لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) پنجاب جي خواجه غلام فريد جي دربار ڪوٽ مٺڻ شريف سان واسطو رکندڙ شخصيت ۽ مشائخ اتحاد ڪائونسل پاڪستان ڏکڻ پنجاب جي صدر صاحبزادہ خواجه محمد فريد ڪوريجو چيو آهي پنجاب ۾ سرائيڪي صوبو ٺهڻ گهرجي پر مسلم ليگ ن نه ٿي چاهي ته پنجاب ۾ نئون صوبو ٺهي، ڇاڪاڻ نئون صوبو ٺهڻ سان پنجاب گهٽ ايراضي تي رهجي ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي دوري دوران ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ن ليگ وارا پنجاب کي پنهنجو قلعو سمجهن ٿا، جيڪڏهن پنجاب کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو ته انهن جو قلعو ختم ٿي ويندو، پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت ۾ نه هجڻ باوجود به پنجاب مان ايم پي اي ۽ ايم اين اي جون سيٽون کنيون آهن. هن چيو ته پنجاب صوبي جا ٽي حصا سرائيڪي بيلٽ آهن، جنهن ۾ صادق آباد، رحيم يار خان، بهاول پور، چيچه وطني سميت ملتان تائين ٻيا علائقا شامل آهن، پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي دور حڪومت ۾ سرائيڪي صوبي ٺهڻ جي حمايت پڻ ڪئي آهي. هن چيو ته نئون صوبو قائم ٿيڻ سان اسان کي فنڊ الڳ ملڻ سان گڏ ترقياتي ڪم تمام گهڻا ٿيندا ۽ نوجوانن کي روزگار جا موقعا ملندا، سرائيڪي بيلٽ کي تمام گهٽ حق ملي رهيا آهن، سرڪاري نوڪرين ۾ پڻ نوجوانن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته مان سنڌ جي دوري تي ايندو آهيان ته هتان جا ماڻهو هميشه مون کي وڏي عزت ۽ پيار ڏيندا آهن، جيئن اڄ لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي صحافين وٽان ملي آهي.