لاهور (م ڊ) فضائي گدلاڻ کي روڪڻ لاءِ پنجاب حڪومت اڄ صوبي جي 10 ضلعن جي اسڪولن ۾ عام موڪل جواعلان ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب جي پرائمري اينڊ سيڪنڊري هيلٿ ڪيئر ڊپارٽمينٽ پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڇنڇر 18 نومبر تي لاهور، ننڪانه صاحب، شيخوپوره، قصور، گوجرانوالا، گجرات، سيالڪوٽ، نارووال، حافظ آباد ۽ منڊي بهاءُ الدين ۾ تعليمي ادارا بند رهندا. بازارون، دڪان بند رهندا، جم ۽ سئنيما هال 3 وڳي کوليا ويندا. واضح رهي ته تازو لاهور هاءِ ڪورٽ صوبائي راڄڌاني لاهور ۽ پنجاب جي ڪجهه ٻين علائقن ۾ سموگ جي هنگامي صورتحال کي فوري طور تي لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو ته جيئن مسلسل وڌندڙ سموگ ختم ڪري سگهجي. جسٽس شاهد ڪريم پنهنجي حڪم ۾ چيو ته سموگ ايمرجنسي فوري طور لاڳو ڪئي وڃي. ٻئي طرف لاهور جو شهر دنيا جي گدلن شهرن جي لسٽ ۾ پهرين نمبر تي اچي ويو آهي، شهر جو مجموعي هوا جي معيار جو انڊيڪس 343 رڪارڊ ڪيو پيو وڃي.