لاهور (م ڊ) ڏيڍ ليٽر جون 20 ۽ اڌ ليٽر جون 40 بوتلون جمع ڪرائڻ تي 1 هزار رپيو ملندو، پنجاب حڪومت ۽ نجي ڪمپني ۾ پلاسٽڪ بوتلن جو ڪچرو کڻڻ لاءِ معاهدو ٿي ويو، حڪومت جو نجي ڪمپني سان سنگل يوز پلاسٽڪ کي ري سائيڪل ڪرڻ لاءِ معاهدو ٿيو آهي، ڪمپني اهڙيون مشينون شهر ۾ لڳائيندي، ڪمپني جي چيئرمين موجب روزانو 500 ٽن پلاسٽڪ بوتلن جو ڪچرو ٿيندو آهي، بوتلن کي ري سائيڪل ڪري فوٽ پاٿ، روڊن جا پيج ورڪ ۽ سرون ٺاهيون وينديون. ماڻهو بوتلون مشين ۾ وجهندا، بٽڻ دٻائڻ بعد ان ۾ بوتل وجهندا، پنهنجو فون نمبر لکندا، ٻيو بٽڻ لڳائيندا، ته مشين جي اسڪرين تي گرين ڪريڊٽس ظاهر ٿيندا جنهن کي ايپ جي مدد سان به ڏسي سگهندا.