لاهور (م ڊ) نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز پنجاب ۾ پارٽي معاملن کي ڏسڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ نواز ليگ پنجاب جي صدر رانا ثناءُ الله ۽ جنرل سيڪريٽري پنجاب سردار اويس لغاري ۽ ٻين کي غير فعال آفيسرن بابت آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. مريم نواز پنجاب ۾ پارٽي جي تنظيم سازي تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي. مريم نواز پنجاب جي ضلعي عهديدارن سان ذاتي رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن. ذريعن موجب مريم نواز پنجاب ۾ نواز ليگ جي ضلعي عهديدارن سان ٽيليفون تي رابطا ڪري رهي آهي ۽ انهن کان سندن ڪارڪردگي بابت به پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي. مريم نواز صوبائي صدر رانا ثنا الله ۽ جنرل سيڪريٽري سردار اويس لغاري ۽ ٻين کي غير فعال آفيسرن بابت آگاهه ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي. ذريعن موجب مريم نواز سرگرم اڳواڻن کي پارٽي عهدا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان کان اڳ اڳوڻو وڏو وزير حمزا شهباز صوبي جا سياسي معاملا ڏسندو رهيو آهي.