لاهور(م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب ۾ بدناموسي قانون تي عملدرآمد عدالتي فيصلي سان مشروط ڪري ڇڏيو، عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو، لاهور پريس ڪلب جي صدر ارشد انصاري عدالت کي ٻڌايو ته حڪومت وعدو ڪيو هو ته صحافين جي مشاورت سان قانونسازي ڪئي ويندي، حڪومت نه مشاورت ڪئي ۽ نه وري قانون ۾ موجود جهول ختم ڪيا، عدالت ٻڌڻي 4 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.