لاهور: پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف حملي جي مذمت ڪندي چيو ته پوري قوم متحد ٿي دشمن جو مقابلو ڪندي. پاڪستان جو ٻچوٻچو هن امتحان ۾ سرخرو ٿيندو. هن پنجاب ۾ هنگامي حالتون لاڳوڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته پنجاب پوليس سميت سمورا ادار هاءِ الرٽ آهن سمورين اسپتالن جي ڊاڪٽرن ۽ عملي جون موڪلون رد ڪيون ويون آهن سموري عملي کي ڊيوٽي فوري طور تي سنڀالڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. سمورن ضلعن جي انتظاميا کي به هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي. شهري دفاع سميت ٻين سمورن ادارن جي آفيسرن ۽ عملي کي طلب ڪيو ويو آهي.