سبي (بيورورپورٽ + م ڊ) پنجگور ۾ گهر تي فائرنگ، ڪوئيٽا ۾ حملي ۾  بي اين پي اڳواڻ ۽ پنجاب واسي 7 مزدور قتل ٿي ويا،  سبي  ۾ بم ڌماڪي جو زخمي هڪ ٻارڙو فوت ٿي ويو. گوادر مان ٻن اهلڪارن سميت 5 ڄڻا کنڀيا ويا آهن. پوليس موجب پنجگور جي علائقي خدا آباد دان ۾ هٿياربندن گهر تي حملو ڪري 7 ڄڻا قتل ۽ هڪ کي زخمي ڪري ڇڏيو. اطلاع ملڻ تي پوليس لاشن ۽ زخمي کي ضلعي اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب مزدورن جو ملتان جي تعلقي شجاع آباد سان هو. ڊپٽي ڪمشنر پنجگور موجب اڻڄاتل ماڻهن گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪئي. جڏهن ته صدر آصف زرداري، وزيراعظم شهبازشريف ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پنجگور ۾ 7 پورهيتن جي قتل جي مذمت ڪئي آهي. صدر زرداري چيو ته پورهيتن کي قتل ڪندڙ دهشگردن کي انجام تائين پهچايو وڃي.  وزيراعظم زخمين کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت به ڪئي. هن بلوچستان جي وڏي وزير کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي ۽ ڏوهارين کي ختم ڪرڻ لاءِ سمورا قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. محسن نقوي به سوڳوار خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو. بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند جو چوڻ آهي ته هي مذمت جوڳو عمل آهي. مزدورن کي آڻيندڙ ضلعي انتظاميا سان ڪو رابطو نه ڪيو هو جنهن جي جاچ ڪئي ويندي ته ائين ڇو ڪيو ويو؟ بلوچستان جي وڏي وزير سرفرار بگٽي چيو ته هن قتل جو بدلو ورتو ويندو. ٻئي طرف ڪوئيٽا جي سرياب روڊ تي هٿياربندن فائرنگ ڪري بلوچستان نيشنل پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد خالد شاهه کي قتل ڪري ڇڏيو. سبي ۾ ٻه ڏينهن اڳ دستي بم حملي ۾ زخمي ٿيل ٻيو ٻارڙو به فوت ٿي ويو جنهن بعد قتل ٿيلن جو انگ 2 ٿي ويو آهي. جڏهن ته گوادر مان 2 ليويز اهلڪارن سميت 5 ڄڻا گم ٿي ويا آهن. نيوٽائون واري علائقي مان پنجن ئي ڄڻن کي کنڀيو ويو آهي. جن ۾ اهلڪار دودا خالد ۽ ذاڪر ولد يعقوب شامل آهن.