لاهور (م ڊ) پنجاب ۾ ماحوليات کاتي ۾ ڀرتين تي پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي. ان ڏس ۾ پنجاب جي نگران حڪومت صوبي ۾ ڪوهيڙي کي نظر ۾ رکندي هڪ هفتي لاءِ سڄي صوبي ۾ ماسڪ پائڻ لازمي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪري چيو ويو آهي ته گھران نڪرندڙ هر ماڻهو 20 کان 26 نومبر تائين ماسڪ ضرور پائي. نگران وڏي وزير محسن نقوي جو چوڻ هو ته صحت کي ترجيح ڏيڻ اجتماعي ذميواري آهي ۽ ماسڪ پائڻ جو فيصلو بگڙندڙ هوا جي معيار کي ڏسندي ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي لاهور، فيصل آباد، گوجرانوالا سميت پنجاب جي ڪيترن ئي شهرن ۾ موڪل واري ڏينهن به فضائي گدلاڻ جي خطرناڪ صورتحال رهي. لاهور ۾ صبح جو 9 وڳيپارٽيڪوليٽ ميٽرز جو تعداد 406، فيصل آباد ۾ 314، گوجرانوالا ۾ 254 رڪارڊ ڪيو ويو. ياد رهي ته ڪوهيڙي جي ڪري پنجاب جي 10 ضلعن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو هو ۽ تعليمي ادارا بند ڪيا ويا هئا.