اسلام آباد/لاهور/پشاور (بيورو رپورٽ + م ڊ) پنجاب ۾ 30 اپريل تي چونڊون ٿينديون، شيڊول جاري: ڪي پي ۾ اليڪشن جي تاريخ طئي نه ٿي: گورنر پاران هفتو مهلت طلب تفصيل موجب اليڪشن ڪميشن پنجاب اسيمبلي جي چونڊن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن جي جاري شيڊيول موجب اميدوارن طرفان نامزدگي ڪاغذ 12 کان 14 مارچ تائين جمع ڪرائي سگهبا ۽ ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ 22 مارچ تائين ٿيندي. نامزدگي ڪاغذن تي اپيلون 27 مارچ تائين جمع ڪرائي سگهبيون، اليڪشن ٽربيونلز اپيلن کي 3 اپريل تائين اڪلائيندا. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته 5 اپريل تائين نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي سگهبا، چونڊ نشان 6 اپريل تي ڏنا ويندا ۽ پنجاب اسيمبلي جي چونڊن لاءِ پولنگ 30 اپريل تي ٿيندي. اليڪشن شيڊيول موجب عورتن ۽ اقليتن جي مخصوص سيٽن لاءِ ترجيحي فهرستون 14 مارچ تائين جمع ڪرايون وينديون. واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن پنجاب اسيمبلي جي چونڊن لاءِ صدر عارف علوي کي 30 اپريل کان 7 مئي تاريخون ڏيڻ جي تجويز ڪئي هئي ۽ صدر 30 اپريل جي تاريخ جي منظوري ڏني. هوڏانهن خيبر پختونخواهه ۾ چونڊن بابت اليڪشن ڪميشن جي گورنر سان گڏجاڻي بنا نتيجي ختم ٿي وئي، پشاور ۾ ٿيل گڏجاڻي دوران چونڊن لاءِ تاريخ طئي نه ٿي سگهي، سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن عمير حميد خان جي اڳواڻي ۾ وفد گورنر حاجي غلام علي سان ملاقات ڪئي، گورنر هائوس جي پڌرائي موجب اليڪشن ڪميشن جي وفد گورنر کي چونڊن ۽ ان تي ايندڙ خرچن بابت بريفنگ ڏني، سيڪيورٽي جا معاملا به غور هيٺ آيا، اليڪشن جي تاريخ تي اتفاق نه ٿي سگهيو، ايندڙ هفتي اسلام آباد ۾ هڪ وڌيڪ گڏجاڻي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ذريعن موجب گورنر ڪي پي حاجي غلام علي صوبائي اسيمبلي جي چونڊن جي تاريخ ڏيڻ لاءِ وڌيڪ هڪ هفتي جو وقت گهريو، گورنر پاران سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن جي سربراهي ۾ آيل وفد کي چيو ويو ته هو ايندڙ هفتي اچي ملندو، سيڪريٽري اليڪشن ڪميسن گورنر ڪي پي کي واضح ڪيو ته هو اليڪشن جي تاريخ جا پابند آهن، گورنر تاريخ ڏئي ته 90 ڏينهن ۾ اليڪشن ڪرائي سگهجي. هوڏانهن نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي گورنر ڪي پي چيو ته صوبي ۾ چونڊن جي تاريخ ڏيڻ عيد جو چنڊ ڏسڻ کان به ڏکيو ڪم آهي، اليڪشن ڪميشن سان ٿيل اجلاس ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، چونڊن جي تاريخ بابت قوم جلد خوشخبري ٻڌندي، سومر يا اڱاري جي تاريخ تي اليڪشن ڪميشن جي آفيس ويندس، اجلاس ۾ ڪنهن فيصلي تي پهچي وينداسين، ڪي پي ۾ امن امان جي صورتحال پنجاب کان مختلف آهي، هتي هر روز حملا ٿين ٿا، اهڙو فيصلو ڪنداسين جيئن عوام لاءِ ڏکيائيون نه ٿين. ذريعن موجب گورنرڪي پي 14 مارچ تي اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ٻئي طرف اليڪشن ڪميشن پنجاب صوبي ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ سيڪيورٽي معاملن تي بريفنگ لاءِ وزارت دفاع ۽ ملٽري آپريشنز ڊائريڪٽوريٽ کي 10 مارچ تي طلب ڪيو آهي. جڏهن ته 13 مارچ تي اليڪشن جي انتظامن ۽ سيڪيورٽي جي حوالي سان نگران وزيراعليٰ پنجاب، چيف سيڪريٽري پنجاب ۽ آءِ جي پنجاب کي اليڪشن ڪميشن سيڪٽريٽ اسلام آباد طلب ڪيو آهي.