اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ۾ سرڪاري سطح تي ڀلوڙ نسل جي گڏهن جي واڌ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي،  لائيو اسٽاڪ پنجاب جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر منصور نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته بهادر نگر فارم ۾ ڊونيشن بريڊ امپروومينٽ منصوبو شروع ڪيو ويو آهي، ان منصوبي ذريعي سرڪاري سطح تي بهترين نسل جي گڏهن جي واڌ ويجهه ڪئي ويندي، مال برداري لاءِ به بهترين جانور دستياب هوندا، هن انڪشاف ڪندي چيو ته گڏهن جي کل ۽ کير مان خاص قسم جو مادو جينوٽن حاصل ٿيندو آهي،  جنهن کي ڪاسميٽڪس جي سامان جي تياري ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي، اهو سامان ايڪسپورٽ به ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته اوڪاڙا گورنمينٽ لائيو اسٽاڪ فارم ۾ پيدا ٿيندڙ گڏهه برآمد به ڪيا ويندا.