لاهور (م ڊ) پنجاب جي خوراڪ کاتي 25 نومبر کان ڪمند جي ڪرشنگ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. خوراڪ کاتي ڪمند جي ڪرشنگ بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته 25 نومبر کان ڪمند جي ڪرشنگ نه ڪندڙ شگر ملن کي روزانو 10 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته مل مالڪن کي 15 ڏينهن اندر ڪمند جا اگهه ادا ڪرڻا پوندا. مارڪيٽ ذريعن موجب ڪمند جي في ڪلو قيمت ۾ 15 رپيا مهانگائي جو امڪان آهي جڏهن ته ڪمند جي سرڪاري اگهه ۾ 75 رپيا في مڻ واڌ ڪئي وئي آهي.