لاهور(م ڊ) پنجاب ۾ يونيورسٽيز جا وي سي مقرر ڪرڻ واري معاملي تان سي ايم مريم نواز ۽ گورنر سليم حيدر وچ ۾ تڪرار برقرار رهيو، سي ايم مريم نواز پاران گورنر تي من پسند وائيس چانسلر مقرر ڪرڻ جا الزام، گورنر پنجاب به جواب ڏئي ڇڏيو، لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سي ايم مريم نواز چيو ته اسان ميرٽ ۽ شفافيت جي بنياد تي وائيس چانسلرز مقرر ڪيا آهن، گورنر پنجاب يونيورسٽي ۾ پنهنجو وي سي لڳائڻ چاهي ٿو، گورنر سليم حيدر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پنجاب حڪومت جي جيڪا سمري رد ڪئي ان ۾ لکيو آهي ته مقرري جي پراسيس تي آڱريون کڄي رهيون آهن، منهنجي ڪنهن کي به وي سي لڳائڻ جي خواهش نه آهي، ڪنهن ۾ اها جرئت نه آهي جو مون کي 2 ڪروڙ ته ٺهيو پر 2 روپيا به اماڻي سگهي، گورنر پنجاب چيو ته ڪنهن هڪ ماڻهوءَ جو نالو ٻڌايو جنهن کي مان وي سي لڳائڻ چاهيان ٿو، ڇا سموري پنجاب ۾ اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي سرچ ڪاميٽي ڏنا آهن؟ منهنجو ڪنهن سان به ڪو جهيڙو نه آهي