پنجاب ۾ نگران وڏي وزير لاءِ اپوزيشن پاران ڏنل نالا زرداري ۽ شهباز شريف جا فرنٽ مين آهن:عمران خان

0
74
پنجاب ۾ نگران وڏي وزير

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چيف اليڪشن ڪمشن پنجاب ۾ نگران وڏي وزير جي مقرريءَ لاءِ اڄ اجلاس سڏائي ورتو، اڄ ئي نگران وڏي وزير جي نالي جو اعلان ڪيو ويندو

پنجاب جي نگران وڏي وزير جي مقرريءَ لاءِ حڪومت ۽ اپوزيشن پاران تجويز ڪيل 2-2  نالا اليڪشن ڪميشن وٽ پهچي ويا، پي ٽي آءِ ۽ قاف ليگ پاران احمد نواز سکيرا ۽ نويد اڪرم چيما جا نالا ڏنا ويا

 نون ليگ ۽ اپوزيشن پاران احد چيما ۽ سيد محسن نقوي جا نالا ڏنا ويا، صوبائي حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ڪنهن هڪ نالي تي اتفاق نه ٿيڻ سبب معاملو اليڪشن ڪميشن وٽ پهچي ويو، پنجاب جو وڏو وزير پرويز الاهي چئي چڪو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي نگران وڏي وزير کي هلڻ نه ڏينداسين

ٻئي پاسي پي  ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پنجاب ۾ نگران وڏي وزير لاءِ اپوزيشن پاران ڏنل نالا زرداري ۽ شهباز شريف جا فرنٽ مين آهن، هڪ اهو نالو آهي جيڪو حڪومتي تبديلي ۾ ملوث هو، اليڪشن ڪميشن اهڙي ماڻهوءَ کي نگران وڏو وزير لڳائيندي ته قبول نه ڪنداسين

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو دوران چيو ته پيپلزپارٽيءَ جي ڪرپشن سنڌ کي کنڊر بڻائي ڇڏيو آهي، ڪراچي جي ماڻهن ۾ وڏو شعور آهي اهي پيپلزپارٽي کي ووٽ ڪيئن ٿا ڏئي سگهن؟ مڪاني چونڊن ۾ پيپلزپارٽي ڌانڌليون ڪرايون، اهڙين چونڊن کان ڀلو هو ته چونڊون ئي نه ڪرايون وڃن ها

هي به پڙهندا

سياسي جماعتن جي پاليسين کان ناراض اڳواڻن پاران عوامي مسئلن جي حل لاءِ غير جماعتي فورم ٺاهڻ جو اعلان