لاهور (م ڊ) پنجاب جي ماحوليات واري نگران وزير بلال افضل چيو آهي ته ڪوهيڙي خلاف هٿرادو برسات جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڀارت ۾ فصل ساڙڻ تي ڪوهيڙو وڌيو آهي، اسين ڀارت سان ڳالهائينداسين ته اهو ڪوهيڙي خلاف قدم کڻي. خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته اسين 28 ۽ 29 جنوري تي لاهور ۾ هٿرادو برسات ذريعي ڪوهيڙي جي بگڙندڙ صورتحال تي ڪنٽرول جو پلان جوڙي رهيا آهيون، 28 ۽ 29 نومبر تي اميد آهي ته لاهور ۾ موسم جھڙالي هوندي ۽ ڪڪرن تي جھازن ذريعي لوڻ هاريو ويندو ته برسات جا امڪان پيدا ٿي ويندا.