پنجاب ۾ ٽن ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو، هر قسم جي جلسي، جلوس، ريلي، ڌرڻي ۽ عوامي ميڙاڪن سميت سياسي سرگرمين تي پابندي هوندي، پنجاب جي گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سڄي صوبي ۾ 23 نومبر کان 25 نومبر تائين جلسن، جلوسن، ريلين ۽ ڌرڻن سميت سياسي سرگرمين تي پابندي هوندي، امن امان بابت ڪابينا ڪميٽي اجلاس ۾ 144 لاڳو ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته قلم 144 لاڳو ڪرڻ جو فيصلو امن امان برقرار رکڻ، انساني جانين ۽ ملڪيتن جي تحفظ لاءِ ڪيو ويو آهي، ان کان اڳ 18 نومبر تي اسلام آباد ۾ به قلم 144 لاڳو ڪيو ويو هو، پي ٽي آءِ طرفان 24 نومبر تي احتجاج جو سڏ ڏنو ويو آهي، بشريٰ بي بي واضح ڪري چڪي آهي ته احتجاج ۾ ڪارڪردگي جي بنياد تي ايندڙ عام چونڊن ۾ پارٽي ٽڪيٽ ڏني ويندي