پنجاب ۾ سياسي جهيڙو: اپوزيشن جا 4 اسٽينڊنگ ڪاميٽي چيئرمين فارغ، بي اعتمادي رٿ ڪامياب

0
20
پنجاب ۾ سياسي جهيڙو: اپوزيشن جا 4 اسٽينڊنگ ڪاميٽي چيئرمين فارغ، بي اعتمادي رٿ ڪامياب
پنجاب ۾ سياسي جهيڙو: اپوزيشن جا 4 اسٽينڊنگ ڪاميٽي چيئرمين فارغ، بي اعتمادي رٿ ڪامياب

لاهور (م ڊ) پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن سان واسطو رکندڙ 4 اسٽينڊنگ ڪميٽن جي چيئرمينن خلاف آندل بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي وئي. جنهن سبب عهدن تان فارغ ٿي ويا. پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي چئن اسٽينڊنگ ڪاميٽين جي چيئرمينن خلاف پيش ڪيل بي اعتمادي رٿ منظور ڪئي وئي ، جنهن کانپوءِ کين عهدن تان هٽايو ويو، لٽريسي ڪاميٽي جو چيئرمين عنصر اقبال، اسپيشل ايجوڪيشن ڪاميٽي جي چيئرپرسن صائمه ڪنول، ڪالونيز ڪاميٽي جو چيئرمين احسن علي ۽ مئنيجمينٽ اينڊ پروفيشنل ڊيولپمينٽ ڪاميٽي جي چيئرمين راءِ مرتضيٰ شامل آهن. ذريعن موجب، مٿي ڄاڻايل سڀني ڪاميٽين جا چيئرمين پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) سان تعلق رکن ٿا ۽ کين عهدن تان هٽائڻ بابت نوٽيس پڻ جاري ڪيا ويا، ذريعن جو چوڻ آهي ته هاڻ انهن اسٽينڊنگ ڪاميٽين جي نون چيئرمينن لاءِ ٻيهر چونڊ ٿيندي. ان کانسواءِ وڌيڪ ٻن اسٽينڊنگ ڪاميٽين جي چيئرمينن خلاف به بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي وئي آهي، جڏهن ته مخالف ڌر جي باقي ست اسٽينڊنگ ڪاميٽين جي سربراهيءَ بابت به بي اعتمادي رٿ آڻجڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب، ايندڙ اسيمبلي اجلاس کان اڳ اپوزيشن جي ميمبرن خلاف ريفرنس به اليڪشن ڪميشن ڏانهن اُماڻيو ويندو