ميرواهه گورچاڻي (ن پ ا) ميرواهه گورچاڻي مان هڪ ٺيڪيدار معرفت بصرن جي پوکي لاءِ 15 ڏهاڙا اڳ لاهور ويل ڪولهي برادري جي 40 ماڻهن مان 2 پورهيت پرڪاش ڪولهي ۽ پيرسن ڪونڀو ڪولهي پراسرار نموني فوت ٿي ويا، جن جا مڙهه ڪالهه ايمبولينس ذريعي لاهور ميرواهه گورچاڻي آڻي اباڻي قبرستان ۾ مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيا ويا، ان سلسلي ۾ پنهنجي اخبار پاران بار بار رابطو ڪرڻ باوجود فوتين جي وارثن ڪنهن به قسم جو موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، هوڏانهن پنهنجي اخبار پاران پوليس سان رابطو ڪيو ويو ته پوليس به روايتي ڳالهه ڪندي اهو چئي موقف ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته معامرو پنجاب جو آهي، فوتين جا وارث ٿاڻي تي شڪايت کڻي ناهن آيا نه وري ٺيڪيدار بابت ڪنهن ڄاڻ ڏني آهي، انڪري اسان ڪو به موقف ڏيڻ کان قاصر آهيون.