سويلنز جي ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي، جسٽس جمال خان مندوخيل رمارڪس ڏنا ته پنج ججز متفق هئا ته سويلنز جو ملٽري ٽرائل نٿو ٿي سگهي، جسٽس محمد علي مظهر چيو ته ماضي جي اپيل جو حق ملي وڃي ته 1973 کان اپيلون اچڻ شورع ٿي وينديون. سپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن جي ڪيس جي جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ ست رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي. سول سوسائٽيءَ جي وڪيل فيصل صديقي دليل شروع ڪندي چيو ته فوجي عدالتن جي خلاف پنج رڪني بينچ جا ٽي مختلف فيصلا موجود آهن. جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس يحيٰ آفريدي پنهنجا فيصلا لکيا هئا ۽ انهن سمورن ججن هڪ ٻئي جي فيصلن سان اتفاق ڪيو. فيصل صديقي چيو ته جيڪڏهن ججز جا فيصلا هڪ جهڙا هجن پر ڪارڻ مختلف هجي ته ان سمورن سببن جو فيصلو تسليم ڪيو ويندو آهي. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته ججز صرف اضافي نوٽ ناهن لکيا پر مڪمل فيصلو لکيو هيو. جسٽس جمال مندوخيل چيو سمورا پنج ججز ان ڳالهه تي متفق هئا ته سويلينز جو ملٽري ٽرائل نٿو ٿي سگهي. فيصل صديقي، عزيز ڀنڊاري جي انٽرا اپيل جي دائري اختيار تي رد عمل ڏيندي چيو ته هو ان موقف سان اتفاق نٿو ڪري. فيصل صديقيءَ مطابق عزيز ڀنڊاري جو انحصار پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪيس ۾ جسٽس منصور علي شاهه جي نوٽ تي هيو. جنهن تي هنن اختلاف ڪيو هيو. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته هن به جسٽس منصور علي شاهه سان اختلاف ڪيو هو ۽ چيو جيڪڏهن ماضي کان اپيل جو حق تسليم ڪيو ويندو ته 1973 کان اپيلون شروع ٿي وينديون. سول سوسائٽي جي وڪيل فيصل صديقي چيو ته آئيني بينچ آرمي ايڪٽ جي شقن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ بغير به سويلين جو ٽرائل ڪالعدم قرار ڏئي سگهي ٿي. سيڪشن 94 تحت ڪماڊنگ آفيسر کي جوابدارن جي حوالگي جو صوابديدي اختيار درست ناهي. ان موقعي تي جسٽس نعيم اختر افغان سوال ڪيو ته ڇا اي ٽي سي جج جو جوابدار حوالي ڪرڻ جو ڪو باضابطه حڪمنامو موجود آهي؟ جنهن تي فيصل صديقي جواب ڏنو ته حڪمنامو ته آهي پر ان ۾ سبب ناهن ڏنا ويا. جسٽس جمال مندوخيل پڇا ڪئي ته ڇا عدالت کي پاڻ پنهنجو دائري اختيار طئي ڪرڻو هوندو آهي؟، جنهن تي جسٽس امين الدين خان چيو ته عدالت کي پاڻ پنهنجو دائري اختيار طئي ڪرڻو هوندو آهي. فيصل صديقي پنهنجي دليل ۾ چيو ته عدالتي تاريخ ۾ ڪيترن ئي موقعن تي ججز عوام جي حقن جو دفاع ڪيو آهي ۽ 1980 ۾ ضياءَ الحق جي دور ۾ ججز ماڻهن جون زندگيون بچايون. فيصل صديقي ايف بي علي ڪيس جو مثال ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ ان ۾ سازش جا چارجز ختم ڪري ڇڏيا هئا ۽ چيو ته ايف بي علي آرمي کان رٽائرڊ ٿي چڪو هيو. ان لاءِ آرمي ايڪٽ ان تي لاڳو نٿو ٿئي. فيصل صديقي چيو ته سويلين کي فوجي تحويل ۾ ڏيڻ درست فيصلو نه هيو ۽ حوالگي فرد جرم عائد ٿيڻ بعد ئي ڪري سگهجي ٿي. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته فرد جرم عائد ٿيڻ کان پهريان جوابدار کي جوابدار ئي چيو ويندو آهي. مجرم نه. فيصل صديقي ديوان موٽرز ڪيس جي فيصلي جو ذڪر ڪندي چيو ته آئيني بينچ اصول طئي ڪيا آهن ته جيڪڏهن بنياد غلط هجي ته ڍانچو برقرار نٿو رهي سگهي. ان تي جسٽس امين الدين خان سوال ڪيو ته فوجي عدالتن ۾ ان شقن تي ٽرائل ٿيو جيڪي اي ٽي سي جي زمري ۾ اينديون آهن؟ فيصل صديقي جواب ڏنو ته فوجي عدالتن ۾ سزائون آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ٿيون آهن. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته جن جو ٽرائل فوجي عدالتن ۾ ٿي چڪو آهي انهن جو ٻيهر ممڪن ناهي، ائين نٿو ٿي سگهي ته آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۾ فوجي عدالت سزا ڏئي ڪيس اي ٽي سي کي موڪلي ڇڏي. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته فوجي عدالتن ۾ ٽرائل لاءِ ايف آءِ آر جو تصور ئي ناهي. فيصل صديقي جواب ڏنو ته جوابدار جي حوالگي لاءِ مئجسٽريٽ جائزو وٺي ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ موڪليندو آهي. جسٽس امين الدين خان رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن درخواست سڌي ريت اچي وڃي ته اي ٽي سي جج کي فيصلي ۾ سبب ڏيڻ گهرجن، فيصل صديقي دليل ڏنا ته جوابدار جي حوالگي جي وقت عدالت کي اها تسلي ٿيڻ گهرجي ته ڇا فوجي عدالت جو ڏوهه ٺهي ٿو يا نه؟ وڪيل چيو ته صرف ايف آءِ آر جي بنياد تي ڪنهن جو ڪورٽ مارشل نٿو ٿي سگهي. فوجي عدالتن جي ڪيس جي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪئي وئي. فيصل صديقي اڄ به دليل جاري رکندو.