لاهور (م ڊ) پنجاب حڪومت صوبي ۾ عورتن ۽ ٻارن سان زيادتي جي وڌندڙ واقعن تي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. لاهور ۾ صوبائي وزيرن عطا تارڙ ۽ ملڪ احمد خان  پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پنجاب ۾ روز 4  کان 5 زيادتي جا ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن، ٻارن ۽ عورتن سان زيادتي جي واقعن ۾ شدت سان واڌ ٿي آهي. هنن چيو ته قانون ۾ ترميم ڪري عورتن ۽ ٻارن جو تحفظ يقيني بڻائينداسين، وڌندڙ واقعن کي ڏسندي صوبي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان حوالي سان هيلپ لائن به ٺاهي ويندي. سندن چوڻ هو ته ساڍن ٽن سالن دوران ڏوهن جي شرح ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ ٿي ۽ امن امان جي صورتحال بدترين ٿي وئي آهي، پوليس آفيسرن جي انڌاڌند پوسٽنگ ڪئي وئي، جنهن جا ريٽ طئي هئا، جنهن جو نقصان عوام ڀوڳي رهيو آهي. هاڻ ميرٽ تي مقرريون ۽ بدليون ڪيون وينديون.